نيوزيلينڊ جي ٽيم ٽين ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي سيريز برابر ڪري ورتي

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 ڊسمبر 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪالهه شارجه اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ سيريز جي ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم پاڪستان کي اننگز ۽ 80 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز هڪ - هڪ تان برابر ڪري ورتي. هن ميچ جي وڻندڙ ڳالهه نيوزيلينڊ ٽيم جي جارحانه حڪمت عملي هئي. پهرين ڏينهن پاڪستان 280 رنسون ٽي رانديگر آئوٽ ٿيڻ تي سٺي پوزيشن ۾ هيو. پر ٻئي ڏينهن ڪپتان مصباح الحق ۽ محمد حفيظ جي غلط شاٽ سليڪشن سبب هو وڪيٽون جلد ئي وڃائي ويٺا ۽ پوري ٽيم صرف 351 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. محمد حفيظ 197 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ڪريگ 7 وڪيٽون حاصل ڪيون.
    نيوزيلينڊ جي ميڪلم ۽ وليمسن تيز بيٽنگ ڪندي 6 رنسن جي ايوريج سان اسڪور ڪندا رهيا. ميڪلم صرف 188 بالن تي 202 ۽ وليمسن 192 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. نيوزيلينڊ جي ٽيم 690 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي. اهو نيوزيلينڊ پاران ٽيسٽ ميچن ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور پڻ آهي.
    پاڪستان جي ٽيم ٻي اننگز ۾ دٻاء ۾ رهي ۽ صرف 63 رنسن تي سندس ٽاپ جا 5 رانديگر آئوٽ ٿي ويا. اسد شفيق 137 رنسون ٺاهي سندن عزت رکي. ياد رهي ته سيريز جي پهرين ميچ پاڪستان کٽي هئي جڏهن ته ٻي ميچ ڊرا ٿي هئي. ڪريگ کي ميچ ۾ 10 وڪيٽون ۽ 65 رنسن جي شاندار اننگز تي ميچ جو بهترين رانديگر اوارڊ مليو جڏهن ته مين آف دي سيريز جو اوارڊ محمد حفيظ کي مليو جنهن سيريز جي صرف ٻن ميچن ۾ 418 رنسون ٺاهيون ۽ 4 وڪيٽون به ورتيون.

    سيريز ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ڪندڙن ۾ محمد حفيظ 418، ميڪلم 347، ليٿم 282، وليمسن 261 ، اظهر علي 254 ۽ يونس خان 254 رنسون ٺاهيون.، جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙن ۾ ياسر شاهه 15، ذوالفقار بابر 13، ڪريگ 13 ۽ راحت علي 11 وڪيٽون ورتيون.

    اسڪور بورڊ هن لنڪ تي ڏسو.

    پهرين ٽيسٽ جو اسڪور بورڊ

    ٻي ٽيسٽ جو اسڪور بورڊ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو