خــبـــرن تــي زبــــرون ؛ 11 مئي،2016ع

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏12 مئي 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    خــبـــرن تــي زبــــرون ؛ 11 مئي،2016ع

    ·قلابازي جي بادشاهه عمران خان اڄ چيو آهي ته ڪميشن جي ضرورت نه آهي: دانيال عزيز
    لوٽا بازيء جي بادشاه جا به ته پيرا کڻو . (تبصرو)

    * ڪرپشن ملڪ کي اُڏوهي جيان کائي رهي آهي: عمران خان وارو ڪريو،اڏوهيء مٿان ٽهڪندڙ پاڻي وجھو. ( صلاح)

    ·اپوزيشن پاناما ليڪس معاملي تي وزير اعظم لاءِ 7 سوال تيار ڪري ڇڏيا(خبر)
    جيڪو ستن سوالن جا جواب نه ڏيئي سگھيو سو سزا طور ست دفعا اٿ ويھه ڪندو. (سزا ۽ جزا)
    ·پيپلز پارٽي جي سٺن ڏينهن جو دور شروع ٿي چُڪو آهي:( بلاول ڀٽو زرداري)

    لڳي ٿو ته ننڍڙي کي اڃا تائين کوه ۾ پيل مئل گڏه نه ڏيکاريو ويو آهي.(اندازو)
    ·سنگين غداري ڪيس: پرويز مشرف اشتهاري قرار. (خبر)
    اخبارون اهڙين اشتهارين جي باري ۾ اشتهار نٿيون ڇاپين ڇا؟
    (پاڪستان ۾ ويٺل پرويز کان سوال)
    ·بلاول انهن جو دوست بڻجي ويو آهي جن ان جي والده کي ڏک رسايو: ( پرويز رشيد)
    ۽ جن ميان صاحب کي هٿڪڙيون هنيون انهن سان اوهان اهڙو حشر ڪيو جو ياد رکندا ! مينهن پنهن جي ڪاراڻ ڏسي ڪانه، ڳئون کي چوي هل پڇ ڪاري!
    ·فريال ٽالپر بلاول کي ” شهيد“ چئي ڇڏيو (خبر)


    خدانه ڪري، وري ڪنهن شهيد جي ضرورت آهي جو ايندڙ اليڪشن کٽي سگھجي.( تبصرو)
    http://sindhsujag.blogspot.com/2016/05/11-2016.html
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو