سوشل نيٽ ورڪس تي موجود پنهنجي ڊيٽا جو بيڪ اپ ٺاهيو...

'سافٽويئر' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏24 اپريل 2015۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سوشل نيٽ ورڪس جهڙوڪ فيس بوڪ، ٽوئٽر ۽ انسٽا گرام وغيره لاءِ “سوشل سيف” نالي هڪ اهڙو پروگرام موجود آهي جنهن ذريعي پنهنجا کاتا شامل ڪندي نه صرف توهان سڀئي اڪائونٽ هڪ ئي جاءِ تي ڏسي سگهو ٿا پر ان ذريعي پنهنجي سوشل نيٽ ورڪس تي موجود ڊيٽا جو بيڪ اپ پڻ حاصل ڪري سگهجي ٿو..


    [​IMG]

    فرض ڪريو ته توهان فيس بوڪ تي رهي ڪري ڪنهن جاءِ تي ڪا اهڙي پوسٽ ڏٺي هئي جنهن کي توهان ٻيهر ڳولڻ چاهيو ٿا ته اهو ڪم ڪيترو نه ڏکيو هوندو.. ؟
    پر جيڪڏهن توهان وٽ سوشل سيف انسٽال ٿيل هوندو ته توهان فيس بوڪ سميت سمورا سوشل نيٽورڪس تاريخن جي ترتيب سان توهان جي سامهون هوندا.. ۽ هڪ دفعو ڳولا ڪرڻ سان ئي توهان پنهنجي گهربل پوسٽ چاهي اها ڪنهن به پليٽ فارم تي هجي حاصل ڪري سگهندو...
    ان کان علاوه جيڪڏهن توهان سوشل نيٽ ورڪس تي تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪندا رهندا آهيو ۽ انهن جو پاڻ وٽ بيڪ اپ ناهيو رکندا.. ته سوشل سيف جي مدد سان توهان پنهنجي سمورن اڪائونٽس ۾ موجود تصويرن ۽ وڊيوز جي سموري ڊيٽا پنهنجي پي سي تي بيڪ طور حاصل ڪري سگهو ٿا.. جنهن کان پوءِ پنهنجيون شيئر ڪيل تصويرون ٻيهر هٿ ڪرڻ انتهائي آسان ٿي پوندو..


    [​IMG]

    وهم رکندڙ دوستن کي ٻڌائيندو هلجي ته سوشل سيف بلڪل محفوظ پروگرام آهي.. جيڪو توهان جي کاتن جا پاسورڊ يا ڊيٽا بلڪل چوري ناهي ڪندو.. ڇو ته سوشل سيف توهان جي سمورن کاتن جي ڊيٽا پنهنجي سرور بجاءِ سڌو سئون توهان جي پي سي تي ڊائونلوڊ ڪندو آهي.. ان کان علاوه توهان جي حفاظت لاءِ هن پروگرام تي پاسورڊ لڳائڻ جي پڻ سهولت موجود هوندي آهي ته جيئن توهان جو پي سي استعمال ڪندڙ ڪو ٻيو ساٿي توهان جي ڊيٽا تائين پهچ حاصل نه ڪري سگهي...
    سوشل سيف جي مفت واري ورجن ۾ صرف چار کاتا شامل ڪرڻ جي سهولت موجود آهي.. جيڪا يقينن گهٽ ناهي.. ها البته هن جي پئسن واري ورجن ۾ 20 کاتن تائين شامل ڪرڻ جي اجازت موجود آهي.. ان کان علاوه هن جي ڪمرشل ورجن ذريعي مختلف پوسٽس کي پي ڊي ايف ۾ پڻ تبديل ڪري سگهجي ٿو..
    ته پوءِ هيترين سهولتن رکندڙ هن سافٽويئر کي هاڻي ئي ڊائونلوڊ ڪريو ته توهان حاصل ڪري سگهندو پوري هڪ مهيني يعني 30 ڏينهن لاءِ ڪمرشل ورجن جا سمورا فيچرز... :)

    www.socialsafe.net
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    لاجواب ونڊ ۽ واھ جي آفر آهي.. :)
    هاڻي ئي ٿو ڊائونلوڊ ڪريان.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يار اهو ڪم لاجواب ڪيو اٿئي ... اصل ڪم سولو ٿي پيو .... مونکي به سدائين تصويرن جي ضايع ٿيڻ جو ڊپ رهندو اٿم
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام سٺو
    لک قرب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو