پاڪستان زمبابوي کان ئي کڻي سکي...

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏17 فيبروري 2015۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    شڪن ۽ شبهن جي عين مطابق ورلڊ ڪپ جي سڀ کان وڏي مقابلي ۾ پاڪستان کي روايتي مخالف انڊيا جي هٿان شڪست ملي .. 1996 ۽ 2011 جي مقابلي ۾ هن هار جي شدت ڪجهه گهٽ آهي ڇو ته هي ناڪ آئوٽ مرحلو ناهي.. پر انڊيا جي هٿان ورلڊ ڪپ ۾ مسلسل ڇهين شڪست پاڪستان لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي.. ۽ ثابت ڪيو آهي ته پاڪستاني رانديگرن جو اصل مسئلو نفسياتي دٻاء آهي..
    اڃان ڪجهه ئي ڏينهن ته گذريا هيا جڏهن انڊيا جي مقابلي ۾ ڪافي بهتر انگلينڊ جي بالنگ اٽيڪ خلاف 251 رنز جو ٽارگٽ آساني سان حاصل ڪندڙ پاڪستاني بيٽس مين انڊيا جي خلاف وساميل وساميل نظر آيا.. انڊيا جي “المشهور“ بالنگ جو سواءِ مصباح جي ڪنهن به مقابلو نه ڪيو ۽ رڳو 224 تي اننگ جو اختمام ٿيو.. ۽ ائين تاريخ ۾ هڪ ٻي ناڪامي لکجي چڪي..
    جڏهن ايڊيليڊ ۾ 45 زهزار کان وڌيڪ تماشائي هنن پاڙيسرين کي مقابلو ڪندي ڏسي رهيا هيا ته ساڳي ئي وقت 3 هزار ڪلوميٽر پري هملٽن ۾ آفريقي پاڙيسري زمبابوي ۽ ڏکڻ آفريڪا جي جوڙ جو به مقابلو جاري هو.. پر دنيا جي نمبر هڪ بالنگ لائين جي خلاف زمبابوي جهڙي ڪمزرو ٽيم ايتري گهٻرايل نه هئي جيترا پاڪستاني رانديگر جا هٿ پير سڄي ويا هئا.. زمبابوي پهريان صرف 84 رنز تي ڊي ڪوڪ، هاشم آملا، ڊوپليسي ۽ ڊيوليئر جهڙن بهترين بيٽسمينن کي کڙڪائي چڪو هو.. جنهن ۾ اهم ڪردار سندن فيلڊنگ جو هو.. لانگ آف تي ڪريگ ايروين ٽپو ڏيندي هڪ يقيني ڇڪي کي به ڪيچ ڪرڻ ۾ ڪابياب ٿيو ۽ ڊيوليئر کي واپسي جي راه ڏيکاري هئي..
    جيتوڻيڪ ڊيوڊ ملر ۽ پال ڊومني جي ريڪارڊ پارٽنرشپ زمبابوي جو مزو خراب ڪيو ۽ ڏکڻ آفريڪا جو اسڪور 339 جيڏي ٽوٽل تائين پهچايو هو پر ان حالت ۾ به زمبابوي همت نه هاري ۽ انهن جي بيٽس مينن خاص طور مسڪازا، چاموچي ڀاڀا ۽ ٽيلر اسٽين، مورڪل فلينڊر ۽ عمران تي مشتمل دنيا جي بهترين بالنگ اٽيڪ جي خلاف سندرو بيٺل نظر ٿي آئي.. هڪ مرحلي تي ته اهڙو به موقعو آيو جو 33 اوورز ۾ صرف ٻه وڪيٽون وڃائي 191 رنز بنائڻ کان پوءِ آخري 17 اوورز ۾ ٽارگٽ وڃي 149 بچيو هو.. جيڪو مشڪل کڻي هيو پر ناممڪن نه هو.. اهڙي موقعي ته ڏکڻ آفريڪا جي دل به نڙي ۾ اٽڪي هوندي.. ته ڪاٿي بيٽنگ کان پوءِ بالنگ نه معاملو خراب ڪري وجهي...


    [​IMG]

    پر انهن جي خوش قسمتي چئجي جو هڪ دفعو سيٽ ٿيل بيٽس مينن جي آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ ايندڙ نون رانديگرن وڌندڙ رن ريٽ کي سنڀالي نه سگهيا.. ۽ پوري ٽيم 277 تي آئوٽ ٿي وئي.. ۽ ائين 340 جو پيڇو ڪندي 62 رنسن تان هارائجي وئي..
    مسڪازا جي 74 بالن تي 80، چي ڀاڀا جون 64 ۽ ٽيلر جون 40 رنز واريون اننگز پاڪستاني بيٽسمينن کي شرمائڻ لاءِ ڪافي آهن... ياد رهي ته انهن جو اهي اننگز دنيا جي بهترين بالنگ اٽيڪ خلاف هيون جنهن ۾ ڪو خوف نه هو جڏهن ته پاسڪتان هڪ معمولي بالنگ اٽيڪ خلاف به لڙکڙائجي ويو..
    زمبابوي وٽ کني ڏکڻ آفريڪا کي هارائڻ جو دم نه هو ۽ ڪنهن به سندن کان اها توقع نه رکي هئي ته هو 1999 جي تاريخ ورجائين پر انهن پنهنجي حيثيت کان وڌيڪ ڪارڪردگي ڏيکاري هئي..
    جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي ايندڙ مقابلن ۾ چال نه سڏاري ته يقينن سندس لاءِ ويسٽ انڊيز، آئرلينڊ ۽ زمبابوي کي هارائڻ به آسان نه هوندو..
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو