ڇا اصلي سنڌي اسڪرپٽ ۽ ٻوليءَ جي حفاظت ڪرڻ اوهانجي فرض ۾ شامل ڪونهين جي سنڌيت جي دعويٰ ڪريو ٿا ته؟

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏22 جولائي 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڇا اصلي سنڌي اسڪرپٽ ۽ ٻوليءَ جي حفاظت ڪرڻ اوهانجي فرض ۾ شامل ڪونهين جي سنڌيت جي دعويٰ ڪريو ٿا ته؟
    ضدي نه بڻجو پنهنجي اصلاح ڪرڻ عيب نه پر بهادري آهي جو صبح جو غائب ٿيل شام جو گهر واپس وري ٿو ته اُن کي غائب يا اغوا ٿينڙ ڪونه سمجهبو. هڪ ڳاله ٿو ڪريان جو هاڻ سوال آهي سنڌ جو ! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو.
    [​IMG]
    انگريز سرڪار جو پنهنجي ئي سنڌ ۾ رکيل آفيسرن جي سمجه ، ڳالهائڻ۽ ڄاڻ لاءِ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان بڻائي ، سنڌي (عربڪ) اسڪرپٽ کي ڪيڏيءَ نه خوبصورتيءَ ۽ سائنسي اصولن تحت يعني (ٽرگناميٽري) ٽٻڪن جي هيٺان، مٿان ۽ وچ ۾ ترتيب ڏئي جوڙيو ويو هو جن کي ڪن اڻ فهم تعليم کان ناسمجه ۽ سفارشي بڻيادن تي شامل ٿيندڙ عاشقي ذهنيت رکندڙ ۽ نشو واپرائيندڙ ڪن(شاعرن لکيارن، اديبن، ۽ ڏاهن) ۽ ڪن واپاري پبلشرن، ڪن اڻ پڙهيل يا اٽو ڏئي پڙهندڙ سفارشي اخباري رپورٽرن ۽ ايڊيٽرن ڪيئن نه بيترتيب ڪري، سنڌي نصاب ۾ شامل ڪرائي ڏکي ۽ علاقائي سنڌي ڦهلائي سنڌي ٻوليءَ جي فروغ ۾ رُڪاوٽون وڌيون آهن ، جو هاڻ ته ڌاريون ته ٺهيو پري ٿيو، پر سنڌي ماڻهونءَ کي پاڻ به پنهنجي ٻولي سمجهڻ لاءِ سنڌي ڊڪشنري ءَ ڏسي سمجهڻون پوي ٿو ۽ مطلب جي معنيٰ ڪڍڻي پوي ٿي. اهو ڪنهن ڪيو؟ ۽ ڇو ڪيو؟ ۽ ڇو پيو ڪيو وڃي؟ ، اهو سوچڻو ۽ ڳولڻو آهي ۽ ٻولي ۽ اسڪرپٽ بچائڻو آهي. سنڌي اسڪرپٽ ۽ آسان ۽ هر ايري غيري جي سمجهڻ لاءِ ٻولي ڦهلاءُ ڪري بچائڻو به آهي ۽ اهڙن درٻاري ۽ نشائي لکيارين کي به اپيل آهي ته خدارا هاڻ پنهنجو (نئون ايڊيشن) صحيح ۽ اصلي سنڌي ٻولي ڪتب آڻي (ري ايڊٽ ڪري) پرنٽ ڪرايو ۽ چند ٽڪن ۽ مُفت مشوهوريءَ حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙن ڪتابن جي نمائش ڪري رائيٽر بڻجڻ جي بجاءِ (سنڌي اسڪرپٽ ۽ ٻوليءَ سان) ويسا گهاتيون ڪرڻ کان بچو. نه ته سنڌ جي تواريخ توهان کي ٻولي دشمن تصور ڪندي ته فيصلو ڪري وٺو ۽ براءِ مهرباني ڪتاب لکڻ ۽ شاعري ڪرڻ يا پڙهن وقت نشن جي ويجهو بلڪل نه وڃو متان مقصد ۽ سنڌيت کان ٿڙي نه وڃو ۽ لفظن ۽ اکرن جي هير ڦير نه ڪري۽ سنڌ جو استحصال نه ڪري ويهو پنهجو ٽيڪسٽ علاقائي نه پر ڪامن ڪري لکڻ جي ڪوشش ڪريو.
     
  2. شاه محمد سڌايو

    شاه محمد سڌايو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 اپريل 2016
    تحريرون:
    85
    ورتل پسنديدگيون:
    100
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    سائين اوهانجو ليک ان حد تائين تہ سمجھ ۾ اچي ويو تہ اصل آئيويٽا جي بنيادي تختي کي محفوظ رکڻ گهرجي اسان بلڪل متفق آهيون تہ جنهن محنت سان ۽ سائنسي ،ٽرگنامينٽري ۽ اچارڻ جي لحاظ کان هيءَ لَپي تيار ڪئي ويئي هئي .ان کي هروڀرو نئين ترتيب ۾ بدلائڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي.ائين ڪرڻ مناسب نہ هو ڇوتہ تبديلي جو عمل شروع ٿيڻ کان پوءِ بيهندو ناهي . جيڪڏهن ڪو جواز آهي تہ ماهر ان جي ڄاڻ عام ڪرڻ لاءِ ڪي اپاءَ وٺن . پنهنجي قابليت ظاهر ڪرڻ لاءِ بي جواز ردو بدل ڪرڻ واقعي ويسا گهاتي برابر آهي . پر ايتري ۾ خير جو ڦير گهير کان پوءِ بہ لپي کي نہ ڇيڙيو اٿن .ورنہ اسان جا اصلي پراڻا اُچارميسارجي وڃن ها .( مون ناچيز جو رايو آهي ، باقي ٻولي جي مهارت لاءِ گهڻو ٿو گهرجي )
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو