وار اڇا ٿيڻ کان بچايو

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏28 نومبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ميلانن هڪ اهڙو قدرتي جزو آهي، جيڪو وارن جو اصلي رنگ برقرار رکندو آهي. وڌندڙ عمر سان گڏوگڏ ميلانن جي پيداوار ۾ گهٽتائي اچڻ لڳندي آهي، جنهن سبب وار اڇا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن. جڏهن ته موروثيت به ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. ان ڪري جيڪڏهن توهان جي خاندان ۾ وقت کان اڳ وار اڇا ٿيڻ جو رجحان آهي ته ان جا اثر توهان جي وارن تي به اچي سگهن ٿا. ان کان علاوه ماحولياتي گدلاڻ ۽ وڌيڪ ڪلورين مليل پاڻي به وقت کان پهريان وار اڇا ڪرڻ جو سبب بڻجندو آهي. اڄ ڪلهه ڪيتريون ئي عورتون وار اڇا ٿيڻ سبب پريشان ڏسڻ ۾ اينديون آهن. ان مسئلي جو اڃا تائين ڪو علاج ته دريافت نه ٿي سگهيو آهي پر قدرتي طريقي سان وار اڇا ٿيڻ واري عمل کي روڪي سگهجي ٿو. توهان جي جيڪڏهن چاهيو ته گهر ۾ موجود قدرتي شين کان فائدو وٺي سگهو ٿيون. هتي توهان لاءِ اهڙا ئي ڪجهه طريقا بيان ڪيا پيا وڃن جن تي عمل ڪندي توهان وارن کي اڇو ٿيڻ کان بچائي سگهو ٿيون.

    ميندي:

    وارن کي رنڱڻ ۽ انهن جي ڪنڊيشننگ لاءِ ميندي جو استعمال ايترو ئي پراڻو آهي، جيتري انساني تاريخ. ميندي وارن لاءِ ٽانڪ جو ڪم به ڏيندي آهي، جيتوڻيڪ اها وارن کي خشڪ ڪري ڇڏيندي آهي، ان لاءِ ميندي کي آمله پائوڊر سان گڏ ملائي استعمال ڪيو ۽ ان ۾ ٿوري اٻاريل چانهن جي پتي کان علاوه سرنهن جو تيل به ملايو. ان مڪسچر کي پيسٽ وانگر وارن ۾ لڳايو ۽ ٻن ڪلاڪن لاءِ ڇڏي ڏيو ۽ ان بعد وار ڌوئي ڇڏيو.

    بصرن جو پيسٽ:

    ان ڳالهه کان تمام گهٽ عورتون واقف هونديون ته بصر وارن جي حفاظت لاءِ جادوئي خاصيتون رکندا آهن. اهو ئي سبب آهي ته بصرن جو پيسٽ باقاعدگي سان وارن ۾ لڳائڻ سان انهن ۾ قدرتي رنگ برقرار رهندو آهي. پر بهترين نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ توهان کي صبر کان ڪم وٺڻو پوندو ۽ هميشه ان طريقي تي عمل ڪرڻو پوندو.

    ڪارا مرچ ۽ ڏهي:

    اڌ پيالو ڏهي کڻي ان ۾ هڪ چانهن جو چمچو پيٺل ڪارا مرچ ملايو ۽ هڪ ليمي جو رس به شامل ڪريو. ان پيسٽ کي باقاعدگي سان وارن ۾ لڳائڻ سان نه رڳو توهان جي اڇن وارن جو رنگ ڪارو ٿيڻ لڳندو، پر وار اڇا ٿيڻ وارو عمل به بيهي ويندو.

    اخروٽ:

    اخروٽن کي ڀڃي ان جي کل جو پائوڊر ٺاهيو، پوءِ ان کي پاڻيءَ ۾ اٻاريو ۽ ٿڌو ٿيڻ بعد ڇاڻيو. هاڻي ان سان وارن جي پاڙن ۽ مٿي جي چمڙيءَ تي چڱيءَ طرح مساج ڪريو. ان کي ويهن منٽن تائين لڳل ڇڏي ڏيو، ان کان پوءِ وارن کي سادي پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو. ان طريقي سان وار اڇا ٿيڻ وارو عمل بيهي ويندو.

    ميٿي:

    ميٿي جي ٻجن کي پيسي انهن جو پائوڊر ٺاهيو ۽ ان کي سرنهن جي تيل ۾ شامل ڪري چڱيءَ ريت پچايو. ٿڌو ڪري ڇاڻيو ۽ ان تيل کي وارن ۾ لڳايو. اهو عمل ورجائڻ سان وارن جي اڇاڻ بيهي ويندي آهي.
    (عوامي آواز تان ورتل)
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد ثقلين

    محمد ثقلين Guest

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2014
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    نواب شاه: موجوده :ڪراچي، سولجر بازار 1 نمبر .....
    منهنجي چاچي جا سڀ وار اچا ٿي ويا آهن هن کي وڃي ڏس ڏيان ٿو .
    جي نٿيس ته هزار گاريون ڏيندو ، اڌ ۾ ڀائيوار رهجو .
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    اوهان سڀ گاريون ٽي سي ايس ڪري موڪلجو هڪ شرط سان ته گارين واري لفافي تي چاچي کان ڦيڻو ضرور هڻائجو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. محمد ثقلين

    محمد ثقلين Guest

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2014
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    نواب شاه: موجوده :ڪراچي، سولجر بازار 1 نمبر .....
    نه سائين گاريون نه ڏيندو مذاق ڪيم ، خدا ڪري اوهان جو نسخو ڪامياب وڃي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو