غزل. مجيب سنڌي تنهنجو لهجو ماکيءَ جي لارن جيان آ تنهنجي گفتگو چنڊ تارن جيان آ تنهنجي پيار لاءِ آءُ سڪندو وتان منھنجي آھ ھر هڪ پڪارن جيان آ توکي ئي ڏسي پيو ڏسان يار هر دم تنهنجي سونهن سنڌوءَ ڪنارن جيان آ پري تو کان رهجي مگر ڪيئن رهجي بنان تنهنجي جيون ويچارن جيان آ جڏهن کان ڏٺو توکي آهي "مجيب" تڏهن کان ئي رهندو خمارن جيان آ