مٺل جسڪاڻي جي ڪتاب (سفر بخير ) تي تبصرو____ سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

'سنڌي ادب' فورم ۾ سيد خادم سبحان ڏاڏاهي طرفان آندل موضوعَ ‏7 فيبروري 2016۔

  1. سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2011
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    169
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    بڪيرا شريف تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊو الهيار
    https://web.facebook.com/photo.php?fbid=1002218343150389&set=a.100405859998313.710.100000866975691&type=3&theater
    معروف زرعي ماهر سهڻي ،شاعر ۽ ڪهاڻي ڪار محترم مٺل جسڪاڻي جي سفر نامي (سفر بخير) تي منهنجو لکيل تبصرو (عوامي آواز سنڊي ميگزين، آچر 07 فيبروري 2016ع) _

    سفر بخير سفر نامو__ مٺل جسڪاڻي

    ادب جي دنيا ۾ ان کي (سفر نامو) جي صنف طور سڃاتو وڃي ٿو جنهن ۾ مسافر پنهنجي سفر جو احوال پنهنجي علم ۽ سمجه مطابق بيان ڪري ٿو محترم مٺل جسڪاڻي به انهن ڏات ڌڻين مان هڪ آهي جنهن سفر نامو لکڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي مٺل جسڪاڻي جنهن ادب جي مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي جنهن ۾ شاعري، ڪهاڻي ۽ ڪالم نگاري شامل آهن پر سفر بخير نالي ڪتاب لکي هڪ وڌيڪ صنف ۾ لکڻ جي ابتداءِ ڪئي آهي

    سفر نامي بابت خود هن ڪتاب ۾ اداري پاران لکندي محترم آسي زميني لکيو آهي ته آتم ڪٿا ۽ سفر نامو دنيا جي هر ٻولي جي اها واحد صنف آهي جيڪا پاڻ ۾ گهڻ رخي صنفِ سخن ليکي وڃي ٿي ادبي ٻوليءَ جي امتزاج باعث هڪ طرف منجهس تحريري حسناڪي شامل هوندي آهي ته ٻي طرف مختلف ماڳن مڪانن جي جاگرافيائي ڄاڻ سان گڏ اتان جي سماجي ريتن رسمن ۽ قومن جي مزاج ، سوچ جي انداز ۽ پڻ ڪردارن بابت چڱيءَ پر معلومات سمايل هوندي آهي سفر نامي جي هن وصف تي مٺل ڪيترو پورو لٿو آهي ان جو فيصلو پڙهندڙ پاڻ ڪندا منهنجي ذاتي راءِ مطابق مٺل پنهنجي تحريري حسناڪي سبب هي صنف لکڻ ۾ به ڪامياب رهيو آهي لاهور کي لتاڙڻ جي احوال کان آخر تائين ايئن لڳو ته آئون به ان سفر ۾ مٺل جو همسفر آهيان هن سفر نامي ذريعي لاهور بابت ڪافي ڄاڻ ڏنل آهي اتي گهمڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا هنڌ آهن ۽ انهن کي گهمڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا جتن ڪرڻا ٿا پون ؟ 70 ڄڻن جي قافلي جو هي سالار مونکي ڪٿي به ٿڪجندي يا پنهنجي فرض کان غافل نظر نه آيو اها ٻي ڳالھه آهي ته هو پنهنجا فرض نڀائيندي ڪٿي وڃائجي به وڃي ٿو ! سفر ۾ اگر همسفرن جي گهڻائي هوندي ته مسئلا ته ضرور ٿيندا ٻين سان سفر ڪرڻ لاءِ مٺل اسان کي اهو ميسيج به ڏئي ٿو ته ڪڏهن به سستي يا لاپرواهي ڪري ٻين لاءِ عذاب نه بنجو جيئن پاڻ لکي ٿو ته ڪٿان به روانو ٿيڻ وقت اسان سان گڏ ڪجه سست ساٿين اسان ۾ موجود چست ساٿين کي بور ۽ بيزار به ڪيو پئي ته وقت جو قدر نه ڪرڻ سبب ٿوري وقت ۾ گهڻو گهمڻ واي خواهش ۽ ڪوشش تي به پاڻي ڦريو پئيمٺل جسڪاڻي لاهور جا مقام شاهي قلعو،شاهي مسجد،انارڪلي بازار،داتا دربار يا بيبي پاڪ دامن وغيره جو سير ڪرائيندي ڪٿي به ڪنهنجي عقيدي سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪندي مهارت سان احوال قلمبند ڪري ويو آهي

    لاهور گهمندي لاهور بابت دوستن جون ڳالهيون به مٺل نه وساريون آهن ۽ انهن جو دلچسپ انداز ۾ بيان به ڪيو اٿس جيئن لڪشمي چوڪ وارو دال ڀت جنهن جي کائڻ جي صلاح سائين حيات علي شاھ بخاري ڏني هوس ۽ اظهار مٺل جي صلاح کي به ياد رکيو اٿس ۽ ان طرف گهمڻ لاءِ ويندڙ هر ماڻهو کي ڄڻ ته اهو مشورو به ڏنو اٿس ڪيڏانهن به وڃجي ته پهرين گهمي آيل دوستن کان احوال ضرور وٺجي متان ڪو دلڪش منظر يا اهم مقام ڏسڻ کان رهجي نه وڃي سفر نامي لکندڙ تي اهو لازم آهي ته هو جنهن به علائقي جو احوال ونڊ ڪرڻ چاهي ٿو سو اهڙي انداز سان ڪري جو پڙهندڙ جي ذهن ۾ ان جو مڪمل نقشو اڀري اچي ۽ پڻ معلوماتي به هجي هتي مٺل جسڪاڻي لاهور جو احوال ڪجه هن طرح لکيو آهي لاهور منهنجي خيال ۾ ملڪ جو خوبصورت صاف سٿرو شهر آهي هتي ڪشاده رستا وڏاوڏا باغيچا عام ٻٽن وڏن رستن جا وچ توڙي چوڪ خوبصورت گلن وارن ٻٽن ۽ ساون وڻن سان تمام وڻندڙ منظر وارا آهن شهر ۾ صفائي جو بهترين انتظام آهي

    مري گهمڻ جي شوقينن لاءِ به هي سفر نامو بهترين رهبر ثابت ٿي سگهي ٿو .هن ڪتاب جا عنوان به دلچسپ آهن جيئن لاهور کي لتاڙن لاءِ مون وسان نه گهٽايو رهيس راولپنڊي ۾ گهميس اسلام آبادڪونهي ڪو سيءَ ڪوھ مريءَ ۾ دوميل جتي ٻه دريا ۽ دل وارا ملن ٿا اڏام کٽولي وغيره هي انداز شايد مٺلَ، الطاف شيخ کان متاثر ٿي اختيار ڪيو آهي جنهن جو هر عنوان دل کي ڇڪي پڙهڻ لاءِ مجبور ڪندو آهي هن ڪتاب جو مُهاڳ ڊاڪٽر مجيب الرحمان صحرائي لکيو ۽ لکيو ته سندس هي ڪتاب به نظر انداز ڪري نه پڙهڻ جهڙو آهي هي گهڻ مقصدي ڪتاب آهي اڳياڙي جي عنوان سان ڊاڪٽر قاسم راڄپر مٺل کي هڪ زرعي ماهر ۽ استاد جي حيثيت سان مڃندي لکيو ته هي ڪتاب سفر بخير سائين مٺل جسڪاڻي جي ذهن جي منفرد تخليق آهي ڪتاب بخير سچ پچ ته پڙهڻ جهڙو آهي ۽ پڙهڻ گهرجي جو ان جي ارپنا به انهن پيارن جي نانءِ ڪيل آهي جن جي ڪري هي ڪتاب ڪتابي صورت ۾ اچي سگهيو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شبير ساگر

    شبير ساگر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جنوري 2013
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    136
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪوٽ عالم ضلع ٺٽو (هاڻي ضلع سجاول)
    سائين مٺل جسڪاڻي ادبي دنيا ۾ هڪ مڃيل نالو آهي، سندس لکڻيون وقت بوقت نظرن مان گذرنديون رهن ٿيون، سندس لکڻيون ادبي چاشني سان ڀرپور آهن، سائين مرتضي صاحب جو تبصرو پڙهي جسڪاڻي صاحب جو سفرنامو پڙهڻ تي دل ڪري رهي آهي، پهرين فرصت ۾ خريد ڪري پڙهڻ جي جستجو ڪئي اٿم.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مٺل سٺو لکندو رهيو آهي پر لاهور مان موٽي ايترو جلدي سفرنامو ڇپائي ورتائين اهو ڪمال جو ڪم .

    سندس قرب جو ڪتاب اسان تائين به پهتو ڪيو اٿائين. مان ڪجهه مصروفيتن ۽ ڪجهه سوڳ واري ڪيفيت سبب اڃان شروعاتي صفحن تائين محدود آهيان.

    اوهان سٺو لکيو آهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو