چانهه پيئڻ جو مقابلو

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏12 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ٽن دوستن ۾ مقابلو ته ڪير ٿو وڌيڪ گرم چانهه پيئي

    پهريو دوست
    جڏهن چانهه چولهي لهي ٿي آئون پيالو ٿري پي ڇڏيندو آهيان

    ٻيو دوست
    اڃان چانهه چولهي تي هوندي آهي آئون مٿان پيالو ٿري پيئندو آهيان

    ٽيون دوست
    اهو ته ڪجهه به ڪونهي آئون پنهنجي منهن ۾ کنڊ پتي کير وجهي منهن کي چلهي تي رکي ڇڏيندو آهيان چانهه ٺهندي ويندي آهي ۽ آئون پيئندو وڃان ٿو
     
  2. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    TEAچانهه

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    چانهه جي ٻوٽي جي اصل ديس جي خبر ڪنهن کي به ناهي مگر ان جي پوکي جو فن چين ملڪ منجهه ٽي هزار سال اڳ قديم زماني کان وٺي آهي چانهه جي پوک جي شروعات چين ملڪ ۾ 2737 ق_ ۾ کان چئي وڃي ٿي ان زماني کان پوٰءَ سڄي دنيا ۾ چانهه پکڙجي هر ملڪ ۾ وڃي پهتي چين جي بادشاهه شين ننگ کي جڏهن اندر جي صفائي جي ٻاڙ لڳندي هئي ته پاڻي جي ديڳ ڪاڙهائي ان جو پاڻي پيو پيئندو هو هڪ ڀيري قدرتي پيدا ٿيل چانهه جي ٻوٽي جا پن پتا ان پاڻي ۾ اوچتو ڪري پيا جڏهن اهو پاڻي بادشاهه پيتو ته سندس جسم ۾ چست ۽ تازگي محسوس ٿي بادشاهه معلوم ڪرڻ تي خبر پيس ته اهي چانهه ٻوٽي جا پن پتا هئا ان زماني ان ڏينهن کان وٺي چانهه هڪ ناياب ٻوٽو شمار ڪيو وڃي ٿو ٻارهين صدي قبل مسيح ۾ چائو بادشاهت منجهه چانهه جو واهپو قدري شربت طور شروع ٿيو تنهن بعد هان بادشاهت جي زماني ٻين قبل مسيح کان ٻين صدي عيسوي تائين وڏي ۽ ننڍي طبقي ۾ چانهه جو استعمال ٿيندو رهيو ٽانگ بادشاهت منجهه ستين صدي تائين چانهه هر عام ماڻهون جي استعمال رهي چانهه يورپ ۾ 1559ع ڌاري ۾ ڊچ ۽ بعد بعد ۾ ايسٽ انديا ڪمپني معتارف ڪرائي 1664ع ۾ چانهه جو هڪ ڪلو کن انگلينڊ جي بادشاهه چارلس (ٽو) کي تحفي طور ڏياري موڪلي بع ۾ ٿورڙي عرصي منجهه چانهه برطانيه جي رهڻي ڪهڻي منجهه فيشن طور استعمال ٿيڻ لڳي هن وقت چانهه سڄي دنيا منجهه عام جام واپرائي وڃي ٿي هڪ اندازي مطابق چانهه دنيا جي سموري آدمشماري جي ٽئين حصي کان به وڌيڪ چانهه جو وهائپو آهي دنيا جي سڀ کان نهايت عمدي چانهه پيدا ڪندڙن علائقن منجهه انڊيا جو آسام سريلنڪا چين وڌ ۾ وڌ چانهه پيدا ڪندڙن ۾ شمار ٿين ٿا جڏهن ته جپان ڪينيا انڊونيشيا پڻ جهجهي انداز منجهه چانهه پيدا ڪندڙ ملڪن منجهان آهن اسان جي ملڪ پياري پاڪستان منجهه چانهه جي امڪاني پوک جا هنڌ علائقا چين ملڪ جي ٿيندڙ چانهه جي پوک وارن ضلعن جهڙي خاصيت رکن ٿا پاڪستان منجهه 1971ع کان اڳ چانهه هڪ اهم ناڻي ڪمائي وارو فصل هوندو هو چانهه جي پوک ان زماني ۾ اوڀر پاڪستان ۾ عام جام ٿيندي هئي جڏهن اوڀر پاڪستان اسان جي ملڪ کان جدا ٿي بنگلاديش ٿيو ته چانهه جي سڄي انڊسٽري هن ملڪ حوالي ٿئي وئي هڪ اندازي موجب اسان جو ملڪ پيارو پاڪستان هر سال 14 ارب روپين جي چانهه ٻاهرين ملڪن کان گهرائي ٿو ان کي گهٽائي ملڪ جي مخصوص موسم وارن علائقن منجهه تجرباتي بنيادن تي پوکي شروع پڻ ڪئي وئي آهي پاڪستان ۾ چانهه جون مختلف جنسون چين ملڪ سريلنڪا ملڪ ۽ ڪينيا ملڪ مان گهرائي پوکي پڻ ڪئي وڃي ٿي تجرباتي پوک پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل پاران شروع ڪئي وئي جڏهن ته چانهه ڪمپنين جي به جهجي سيڙپ ٿيل نظر اچي ٿي جئين ته پاڪستان ۾ چانهه جي پوک ۽ صنعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ۽ ان جا مقاصد حاصل ڪرڻ لاءِ خيبر پختونخوا صوبي جي مانسهره علائقي ۾ تجريا ٿيا آهن ان کان علاوه هزاره سوات ۽ آزاد ڪشمير پڻ اهڙا علائقا آهن جتي چانهه ڪامياب ٿي سگهي ٿي

    ] چانهه جي ٻوٽن ۾ هيٺيان جزا صحت لاءِ نقصانڪار ٿيندا آهن

    ٿين هي کار جهڙو زهري جزو آهي جيڪوٿوري عرصي لاءِ چانهه واپرائيندڙ کي چست بڻائيندو آهي ۽ ساڳي طرح وري ذهن کي به سست ڪري ڇڏيندو آهي ان جزي جو نه هجڻ جي ڪري چانهه منجهه لزت مزو به ناهي رهندو

    ٽئنن هي به هڪ زهريلو جزو آهي جيڪو 15 سيڪڙو چانهه منجهه هوندو آهي هي زهريلو جزو وري انساني معدي ۾ هاضمي جي رس ۾ بگاڙ پيدا ڪندو آهي جنهن سسب جي ڪري معدو خراب ۽ هاضمو ويتر خراب ٿي ويندو آهي انکان سواءِ چانهه منجهه ڪافور جهڙو اڏامندڙ تيل جو هڪ نمونو به موجود آهي جيڪو چانهه منجهه خوشبو پيدا ڪري ٿو مگر جڏهن هن جو اثر ختم ٿئي ٿو ته انسان جي جسم کي سست ۽ ڪمزور ڪري ڇڏي ٿو چانهه قدرتي طرح ننڍ ۾ خلل وجهي ٿي ۽ ننڍ وڃائي ٿي چانهه زياده پئيڻ سان گڙدن کي به ڍلو ڪري پيشاب به جالارو ڪري ٿي چانهه مغز جي پردن کي خشڪ به ڪري ٿي چانهه انساني هاضمي کي به خراب ڪري مادي ۾ تباهي مچائي ڇڏي ٿي چانهه سوا ٽي سيڪڙو ۽ ڪافي وري چار سيڪڙو انساني جسم منجهه بورڪ ائسڊ پڻ پيدا ڪري ٿي جنهن سبب ڪري وائي سور ننڍ ۾ خلل مغز جي موڳائپ سهڪو اکين جو خراب ٿيڻ پيشاب ۾ پٿري ۽ شوگر جهڙيون عنيڪ بيماريون جسم ۾ جنم وٺن ٿيون جيڪي انسان جي لاءِ نهايت نقصانڪار پڻ آهن

    چانهه جو هڪ ٻيو قسم گرين ٽي ( سائي چانهه ) جيڪا ساڳي قسم جي ٻوٽي منجهان حاصل ٿيندي آهي جيڪا ماهرن جي چوڻ موجب انساني صحت لاءِ نهايت مفيد آهي گرين ٽي پئڻ سان معدي ۽ چمڙي جي ڪينسر (سرطان) کي گهٽ ڪري ٿي مگر انهن جي بچڻ جو به اهم وسيلو سبب هي چانهه پيئڻ آهي ماهرن جو چوڻ آهي ته سائي چانهه منجهه وٽامن (سي) ۽ وٽامن ( اي) پڻ جهجهي هوندي آهي هي چانهه ڪاري چانهه جي مقابلي ۾ گهٽ نقصانڪار ٿئي ٿي هن چانهه منجهه اي جي سي جي نالي مادو هوندو آهي جيڪو ( اينٽي اوڪسيڊئنٽ) هوندو آهي چين ملڪ ۾ هي چانهه قوت مدافعت مصبوط ڪرڻ ۽ هاضمي جي نظام لاءِ پڻ استعمال ڪئي وڃي ٿي ڪاري چانهه سان دماغ جا پردا خشڪ ٿين ٿا پر سائي گرين ٽي جي پيئڻ سان دماغ ۽ رت جي دوري کي وسعت ملي ٿي گهاٽي رت کي صاف ڪري ٿي بک به وڌائي ٿي کاڌي کي به جلد هضم ڪري ٿي هي چانهه پگهر آڻيندڙ ۽ اڃ گهٽائيندڙ آهي دل ۽ دماع کي خوش ڪري ٿي هي چانهه گرين ٽي سج جي شعاعن جي نقصانن کان چمڙي کي محفوظ رکي ٿي سائنسي ماهرن موجب هن سائي چانهه منجهه اي بي سي جا ڪيمائي مادا موجود آهن جن جي استعمال ڪرڻ جي ڪري ڪينسر ۽ دل جا مرض سميت ٻين اهڙين بيمارين کان جيڪي جيو گهرڙن تي اثر انداز ٿين ٿيون انهن کان بچي سگهجي ٿو چانهه جي ٻوٽي مان ٽڻ چئن سالن کانپوءِ پيداوار لهندي آهي ۽ اهو سلسلو پنجاهه سالن تائين جاري رهندو آهي ​
     
  3. علي اڪبر جلباڻي

    علي اڪبر جلباڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 آگسٽ 2013
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    363
    چانھ جي لطيفي تي ابراھيم تمام سٺي ۽ ڪارائتي معلومات ڏني.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو