سياسي مشورن کان سياسي لطيفن تائين!

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏18 ڊسمبر 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ”يو ٽرن“ کان پوء ”ڪڪڙيون پالڻ“ ۽ ”آنن جي ڪاروبار“متعلق ڪپتان بيان ڇا ڏنو هر طرف سوشل ميڊيا تي ڪڪڙين واري اها ”ٽان ٽان “ شروع ٿي ويئي جيڪا اهي آنو لاهڻ بعد اڪثر اعلان ڪري دنيا کي پنهنجو ڪارنامو ٻڌائينديون آهن.شايد ماڻهن عوامي وزيراعظم جي ان عوامي مشوري کي به عوامي تفريح ۽ کل ڀوڳ جو ذريعو بنائي ورتو.نه ته ڏٺو وڃي ته ويچاري ڪپتان ته رڳو حضرت بل گيٽس جي ڪاروباري رازن تان پردو کنيو هو.پر ڇا ڪجي پاڪستاني قوم کي جيڪا روئڻ جهڙين ڳالهين تي کلندي جڏهن ته کلڻ جهڙين ڳالهين تي روئندي نظر ايندي آهي.بهرحال خلق خدا ڪپتان کي به انهن سياسي خوش مزاجن جي لسٽ ۾ شامل ڪري ورتو آهي جيڪي ماضيء ۾ توڙي هاڻي به ان قسم جا لطيفا فائر ڪندا رهيا آهن جن کي ٻڌي ڪري لاڳيتو کلڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ لاء دل چوندي آهي.

    اڳوڻي صدر پرويز مشرف پنهنجي دور اقتدار ۾ هڪ دفعي فرمايو هو ته پاڪستان ۾ آيل خوشحالي ۽ ترقيء جو ثبوت اهو آهي جوهاڻي هر ماڻهوء جي هٿ ۾ موبائيل فون آهي.اڳوڻي نون ليگ حڪومت جي ”درويش صفت“ وزير خزانه اسحاق ڊار کي جڏهن داليون مهانگيون ٿيڻ جي شڪايت ڪئي ويئي هئي ته هن عوام کي انمول مشورو ڏنو هو ته اهي دال بدران مرغي استعمال ڪن.

    پيپلز پارٽيء جي اڳوڻي دور جي بهبود آباديء جي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان بجليء جي ڊگھي لوڊ شيڊنگ جي شڪايت ڪئي ويئي هئي ته هن موصوفه اهو چئي ماڻهن جي ڏندن ۾ آڱريون وجھرائي ڇڏيون هيون ته لوڊ شيڊنگ سان ملڪ جي آباديء ۾ ڪافي اضافو ٿيندو.ماڻهن کي سندس اهو جديد فلسفو سمجهه ۾ نه ويٺو ته لوڊشيڊنگ دوران گرميء سبب ماڻهو مري آبادي گھٽائيندا يا وڌائيندا؟

    نواز شريف حڪومت جو صدر ممنون حسين به ماڻهن جي وندر ۽ دل لڳيء جو سٺو سامان بنيو رهيو.هن صدارت جو تخت سنڀاليندي ئي بيان جو اهو ڌماڪو ڪيو هو ته منهنجي دل گھري ٿي ته آئون ويس بدلائي ماڻهن جا مسئلا معلوم ڪيان.ماڻهن کي کل ان تي آئي ته ملڪ جي ماڻهن جا مسئلا معلوم ڪرڻ لاء ويس بدلائڻ جي آخر ڪهڙي ضرورت آهي،ڇا ماڻهو پنهنجا مسئلا ٻڌائڻ ۾ شرم محسوس ڪن ٿا؟پر سائين ممنون حسين کي ويس بدلائڻ جو اهڙو ته نشو لڳو جو ويوڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ويس بدلائيندو ۽ آرسيء سان ڳالهيون ڪندو.تان جو سندس جاء بدلائي ويئي جنهن کان پوء وڃي سڪون جو ساهه کنيائين.اهڙيء سادگيء تان صدقي ڇو نه ٿجي جو پاڪستانين جي مسئلن جي پوري دنيا کي خبر هئي پر ممنون آخر تائين انهن مسئلن جي باري ۾ ڄاڻڻ لاء ويس بدلائڻ جي خواهش ڪندو رهيو.
    سنڌ جي ”فقير صفت“ سائين قائم علي شاهه به پنهنجي وڏ وزارت واري دور ۾ اهڙا لطيفا فائر ڪيا جن جي دهشت اڄ تائين اسان جي ذهنن تي قائم آهي.برسات دوران ڪراچيء جي نالن ۽ نيڪالن جو طوفاني دورو ڪرڻ بعد سائين سڳوري ميڊيا سان ڳالهائيندي اها ڄاڻ شيئر ڪئي هئي ته هن اجھو اجھو گجر نالي جو پاڻ” طبي معائنو“ فرمايو آهي.اتي صورتحال ڪافي بهترآهي ( يعني گجر نالي جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.)وري جڏهن سخت برسات سبب شهر جي حالت وڌيڪ خراب ٿي ته سائين بادشاه صحافين سان ڳالهائيندي فرمايو هو ته شهر ۾ 156 ملي ميٽر برسات پيئي آهي.سندس اهڙا کوڙ ٻيا بيان ميديا ۾ کل جو سبب بڻجندا رهيا.

    نمڪين بيان جاري ڪرڻ ۾جي يو آئي جي حافظ حسين احمد سان گڏوگڏ جماعت اسلاميء جو سراج الحق به پنهنجو مٽ پاڻ آهي.فرمائڻ لڳو ته ملڪ کي نواز شريف جي نه پر قرآن شريف جي ضرورت آهي.هڪ دفعو پراڻي ايم ڪيو ايم جي قائد کي مخاطب ٿيندي فرمايائين ته هي ” جي ٿري “ نه پر ”ٿري جي “ جو زمانو آهي.

    ماضيء ۾ مفاهمت جي نالي تي ٿيندڙ سياست ۾ به ڪيترائي نت نوان تماشا نظر ايندا هئا.ڪراچيء ۾ هر مهيني سوين ماڻهو مکين ۽ مڇرن جيان ماريا ويندا هئا،پراڻي ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽيء جا اڳواڻ روزانو هڪ ٻئي خلاف الزامن جو نئون ميزائيل ڦٽو ڪندا هئا ۽ شام جو هڪ ٻئي کان معافيون گھرندا هئا.ان وقت جي ايم ڪيو ايم جو قائد هڪ نه ٻئي ڏينهن پنهنجي پارٽيء جي قيادت تان استعفا ڏيندو هو ۽ ٻئي ڏينهن ”نهين ڀائي نهين” جي نعرن ۾ اها واپس وٺي ڇڏيندو هو.سياست ۾ سياسي اڳواڻ اهڙا بيان اڪثر ڏيندا رهندا آهن جن سان سان سندن ذات تي ڪو فرق نه پوندو آهي.پي ايس پي سربراهه 2018ع جي عام چونڊن کان اڳ اهو بيان ڏنو هو ته پي ايس پي اليڪشن ۾ نه رڳو ڪراچي سويپ ڪندي پر سنڌ جو وڏو وزير به پي ايس پي جو ٿيندو پر اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن ميڊيا مصطفيٰ ڪمال کي ڳولهيندي ئي رهي ٿيسنڌ جو هاڻوڪو وڏو وزير به اهڙن سياسي لطيفن ۾ ٻين کان ڪنهن به طرح پوئتي ناهي.هڪ دفعي فرمايو هئائين ته سنڌ ۾ ٿيل شاندار ترقيء جو ثبوت اهو آهي جو سندس ڳوٺ واهڻ جتي ڪنهن زماني ۾ رڳو ٽي موٽر سائيڪلون هيون اتي هاڻي سوين موٽر سائيڪلون ڊوڙندي نظر اچن ٿيون.ماضيء جون حڪومتون پڻ يو ٽرن وٺنديون رهيون آهن.مثال ملڪ ۾ بجليء جي کوٽ ختم ٿي چڪي آهي يا ٿر ۾ بکن وگھي ٻار نه پيا مرن يا وري ملڪ جي معيشت مستحڪم ٿي چڪي آهي،انهن سمورن بيانن کي عوام هميشه ابتو ڪري پڙهندو هو.ڪپتان تي تنقيد جا تير هلائڻ وارن کي عرض آهي ته اهي صبر جا ڍڪ پيئن،سندس حڪومت کي اڃا مس سو ڏينهن ٿيا آهن سو سندس انهن سو ڏينهن ۾ صرف سو سياسي لطيفا به عوام کي ٻڌڻ لاء نه ملن ته پوء سياست ڪهڙي؟

    آخر ۾هڪڙو سياسي لطيفو اهو به آهي ته وزيراعظم عمران خان فرمايو آهي ته پاڪستان ترت ئي قرض وٺندڙ ملڪن جي فهرست مان نڪري قرض ڏيندڙ ملڪن ۾ شامل ٿي ويندو.جناب وزير اعظم کي ڪير ٻڌائي ته مهانگائيء پاران عوام جي چيلهه چٻي ٿيڻ بعد هاڻي بجليء سان گڏوگڏ گئس به اڻ لڀ بڻجي چڪي آهي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو