تو شام ملڻ جو واعدو ڪيو هو

'سنڌي ادب' فورم ۾ ayazjani طرفان آندل موضوعَ ‏4 جولائي 2010۔

  1. ayazjani

    ayazjani
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 مارچ 2010
    تحريرون:
    57
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi malir city
    ادبي کيتر ۾ الائي جي ڪهڙي وڇوڙي جو واءُ گهليو آهي جو چند سالن کان سنڌ جا نامور اديب شاعر ۽ محقق وڇڙندا پيا وڃن. تاجل بيوس، آصف مٺياڻوي، قمر شهباز ۽ ٻين جي وڇوڙي وارو گهاءُ اڃا ڀرجي ئي نه سگهيو آهي ته وري بي رحم موت سنڌ جو محقق اديب، شاعر، تجريدي نظمن جو تخليقڪار ملڪ نديم سنڌ جي ادبي آکاڙي مان اوچتو اڏامي ويو. ملڪ نديم جنهن ادبي کيتر ۾ نه رڳي شاعري تحقيقي ۽ فنون لطيفه تي پنهنجي زندگي ۾ لکيو پر هن ادبي صنفن کي نئين موڙ ۽ نئين ڍنگ سان تجريدي نظمن جي روپ ۾ نواڻ آندي. هن جون اهي سٽون:

    تو شام ملڻ جو واعدو ڪيو هو

    شام تائين ته مان پوڙهو ٿي ويندس

    ڪنهن جي اک جو ڳوڙهو ٿي ويندس

    ان شام جي انتظار ۾ سوچيندو ۽ جوش جذبي جواني جي ڏيک ۾ هينئن به چوندو رهيو ته:

    تيز رفتار شعور جا جملا آهن

    ڌرتي جي دشمن تي ٿي رهيا حملا آهن

    اهي دز ٿيندا رهيا آهن

    اهي دز ٿيندا رهيا آهن

    سنڌ سلامت رهندي آئي آهي

    ۽ سدائين!

    سنڌ جي سلامتي هن جو خواب هو، هن جي جيون ۾ هميشه ڌرتي جي آجپي جو سپنو سمايل هو ۽ هن جي ذهن ۾ ضمير ۾ جولان ۽ جذبو هميشه رهيو تڏهن ئي ته پنهنجي نظمن ۾ چوندو رهيو ته:

    اسان سڀ گڏجي اچون پيا اچون پيا

    اچون پيا ڪراچي اچون پيا اچون پيا

    سون واهه کان سمنڊ تائين گهر گهر گجگوڙ آهي

    جاڳ کان ابدي ننڊ تائين ڌاريا هاڻي اچڻ نه ڏبا

    مچ بڻجي اچئون پيا اچئون پيا.

    اها جدوجهد جي ذهانت ۽ شعور جي علامت ئي چئي سگهجي ٿي، جو هن جي شاعري ۾ جدوجهد جو عڪس سنڌو جو سڳنڌ ۽ پرين جي پچار هميشه رهي. ڪڏهن به پنهنجي ديس وطن جي ڌاريي سان سندس نه شام رهي نه صبح رهي اها شام جيڪڏهن ان لاءِ اداسي ۽ انتظار جو سبب بڻي ته اهو سندس پنهنجي وطن جي سڄڻن لاءِ رهي. ملڪ نديم هميشه پنهنجي شاعري ۾ مزاحمت فتح ۽ شڪستن، باغي ۽ ايمانداري جي جذبن کي پنهنجي شاعري ۾ پنهنجي قلم وسيلي نمايان ڪندو رهيو تڏهن ته سنڌو جي سپوتن کي ياد ڪندي شعور جا ڳوڙها ڳاڙهي پنهنجي نظم ۾ هينئن به چيائين ته بهادر ۽ بي باڪ به هئا.

    وطن جا ويڙها به هئا

    ارڏا ۽ انقلابي به هئا

    باغي ۽ بغاوتي به هئا

    ان واٽ جا وفادار به هئا

    شهادت جو مقام ڏيڻ واسطي حب الوطني جو انعام ڏيڻ واسطي ڪروڙين عوام جو سلام ڏيڻ واسطي صدين جون صديون لافاني نام ڏيڻ واسطي هي سڀ پيغما سجاڳي جو پيغام ڏيڻ واسطي، سو ملڪ نديم وڇڙي ته ويو پر ان جي شاعري ان جون تحريرون سڀ سجاڳي جي واسطي هيون ۽ شام تائين انتظار ڪندي ڪندي پوڙهو ٿيندي ٿيندي ملڪ نديم به اڄ ڪنهن جي اک جو ڳوڙهو ٿي ويو.

    عوامي آواز
    جاڳ سنڌي جاڳ
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: تو شام ملڻ جو واعدو ڪيو هو

    تمام سٺي ونڊ آهي ادا مهرباني
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تو شام ملڻ جو واعدو ڪيو هو

    انا لله وانا عليه راجعون ۔۔۔ رب العالمين کيس جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ سنڌ جي آجپي واري ويڙهه ۾ اهڙا ڪونڌر پئدا ڪندو رهي ته جيئن قوم جي ضمير کي چهنڊڙيون لڳنديون رهن ۔۔۔ آمين
     
  4. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: تو شام ملڻ جو واعدو ڪيو هو

    انا لله وانا عليه راجعون
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: تو شام ملڻ جو واعدو ڪيو هو

    انا لله وانا عليه راجعون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو