قرآني تعليم جو اسلوب مولانا سيد زوار حسين شاھ مولانا چوهاڻ سليم الله سنڌي

'مذهب' فورم ۾ salimchohan71 طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2018۔

  1. salimchohan71

    salimchohan71
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2013
    تحريرون:
    82
    ورتل پسنديدگيون:
    183
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    سکر
    قرآني تعليم جو اسلوب

    مولانا سيد زوار حسين شاھ

    مولانا چوهاڻ سليم الله سنڌي

    قرآن مجيد الله تعاليٰ جو نازل ڪيل آخري ڪتاب آهي. جيڪو عربي ٻوليءَ ۾ آهي، الله تعاليٰ جو ڪلام هجڻ ئي هر ڪلام کان افضل، اڪمل ۽ جامع مانع هجڻ جو دليل آهي.

    مشهور چوڻي آهي ته بادشاھ جو ڪتاب سڀني ڪتابن جو بادشاھ آهي. الله تعاليٰ فرمائي ٿو:

    إِنَّا أَنزَلْنَاهُ قُرْآنًا عَرَبِيًّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُونَ

    “بيشڪ اسان اُن کي قُرآن عربي (ٻوليءَ وارو) ڪري نازل ڪيو ته مانَ اوھين سمجھو” (ترجمو حضرت مولانا سيد تاج محمود شاھ امروٽي رحه)

    عربن کي پنهنجي ٻوليءَ، شاعري ۽ فصاحت ۽ فلاغت تي وڏو ناز هو، هو پنهنجي پاڻ کان سواءِ دنيا جي سڀني ماڻهن کي عجمي يعني گونگو چوندا هئا، الله تعاليٰ پنهنجي آخري نبيءَ حضرت محمدﷺ کي قرآن مجيد جهڙو عاجز ڪندڙ ڪتاب عطا ڪيو، قرآن ڪريم سڀني عربن کي چيلنج ڪيو ته توهان هن جھڙي ننڍڙي ڪا سورت يا هڪ ننڍي آيت ئي ٺاهي پيش ڪري ڏيکاريو، هڪ ماڻهو نه بلڪ جيڪڏهن سڀ.ي گڏجي ڪوشش ڪريو تڏهن به ان جو مثال پيش نه ڪري سگھندؤ، انهيءَ ڪري هي تمام وڏو چيلنج هو. پر هو سڀ گڏجي به انهيءَ چيلنج جو جواب ڏئي نه سگھيا ۽ قيامت تائين ان چيلنج جو جواب ڏئي نه سگھندا، قرآن ڪريم عربن کي هميشه جي لاءِ خاموش ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ هن دنيا جي هر دور ۾ الله تعاليٰ جي حڪمت ۽ قدرت ڪامله جي تحت نبي ۽ رسول ايندا رهيا، جنهن ۾ ڪن تي صحيفا ۽ جن تي ڪتاب نازل ٿيا، پر قرآن ڪريم عربي ادب جو بهترين شاهڪار ۽ ڪامل ترين معيار آهي.، هن مقدس ڪتاب کي نازل ٿيندي چوڏهن صديون گذري ويون آهن، پر ان جي بيان جي ترو تازگي ۽ ميٺاج، لفظن ۽ معنيٰ جي سدا بهاري اڄ سوڌو قائم آهي ۽ قيامت تائين ائين ئي قائم رهندي. سڄي دنيا جي ادب ۾ اڄ سوڌو جيترا به ڪتاب لکيا ويا آهن، انهن جا لفظ، محاورا ۽ اصطلاحون گھڻي حد تائين تبديل ۽ مٽبيون رهنديون آهن، انهن ۾ فرسودگي ۽ مشهور نه ٿيون، اڳتي به ائين ئي ٿيندو رهندو، پر قرآن ڪريم ئي اهڙو مقدس ۽ مقبول ڪتاب آهي، جنهن جو اکر اکر گھڻي مدت تائين قابل اعتبار ۽ مقبول ٿيندو رهندو آهي. هن نبوت ۽ رسالت جي گلدستي جو هڪ هڪ پن به نٿو ڇڻي، قيامات تائين سر سبز ۽ شاداب رهندو. قرآن ڪريم جي هڪ آيت يا هڪ لفظ کي به ڀلي کڻي ڪيترائي ڀيرا ڇو نه پڙهيو وڃي ان ۾ بورائت محسوس نه ٿيندي. ڇاڪاڻ ته قرآن ڪريم جي بيان جي اسلوب ۾ اهڙي ميٺاج ۽ دل نشيني آهي جو ان کي پڙهن وقت انسان تي رقت طاري ٿي ويندي آهي. جيڪي ماڻهو قرآن ڪريم جي معنيٰ ۽ مطلب کي سمجھڻ کان سواءِ پڙهندا آهن، اهي به قرآن ڪريم جي سهڻي نثر، عبارت جي موزونيت، لفظن جي جوڙجڪ ۽ آواز جي نغمي ۾ غرق ٿي بي اختيار ٿي ويندا آهن. حقيقت هي آهي ته معني ۽ مطلب سان گڏوگڏ قرآن ڪريم جي لفظن ۽ اکرن ۾ شد ۽ مد اخفاء ۽ اظهار وغيره جو اهڙو معجزاڻي امتزاج آهي، جنهن جو مثال نٿو ملي، ان جا لفظ ۽ عبارت زبان تي سولائيءَ سان جاري ٿي وڃن ٿا ۽ ذهن ۾ چٽجي وڃن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو ننڍو ٻار به قرآن ڪريم کي سولائيءَ سان ياد ڪري وٺندو آهي. هي ان قرآن ڪريم جو معجزو به آهي ۽ ان جي سلوب جي بيان جي خوبي آهي.

    الله تعاليٰ پنهنجي محبوب نبي ڪريمﷺ جن کي شعر ۽ شاعريءَ کان بي نياز ڪري ڇڏيو هو. جيئن الله تعاليٰ فرمائي ٿو:

    وَمَا عَلَّمْنَاهُ الشِّعْرَ وَمَا يَنبَغِي لَهُ {يس/69}

    ترجمو:“۽ اُن (پيغمبر) کي نڪي شعر سيکاريو اٿون ۽ نڪي (شعر) اُن جو لائق آھي” (ترجمو حضرت مولانا سيد تاج محمود شاھ امروٽي رحه)

    ان جي باوجود نبي ڪريمﷺ جن کي اهڙو فصيح ۽ بليغ ڪتاب عطا ٿيو، جنهن جي اڳيان عرب ۽ عجم جا وڏا وڏا شاعر ۽ اديب عاجز ٿي ويا.

    قرآن ڪريم سڄي انسانيت جي لاءِ دعوت ۽ قيامت تائئين جي لاءِ هدايت جو نور آهي. ان مقدس ڪتاب ۾ زندگي جي هر شعبي جي متعلق بنيادي حقيتون بيان ڪيون ويون آهن ۽ تهذيب جي هر فرع جي باري ۾ نهايت ئي وچٿرا قانون ۽ قائدا بيان ڪيا ويا آهن.قرآن ڪريم جيئن هميشه جي نجات ۽ ڇوٽڪاري جي بنيادي تعليم ايمان ۽ توحيد ۽ رسالت ۽ قيامت جو ڏينهن تقدير خير ۽ برائي، عبادت يعني نماز، روزو، زڪوٰت، حج ۽ جھاد جي تفصيلي تعليم کي مختلف پيرائن سان ذهن نشين ڪرائي ٿو ۽ ان جي متعلق مظبوط ۽ پڪو عقيدو دلين ۾ ويهاري ٿو، ائين اخلاقي، سماجي، معاشي، معاشرتي ۽ سياسي تعليم کي به نهايت ئي وڻندڙ ۽ دلنشين پيرائن ۾ بيان ڪري زندگيءَ انهن سڀني شعبن جي متعلق مڪمل تفصيل، بنيادي اصول ۽ ان تي مرتب ٿيندڙ فروعات کي واضح فرئي ٿو. جيئن ته قرآن ڪريم هڪ ذڪر يعني نصيحت آهي، انهيءَ ڪري ان جو انداز نهايت ئي سولو ۽ سهنجو آهي، الله تعاليٰ فرمائي ٿو:

    وَلَقَدْ يَسَّرْنَا الْقُرْآنَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍ {القمر/17}

    ترجمو:“۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟” (ترجمو حضرت مولانا سيد تاج محمود شاھ امروٽي رحه)

    قرآن ڪريم جي عظمت جو شان ۽ الله تعاليٰ جو ڪلام هجڻ، ان جي هر آيت ۽ هر لفظ مان واضح آهي، قرآن ڪريم جا جيڪي فيصلا آهن، اهي حتمي ۽ حرف آخر آهن. جيئن الله تعاليٰ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

    قُلْ يَا أَيُّهَا النَّاسُ قَدْ جَاءكُمُ الْحَقُّ مِن رَّبِّكُمْ فَمَنِ اهْتَدَى فَإِنَّمَا يَهْتَدِي لِنَفْسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّمَا يَضِلُّ عَلَيْهَا وَمَا أَنَاْ عَلَيْكُم بِوَكِيلٍ {يونس/108}

    ترجمو:“چؤ ته اي ماڻھؤ بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان حق آيو آھي، پوءِ جيڪو ھدايت وارو ٿيو سو پاڻ لاءِ ھدايت ٿو لھي، ۽ جيڪو ڀُلو تنھن تي گمراھيءَ ھجڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه آھي، ۽ آءٌ اوھان جو ذمي وار نه آھيان” (ترجمو حضرت مولانا سيد تاج محمود شاھ امروٽي رحه)

    ڪن موقعن جي مناسبت سان هڪ اڌ لفظ مٽائي هڪ آيت کي ٻيهر آندو ويو آهي. جيئن هڪ جڳه تي الله تعاليٰ فرمائي ٿو:

    وَمَن لَّمْ يَحْكُم بِمَا أَنزَلَ اللّهُ فَأُوْلَئِكَ هُمُ الْكَافِرُونَ {المائدة/44}

    ترجمو:“۽ جيڪي الله لاٿو آھي، تنھن سان جيڪي حُڪم نه ڪندا سي ئي ڪافر آھن” (ترجمو حضرت مولانا سيد تاج محمود شاھ امروٽي رحه)

    هي ان لحاظ کان فرمايو ته الله تعاليٰ جو نازل ڪيل قرآن ڪريم سچو آهي، ان جي خلاف ورزي ڪرڻ ڪفر آهي. ٻي جڳه تي الله تعاليٰ فرمايو آهي:

    وَمَن لَّمْ يَحْكُم بِمَا أنزَلَ اللّهُ فَأُوْلَئِكَ هُمُ الظَّالِمُونَ {المائدة/45}

    ترجمو:“۽ جيڪو الله لاٿو آھي تنھن سان جيڪي حُڪم نه ڪندا سي ئي ظالم آھن”. (ترجمو حضرت مولانا سيد تاج محمود شاھ امروٽي رحه)

    هي ان لحاظ کان آهي ته هي الله تعاليٰ جو قانون عدل ۽ انصاف تي مبني آهي ۽ مخلوق جي لاءِ قانون ٺاهڻ جو حق الله تعاليٰ کي ئي آهي، پوءِ جيڪو الله تعاليٰ جي قانون جي خلاف ورزي ڪندو اهو ظالم آهي. ٽين جڳه تي الله تعاليٰ فرمائي ٿو:

    وَمَن لَّمْ يَحْكُم بِمَا أَنزَلَ اللّهُ فَأُوْلَئِكَ هُمُ الْفَاسِقُونَ {المائدة/47}

    ترجمو:“۽ جيڪي الله لاٿو تنھن موجب جيڪي نبيرو نه ڪندا سي ئي بي دين آھن”. (ترجمو حضرت مولانا سيد تاج محمود شاھ امروٽي رحه)

    هي فرمان انهن ماڻهن جي باري ۾ آهي، جيڪي الله تعاليٰ جي نازل ڪيل قانون تي ڀروسو ڪرڻ جي باوجود ان جي خلاف فيصلو ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته هي کلم کلا فسق ۽ نافرماني آهي. ان قسم جو بيان اسلوب ڪمال درجي جي بلاغت آهي. جيڪو ڪنهن انسان جي وس کان ٻاهر آهي. هڪ آيت بار بار بيان ڪرڻ جيئن سورت رحمان ۾:

    فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ {الرحمن/13}

    ترجمو:“پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي رب جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ”. (ترجمو حضرت مولانا سيد تاج محمود شاھ امروٽي رحه)

    جو بار بار اچڻ، دل کي وڻندڙ، ڪلام جي سونهن جو اعليٰ صفتنجو بهترين مثال آهي. ڪنهن ٻئي جي ڪلام ۾ جملن بار بار اچڻ عيب سمجھيو ويندو آهي، پر قرآن ڪريم ۾ اهڙو موقعي جي مناسبت ۽ موزون ڪلام جي سونهن ۽ خوبيءَ کي ٻيڻو ڪري ڇڏي ٿو.

    الله تعاليٰ اسان سڀني مسلمانن کي قرآن ڪريم جي مطلب کي چڱيءَ طرح سمجھڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ ۽ هميشه ان جي تلاوت ڪرڻ جي پوري پوري توفيق عطا فرمائي آمين.
     
    الھي بخش هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو