اڊوب فوٽوشاپ ۾ Liquify فلٽر جو استعمال

'فوٽو شاپ' فورم ۾ محمد راشد شر طرفان آندل موضوعَ ‏26 مئي 2015۔

  1. محمد راشد شر

    محمد راشد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2015
    تحريرون:
    214
    ورتل پسنديدگيون:
    279
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    لکپڙه
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا توهان جي سوال کي ڏسي توهان لا ڪجھ ڪم ڪيو آهي فلٽر کي مدنظر رکندي هن وقت صرف هڪ ئي آپشن چونڊيو آهي اهو آهي لڪي فا جو.
    وڌيڪ آ هيٺ سمورو تصويري ڊيمو پيش ڪيان ٿو جنهن کي ڏسي ان جي سهڻي نموني پريڪٽس ڪيو ته اميد ته توهان ان سمجهي ويندا.
    فلٽر کي پڙهندي اسان liquify
    آپشن جي چونڊ ڪريون ٿا هي آپشن تصوير کي اسپيشل افيڪٽ ڏيڻ لا استعمال ڪيا وينداآهن.
    سڀ کان پهريائين ان تصوير جي چونڊ ڪريو جنهن تي توهان افيڪٽ ڏيڻ چاهيو ٿا تصوير جي چونڊ لا هيٺين تصوير جي مدد حاصل ڪريو.

    [​IMG]

    اوپن تي ڪلڪ ڪري پنهنجي تصوير جي چونڊ ڪريو ۽ ان کي فوٽوشاپ اتي کڻي اچو. هيٺين تصوير ڏسو.

    [​IMG]

    [​IMG]

    اوپن تي ڪلڪ ڪرڻ کان پو توهان جي چونڊيل تصوير اڊاب تي اچي ويندي.

    [​IMG]

    پو هي طريقو اپنايو
     liquify
    تي ڪلڪ ڪريو

    [​IMG]

    liquify
    تي ڪلڪ ڪرڻ کان پو هن طرح جي هڪ ونڊو کلي ايندي

    [​IMG]

    هاڻي اسان هن تصوير تي افيڪٽ ڏيڻ شروع ڪنداسين
    افيڪٽ ڏيڻ جي لا هن ٽول تي ڪلڪ ڪريو. هن ٽول جي استعمال جو طرويقو ڪجھ هن ريت هوندو آهي. سڀ کان پهرين ٽول جي سليڪشن ڪري ان کان پو جنهن جڳه تي افيڪٽ ڏيڻ چاهيو ٿا اتي ٽول کي کڻي اچو  مائوس ڪلڪ کي دٻائي رکو ان سان گوگڏ آهستي آهستي مائوس کي گهليو اهڙي طرح توهان جو افيڪٽ اپلا ٿي ويندو.
    ياد رهي تي هي افيڪٽ صرف جسم جي ڪنهن به حصي تيڏئي سگهجن ٿا. جنهن جي مدد سان اسان تصويرن کي فني بنائي سگهون ٿا.
    هيٺ ڏنل تصوير ۾ استعمال ٿيل ٽول جي مدد سان توهان جسم جي ڪنهن به حصي کي وڌائي سگهو ٿو . هيٺين تصوير کي غور سان ڏسو  ان جي پريڪٽس ڪريو.

    [​IMG]

    هن ٽول کي سليڪٽ ڪرڻ کان پو جتي افيڪٽ ڏيڻ چاهيو ٿا اتي رکي مائوس ڪلڪ کي دٻائي پو مائوس کي ڊريگ ڪريو آهستي آهستي.
    هي تصوير ڏسو. هن تصوير تي توهان جو افيڪٽ اپلا ٿي ويو

    [​IMG]

    ان کان پو وري ٻئي ٽول جي سليڪشن ڪريو.
    هن ٽول کي به استعمال ڪرڻ جو طريقو ساڳيو ئي آهي جيڪو آ پهريان ٻڌائي چڪو آهيان.

    [​IMG]

    هي ڏسو ايئين پيو لڳي ڄڻ هن همراه کي ڏاٺ ۾ سور اٿس :p


    [​IMG]

    اهڙي ريت وري ٻيو ٽول کڻو


    [​IMG]

    هي ڏسو

    [​IMG]

    وري ساڳي طرح ٻيو ٽول کڻو  تصوير هڪ ٻي نواڻ آڻيو هي ڏسو ايئن پيو لڳي ڄڻ همراه کي سردي لڳي هجي.

    [​IMG]

    وري ٽول تبديل ڪريو

    [​IMG]

    ڏسو هن جا ڳٽا.

    [​IMG]

    دوستو هاڻي اسان هڪ اهڙو ٽول استعمال ڪنداسين جنهن جي مدد سان اسان تصوير کي اصل پوزيشن ۾ آڻي سگهون ٿا. هي تصوير ڏسو ۽ ٽول جي سليڪشن ڪريو.
    اگر توهان هي سڀ افيڪٽ تصوير تي اپلا ڪرڻ چاهيو ٿا ته اوڪي جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪري. اگر نه ته پو ڪينسل تي ڪلڪ ڪريو.

    [​IMG]

    واھ يار:)
    ڏسو هن ٽول جي مدد سان تصوير اچي وئي پنهنجي اصل شڪل ۾.
    [​IMG]

    آ پنهنجي طرفان سمجهائي چڪو آهيان وڌيڪ هاڻي توهان ان جي پريڪٽس ڪري سٺي ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا.

    حياتي رهي ته وري ملبو.

    ڪنهنجي به دل نه ڏکايو

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت​
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏28 مئي 2015
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو