ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2015 جون ٻه شاندار افتتاحي تقريبون

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2015۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533

    [​IMG]

    ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ جو يارنهون ايڊيشن بس شروع ٿيڻ تي آهي... تقريبن 2.5 کرب روپين جي خرچ ڪندي هي ڪرڪيٽ جي تاريخ جو سڀ کان مهانگو ميڙاڪو هوندو.. دنيا جا تقريب 220 ملڪ هن ٽورنامينٽ کي براهِ راست ڏسندا.. ورلڊ ڪپ جي افتتاح کي شاندار بنائڻ لاءِ ورلڊ ڪپ 2015 جون ٻه تقريبون رکيو ويون هڪ ڪرائيس چرچ نيوزيلينڊ ۾ ۽ ٻي ميلبورن آسٽريليا ۾...
    تقريبن کي وڌيڪ رنگين ۽ خوبصورت بنائڻ لاءِ لوڪل ثقافت کان علاوه ڪرڪيٽ کيڏندڙ ملڪن جي ثقافتي رنگن ۽ گيتن کي شامل ڪري ڏسندڙن کي محظوظ ڪرايو ويو.. جهڙوڪ سري لنڪا جو روايتي ثقافتي ڊانسنگ گيت، اسڪاٽلينڊ جي بيگ پائيپر پرفارمنس، آئرش ۽ بالي ووڊ جي ڊانس تقريبن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا..
    نيوزيلينڊ واري تقريب ۾ ڪرڪيٽ جي ليجنڊس جهڙوڪ رچرڊ هيڊلي، سٽيفن فليمنگ ۽ موجوده ڪپتان بريڊن ميڪملن کي اسٽيج تي گهرائي عزت افزائي ڪئي وئي.. ان تقريب ۾ آتش بازي جو پڻ شاندار مظاهرو ڪيو ويو..
    ساڳي قسم جي تقريب جو ميلبرن آسٽريليا ۾ پڻ انعقاد ڪيو ويو جتي موسيقي، رقص ۽ ثقافتي گيت ڳائي اصل ڏسندڙن جو من موهي وڌو...
    هڪ موقعي تي تقريب ۾ پاڪستاني بينڊ ۽ اسڪولي ٻارن کي پاڪستاني ڊريسز پارائي اسٽيج تي گهرايو ويو ۽ قومي گيت جذبا جنون ڳايو ويو.. جيڪڏهن توهان مان ڪنهن کان اهو منظر ڏسڻ کان رهجي ويو هجي ته حاضر آهي 3 منٽس جي وڊيو..


     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    انهن کي رڳو 49 ميچز طور نه ڏٺو وڃي بلڪه 14 ملڪن جو ميڙاڪو ۽ اڍائي کرب ڏسندڙ ماڻهون... ان ڳالهه جو احساس ڏيارڻ لاءِ گوگل طرفان سندن پهريون ڊوڊل حاضر آهي..


    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪرڪيٽ جو بخار ۽ شوق وري شروع .... هڪڙا اهي هوندا جيڪي پنهنجي ملڪ کي سپورٽ ڪندا ۽ هڪڙا وري پنهنجي پسنديده رانديگرن کي پر مونکي ڪرڪيٽ سان شوق آهي .... بس سٺي ڪرڪيٽ ڏسڻ لاء ملي .... ڪا جنگ نه.

    گذريل ڪرڪيٽ ۾ مونکي قمر شهباز جي ڳالهه ياد آئي . جنهن لکيو:

    ڪرڪيٽ جو ورلڊ ڪپ پيو هلي ۽ چاچي ڪوڙي خان کي به اچي شوق جاڳيو، ڏينهن رات ٽي وي تي. چانهه به اتي پيي. ناشتو به ٽي وي واري ٽيبل تي .... هڪ ميچ ۾ ته حد ٿي وئي. چاچي ڪوڙي خان جي هڪ هٿ ۾ چانهه جو ڪپ هجي ته ٻيي هٿ سان شيو پيو ٺاهي .... راند جي شوق ۾ خبر ئي نه پيس .... شينگ وارو برش وات ۾ ۽ چانهه منهن تي هڻي ڇڏيائين .....

    بس اهڙو شوق به نه هجي
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ سلامت طرفان پنهنجي رڪنن ۽ عام سنڌين لاءِ هڪ شاندار اينيميٽڊ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ شيڊيول سان گڏو گڏ سموريون ميچز براهِ راست ڏسڻ لاءِ پنهنجي روايتي سنڌ سلامت ڪرڪيٽ صفحو پڻ اپڊيٽ ڪيو آهي...


    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ذيشان رشيد ڪيڏو نه ڀلو ٿئي ها جيڪر اوهان اهو ٽائم ٽئبل مڪمل ان طرح ڏيو ها جيئن هُيو. خير . . . . .
    سليمان وساڻ سان متفق ٿي چئبو ته ڪرڪيٽ ڪنهن به ضروري ڪم نه هوندي بس سُٺي ڪرڪيٽ ڏسڻ لاءِ ڏِسبي. اسان جو فيوريٽ اُهو جيڪو سُٺو کيڏي. باقي سليمان جيان ديشين جي اسان سڀني تي به تنقيد آهي جيڪي پاڪستاني رُپئي جي نوٽ کي قائد جي فوٽو سميت قبولين پر مئچ ڏسڻ قومي جُرم سمجهن. خير ان بابت وڌيڪ نه لکندي پنهنجي پسنديد بئٽسمين جو ذڪر ڪبو جن مان ڪُجهه بي بي سي جي هڪ تجزئي ۾ به شامل آهن جنهن ۾ اهڙن پنج بئٽسمينن جو ذڪر ڪيو ويو آهي جيڪي هن ورلڊ ڪپ ۾ پاسو پلٽائي سگهن ٿا.
    انهيءَ فهرست ۾ پهرين نمبر تي آهي ويرات ڪوهلي. . . . . . . ها ويرات ڪولهي جيڪو تازو رليز ٿيل مشهور هندي فلم پي ڪي جي هيروئن جگو (انوشڪا شرما) جو دوست آهي. توڙي جو فيلڊ تي انتهائي مغرور ۽ بيڪار اسپورٽسمين اسپرٽ جو مظاهرو ڪندڙ رانديگر آهي پر تجزي نگار چون ٿا ته سچن ٽنڊولڪر جا ڪجهه رڪارڊ جيڪڏهن ڪو پنهنجي نالي ڪري سگهي ٿو ته اهو آهي ورات ڪولهي. هن مهل تال تائين 21 سينچريز مان 19 اهڙين مئچن ۾ اٿس جيڪي انڊيا کٽيون. 13 ٻي اننگز ۾ آهن. مطلب ته هن انتهائي ڪمائتيون سينچريز ٺاهيون. هن بئٽسمين جي ٻي خوبي اها به آهي ته هو ٽنهي قسمن جي ڪرڪيٽ ۾ ان ئي مناسبت سان پرفارم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

    [​IMG]
    ان کان پوءِ هن لسٽ ۾ آسٽريلين ڪرڪيٽر اسٽيون سمٿ جو نالو اچي ٿو. بنيادي طور تي هي به شاهد آفريدي يا شعيب ملڪ جيان ليگ اسپنر طور ٽيم ۾ شامل ٿيو پر اڳتي هلي پنهنجي سُڃاڻپ بئٽسمين طور به ڪرائڻ لڳو. هن وقت جڏهن ڪلارڪ زخمي آهي ته هن بئٽسمين تي هونئن به ذميداري وڌي ٿي پئي ۽ هي پنهنجي سابقه رڪارڊ موجب اها بخوبي نڀائي سگهي ٿو پيو.

    [​IMG]
    ان کان پوءِ نالو اچي ٿو اي بي ڊويليئر جو. هن جوان گذريل وڏي عرصي کان 50 جي اوسط سان رنز ڪرڻ جو رڪارڊ رکيو آهي. ڪپتاني ملي ته به بئٽنگ تي ڪو فرق نه پيو. رهندو 31 بالن تي سينچري ڪري پاڻ کي سڀني جي توجه جو مرڪز بڻايو. هڪ سُٺي وڪيٽ ڪيپر هوندي بهترين بئٽنگ ڪندڙ هي رانديگر ڪنهن به ٽيم جي بالنگ کي ڍير ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.


    [​IMG]

    ان کان پوءِ نيوزلينڊ جي 24 ساله وليم سن جو نالو اچي ٿو. هن نوجوان پنهنجي بهترين ڪارڪردگي گذريل سال ئي ظاهر ڪئي. 7 ففٽيز ۽ هڪ سينچري سان سال ۾ 1993 رنز ڪري پاڻ مڃرايو آهي. هن لاءِ مشهور آهي ته هي 12 مهينا رزن ٺاهيندڙ مشين آهي. مٿس وڌيڪ اعبار ڪندي کيس ڪپتاني به ڏني وئي ته هن نه صرف انهن مئچن ۾ پاڪستان خلاف بهترين پرفارم ڪيو پر 2-1 جي فرق سان سيريز به کٽرائي.

    [​IMG]


    هن فهرست ۾ هردل عزيز ڪرڪيٽر سنگاڪارا جو به ذڪر آهي. هڪ سيبتو ڪرڪيٽر جنهن اسپرٽ آف ڪرڪيٽ تي آئي سي سي ۾ ليڪچر ڏيئي ننڍي عُمر ۾ اهو ڪم انجام ڏيڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. هي آن ۽ آف دي فيلڊ صبر ڪرڻ وارن مان مشهور آهي. 2011 ۽ 2013 ۾ بهترين ون ڊي ڪرڪيٽر جو ايوارڊ حاصل ڪندڙ هن عظيم ڪرڪيٽر هونئن ته پنهنجي دوست جي ورڌني جيان رٽائرمينٽ جو پئي سوچيو پر تازو ڊبل سينچري ڪري سندس ارادا وڌيڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ جا آهن. هي به مئچ وننگ اننگز کيڏڻ جي صلاحيت رکندڙ ڪرڪيٽر آهي. مون کي زاتي طور مائڪل بيون کان پوءِ جيڪڏهن ڪو اعتماد ڄوڳو بئٽسمين سُجهي ٿو ته اُهو اهو ئي آهي.

    [​IMG]
    هن مُختصر ذڪر ۾ گورڌن ولاسائي کان خاص طور معذرت. ويرات ڪولهي جي جيڪا ڳالهه کيس نه ٿي وڻي سا بي بي سي به ڪئي باقي بئٽنگ جي تعريف نه ڪرڻ زيادتي ٿيندي. پر جي گهڻي ڪاوڙ اچي ته پليم سن کي ڏسي ٿڌي ڪري وٺي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جڏهن ڳالهه راند جي ٿيندي هجي ۽ بحث مقابلن ۽ ملاکڙن جا هجن ته هر ڪنهن جي پنهنجي پسند هوندي آهي.. ضروري ناهي ته ڪو رانديگر انگن اکرن جي ريڪارڊ ڪري پنهنجي ملڪ کي ورلڊ ڪپ جو تحفو ڏياري سگهي... بي بي سي وارن جو تجزيو توڙي جو حقيقتن تي مشتمل آهي پر پسند ناپسند کي وري به شوقينن تي ڇڏڻ گهرجي .. اهو ئي سبب آهي جو آفريدي مون سميت ڪافي ماڻهن کي پنهنجي راند ڪري اصل نه وڻندو هجي پر ان حقيقت کان انڪار ڪرڻ به ڏکيو آهي ته ڪيترا ئي کيس کيڏندي پنهنجي دلين جي ڌڙڪڻ محسوس ڪندا هوندا...
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    منهنجا هيروز مصباح ۽ وليمسن آهن. راند کٽڻ يا هارائڻ سان واسطو ڪونهي. ۽ ڪوهلي جي بيٽنگ به ڪوهلي جيتري ناپسند آهي.
     
  8. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
  9. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڪوهلي ۽ وليم سان ته ثابت ڪيو با
    ڪولهي ۽ وليم سن ته ثابت ڪيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو