اڄ هن سائنسي دئور جو نئون ڄاول سنڌي به ڪنهن درد تي (گهوڙا ڙي) جي رڙ ٿو ڪري . آخر ڇو؟جواب گهرجي!

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏24 فيبروري 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اڄ هن سائنسي دئور جو نئون ڄاول سنڌي به ڪنهن درد ملڻ تي (گهوڙا ڙي) جي رڙ ٿو ڪري . اها ڪٿا ڇا آهي ؟ هر سنڌي سڏجندڙ ۽ سنڌيت سان پيار ڪندڙ کان سوال ۽ ان جو جواب گهرجي !
    [​IMG]
    دشمنان اسلام ۽ دشمنان سنڌ ! جن سازشن تحت صدين کان ۽ سنڌ ۾ پناهه وٺندڙن ۽ قابضن ، سنڌ تان باب الاسلام جو نعرو مٽائڻ لا ءِ، سنڌي ريسورسز هٿيائڻ لا ءِ، سنڌ دشمني پاري عياش مائل (عباسي، ميرن ۽ نادرشاهي ڪلچر) روشناس ڪرايو. نادر شاه (جيڪو سنڌ مٿان گهوڙا چاڙهي آيو ۽ جنهن سنڌ جي ماڻهن مٿا ظلم جي انتها ڪئي هُئي ۽ فطري طور سنڌين ۾ اهڙو خوف ڇائنجي ويو جو اڄ هن سائنسي دئور جو به نئون ڄاول سنڌي به ڪنهن درد تي (گهوڙا ڙي) جي رڙ ٿو ڪري . اها انهن ظلمن (عباسي، ميرن ۽ نادرشاهي) ڪلچر جي نشاني آهي . جن نشا ڏئي سنڌ سُمهاري ڇڏي آهي، اچو ته لکتن وسيلي کين جاڳائي حقيقي (مڪي مدني) مذهبي دين طرف راغب ڪريون ۽ اچو ته دُنياوي علمن، جهڙوڪ سائنسي، سماجي ، ٽيڪنيڪل ۽ اڄ جو پاور فُل ميڊيا ميڊيم جو علم حاصل ڪرائڻ لاءِ زور ڀريون . جنهن لاءِ نبي سائين (صلي الله عيه وسلم) جن جي حديث به آهي ته علم حصول لاءِ چين وڃڻو پوي ته به وڃجو. سنڌيو ! جاڳو ! خدارا هاڻ ته جاڳو ! قنڌار کان سنڌ کي لوڏ ايندو جي پيشنگوئي به سمجهو ! سنڌ ٽوڙڻ جا نعرا به سمجهو ! ته ان موالي ڪلچر کان جان ڇڏايو. ۽ دشمنان اسلام ۽ دشمنان سنڌ ، سان مُنهن مقابلي ٿيو ! جن مڪي مدني علم ڏيڻ بجا ، سنڌ جي ماڻهن جي اسلام ۽ سنڌ جي ولين، بُزرگن ۽ نيڪو ڪارن ۽ درويشن سان عقيدتمندي ڏسي انهن جي ئي جي گرد نشائين جون اوتارا يونيورسٽيون جوڙي ، نشي جي عادت ۽ مٿان عشق و محبت وغيره جو ڪلچر ڏئي نه صرف مذهب اسلام کسيو آهي پر سنڌي قوم کي به هميشه لا غلام بڻايو آهي. نادرشاهي جو پيري مُريدي ڪلچر ڏئي سدائين تائين نادرشاه جي (گهوڙا ڙي واري رڙ ۾ ڦاسائي) مٿائن قابض ٿي غلام بڻاو ويو آهي . اچو ته درٻاري شاعرن ۽ اديبن جي سمويل ۽ غلام ٻڻائيندڙ علم مان جان ڇڏائي ، حقيقي (مڪي مديني) جو علم ۽ ٻيا علم به پرايون جنهن ڪري ئي سنڌ باب الاسلام بڻي هُئي ۽ اسلام دشمنن کان برداشت نه ٿيو ۽ اسانکي موالي ڪلچر ۾ ڦاسائي غلام ابن غلام بڻايو ويو. پنهنجي پنهنجي برين واش ڪريو ! علم حاصل ڪريو ! جديد سائنسي، ٽيڪنالاجي ۽ اڄ جو پاور فُل ميڊيا ميڊيم وٺي پنهنجي پاڻ ٿراپي ڪري واپس باب الاسلام وارو ميرٽ سنڌي بڻجو. ڪاپي ۽ سفارشي ڪلچر کان جان آجي ڪريو ! انهن زهرن کان جان ڇڏايو ! (اهي زهر ئي توهان کي سنڌ دشمنن سان دوستي تي اُڀارين ٿا) خدارا !جاڳو ۽ سنڌ کي مزيد جاهل ۽ ٽڪڙا ٽڪڙا ٿيڻ کان بچايو ! سنڌ سلامت ته ساٿ سلامت.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏8 آگسٽ 2015
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    بلڪل درست ادا جيڪي خاميون اوهان بيان ڪيون آهن مون هڪ اڌ سنڌي چئنيل کي مڪمل لکت نامون موڪليو ته جئين هو ٻولي ثقافت تهذيب تاريخ جي بگاڙ کي روڪي سگهن رهي...پر افسوس تدراڪ نه ٿيو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    باب معني دروازو. جڏهن اسين چئون ٿا ته سنڌ باب الاسلام آهي ته: اسلام جو دروازو ”سنڌ“ عام طور تي اسان کي سمجهايو ويندو رهيو آهي ته محمد بن قاسم جڏهن سنڌ تي ڪاه ڪئِي ۽ سنڌ کي فتح ڪيائين يا قابض ٿيو ته سنڌ ”باب الاسلام“ جو لقب ماڻيو. ان لفظ ” سنڌ باب الاسلام“ تي ڳوڙهي سوچ ويچار ڪنداسين ته سمجهه ۾ ايندو ته ”اسلام جو دروازو“ يعني دروازي اندر. يعني سنڌ. سراسر اسلام. جيڪو ان دروازي ۾ داخل ٿيندو، ان کي اسلام(سلامتي) نظر ايندو، چاهي ان دروازي ۾ محمد بن قاسم داخل ٿيو هجي يا ڪو ٻيو.ان ڪري چئي سهگون ٿان ته سنڌ سلامتي وارو ديس هو ۽ آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ اسلام يعني سلامتي محمد بن قاسم کان اڳ ئي موجود هئي.
    لطيف سائين چيو ته ”سائينم سدائين ڪرين سنڌ مٿي سڪار. دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين“ جي اسين سلامتي برقرار رکڻ چاهيون ٿا ته پهرين سنڌ کي آباد، خوشحال ڪريون. ڇاڪاڻ ته سنڌ آباد ته دنيا آباد.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جويو صاحب وضاحت ڪريو ته ڪيترو اڳ ! ۽ ڪهڙي عيسوي سن يا هجريءَ کان سنڌ ۾ مسلمان هُئا! اڄ جي ليگسي کڻي هلندڙ سنڌ يعني اڳ جي انڊس سولائيزيشن جي تواريخ پڙهو ته سمجه ۾ ايندو ته سنڌ 27 دئورن مان گذري هُئي (هتي تفصيل سان اسانجو ان هيڊنگ تي مضمون ملي ويندو) ته اڄ جي سڏجندڙ ۽ ليگسر کڻي هلندڙسنڌ (س + هنڌ)يعني ڀلوڙ رهندڙن جي جاءِ. تڏنهن سڏي جڏنهن نبي سائين جن جو سعودي عرب ( مڪي ۾) ۾ جنم ٿيو ته جنم مُبارڪ جي صدي پڙهو۽ پڙهو ته سندن عمر جي 40 سالن ۾ کين نبوت ملي ۽ اسلام آيو. پاڻ 613ع ۾ 63 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائون ۽ جڏنهن ته يميني مُسلمانن جي داخلا سنڌ ۾ 711ع ۾ ٿي ۽ يمني مسلمانن ۽ سڏجندڙ مومنن جيڪي انگريزن جي 200 سالا حڪوت مان اُچارجي (ميمڻ) سڏيا . آڪسفورڊ جي ڊڪشنري کڻو ۽ايم اي ڊبل ايم او اين جي معني پڙهو. انهن )يمني مسلمانن جن تي ديبل بندر ويجهو قزاڪن حملو ڪيو ۽ لٽيو ۽ پوءِ انهن جسمن (مين پاور کي) ونگار جي ڪم لاءِ تنهن جي حاڪم راجا ڏاهر کي وڪيو جنهن پوءِ انهن کان ونگار جو ڪم ورتو. يمني مُسلمانن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ حجاج بن يوسف محمد بن قاسم کي موڪليو هو . يمني مُسلمانن قيد ۾ رهي هتي جي هندن کي مُسلمان ڪيو هو. ۽ جيئن ته هندن ۾ ٻه طبقا هُئا هڪ وڏي ذات وارا جهڙوڪ برهمڻ، کتري وغير ۽ ٻيا هيٺين ذات وارا يعني اڇوت ، ڀيل ڪولهي، باگڙي وغيره وانگر ۽ وڏي ذات وارا جڏنهن مُسلمان ٿيا ته اُهي به مومن ۽ پوءِ ميمڻ سڏيا ۽ هيٺين ذات وارا (شيخ) سڏيا. ۽ سنڌ باب السلام بڻجي وئي. ان وقت تائين سنڌ تي هندن جو راڄ هو. هاڻ توهان کي مثال ۽ تواريخي حوالن سان ثابت ڪري ٻُڌائڻو آهي ته ڪهڙا سنڌي مسلمان 613ع ۽ 711ع وچ ۾ هُئا. ڪي نالا، ولي الله ۽ بزرگ ته ڄم تارخن ۽ عمرن سان ٻُڌايو. ها اها ڳالهه صحيح آهي ته جڏنهن نبي سائين جن نبوت جي 40 سالن جي عمر ۾ دعوي ڪئي ۽ دُنيا ۾ اسلام جي دعوت جو پيغام پُهچايو ته سنڌ مان به ڪي ان دعوت تي لبيڪ چئي مڪي ۽ مديني روانگي ڪئي ۽ اُتي ئي سيٽل ٿي ويا ۽ نبي سائين جن کين بيت المال جو امين مقرر ڪيو هو. مڪي ۽ مديني ۾ رهندڙ عرب سڳورا جيڪي اتي سيٽل ٿيا آهن ئي درحقيقت سنڌي آهين جن اسلام قبول ڪري اُتي ئي رهائش اختيار ڪئي. ۽ پويان سنڌ ۾ ٻُچ درم کان پوءَ هندن جي ٻئي ڌرم جي حڪومت آئي، واڻين، ۽ پوءِ مسلمان ٿيندڙ(ميمڻن ۽ شيخن) کان علاوه ٻيون جيڪي به قومون اڄ سنڌ ۾ آباد آهن ۽ سنڌي سڏجن ٿيون اُهي ته ايران، بغداد، مصر، چئنا، اسڪندر مرزا، هلاڪو خان وغيره سان گڏ هتي آيون ۽ ما سواءِ اڄ جي پناهگيرن جي سيٽ ٿي سنڌي بڻجي ويون. عباسي، مير، نادرشاه پٺاڻ ، شاه بخاري، لڪياري، نقوي، علوي، زيدي سنڌ ۾ ڪٿان ۽ ڪڏنهن آيا. تفصيل ڏيو تواريخي حوالن سان نه ه ٻُڌل ڳالهين سان.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 اپريل 2015
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    مهربان، ڪتاب جنت السنڌ، تصنيف رحيم داد مولائي شيدائي. پڙهڻ سان ان سوال کي سمجهڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. خاص ڪري ”باب پهريون“ ۽ ”عرب ۽ هنڌ جا تعلقات“
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سائين ! جيسين ڪتاب ڳوليون ۽ ٽائيم ڪڍي خريد ڪري پڙهون ! ۽ تصنيف جي اڀياس کي انالائيز ڪريون ته هٿ ٺوڪي آهي يا تواريخي آئيني ۽ روشني ۾ ! مهرباني ڪري توهان ٻُڌايو ته نبي سائين جن جي 23 ساله زندگي (40 نبوت کان پو) ۽ محمد بن قاسم کان اڳ قزقن کان لُٽيل ۽ ڏاهر وٽ وڪيل يمني خانه بدوشي 72 قبيلي مُسلمانن جو 711ع ۾ سنڌ کي باب الاسلام بڻائڻ جي وچ ۾ ٻُڌڌرم ۽ ويدن جي حڪومت ۾ ڪهڙا سنڌي مُسلم هُئا. بس ايترو سوال آهي پنهنجي ناليج ۾ اظافو ڪرڻ لا نه ڪه توهان کي چيلين ڪرڻ لا.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏18 اپريل 2015
  7. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    ‘First Muslims to arrive in the subcontinent were Ismailis’


    KARACHI: Ismailis were the first Muslims, and the best missionaries, to arrive in the subcontinent, said eminent historian Dr Mubarak Ali while speaking on ‘Impact of history writing in India and Pakistan’ at the Sindh Institute of Urology and Transplantation on Saturday evening.

    Shedding light on facets of history writing, Dr Ali said there were three aspects of history that every historiographer kept in mind: events, evidence and interpretation. Events were to do with what happened in the past. Sometimes events were concocted which was why it’s the historian’s responsibility to present them with evidence.

    Interpretation was equally important because there were different groups of historians — Marxist, feminist, positivist, etc — analysing things in their distinct ways. In that context the example of Mehmood of Ghazna could be taken who for one group of historians was a holy warrior and for others a looter and plunderer. While the events were the same, it’s their interpretation that varied.

    Dr Ali said interpreting history changed drastically after World War I as now there were several ways of looking at it — history of emotions, history of sensibilities, cultural history. “Nothing is beyond history,” he remarked. In 1980, historian E. P. Thompson wrote an article, ‘History from below’, in which he included the role of the common people, the marginalised ones, in history and not of the rulers because by being part of history the common folk would be respected.

    He argued that in the subcontinent history became politicised in the colonial period. The East India Company was fascinated by Indian culture. By that time Europe had become well versed in the art of editing and knowledge of philology. So the company formed the Asiatic Society of Bengal. Its founder, William Jones, tried to establish a relationship between Sanskrit and European languages suggesting it was the ‘meeting of cousins’ taking place in India. They published histories based on religion (history of Hindus, Muslims) whereas for themselves they would use the phrase ‘rule of British India’.

    After the 1857 war of independence Indian writers were not allowed to write anything. It was imperialism and colonialism that created nationalism in India. In 1920, after the collapse of the Khilafat and noncooperation movements, Muslim nationalists created their own heroes suggesting things such as the Mughal period was part of our history but the Mughals were not our heroes. Hindu historians also came up with their own heroes — Rana Pratab, Guru Gobind Singh, etc.

    Dr Ali said in Pakistan, after 1947, history was written in different stages. First rulers started to devise ways how to identify Pakistan as different from India. Instead of looking for its roots in the Indus Valley Civilisation, they tried to identify Pakistan with Mesopotamia. Even Prof Ahmed Ali wrote a piece saying Mesopatamian culture was deep-rooted in us.

    In the second stage a lot of other distortions were made. Dr Ishtiaq Hussein Qureshi wrote that Akbar was responsible for the fall of the Mughal Empire. And that the Muslims who arrived in India did not have their ethnic identities. After the fall of Dhaka, Z. A. Bhutto formed a cultural department which tried to prove that Bengal had nothing to do with the Indian subcontinent. Then Dr Dani came up with the idea that we had our links with Central Asia and not with India.

    With regard to textbooks, Dr Ali said in India historians such as Romila Thapar wrote good textbooks, but when the BJP came to power it tried to change them. It wanted to prove that Aryans were Indians who migrated to other parts of the world, but education ministers of many states refused to comply with that.

    In Pakistan, history was not considered an important subject; therefore, in the 1960s it was replaced with the discipline of Social Studies, which began history with Moenjodaro, then jumped to Sir Syed Ahmed Khan and then to the two-nation theory — it was discontinued, interrupted history. Such an attitude would lead us to have no historical consciousness.

    In response to a question put to him by Syed Hasan Khan, Dr Ali said that to have a counter narrative he took out a quarterly magazine, Tareekh, which owing to lack of funds and original writings he might have to stop publishing.

    In reply to another question, he said the first Muslims that arrived in India were Ismailis; they were the best missionaries. Mehmood Ghaznavi destroyed the Ismaili kingdom. As for Mohmmad bin Qasim, as G. M. Syed had written about him, he did not capture Sindh to serve Islam but was an imperialist representing the Ummayad dynasty.

    Earlier, SIUT director Dr Adib Rizvi said history was equally important for doctors because if they didn’t know about the history of their patients, they wouldn’t be able to have the right diagnosis.

    Rana Muzzaffar conducted the programme.

    Published in Dawn, October 5th, 2014
     
  8. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    سنڌي ميڊيا ڏانهن:
    منهنجي خيال ۾ اوهان پاران اٿاريل سوال تي سنڌ سلامت تي محترم سليمان وساڻ صاحب، 25 آگسٽ2011ع تي ” محمد بن قاسم کان اڳ سنڌ باب الاسلام هئي“ جي عنوان سان ڄاڻ ڏني هئي ۽ ان سلسلي ۾ علامه طاهر القادري جي دليلن واري وڊيو ڪلپ به رکي هئي ۽ اوهان به ” سنڌ ۾ اسلام ، محمد بن قاسم کان گهڻو اڳ پهچي چڪو هو” جي عنوان سان لکي تسليم ڪيو۽ مڄيو هو.
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  10. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    محترم ڊاڪٽر طاهرالقادري صاحب هڪ اهڙي مذهب (فرقي)جي پرچار ڪري ٿو جنهن ۾ (توحيدي اسلام گهٽ ۽ (شيعت ۽ حنفيت) جو مڪسچر گهڻوآهي.توهان پاڻ ئي مشاهدو ڪريو ته سندس ٻنهين عقيدن کي گڏ کڻي هلندڙ معقد گهڻا آهن ۽ ڪڏنهن ڪڏنهن ته هو شيعت جو ڊريس ڪوڊ به استعمال ڪندو آهي. هيٺ وضاحت سان ڏيکاريل سندس ناڪاميءَ کان پوءِ اها سندس نئي ٽيڪنڪ آهي ان لاءِ ته هو پنهنجي ساک اسلام جي 73 ئي فرقن ۾ قائم ۽ ٺاهڻ لاءِ ڪري ٿو۽ انهيءَ نظرئي سان پنهنجي منتق کي کڻي اڳتي هلي ٿو. ته گهڻي ۾ گهڻا ماڻهون سندس پوئلڳ ٿين. جڏنهن ته کُلو چيل آهي ته نبي سائين صلي الله عليه وسلم جن جي ۽ هڪ لک 24 هزار نبين جي( توحيدي دين اسلام) کان سواءِ باقي 72 فرقا جهنم ۾ وڌا ويندا ، جو اسلام ۾ (هنن جي عالمن پنهنجو گهڙتوڻ وڌيون ۽ اسلام ۾ شرڪ ۽ بدعتي جا پاسا اُجاگر ڪري مسلمانن کي ورهائيو ويو. ته ان جي ڳالهين ۽ وڊيو تي ڪهڙو اعتبار. پر جي واقعي ڄاڻڻو آهي ته ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ جي تحقيق کي پڙهي راءِ قائم ڪريو. جيڪو دنيا جي مذهبن جي ريسرچ تي مبني آهي، ان مان ڪي حوالا هُجن ته ڏيو.

    رهي ڳالهه محمد بن قاسم کان اڳ(711ع) سنڌ ۾ اسلام (100 سال فرق) جي ته تواريخ کان مثال کڻو نبي سائن جن جي 63 سالا زندگيءَ ۾ (وفات 613ع ۾) کين 40 سال جي عمر ۾ نبوت عطا ٿي ان کان پهرئين گهسيو پٽيو عيسايت ۽ يهوديت جو نظام هو. بيشڪ جڏنهن پاڻ (صلعم) توحيدي دين اسلام (پهريون فرقوڦهلائڻ لاءِ دُنيا سان رابطو ڪيو ته سنڌ جا ماڻهون به مڪي مديني ويا، اسلام قبول ڪيائون ۽ اُتي جا ٿي رهيا ۽ کين بيت المال جو نگهبان به مقرر ڪيو ويو. بيشڪ مڪي مديني ۾ جيڪي گهڻا عرب سڏجن ٿا اُهي گهڻي ڀاڱي سنڌ جا ماڻهون هُئا پر سنڌ ۾ سرڪاري ۽ اڪثريت طور هندو مذهب هو. ۽ محمد بن قاسم جي آمد کان پهرئين اسلام ڦهليو ڪونه هو. ڀلا اُن وقت جي مسجد ئي ٻُڌايو جتي مُسلمان نماز ادا ڪندا هُئا. اسلام ۾ فرقي (شيعان علي) جو پهرئين بُنياد پيو ۽ پوءَ ذوالنورين حضرت عثمان رضي جي شهادت کان فرقا بندي شروع ٿي وئي .ڇو جو (هڪ ٻيوگروپ) يعني( ٽيون فرقو) پئدا ٿيوجن حضرت علي رضي جن کان عثمان رضي جي قاتلن کي منتقي انجام تي پُهچائڻ جي گهر ڪئي. ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي ۽ پهرئين توحيدي فرقي کي ڇڏي باقي ٻنهين (يعني شيعن جي) ۽ (يعني سُنين جي) جي فرقن ۾ وڌيڪ فرقا بڻجندا ويا ۽ انهن جو تعداد 72 تي اچي رسيو. نبي سائين صلعم (توحيدي عقيدي) جا پوءِ لڳ کين مسلسل شرڪ ۽ بدعت کان منع ڪندا رهيا ۽ کين نبي سائين (صلعم)جن جي تعليم، ليگسي کڻي هندڙ خُلفاءِ راشدين جي تعليم، ۽ ليگسي کڻي هلندڙ( تابعين ۽ تبع تابعين) جي تعليم (قرآن ۽ حديث) جا حوالا ڏيندا رهيا پر آپس مخالفت ۾ هنن ڪن نه ڌريا ۽ اسلام ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وئي، نبي سائين جن جي تعليم ۾ تبديلي آڻي پنهنجي من گهڙت ڳالهيون شامل ٿيڻ لڳيون ۽ انهن جي فروغ لاءِ مدرسا ۽ مسجدون جوڙيون ويون ۽ اها حديث به سمجهندي ته انهن 73 فرقن مان صرف هڪ فرقو (توحيدي) آهي ۽ باقي 72 جهن ۾ داخل ٿيندا، ڪنهن تي اڃان تائين اثر نه پيو ٿئي سواءِ ان جي ته حديث کي صحيح سمجهن ٿا ۽ ڪوٽ به ڪن ٿا پر گڏ گڏ شرڪ ۽ بدعت کان بچڻ به نٿا چاهين.ڄاڻن به ٿا ته اسلام جو مرڪز صرف ۽ صرف مڪو ۽ مدينو ئي آهي جيڪو مسلسل (توحيدي دين اسلام) جي ليگسي کڻي هلي پيو ۽ اسان لاءِ مشعل راه آهي پوءِ به اسلام جومرڪز ڇڏي مصر، شام، عراق، ترڪستان ايران ، هندستان ، افغانستان وغيره ۽ ٻين ملڪن کي اسلام جي ليگسي ۽ تسلسل سمجهجي پيو.

    هتي ڳالهه هلي ٿي سنڌ ۾ موجود ماڻهن (هندن) جي اسلام قبول ڪرڻ جي. ما سواءِ اُنهن جي جيڪي مُحمد صلعم جي نبت جو ٻُڌي سنڌ ڇڏي نبي سائين صلعم جي قربت ۾ ويا۽ بيعت ڪري مڪي مديني ۾ سيٽل ٿي ويا ۽ اُتي ئي عرب عورتن سان شادي ڪري ويهي رهيا. هاڻ مونکي انهن مان ڪنهنجو نالو ٻُڌايو جيڪو پوءِ اُتان محمد بن قاسم کان پهرئن سنڌ آيو هُجي ۽ هتي اسلام جي کُلم کُلا پرچار ڪئي هُجيس.

    ٻي ڳالهه ته اڄ جيڪي به سنڌي ماڻهون سنڌ ۾ آباد ۽ موجود آهن ۽ سنڌي سڄائجن ٿا سواءِ (واڻين، هندن، يمني مسلمانن جيڪي پوءِ مومن مان ميمڻ سڏيا، هندن جي اوچي ذات وارن (کتري ، لوهاڻا، برهمڻ وغيره) جن به پوءِ اسلام قبول ڪرڻ ڪري مومن يا ميمڻ سڏيا ۽ ٻيون هندن جو اڇوت ذاتيون جيڪي مُسلم ٿي پوءِ شيخ سڏيون. سڀ ڌاريان هُئا ۽ باقي اڄ جيڪي اهل بيت ، ان جا داعي، ولي ۽ بُزرگ سڏجن ٿا جهڙوڪ، شاه، پير، مخدوم وغيره ته اُهي به پوءِ سنڌ جا باشندا بڻيا ڪو مصر مان، ڪو ايران مان، ڪو هلاڪو خان سان گڏ، ڪو قبلائي خان مان، ڪو منگولن سان سنڌ ۾ آيو ۽ هتي سيٽل ٿي ويو هو، هلاکو، منگولن ، افريڪن پوءِ ئي اسلام قبول ڪيو هو.مُسلم ٿيو هو ۽ اها تواريخ ته عباسين، ميرن ۽ پيري مريدي ته نادرشاه جي زماني جي آهي.

    تڏنهن ته چوان ٿو ته ڪنهن عالم (جهڙوڪ ڊاڪٽر طاهر القادي)جي ڪيسٽ جو حوالو ڏيڻ بجاءِ ڪٿان به اڀياس ڪر مونکي اهڙا نالا ٻُڌايو ته اُهي ڪهڙا بزرگ،ولي الله هُئا جيڪي سنڌ ۾ محمد بن قاسم جي وقت کان اڳ آيا ۽ اسلام جي پرچار ڪيائون. جڏنن ته دين و اسام جو مرڪز صرف مڪو ۽ مدينو هو. سن ۽ صدي ضرور ڏجو.

    ٻي ڳالهه ته ڊاڪٽر طاهر القادريءَ جي ته ان جي اسلامي ڪيئريئر جي شروعات بلڪل مُنهنجي سامهون ۽ سعيد آباد شهر مان ٿي جڏنهن آئون به سندس مقرريءَ جي سحر ۾ هوس. روايتن موجب هو پنجاب کان ڪنهن مسجد جو مولي بڻجڻ لاءِ ۽ رمضان جي تراويح پڙهائڻ لاءِ ۽ ڪمائڻ لاءِ جيئن عمومن هر سال ٿيندو آهي هو به نيو سعيدآباد شهر ۾آيو هو ،چالاڪ، بيباڪ، هوشيار ۽ ڳالهائڻو گهڻو هو، تنهنڪري اسان سڀ ڇوڪرا سندس گروپ ۾ شامل ٿي ويا هُئاسين. اڄ تائين سعيد آباد سهر ۾ شيعا سُني يا اهل حديث فساد نه ٿيو آهي ما سواءِ ان ڏينهن جي جنهنجي شروعات طاهرالقادريءَ ڪئي هُئي. ۽ نيو سعيدآباد بس اسٽاپ تي ڍڪ مسجد ۾ رمضان جي تراويحون پڙهائڻ لاءِ مولوي مقرر ٿيو هو. تقرير به سُٺي ڪندو ته حنفين جي مسجد ۾ صبح جي درس سان جمعي جو خطبو به ڏيڻ لڳو۽ پوِءِ رارين جو جلوس وغيره ۽ شيعن تي تنقيد ڪندو هو.هن اڃان تقريرن جي ڪيسٽون جو آغاز به ڪونه ڪيو هو.شروع ۾ پاڻ ڪامياب بڻجڻ لاءِ لائوڊ اسپيڪرس تي شيعن خلاف گهڻو گهٽ وڌ ڳالهائيندو هو. ته شيعا گروپ جوهڪ وڏيرو جنهن مسجد ۽ امام باڙو ٺهرايو هو حاڪم علي دل کيس مار ڪٽ ڪرڻ لاءِ مسجد آيو ته هن ڀڄي وڃيپهرئين پير ڪوٽ تي علامه مرحوم بديع الدين شاه راشديءَ وٽ پناه ورتائين جتي هو اڪثر پير صاحب کان فيضياب ٿيڻ به ايندو هو ۽ دُنيا جي پهرئين اسلامڪ لائبرريءَ جو مطالعو به ڪرڻ ويندو هو. پوءِ شهرين جي سمجهائڻ تي ته شهر ۾ شيعا سُني فساد نه ٿئي کيس سعيدآباد شهر جي نيڪالي ملي ۽ پوءِ هو حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ به ويو۽ پنهنجن تقرير جون ڪيسٽون تيار ڪري تماشو ڏسڻ ۽ ڪرڻ واري نئين ٽهي جي مدد سان ۽ ڊاڪٽر شريف ميمڻ جي ننڍي ڀاءُ امين شيخ جي سرپرستي ۾ جلسن جلوسن ۾ پنهنجو ڪيسٽون کپائيندو هو. اها حقيقت آهي ته هو مقرر به لاجواب هو ۽ ٻُڌڻ وارا سحرزده ٿي ويندا هُئا. پوءِ حالتن کي ڏسي هن پنهنجي پريچنگ ۾ شيعا ۽ سُني عنصر رکيو ۽ اڄ به سندس تقريرون ۽ گروپ بنديءَ ۾ ٻئي عنصر آهن. هاڻ ته ماشاالله بين الاقوامي مقرر آهي. اها تصديق سعيد آباد جي ڪنهن به سندس عمر جي پُراڻي شهريءَ کان ڪرائي سگهجي ٿي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏2 مئي 2015
  11. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    توهان به لکو ته جيئن سنڌي چئنلن تان رواجي لکت مٽارائي اسڪرين چينج آڻي سگهجي، رواجي ڌاڙيلگيري، موالي ڪلچر ۽ وڏيراشاهي (ڀوتارا، ڪمدار پوليس) پروموشن ۽ هيرو شپ ڪلچرکان سنڌ آزاد ڪرائي سگهجي قوم جي برين واش ڪري کين حقيقي سائنسي، سماجي، فني تعليم ۽ ٻين مضمونن طرف آڻجي ته سنڌ جو جوان ڪاپي ڪلچر ۽ سفارشي ڪلچر کان آجو ٿي ميرٽ سنڌ بڻجي . سنڌ سلامت ساٿ سلامت. اچو ، گهسو جي سنڌ ۽ سنڌي بچائڻ چاهيو ٿا ، ته ملي پنهنجي مختلف سائنسي، سماجي، ثقافت، فني، علمي، ادبي، فنون لطيفه، لکتن سان سنڌي قوم جي برش واش ڪريو! ۽ کين سست ، ڪم چور، مواليگيري، ڀوتار گيري، ڪمداري، پوليس ڌاڙيل ڪلچر کان آزادي ڏياري باب الاسلام وارو ، مڪي ۽ مديني مان علم پرائي سنڌ کي نور ڪرڻ وارو ۽ سٻاجهڙو سنڌي بڻايو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو