پاڪستاني ٽيم 20 سالن کانپوء آسٽريليا کي ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 نومبر 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    اڄ ابو ظهبي ۾ ٿيندڙ ٻي ٽيسٽ ميچ جي آخري ڏينهن پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا جي مضبوط ٽيم کي 356 رنسن جي وڏي فرق تان شڪست ڏئي 20 سالن کانپوء ٽيسٽ سيريز کٽي ورتي آهي. پاڪستان 32 سالن کانپوء آسٽريليا کي ڪنهن سيريز ۾ وائيٽ واش ڪيو آهي.

    ٽيسٽ سيريز جي ٻنهي ميچن ۾ آسٽريليا کي شڪست ڏين کانپوء پاڪستان جي ٽيم ٽيسٽ رينڪنگ ۾ ڇهين کان ٽئين نمبر تي اچي وئي آهي. هن ٽيسٽ سيريز ۾ پاڪستان ڪيئي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتا آهن. ڪامياب ٽيم جو ڪپتان مصباح الحق تيز ترين 50 ۽ تيز ترين سينچري ٺاهي. ني صرف اهو پر مصباح الحق پاڪستان جو ڪامياب ترين ڪپتان پڻ بڻجي ويو. پاڪستان پهرين اننگز ۾ يونس جي ڊبل سينچري ۽ مصباح الحق ۽ اظهر علي جي سينچرين جي مدد سان 7 وڪيٽن جي نقصان تي 570 رنسون ٺاهي اننگز ڊڪليئر ڪئي. جواب ۾ آسٽريليا جي ٽيم 261 نسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ٻي اننگز ۾ مصباح الحق ۽ اظهر علي جي سينچرين سبب پاڪستان 3 وڪيٽن عيوض 293 رنسن تي اننگز ڊڪليئر ڪئي. جواب ۾ آسٽريليا جي ٽيم صرف 246 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. شاندار ڪارڪردگي تي مصباح الحق کي مين آف دي ميچ ۽ يونس خان کي مين آف دي سيريز جا وارڊ مليا.

    پاڪستان پاران ناتجربيڪار بالنگ اٽيڪ بهترين بالنگ ڪندي آسٽريليا کي بيبي ٽيم بڻائي ڇڏيو جڏهن ته پاڪستان جي گذريل ڪافي عرصي کان آئوٽ آف فارم بيٽنگ لائين لاجواب ۽ مضبوط بيٽنگ ڪئي.

    يونس خان چئن اننگز ۾ 468، اظهر علي 292، مصباح الحق 271 جڏهن ته آسٽريليا پاران ڊيوڊ وارنر 239 رنسون اسڪور ڪيون. بالنگ ۾ ذوالفقار بابر 14 وڪيٽون، ياسر شاهه 12 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته آسٽريليا پاران مچل جانسن 6 وڪيٽون حاصل ڪيون.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هاهاهاها .... يار اهي جهيڙا ته اسان وارن ۾ جام هيا، پر الائي جي ڇا ٿيو جو ايڏي سٺي بيٽنگ ڪيائون.

    جيئن به هجي ... پر ڪاميابي ته ڪاميابي آهي نه ....
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي ۾ چوڻي هوندي آهي ته پرائي ڀت ۾ ڪٻر.
    بابلا ڪٿي ڪرڪيٽ راند ۽ ڪٿي اسان سنڌي ؟ ڀلا انهي راند جي کيڏڻ لا 1947 ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن هڪ به سنڌي کي ڪو رانديگر طور تي شامل ڪيو ويو آهي ، ته پو اسان سنڌي به ان راند کي ڏسي پنهنجو قيمتي وقت ڇو وڃايون ؟ ان فضول راند کي ڏسڻ جي لا لکين ماڻهون ،صدين کان وٺي ڌوڏا ڦوٽاريون ويهي ڏسن ۽ پنهنجي قيمتي وقت جو به خيال ڪو نه ڪن ، واندا ماڻهو ته ٺهيو پر ڪم ڪار وارا يا سرڪاري ملازم به ان ڪم کي ڇڏيو جنهن جي هو پگهار کڻن ٿا ،ويٺا راند ڏسن . آخر ملين ڇاٿو ؟
    دبئي وارا عرب رڳو دنيا جي عورتن سان عياشي ڪرڻ ،سياحت وسيلي دولت ڪمائڻ ۽ ترقي پذير ملڪن جي ماڻهن کي ڦرڻ ۽ لٽڻ کان سوا آخر ڇا ٿا ڏيئي سگهن ؟ ۽ اسان غلام قومون پنهنجي قيمتي وقت کي وڃائڻ جا پاڻ ويٺا انتظام ڪريون . مان ته روزانو ٿو ويٺو دعا گهران ته اي الله تعالا ڇا ڪو ٻيهر هٽلر پيدا نه ٿو ڪري سگهين جو اچي انهن ڪرڪيٽ جي رانديگرن کي سبق سيکاري .س
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    چاچا ڪريم اصل واه جي ڳالهه ڪئي اٿو

    لک رئپي جي ڳالهه
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    چاچي ڪريم کي لک رُپئي جي ڳالهه ڪرڻ تي داد ڏيندي کيس ڪجهه پاوليون گفٽ نه ڪندا ؟؟ :) اها ڳالهه چاچي ڪريم کي ڪرڻ گهرجي..

    سليمان وساڻ ۽ رشيد رُڳو ناهي، هتي اسان جا سنڌي جام آهن، ڳوٺن ۾ مزدور ماڻهو ته شوق سان ڪرڪيٽ ٿا ڏِسن.. موبائل فونن تي پيا پُڇندا عبيد ڪيترو اسڪور ٿيو ؟؟ ابا ڪٿي ڪرڪيٽ ۽ ڪٿي عبيد! ڪرڪيٽ مونکي نڪو سمجهه ۾ اچي نه ڪو ڏِسان.. هههه

    باقي هر ڪنهن جي شوق جي ڳالهه آ.. هر ڪنهن جي مرضي آهي ته هُو ڏسي يا نه ڏسي.
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڇا به چئو فرق ڪونه پوندو .... ڪرڪيٽ هڪ راند آهي ۽ جيڪو به سٺي ڪرڪيٽ کيڏي مان ان کي پسند ڪندو آهيان. اها ٻي ڳالهه آهي ته چاچي ڪري کي ريسلنگ پسند آهي جيڪا مان نه ڏسندو آهيان.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    معنى ته توهان کي ڀڄ ڊُڪ گهڻي پسند آهي ۽ چاچي ڪريم کي ويڙهه...

    (خوش طبعي معاف)
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هاهاهاها ... انڪري به جو ننڍپڻ ۾ ڪرڪيٽ خوب کيڏيسين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    ادا چاچا کي هن عمر ۾ ريسلنگ ڇو پسند آهي ؟؟
    ڪرڪيٽ سان ساه لڳي ڀلي کڻي پنجابي ۽ پٽاڻ کيڏن ،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو