عشق مصطفيٰ صلي الله عليه وآلهٖ وسلم

'مذهب' فورم ۾ احمد محمدي طرفان آندل موضوعَ ‏5 نومبر 2017۔

  1. احمد محمدي

    احمد محمدي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آڪٽوبر 2017
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    اتر سنڌ
    ((عشق مصطفيٰ صلي الله عليه وآلهٖ وسلم ))
    مفھوم حديث: حضرت انس بن مالڪ کان رويت آھي ته ھڪ شخص دربار مصطفيٰ صلي الله عليه وآلهٖ وسلم ۾ آيو اچي عرض ڪيائين ته يا رسول الله صلي الله عليه وآلهٖ وسلم قيامت ڪڏھن ايندي پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جن ان شخص کي فرمايو ته افسوس اوھان ان قيامت لاءَ ڪھڙي تياري ڪئي آھي ان شخص عرض ڪيو ته يا رسول الله صلي الله عليه وآلهٖ وسلم مان ته ان لاءَ ڪا تياري ناھي ڪئي مگر مان الله ۽ ان جي رسول سان محبت رکان ٿو پوءَ اسان جي آقا صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايس ته تون قيامت جي ڏينھن انھن سان گڏ ھوندين جن سان تون محبت ڪرين ٿو
    حضرت انس رضي الله عنه فرمائي ٿو ته ان ڏينھن اسان ايترو ته خوش ٿياسي جو اسلام آڻڻ کان پوءَ ايترو خوش ڪڏھن به نه ٿيا ھياسي
    (صحيح بخاري)
    عجيب واقعو: ھڪ يھوديءَ پنھنجي پٽ کي سودو خريد ڪرڻ لاءَ موڪليو جڏھن ان يھوديءَ جو پٽ سودو وٺڻ لاء وڃي رھيو ھو تهِ ته رستي ۾ ھن جي نظر نبين جي سردار اڙين جي آڌار يتيمن جي يار محبوب محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جي رخ انور تي پئي ۽ محبوبن ڪريمن به ھن ڏانھن نھاريو سندن جي نظر به ان خوش نصيب ڇوڪري تي پئي بس ڏسڻ سان ئي ھو پنھنجي دل فرائي اتي ئي ويھي رھيو تان جو دير ٿيندي وئي ھوڏانھن يھودي اچي پريشان ٿيو ڪڏھن پريشانيءَ مجھان گهر کان ٻاھر ٿي آيو ڪڏھن اندر ھن کي مطلب ته ھن کي پريشاني وڪوڙي وئي سوچيندو رھيو ته ڇوڪرو ڪيڏانھن ويو؟
    ھوڏانھن سج به لھي ويو مغرب جي نماز به ٿي وئي جڏھن ان يھوديءَ جو پٽ واپس گهر پھتو پيءُ پڇيس ته اڙي نادان ھيتري دير ڇو لاتئي پوءَ ته پيءُ غصي مجھان پٽ کي ڪافي ڪجھ ڳالھايو ۽ چيو ته مون توکي سودو خريد ڪرڻ لاءَ موڪليو ھيو، ۽ تاڪيد ڪيو ھيم ته جلدي سودو وٺي واپس گهر اچ تون ھيتري ديرڇو لاتي؟ ۽تنھنجا ھٿ به وري خالي آھن؟ سودو ڪيڏانھن ويو؟ ٻڌاءِ سودو ڪٿي آھي؟
    پٽ جواب ڏنس ته بابا مان سودو خريد ڪري چڪو آھيان.
    پيءُ ويتر غصي ۾ اچي ويو ۽ چوڻ لڳس ته ڇا تون پاڳل ته نه ٿي ويو آھين! سودو ته تنھنجي ھٿن ۾ ڪونھي ۽ چوين ٿو ٿو مون سودو خريد ڪري چڪو آھيان اھو ڪھڙو سودو آھي جيڪو تون خريد ڪري چڪو آھين؟.
    پٽ جواب ڏنس ته بابا يقين ڪر مان سودو خريد ڪري چڪو آھيان.
    پيءُ چيس پوءِ ڪٿي آھي اھو سودو جيڪو تو خريد ڪيو آھي مونکي ڏيکار؟
    پٽ وراڻيس ته ڪاش جيڪڏھن تووٽ به اھڙيو اکيون ڏسڻ لاءِ ھجن ھا ته مان توکي ڏيکاريان ھا ته منھنجو سودو ڇاھي؟ منھنجا بابا مان توکي ڇا ٻڌايان ته مان ڇا خريد ڪري آيو آھيان. پيءُ غصي ۾ چيس ته بس ھاڻي ڇڏ ان ڳالھ کي ڊگهو نه ڪر. .
    پوءِ ته اھو چوڪرو روزانو حضور پُرُ نور صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جن جي ڪچھري مبارڪ ۾ ايندو ھيو ۽ اچي ويھندو ھيو.
    ان يھوديءَ کي ھيو به اھو اڪيلو پٽ ان جي ڪري پيارو به تمام گھڻو ھيس ان کي روڪي به ڪون ٿي سگهيائين ۽ ھو خدمت اقدس ۾ ويندو رھيو ھيءُ سلسلو جاري رھيو ڪجھ ڏينھن گذرڻ کان پوءِ ان ڇوڪري جي طبيعت اچانڪ خراب ٿي پئي ۽ ھو بيمار ٿي پيو ۽ ڪافي ڏينھن بيمار رھڻ جي ڪري جسم ڪمزور ٿي ويس تانجو ھو عاشق اٿڻ ويڻ کان به لاچار ٿي ويو ۽ مرڻ جي قريب ٿي ويو ھاڻي ته ھو ديدار يار لاءَ وڃي به ڪونه پئي سگهيو پر رڳو آروزو اھا ھيس ته پنھنجي محبوب کي پسان پوءِ ڀلي موت اچي
    اھو سڀ ڪجھ ڏسي يھودي ڏاڍو غمگين ۽ پريشان ٿي ويو آخر ڪار ڀڄي اچي حضور پاڪ صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جي خدمت اقدس ۾ پھتو عرض ڪيائين ته يا رسول الله اوھان مونکي ته سڃاڻو ٿا يھودي آھيان ۽منھنجو ڪوئي اتفاق اوھان سان ڪونھي پر عرض ھيءُ آھي ته منھجو پٽ اوھان کي دل ڏئي ويٺو آھي اوھان جي ديدار کان سواءِ سرندي به ڪونه ھيس ھر روز اوھاننجي ڪچھريءَ ۾ ايندو ھيو ھاڻي ڏاڍو بيمار آھي ڪمزور ھجڻ جي ڪري ھلي به ڪون ٿو سگھي ۽ انقريب مرڻ جي نزديڪ آھي ، رات ڏينھن رڳو اوھان جون پچاوارون اٿس ۽ رڳو اوھان کي ساري ٿو جيڪڏھن اوھان پنھنجي ھن مخالف جي گھر چند وکو کڻي ھلڻ جي عنايت فرمايو ته اوھان جو عآشق اوھان جو ديوانو اوھان جي ھڪ جھلڪ ڏسڻ لاءِ سڪايل اوھان کي ڏسي ۽ ان بيمار جي تمنا پوري ٿئي، يارسول الله صلي الله عليه وآلهٖ وسلم ھي اسان جو عرض قبول پوي ته ھڪ عاشق مرڻ کان پھريان پنھنجي محبوب جو ديدار ڪرڻ جي تمنا پوري ڪري ڇو ته ھو ڪنھن ٻيءَ شيءَ جي آرزو ئي ڪون ٿو ڪري سواءِ اوھان جي ديدارجي.
    پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن ايئن نه ٻڌايو ته آءُ ھلندس يانه ھلندس بس رڳو ايئن فرمايائون ته اي بوبڪرر (ضہ) ھلو اي عمر (رضہ) تون به اي (بلال رضہ )عثمان( رضہ) اي علي رضي سڀئي اچو ته ھلون ۽ جيڪي ٻيا اصحابي سڳورا محفل ۾ ويٺل ھيا اھي به سڀ ھلڻ لاءِ تيار ٿي ويا ۽ ان عاشق جو ديدار ڪرڻ لاءِ محبوبن ڪريمن سان گڏ ان يھو ديءَ جي گهر ڏانھن روانه ٿيا
    جڏھن يھوديءَ جي گهر اسان جا محبوب تشريف وٺي آيا آھن،
    (واھ ڇوڪرا تنھنجا ڀاڳ)
    سبحان الله منظر به ڪجھ عجيب آھي ان بيمار ڇوڪري جو اکيون بند آھن پنھنجي زندگيءَ جي آخري جگ لڙي رھيو آھي اسان جان محبوب نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن ڪيڏا نه ته شفيق ۽ ۽ مھربان آھن.
    الله الله، جڏھن ان مرڻ کي نزديڪ سڪرات ۾ ستل ان يھودي جي پٽ عاشق رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي پيشاني تي دست اقدس نبين جي امام شافعي جھان صاحب القرآن مسڪينن تي مھربان آقائي دو جھان صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جن جو آيو آ ته ان بيمار جيڪو زندگيءَ جي جنگ ھارائي ويٺو ھو ھاڻي اکيون کلي ويس نظر جو فيري ڏٺائين ته سبحان الله منھنجي سامھون منھنجي آقا جو وضحٰي وارو چھرو آھي ۽ منھنجو آقا مون وٽ مون وٽ تشريف فرما آھي ته ھُن بيمار جا سڀ مرض لھي ويا ڄڻ ته پوري جسم ۾ وري نئون ساھ فوڪجي آيس چڱو ڀلو ٿي ويو ۽ ان جو چھرو مشقندڙ ٿي لڳو
    محبوبن ڪريمن صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جن فرمايس ته ڪلمه پڙھ ھو ته اڳ۾ ئي عاشق ھيو پر پوءِ به پنھنھنجي ان يھودي پيءُ ڏانھن نھاري ڏٺائين ته ان جو حال ڪھڙو آھي . ان يھوديءَ چيس ته منھنجي منھن ڏي نه ڏس ڪلمه پڙھ جيئن (محمد صلي الله عليه وآلهٖ وسلم بن عبدالله رضي الله عنه) توکي فرمائن ايئن ئي ڪر ان ڇوڪري جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا عرض ڪيائين ته يا رسول الله صلي الله عليه وآلهٖ وسلم موٽ ته ڪو عمل ڪونھي ۽ منھنجو آخري ٽائيم اچي چڪو آھي
    پا ڪريم صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جن فريايس ته تو ڪلمو پڙھ تون منھنجو ٿيءُ ۽ جنت به منھنجي آھي جنت ۾ وٺي وڃڻ مون مصطفيٰ ڪريم صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جو ڪم آھي ڇوڪري جڏھن ڪلمو پڙھيو ھن جي زبان تي جڏھن لااله الالله محمد رسول الله جا لفظ آيا ته سندس ساھ پرواز ٿي ويو ڪلمي شريف جو نور جسم ۾ داخل ٿي ويس ھاڻي اکيون بند ٿي ويون ۽ لب خاموش ٿي ويا
    ان ڇوڪري جي والد ان يھوديءَ عرض ڪيو اي (محمد) صلي الله عليه وآلهٖ وسلم توھان ۽ منھنجي وچ ۾ اختلاف آھن مگر ھي منھنجو پٽ ڪلمو پڙھي مسلمان ٿيو آھي ۽ ھيءُ ھاڻي منھنجو ناھي اوھان جو ٿي چڪو آھي
    ھاڻي ھيءُُ جنازو اسلام جي مقدس امانت آھي ھن جو جنازو ھاڻي اوھان پنھنجي شاندار طريقي سان کڻايو ان ۾ ئي ھن جي عزت آھي
    پوءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جن فرمايو اي صديق اڪبر(رضہ) اچو ھن منھنجي عاشق جو جنازو کڻو عمر (رضہ)تون به اچ عثمان(رضہ) بلال( رضہ) اڳتي سري آ اي علي (رضہ) سڀ ڪلھا ڏيوس سڀ صحابي سڳورا آيا جنازي کي حڪم جي تعميل مطابق کڻي ھليا، جڏھن ان يھوديءَ جي گهر کان ٻاھر آيا ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمائيندا ٿي ھليا ته شڪر آھي ان الله جي ذات جو جنھن منھنجي صدقي ھن جنازي واري کي بخشي چڏيو آھي (ياالله اسان کي به رسول الله صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جي صدقي بخش امين) سبحان الله ڇاته مقام ھو ان عاشق جو جنھن جا ڪلھي ڏيڻ وارا محبوبن جا اصحابي ھجن ۽ اڳيا ھلڻ وارا پاڻ مصطفيٰ ڪريم صلي الله عليه وآلهٖ وسلم ھجن ۽ ان جي بخشش لاءِ زبان مصطفيٰ صلي الله عليه وآلهٖ وسلم مان دعا به جاري ھجي سبحان الله
    ان ڇوڪري جي ميت کي غسل ڏنو ويو ڪفن ڍڪآيو ويو قبر تيار ٿي وئي آ
    حضور صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جن قبر جي اندر تشريف فرما ٿيا آھن ۽ ڪافي دير قبر جي اندر بيٺا رھيا پوءِ پاڻ ان عاشق جي جنازي کي قبر ۾ لاٿائون اصحابن سڳورن بيٺي ڏٺو پئي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن ان قبر جي اندر پير مبارڪن جي (پٻن) يعني آڱرين وري حصي تي ھلن پيا ۽ پورو پير مبارڪ قبر جي اندر ڪون ٿي رکيائون ڪافي دير کان پوءِ جڏھن قبر مان ٻاھر آيا ته سندن جي وجود مبارڪ تي ڪجھ ٿڪاوٽ محسوس پئي ٿي اصحابن سڳورن عرض ڪيو ته يا رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم ڇا ماجرا ھئي اوھان قبر جي اندر پنھنجو پورو پير مبارڪ ڪون پيا رکو ۽ رڳو پيرن جي آڱرين تي پيا ھلو؟ اسان جي ڪريم آقا صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جن فرمايو ته ان قبر جي اندر الله تعاليٰ جا ايترا ته ملائڪ آيا ھيا جو اسان کي پير رکڻ جي به جڳھ نه پئي ملي ۽ مون نه پئي چاھيو ته ڪنھن ملائڪ جي پير جي مٿان پنھنجو پير اچي وري اصحابن سڳورن عرض ڪيو ته يا رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم اوھان قبر جي اندر پاڻ تشريف لائي ويا ؟اھو ڪم اسان غلامن جي حوالي ڪيو ھا ته اسان اھو سر انجام ڏيو ھا.
    (پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جن ڪيڏو ته خوبصورت جواب ڏنو)
    فرمايائون ته مان ان ڇوڪري کي چيو ھو ته تنھنجي قبر کي جنت بڻائيدس آءُ ان جي قبر کي ان لاءَ جنت بڻائڻ ويو ھوس. اصحابن سڳورن عرض ڪيو ته يارسول الله صلي الله عليه وآله وسلم اوھان تي ڪجھ ٿڪاوٽ محسوس پئي ٿي ان جو سبب ڪھڙو آھي.
    پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته ھن عاشق جي ديدار لاءِ ان جي قبر ۾ الله تعاليٰ جا ملائڪ ۽ حورون ايترا ته اچن پيا جو انھن جا پاسا اسان جي جسم سان ملندا وڃن پيا ان لاءِ ٿڪاوٽ محسوس پئي ٿئي. سبحان الله
    ********* ***************************
    (1) سنن ابو داود : جلد -- 3 صفه نمبر : (185) حديث نمبر (3095)
    (2) مسند احمد بن حنبل : جلد -- 3 صفه نمبر (175) حديث نمبر( 12815)
    حافظ ابن قصير : في تفسير ابن قصير
    ***************************************
    فائدو: دوستو مٿين حديث مبارڪن مان اھا ڳالھ بلڪل چٽيءَ طرح واضع ٿي وئي ته ان ڇوڪري کي ڪو به اھڙو عمل ڪونه ھيو سواءِ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي محبت کان ان کي الله تعاليٰ بخشي ڇڏيو حورون ملائڪ ان جي زيارت لاءَ اچن پيا ۽ ظاھر ۾ ته اڃا ھن ھڪ سجدو به ڪون ه ڏنو ھيو. ان مان صاف ظاھر آھي ته جنت ۾ وٺي وڃڻ لاءِ محبت رسول الله جو ھجڻ لازمي آھي .
    ان موقعي جي مناسبت سان ھيءَ ڳالھ به ذھن تي ڇائنجي آئي آھي اھابه اوھان سڄڻن جي سامھون آڻڻ ضروري سمجھيم
    ابلييس ملائڪ نه پر جن ھيو عبادت ايتري ڪيائين جو وڃي ملائڪن جو استاد بڻيو جڏھن الله تعاليٰ حضرت آدم عليه السلام کي مٽيءَ مان بڻائي تيار ڪيو ۽ ان جي پيشانيءَ مبارڪ ۾ نور مصطفيٰ صلي الله عليه وآلهٖ وسلم رکيائين پوءِ ملائڪن کي حڪم ڪيائين ته ھن آدم کي سجدو ڪريو (اھو سجدو عبادت جو نه ھيو پر تعظيم جو سجدو ھيو) سڀ ملائڪ سجدي ۾ ڪري پيا ابليس انڪار ڪيو ۽ تڪبر ڪيائين آدم کي تعظيم جو سجدي ڪرڻ کان انڪار ڪيائين (حقيقت ۾ اھو سجدو آدم لاءِ نه پر تعظيم مصطفيٰ لاءِ ھيو)
    بس پوءِ ته ديرئي ڪانه ٿيس الله تعاليٰ ڏمرجي پيس ڪنھن عبادت ھڪ تر جيترو به فائدو ڪون ڏنس ڇو ته ان عبادت ۾ تعظيم مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم ھئي ئي ڪون ، عبادتون الله تعاليٰ وٽ قبول ئي نه پيس رب فرمايس ته ابليس تون منھنجو پوڄاري آھين اچ ته توکي انعام ڏيان پو لعنتن جو طوق پارائي ان کي تڙيو ويو ۽ ان جي مٿا قيامت تائين لعت وڌي وئي،
    ھيو ته وڏو عابد ھزارين سال عبادت ڪئي ھئائين ۽ الله تعاليٰ کي به مڃڻ وارو ھيو ۽ الله تعاليٰ کي سجدي ڪرڻ کان انڪار به ڪڏھن ڪونه ڪيائين ۽ نه وري ھاڻي الله تعالي جي وحدانيت کان انڪاري آھي رڳو تعظيم مصطفي نه ڪيائين آدم کي سجدو نه ڪيائين پنھنجي عبادتن تي ناز ھيس سڀ عمل چٽ ٿي ويس ۽تڙجي شيطان بڻجي ويو
    الله تعاليٰ شال اسان سڀني مسلمانن کي شيطان جي شِرَ کان پناھ ۾ رکي آمين اسان کي عشق الله جل جلالہ عشق رسول صلي الله عليه وآلهٖ وسلم عطاڪري ۽ تعظيم مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم ڪرڻ جو توفيق عطا فرمائي اسان جو ھي لکڻ ۽ پڙھڻ پنھنجي بارگاه ۾ قبول فرماءِ آمين
    (سنڌي ترجمہ : احمد محمدي)
     
    Muhammad Rashid هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Muhammad Rashid

    Muhammad Rashid
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 ڊسمبر 2017
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    شاگرد ايم اي پاڪستان اسٽڊي
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي عبداللہ لغاري تعلقہ چمبڙ ضلعو ٽنڊوالھيار
    سبحان اللہ تمام بھترين تحرير ادا صفا ايمان تازو ڪري ڇڏيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو