سگھڙ محمد شريف ڏاھري

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ مومن ڏاهري طرفان آندل موضوعَ ‏20 جنوري 2018۔

  1. مومن ڏاهري

    مومن ڏاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نوابشاھ،سنڌ
    نالو: محمد شريف

    تخلص: ڪوبه نه

    پيءُ جو نالو: سڄڻ

    ذات: ڏاهري

    عمر يا ڄمڻ جي تاريخ: 50 سال

    هنڌ: ڳوٺ تاج محمد ڏاهري

    ائڊريس: پوسٽ آفيس امان الله ڏاهري وايا شاهپور چاڪر

    تعليم: چار درجا سنڌي ڌنڌو: آبادگاري

    سگهڙپائيءَ جي خاص صنف ۽ ڇپيل مضمون يا ڪتابن جو تفصيل: ڪتاب سنڌي سينگار شاعري ۾ ڇپيل هڪ سينگار، آجيان، پهاڪو، هنر، ڏور، ڳجهارت وغيره کان سواءِ هرفن ڄاڻندڙ

    سينگار

    تڳيءَ ۾ تجلو ٿئي جي وڃن ڪهين واٽ
    جيئن راڊ ڪري رجنيءَ ۾ ڪو چاسينگر چمڪاٽ
    هيرا موتي مات ٿيا جهڪا جوهرن جا جرڪاٽ
    پٽ پشمون ميڻ ماڪون مسڪ ڇپيو منجهه ماٽ
    شهر شڪر گفتار سان ڇا مربا ڪن ملاٽ
    مورن مرگهن ڪنجل ڪبڪن نخرا ڇڏيا ناٽ
    صياد سنڪر سوجان سنيڪ ڳوليو ڏين ڳاٽ
    پسڻ ساڻ پرين جي موهي وڌا موهاٽ
    شمس قمر ”شريف“ چوي وڃين لڪا منجهه لڙاٽ
    عجيبن کان اڳواٽ، کڻي مڙني هٿ مٿي ڪيا
     
    رضوان علي جمالي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو