سنڌي لکت ۾ ’ھ‘ جو استعمال (مسئلا ۽ موجود حل)

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 سيپٽمبر 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    (نوٽ: ھيءُ ليک ۽ ان ۾ تقابلي جائزي خاطر استعمال ڪيل ڪاوش اخبار ۽ امر فياض واري فيسبڪي لکت جا ٽڪرا ڪتب آڻڻ جو مقصد ڪنھن کي ڏوھي يا نيچ ثابت ڪرڻ، ھرگز ناھي پر مسئلي جي نزاڪت کي مثالن سان سمجهائڻ خاطر انھن کي ڪتب آندو اٿم، ليک کي آخر تائين پڙھي سنجيدگيءَ سان غور ڪري مسئلي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندؤ تہ ڀال ڀائيندس.)

    سنڌي لکت ۾ ’ھ‘ جو استعمال (مسئلا ۽ موجود حل)

    شبير ڪنڀار

    سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ھ‘ جي استعمال وارو مسئلو لڳاتار ھلندو اچي، جنھن جو بنيادي سبب وسرڳي ’ھ‘ سان لاڳاپيل آھي، جنھن جي ڪري سنڌي لکت ۾ گهڻي قدر مونجهارا ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ اسان انھن کي اھڙو نظر انداز ڪري ھضم ڪري ويا آھيون، جھڙوڪر اھو ڪو اھميت جوڳو مسئلو ئي نہ ھجي، توڙي جو اڄڪلھ سنڌي ٻولي پرنٽ ميڊيا کان وڌيڪ انٽرنيٽ وسيلي سوشل ميڊيا (فيسبڪ، ٽئٽر، بلاگز وغيرہ) تان پڙھي ۽ لکجي رھي آھي. اھو بہ نہ وسارڻ گهرجي تہ سوشل ميڊيا جي وڌ ۾ وڌ استعمال ۾ فيسبڪ مڙني کان مٿاھون آھي ۽ اھو بہ ياد رھي تہ فيسبڪ تي وري تمام سنجيدہ موضوعن تي بحث مباحثن، کان ويندي تمام پتڪڙين ڳالھين تي بہ اسان جا فيسبڪي دانشور ھڪ ٻئي کي ڪَچا ڦڪا توڙي گٿا لفظ ڳالھائڻ کان بہ نہ مڙندا آھن. پر ھن طرف سندن ڌيان نہ ڌرڻ ۽ ان ڏس ۾ ڪيل، پوسٽن تي جوڳي موٽ نہ ڏيڻ سڏ نہ ورنائڻ جي مترادف آھي، جنھن مان اجتماعي طور اسان جي، ٻوليءَ طرف لاڙي واري سنجيدگيءَ کي بخوبيءَ پرکي سگهجي ٿو. ھھڙي حالت ۾ بہ ضروري آھي تہ مسئلن تي غور ڪجي ۽ انھن جا حل ڳولجن.

    شاھ سائين فرمايو تہ ”ووءِ ووءِ ڪندي وتُ، متان ووءِ وسارئين“

    سو اچو تہ ھ جو استعمال ڏسون ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون تہ اصل مسئلو ڪٿي ۽ ڪھڙو آھي. ھيٺ معروف اخبار ’ڪاوش‘ ۾ ڇپيل سسئي پليجي جي ڪالم جون فقط 5 سٽون آھن انھن ۾ چٽا ڪيل اکر غور سان ڏسو، جن ۾ ’ھ‘ جو استعمال درست نہ آھي، انھن جو تعدا 14 آھي، جڏھن تہ پنجن ئي سٽن ۾ ’ھ‘ جملي 34 ڀيرا استعمال ٿي آھي. اوھان پاڻ اندازو ڪريو تہ ايتري تعداد ۾ لکت جو مونجهارو ڪھڙيءَ طرح درست چئي سگهجي ٿو؟

    [​IMG]

    ھي وري ٻي پوسٽ ڏسو فيسبڪ تي امر فياض ٻرڙو ليک لکي ٿو، جنھن ۾ جملي 21 ڀيرا ’ھ‘ اکر استعمال ھيٺ آيو آھي ۽ 9 ڀيرا ان جو استعمال درست ڪيل ناھي.

    [​IMG]
    ھاڻ وري يونيڪوڊ ۾ موجود ’ھ‘ جي شڪلين جي چارٽ کي غور سان ڏسو، ان ۾ موجود ڪوڊ نمبرن اکر جي سالم، شروعاتي، وچين ۽ آخري/پڇڙ وارين شڪلين ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ انھن سان ٺھندڙ يا استعماليل لفظن تي بہ غور ڪريو.
    [​IMG]

    ھي استعمال ڏسو جنھن موجب اسان سنڌي ٻوليءَ کي درست لکي سگهون ٿا:

    [​IMG]
    پڌرو ھجي تہ ڪمپيوٽنگ ڊوائسز تي ڪنھن بہ ٻوليءَ ۾ لکڻ ۽ لکيل اکرن کي پڙھڻ لاءِ دنيا جي ٻولين جي اکرن کي ڪوڊ ڏيندڙ بين الاقوامي ادارو ’يونيڪوڊ‘ ذميوار آھي ۽ سڀئي ٻوليون پنھنجي ڊجيٽل لکتن ۾ ان اداري طرفان جاري ڪيل ڪوڊن نمبرن جي استعمال جون ھڪ جھڙيون پابند آھن. اھو ادارو سن 2000ع ۾ وجود ۾ آيو ۽ ھن وقت يونيڪوڊ جو ورين 9.0 عمل ھيٺ آھي جيڪو ھن ئي سال جون 2016ع ۾ جاري ٿيو آھي. ھن ۾ 135 تاريخي اسڪرپٽس جا جملي 128000 اکر شامل آھن، يونيڪوڊ اکرن جي ڪوڊنگ ۾ UTF-8 ۽ UTF-16 توڙي UCS-2 ڪتب آڻي رھيو آھي. خوشقسمتيءَ سان اسان جي سنڌي اکرن کي يونيڪوڊ جي سرشتي ۾ جاءِ ملي، ڇاڪاڻ تہ اسان عربي اسڪرپٽ جي آڌار پنھنجي ٻولي لکندا آھيون. بدقسمتيءَ سان اسان جي اکري گهرجن جو پورائو ان طرح نہ ٿيو جنھن طرح گهربل ھو، جنھن جو وڏو سبب يونيڪوڊ ۾ اسان جي نمائندگي نہ ھجڻ آھي، اھي بہ لک احسان اسان تي سينٽر فار لئنگئيج انجينئرڱ واري سربراھ ڊاڪٽر سرمد حسين ۽ مائڪروسافٽ جي ٻولين واري شعبي جي سربراھ پال نيلسن جا جن اسان جي ٻوليءَ جي گهرجن جي پورائي واري ڪم کي يونيڪوڊ جي اداري اڳيان آندو. پر جيڪر اتي ڪنھن سنڌيءَ کي نمائندگي حاصل ھجي ھا تہ اڄ ھي روئڻو نہ روئون ھا. ھاڻ اسان (سائين ماجد ڀرڳڙي، مان ۽ فياض) ھن صورت ۾ فقط اھو ڪري سگهون ٿا تہ موجود ڪوڊنگ جي آڌار ڪو حل ڪڍون. جنھن تحت سنڌي ٻولي درست طريقي سان لکجي سگهي ۽ اھو ئي اسان ڪندا آيا آھيون. ھاڻ جيڪڏھن موجود ڪوڊنگ ۾ اسان کي گهربل ’ھ‘ جون سڀئي شڪليون موجود آھن تہ پوءِ لکت ۾ مسئلو آخرڇا جو آھي؟ اھو آھي اھو سوال جنھن جي جواب کي سمجهڻو آھي. ’ھ‘ جي لکت ۾ مونجهاري جا سبب آھن لکت لاءِ ھڪ ئي وقت 3 ڪوڊ استعمال ۾ آڻڻ، مٿي ڏسي آيا آھيو تہ عام يا دوچشمي ھ 06be اسان جي لکت لاءِ موزون آھي، ڇاڪاڻ تہ اھا وسرڳي اکرن (جهہ، گهہ، لهہ، نهہ، مهہ، وغيرہ) کي ڇڏي باقي سڀني اکرن ۾ ڪتب اچي ٿي، جڏھن تہ عربي/وسرڳي ھ 0647 اسان کي فقط وسرڳي اکرن (جهہ، گهہ، لهہ، نهہ، مهہ، وغيرہ) لاءِ ڪتب آڻڻي آھي، جنھن جي وچ واري شڪل تمام گهڻي ڪتب اچي ٿي جڏھن تہ آخري شڪل ”ھميشه ۽ الله“ وغيرہ لاءِ ڪتب ايندي ۽ گول ’ھ‘ 06c1 وري اسان کي فقط اکرن جي پڇڙ ٺاھڻ لاءِ ڪم آڻڻي آھي جيئن بہ، ٻہ، پہ، نہ، تہ وغيرہ ھاڻ جڏھن اسان ڄاڻو ٿا تہ انھي جو درست استعمال ڪھڙن اکرن ۾ آھي تہ پوءِ انھي کي ٽائيپ ڪرڻ ۾ مونجهارا آخر ڇو ٿا اچن؟ انھي جو سبب آھي، اسان جي سنڌي فونٽن جي ڪوڊنگ ۽ شڪلين ڪيل ۾ غير واجبي تبديليون، ڇاڪاڻ تہ ستار فونٽ کي ڇڏي باقي ٻين ۾ ھ 06be واريءَ جو وجود ئي ڪونھي ۽ ٽنھي ڪوڊن تي فقط 0647 واري ’ھ‘ رکيل آھي ۽ ان جي آخري/پڇڙ واري شڪل وري ’ھ‘ 06c1 واري رکيل آھي، سندس آخري شڪل وري ’ھ‘ 06c1 جي لاءِ رکيل آھي. ڄاڻڻ گهرجي تہ ڪيبورڊ ھميشه اکرن کي فونٽ تحت ڪال ڪندو آھي ۽ جڏھن ڪو اکر فونٽ ۾ موجود نہ ھوندو آھي تڏھن ان فونٽ کي ڇڏي سسٽم فونٽ ۾ وڃي گهربل اکر کي ڳولي ھٿ ڪندو آھي. سو اسان جو ونڊوز وارو ڪيبورڊ ھن وقت انھي ڪوڊنگ آڌار جڙيل آھي انڪري انھي سان موجود فونٽن ۾ ’ھ‘ کي پنھنجي گهربل شڪلين ۾ ڳولي لکڻ عام ڪمپوزر لاءِ ڏکيو ضرور آھي البت ناممڪن ڪونھي. مان فونٽس جي اپڊيٽ تي ڪم ڪري رھيو آھيان ۽ پھرئين مرحلي ۾ مان ڀٽائي ستار سميت سائين ماجد جي ويب تي پيل فونٽس جي ڪوڊنگ درست ڪندس ۽ ٻئي مرحلي ۾ ايم بي سنڌي ڪيبورڊ جي اپڊيٽ جاري ڪري انھن مسئلي کي ڪيبورڊ جي بٽڻن جي سٽاءَ ۾ تبديلي آڻي درست ڪرڻ جي رٿا رکان ٿو. تيسيتائين ھيٺين صلاحن تي عمل ڪري ’ھ’ جي درست شڪل ٽائيپ ڪري سگهجي ٿي.

    ونڊوز سسٽم لاءِ حل:
    ڪوشش ڪري ٽيڪسٽ لاءِ ڀٽائي ستار فونٽ استعمال ڪجي ۽ ان ۾ ٽائيپنگ لاءِ ڪيز ھيٺيئن ريت ڪتب آڻجن:
    • عام ’ھ‘ سان لکجي.
    • جهہ شفٽ J ۽ گهہ شفٽ G سان لکجي.
    • آن لائن فيسبڪ وغيرہ تي لکڻ لاءِ ساڳيون ڪيز ڪتب آڻجن فقط تہ، بہ، نہ، ٻہ وغيرہ لاءِ Alt+h ڪتب آڻجي.
    ائنڊرائڊ ڊوائسز لاءِ حل:
    ائنڊرائڊ سمارٽ ڊوائسز تي ملٽيلنگ او ڪيبورڊ ۾ مون ’ھ‘ جي استعمال لاءِ مناسب ڪيز جو استعمال ڪيو آھي فقط انھن کي سمجهي استعمال ڪرڻ سان ھي مسئلو تمام سولائيءَ سان حل ڪري سگهجي ٿو. ھن ۾ سڀني جاين تي عام ھ استعمال ڪجي ۽ تہ، بہ، نہ، ٻہ وغيرہ لاءِ ب ۽ ن جي وچ ۾ موجود ’ھ‘ جو استعمال ڪجي ۽ جهہ توڙي گهہ جي لاءِ لانگ پريس ب ۽ ن جي وچ واري ’ھ’ استعمال ڪجي.
    [​IMG]
    اچو تہ پنھنجي مٺڙي ٻولي لکڻ وقت ذميواريءَ جو مظاھرو ڪريون ٿوري بٽڻن جي تڪليف سھي، ٻوليءَ کي سندس گهرجن پٽاندر لکي پنھنجو حق ادا ڪريون. ”سنڌي ٻولي، منھنجي ٻولي“
     
    اعجاز علي ڀٽي ۽ عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شبير ڪنڀار جو هي ليک پڙهي اهو چوندس ته سچ اهو آهي ته پاڻ ان طرف ڪڏهن ڌيان ئي نه ڏنو هو. اسان لاءِ رڍون مڙئي ٻوٿ ڪاريون .... اسان هر جاءِ تي عام ه جيڪا H تي اچي ٿي اها استعمال ڪندا هئاسين. سچ اهو به آهي ته اسان هٿ جي لکت ۾ به ڪڏهن اهو خيال نه ڪيو. ڇو ته استادن ڪڏهن سمجهايو ئي نه ... يا شايد استادن کي پاڻ کي به اها خبر ڪونه هئي.
    هاڻي حاصل مطلب اهو ٿيو ته يونيڪوڊ جي سيٽنگ درست آهي، ڪيبورڊ ۽ فونٽ درست ٿيندا يا انهن ۾ ترميم ٿيندي. ساڻ ايم بي سنڌي ڪيبورڊ لي آئوٽ به تبديل ٿيندو. اسان جهڙن سيکڙاٽ لکندڙن کي به خيال رکي درست ه استعمال ڪرڻي پوندي.

    دير سان ئي سهي پر صحيح رخ ۾ هلون ٿا، اها سٺي ڳالهه آهي ... رهنمائي ڪرڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ ڀاءُ شبير جون مهربانيون.
     
    اعجاز علي ڀٽي ۽ عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    مسئلا ته آهن پر جيڪو ”اُم ال المراض“ آهي سو اهو ته هي ڪمائتيون صلاحون ادارن کان ڪيئن منظور ٿين ۽ ان تي سڀ ذميداريءَ سان عمل ڪن.
     
    اعجاز علي ڀٽي هيء پسند ڪيو آهي.
  4. اعجاز علي ڀٽي

    اعجاز علي ڀٽي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 اپريل 2013
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    363
    ڌنڌو:
    گورنمنٽ جاب، پوليس ڊپارٽمنٽ
    ماڳ:
    گولاڙچي ضلع بدين
    ونڊوز سسٽم لاءِ حل:
    ڪوشش ڪري ٽيڪسٽ لاءِ ڀٽائي ستار فونٽ استعمال ڪجي ۽ ان ۾ ٽائيپنگ لاءِ ڪيز ھيٺيئن ريت ڪتب آڻجن:
    • عام ’ھ‘ سان لکجي.
    • جهہ شفٽ J ۽ گهہ شفٽ G سان لکجي.
    • آن لائن فيسبڪ وغيرہ تي لکڻ لاءِ ساڳيون ڪيز ڪتب آڻجن فقط تہ، بہ، نہ، ٻہ وغيرہ لاءِ Alt+h ڪتب آڻجي.
    ــ ــ ــ ادا اڄ کان پوءِ ہ جو استعمال توھان جي مٿي ذڪر ڪيل ھدايتن موجب درست طريقي سان ڪنداسين ــ ــ ــ
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مهرباني

    اسان سڀني جي ڪوشش هجي تہ ه جو درست استعمال ڪيون
     
    اعجاز علي ڀٽي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو