چوسٽا

'سنڌي شاعري' فورم ۾ منير احمد لُنڊ طرفان آندل موضوعَ ‏23 مئي 2015۔

  1. منير احمد لُنڊ

    منير احمد لُنڊ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏1 مئي 2015
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    49
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ٽنڊو محمد خان
    منير احمد لُنڊ
    چوسٽا

    يار مرڪن ساڻ ايندي
    اڄ سڀاڻي ڄاڻ ايندي
    تون هلي اچ بس پرين پو
    عيد دلبر پاڻ ايندي

    پرين پير پنهنجا هي ڇالا ڏيان مان
    ڪڍي نيڻ توکي هي آلا ڏيان مان
    ڏيان پڪ ڪهڙي ته تنهنجو مان آھيان
    محبت جا ڪهڙا حوالا ڏيان مان

    سور صدما تو ڏئي
    يار ڏس ڇاڇا ڪيا
    ڪون آئين رات تون
    چنڊ پو چرچا ڪيا

    ٻار ٿا روئن پيا ڏس
    تون ڪٿي آن ڀور ماني
    پيٽ خاطر گار کاڌم
    ڇو ڏنا ٿئي سور ماني

    اڃان خواب ڪنهنجا بڻيا ڪون آھيون
    اسان يار ڪنهن کي وڻيا ڪون آھيون
    رهيا يار آھيون پري چلڪڻن کان
    پتو زرد بڻجي ڇڻيا ڪون آھيون

    ***منير احمد لُنڊ***
     
  2. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    ڀور ۽ سور پاڻ ۾ هم آواز ناهن. ته قافيا ڪيئن ٿيندا. باقي پيارا سٺا چوسٽا اوهان جا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو