ضراب حيدر ويراني جي ور چڙھيل منڇر ڍنڍ ۽ مجبور مهاڻا

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ Hameed shakeelchandio طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2018۔

  1. Hameed shakeelchandio

    Hameed shakeelchandio
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2017
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    ليکڪ،صحافي۽،سوشل ورڪر ۽ ڀلائي جا ڪم ڪرڻ
    ماڳ:
    ڪي اين شاھ
    منڇر ڍنڍ سنڌ جي مشھور ۽ تاريخي ڍنڍ آھي جيڪا ايشيا کنڊ جي وڏي ڍنڍ طور سڃاڻپ رکي ٿي منڇر ڍنڍ ۾ ڪنهن زماني ۾ مهاڻن جي موج هوندي هئي باراني علائقن مان برسات جو پاڻي سوين نئين ذريعي وهي اچڻ ڪري منڇر ڍنڍ ۾ داخل ٿيندو هيو ته ان سان گڏ درياھ بادشاھ جڏھن پنهنجي موجن ۾ ھو ته ان جو پاڻي به اڙل واھ کان ٿيندو منڇر ۾ داخل ٿي ويندو هو مٺي پاڻي جا ابوبهر ڍنڍ جي خوبصورتي جا مثال ڏئي مقامي ماڻھن لاء روزگار جو هڪ شاهوڪار وسيلو بڻيل هيو سٺي روزي ٿيندي هئي جنهن سببب سندن پيٽ گذر بهتر نموني سان ٿيندو هيو خوشحالي واري زندگي گهاري کل خوشي سان مهمان نوازي ڪرڻ ۾ به اڳڀرا رهن پيا, پر هاڻوڪي دور ۾ منڇر ڍنڍ ۾ مٺو پاڻي نه هجڻ ڪري ۽زهريلي پاڻي سبب روزي روٽي به زهر جي ور چڙهيل آھي مفلسي ۽ فاڪاڪشي واري زندگي گذارڻ به ملاحن جو مقدر بنجي ويو اهو صرف انڪري ته ٻين صوبن مان وهي ايندڙسم جو زهريلو پاڻي آر بي او ڊي ۽ ايم اين وي ڊرين ذريعي ڇوڙ ٿي منڇر ڍنڍ جي پيٽ ۾ پئي ٿو,انکان علاوه موسمن جي تبديلي ڪري برساتن جي پوڻ سان مها ٻوڏن جا وڏا ريلا به منڇر جي تباهي جو ڪارڻ بنجي مڇي جي نسلن کي نست نابود ڪري ڇڏيو آھي ۽ آبادي جون زمينون به ڪلراٺيون ٿي بنجر بنجي ويون ٻوڏن جي ڪري سمورو پاڻي زهريلو ٿيو ته ان ۾ مڇي جي نسل تباهي ڪناري پهچي وئي بقول اتان جي مهاڻن جي ته منڇر ڍنڍ ۾ پراڻي دور ۾ چار سئو کان وڌيڪ مڇي جون جنسون هونديون هيون پاڻي به مٺو هيو ته ان وقت منڇر ڍنڍ ۾ گاھ پٺو به جام ٿيندو هيو جنهن جي کائڻ سان مڇي ۾ بهتر نموني سان واڌ ايندي هئي لڳ ڀڳ سٺ ھزار خاندان تي مشتمل هتان جا رهواسي پنهنجي زندگي بهترين طريقي سان بصر ڪندا هئا جيڪي ڏينهن رات محنت ڪري پنهنجن ٻچن جي پيٽ گذر سفر لاء جتن ڪري روزي ڪندا هئا منڇر جي چئني ڪنڌين تي يا وري آس پاس ملاحن جا ٻيڙين تي ٻڌل ڳوٺ ھوندا هئا جتي مختلف پاڙن سان لاڳاپيل مهاڻا برادري جا ماڻھون ٻڌي ايڪي سان رهندا اچن پيا پر هن وقت منڇر ۾ مٺو پاڻي نه ھجڻ ڪري ڪيترائي مسئلا درپيش آھن مڇي جو نسل تباھ ٿيندو وڃي پيو , پيئڻ جو مٺو پاڻي نه هجڻ ڪري کارو پاڻي استعمال ڪرڻ سان منڇر واسي ڪيترن ئي موضي مرضن ۾ مبتلا ٿين پيا جنهن سبب جانين جو نظرانو ڏيڻو پوي ٿو, هن ڍنڍ جي مناسبت سان لکين ايڪڙ زمين آباد ٿيندي هئي آبادگار ھميشه خوش ۽ سکيو وقت گذاريندا هئا, هروروز جي بنياد تي مهاڻا سوين مڻ مڇيون ماري مارڪيٽن ڏانهن سپلائي ڪندا هئا, ھزارين ايڪڙ تي مشتمل منڇر ڍنڍ ۾ مڇي کان علاوه ٻوري , لوڙھ ,ڪم , ٻپڻ ۽ بھ جي به پاڻمرادو پيداورا ٿيندي هئي ته ان مان به ملاح پئسو ڪمائي پيٽ گذر ڪندا هئا ان جي ڀيٽ ۾ مڇي سميت هرشئي اڻلڀ ۽ گمنام ٿيل آ ھي سياري جي موسم ۾ سائبيريا مان ايندڙ مختلف قسم جا پکي به منڇر ڍنڍ جي زينت بڻيل هيا ان موقعي تي به مهاڻا پنهنجي ڪرت موجب راتيون جاڳي سڪ چاھ سان هوڙن ۽ باتيلن ۾ ويهي سرد موسم ۾ سڄي رات ننڊ ڦٽائي پکين جو شڪار ڪري دوستن ۽ پيارن ڏانهن سوکڙي ڪري موڪلڻ سان گڏ وڪرو به ڪرڻ لڳندا هئا پر پاڻي نه هجڻ جي ڪري هن سردي وارن مهينن ۾ به پيٽ جي بک اجهائڻ لاء مارتي نه ٿي سگهي, ايشيا کنڊ جي وڏي ڍنڍ ۾ مٺو پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب هتان جا ملاح برادري جي لڏ پلاڻ جو سلسلو هلندڙ آھي سٺ ھزار جي آبادي رکندڙ علائقي ۾ ھن وقت سون جي تعداد ۾ ماڻھون لاچاري ۽ بيوسي جي نوڪ تي رهڻ تي مجبور آھن هتان جا مسيڪن ۽ سٻاجهڙا ماروئڙا ٻيڙين باتيلن جي ٺاهڻ جا به ڪاريگر آھن جيڪي ملڪ جي هر علائقي ۾ مشھور آھن جتي ڏوراهن علائقن مان ڪهي آيل مهاڻا به سندن کان سيزن تي ٻيڙيون ٺھرائڻ لاء اچن ٿا, انکان علاوه عورتون به هر ڪم ڪار ۾ پنهنجي مرد ماڻھن سان هٿ ونڊائن ٿيون, ڍنڍ اندر ملاحن جا ٻيڙين تي ٻڌل ڳوٺ ھن وقت نه هجڻ جي برابر آھن ڇو ته مٺو پاڻي نه هجڻ ڪري ماڻھن جي روزي ۾ ڪاپاري ڌڪ لڳل آھي هتان جا ماڻھون لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي روزي جي تلاش ۾ ٻين شھرن ڏانهن رخ ڪن ٿا منڇر ڍنڍ واسين کي سرڪار طرفان زندگي جي ڪا به سهولت مهيا ٿيل نه آھي بي لاڀ بڻيل تعليم ۽ علم جي زيور کان محروم هتان جا مهاڻا زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب ڪيترن موضي مرضن ۾ پڻ مبتلا آھن ته اتي وري صيحت جي ڪا به سهولت موجود نه آھي علاج ڪرائڻ لاء پري پنڌ ڪري شھرن ڏانهن وڃڻو پوي ٿو, منڇر ڍنڍ رهاڪو غربت, بيچين,بک بدحالي ۽ عتاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن جتي ڪوهيارل جو ڪوڪون پکين جي مٺي ٻولي جا آواز , مڇي جي خوشبوء , مهاڻن جي اوطاقن ۾ مهمان نوازي جا منڊل, آبادگارن جون خوشيون, موسم جي تبديلي ۾ مختلف قسم جا جانور پکي پکڻ جون لاٽيون هيون ته اتي اڄ قديمي ڍنڍ مان دز ۽ مٽي اڏامڻ لڳي ٿي پاڻي نه هجڻ ڪري ٻيڙا باتيلا سوڪهڙي ۽ پوٺي زمين مٿان اونڌا پيل آھن ڄڻ ته ملاحن جي قسمت سنڌ سرڪار هٿن سان اونڌي ڪري ڇڏي هوئن ته گهڻي ٽائيم کان ٻڌندا اچون پيا ته ايشيا کنڊ جي وڏي ڍنڍ لاء مختلف رٿائون منظور ڪيون ويون هيون جنهن تي ڪو به عمل نه ٿي سگهيو شايد اهي ڪاغذي ڪارواين ۾ مڪمل به ٿي ويا هجن, منچر ڍنڍ ۽ سندس جي پيٽ ۾ رهندڙ ملاحن کي سنڌ حڪومت بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آھي جيڪي بيماين ۾ مبتلا ۽ بي روزگاري جي ور چڙھيل آھن زهريلو پاڻي سندن جو مقدر بنجي ويو مڇي جا نسل تباھ ٿي ويا پنجاب سميت ٻين صوبن مان آر بي ڊي او ۽ ايم اين وي ڊرين ذريعي وهي ايندڙ سم نالين,ڪيميڪل مليل ۽ فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي هر جنگلي جيوت سميت انسان لاء ھاڃيڪار ثابت ٿيو جنهن جي سزا منڇر ڍنڍ جي ماڻھن ۽ زمينن کي ملي ٿي ته اسان جي حڪمرانن جي ڪنن تي ڪا جوئن نٿي سري, سنڌ حڪومت کي گهرجي ته بيوس ملاحن جي پرگهور ڪري مقامي ڪامورن خلاف ڪاروائي ڪرڻ سان گڏ رٿائن تي عمل ڪري تاريخ ڍنڍ جي سونهن واپس ڪرائي وڃي ۽ ٻي پاسي ايم اين وي ڊرين ۽ آربي ڊي او مان ڇوڙ ٿيندڙ زهريلو پاڻي مڪمل طور بند ڪرايو وڃي ته جيئن مهاڻا ساڳي ريت سُکي زندگي گذاري سگهن ,

    حميدشڪيل
     
    خدابخش جويو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    واڪا ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ڪم ٻاروچ جو
    توهان جي ڀهترين محنت آهي,سهڻا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو