هيروشيما تي ويِچارَ

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏9 مئي 2009۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    هيروشيما تي ويِچارَ

    پويان ٻه ٽي ڏينهن جاپان جي اُترادي ٻيٽَ هوڪائدو جي وڏي شهرَ سَپورو ۾ ڪاٽيا اٿمِ. ٽيوڏينهن آئي پهريون ڏينهن هو، تنهن ڏينهن ڪانفرنس اڃا شروع نه ٿي هُئي. منهنجي گهري شهرَ شمپينَ کان هتان جو وقتُ چوڏهن ڪلاڪ اڳتي آهي. جڏهن وقتَ جو ايڏو ڦيرُ هوُندو آهي، ته جي ٿي سگھندو آهي ته هڪ ٻه ڏينهن پري ديسَ ۾ ڪانفرسن جي منڍ وقتَ اڳُ پُڄندو آهيان جيئين وقت سان ڏينهن رات جي ڦير تي پاڻ هيرايان. سو پهريون هِڪُ ٻه ڏينهَن شهرَ جا پنڌ ڪندو آهيان ۽ تنهن جا باغ بازارون، گھٽيون عمارتون جو ڏيک ڪيان ۽ ماڻهنِ مرئُنِ جي هل چل ڏِسان.

    جاپان گھڻائي وارَ اچڻ ٿيندو رهندو اٿمِ. ڀانيان ٿو ته پندرهان ويهه وارَ آيو هوُندمِ. خيرُ.

    هتي جاپان ۾ ماڻهن کي جَنگُن خلاف ڏاڍي نفرت آهي. سِڪولن ۾ پاڙهيِندا آهن ته جَنگَ ڪري عام ماڻهن کي ڏکيايون ٿينديون آهِن. باغن ۾ دنيا ۾ اَمُنُ لاءِ دعائون پٿرن تي لکيل هوُنديون آهن. تاقيد لکيل هوُندي آهي ته دنيا ۾ اَمنُ جي واڌاري لاءِ ٻين ٻين سماجن جي ماڻهن کي هڪَ ٻي کي سمجھڻو پوندو. ڌِڪار وڌائڻ سولو آهي، سمجھه وڌائڻَ لاءِ ڪمُ ڪرڻو ٿو پوي. سو ٽيوڏينهن پنڌ ڪندي اَمن جون ڳالهيون وري ڏِٺمِ.
    ڪالهَه ڪانفرنسِ شروع ٿي. ڪي ڦولهاري پرچا هيِروشيما يونيورسٽيءَ جي وِديارٿين جا هُيا. خيالَ هيِروشيما جنهن تاريخ جيِ اونداهيِ مان گذري تنهن اونداهيِءَ ڏانهن ويَمِ ۽ اَڄُ اُتي جي ماڻهن جي موج تي هيرتِ ڪيمِ.
    ڪِنِ تاريخَ جي اونداهين مان رڳو اِهو سبق حاصلُ ڪيو ته هوُ جڳَ ۾ اڃا وڌيڪ بُغضُ ۽ ڪيِنو پکڙيِن. ڀانيان ٿو ڏسڻ جوڳي ڳالهه اِها آهي ته هيروشيما ۽ ناگاساڪي ۾ جيئرو بچندڙن ۽ اُنهن جي پوين ڪهڙو سبق پِرايو ۽ دنيا ڏي ڪهڙو نياپو اُماڻينِ ٿا. (پاسي ۾ فوٽوُن ايٽمَ بمَ ڪِرڻ جي وقت جو آهي. هيٺ فوٽون ڪاگر مان ٺاهيل بگھهءَ پکيُنِ جا آهن جيڪي جاپاني لوڪَ رواج ۾ اَمنُ جي نِشانيِ آهن. اِهي جڳَ ۾ امُنُ گھرڻ لاءِ هيروشيما شهر ۾ ايٽمي بمَ ڪِرندڙِ ماڳَ تي ارپڻيلَ اڏاوت تي آهِنِ).

    هاڻ هرَ سنڌيءَ لاءِ مُمِڪنِ ناهي ته هو پاڻ ايڏهين وڃيِ سگھي، پَرَ هِنَ حسابي ڪلن (ڪمپيوٽرن) جي جُڳَ ۾ هيروشيما جي ماڻهن جو نياپو اُنهن جي ٺاهيلِ ويبِ جاءِ تان ڏسي سگھجي ٿو ـــ ۽ اِهو نياپو نفرتَ ۽ ويرُ وٺڻَ جو نياپو نه پر امُنَ ۽ اِنسانيتَ پکيرڻ جو چِتائو ڏي ٿو.
    ڀانيان ٿو ته اِهڙي سوچَ ئي جاپان جي وڏي ڪمال جوڳيِ ترقيءَ جو ڪارڻ آهي، جو اهڙيِ سوچ ڌاري جاپانيُنِ ڀڃُ ڊاهه بدران جاپان سانتِ رکڻ ۽ پاڻ سُڌارڻ تي زور ڏنو.
    [​IMG]
    [​IMG]
    مٿيان فوٽوُن هيروشيما ايٽم بمباريءَ کان پوءِ ۽ اڄُ جا
    جاپان بابت وڌيڪ وري ڪڏهن لکندُمِ. اَڄُ ٻن ڪلاڪن ۾ مانکي خاص دعوت تي گهرايل وياکياڻ ڏيڻي آهي.
    shikarpuri.wordpress.com تان،ورتل
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين شيئرنگ آهي ادا عبدالوهاب صاحب توهان جي اهڙين تحريرن جو انتظار رهندو .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو