سفر جون ڪجهه ڳالهيون..(25 هين جنوري کان 3 فيبروري تائين)

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏14 فيبروري 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    شرف الدين مرکنڊ
    دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ جو سفر ڪرڻ سان انسان جو دماغ کوليندو آهي، سفر ڪرڻ سان انسان جي جسم ودماغ کي فرحت وسڪون بخشيندو آهي، سفر انسان جي سڃاڻپ هوندي آهي، سفر ڪرڻ سان انسان جي ذهن سڪون ملندو آهي، انسان جنهن به جڳهه جو سفر ڪندو آهن ان جڳهه جو ان کي علم ٿي ويندو آهي ته فلاڻي شهر جي فلاڻي شيءَ/ فلاڻو هنڌ ڀلو آهي، ان کي ان شهر جي زمين مزو ڏيندي آهي تي جي وڃڻ ٿيو ته ان جڳهه تي وري به ضرور ويندس. اهڙي طرح گذريل مهيني جي 25 جنوري تي مون درگاهه الله آباد شريف ڪنڊياري مان راڌڻ اسٽيشن تعلقه ميهڙ ضلع دادو تائين سفر ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ سالار نقشبديه پير طريقت، رهبر شريعت خواجه جواجگان محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين رحه جي سالاني عرس مبارڪ ۾ به شريڪ ٿيڻ جو موقعو ميسر ٿيو، سفر جي شرعاتدرگاهه الله آباد شريف ڪنڊيارو مان ڪرڻ جي سعادت ملي، جامعه جي انتظاميه جي طرفان سالاني عرس مبارڪ جي موڪل جو اعلان جمعة المبارڪ جي ڏينهن ٿيو،جڏهن ته موڪل ملڻ کان بعد مون پنهنجا ڪپڙا کنيا، جيڪي مون گمبٽ جي شهر ۾مامي جي گهر ڌوئڻ جي لاءِ ڏنا، جٿي مون هڪ رات خيرن سان گذاري ڪري صبح جو چانهه پئي ڪري گمبٽ جي شهر ۾ پنهنجي پياري دوست ۽ برادري جي معزز شخصيت فيس بڪ تي هميشه گڏ رهندڙ ۽ دعائن سان نوازيندڙ “محبوب علي مرکنڊ” سان ڪچهري ڪرڻ جو موقعو به مليو. جنهن سان مون محبت جي ڪچهري به ڪئي، جڏهن ته ان سان مون کي ڪچهري ڪندي ڪافي ٽائيم ٿيو، جنهن مون جي سٺي خدمت ڪئي مون ان کان موڪلائي ڪري گمبٽ جي اسٽاپ تان لاڙڪاڻي جي طرف ويندڙ وين تي ويٺم، جڏهن ته ڪجهه مفاصلي وين اڳتي هلي ته مون پنهنجي کيسي مان موبائيل فون ڪڍي ڪري پنهنجي پياري استادِ محترم سائين قبلا حافظ عبدالقادر چانڊيو طاهري صاحب جن سان رابطو ڪيو، جن کان حال احوال معلوم ڪرڻ کان بعد مون سندن کان جلسي جي متعلق پڇيو ته قبلا سائين ڪهڙي ٽائيم تي فقيرپور شريف جي جلسي تي هلڻ جي تياري آهي؟ پاڻ چيائون ته اسان سڀاڻي صبح جو وين تي وينداسين، ان کان بعد چيائون ته رات جو حافظ حضور غلام قادر چانڊيو ٽرين جي ذريعي جلسي تي ويندو. جڏهن مان لاڙڪاڻي ۾ اوٺا چوڪ تان لهي ڪري سندن جي مدرسي جي طرف ويم جيڪو نظر محلا ۽ نثار کهڙي جي بنگلي جي ويجهو آهي. مدرسي پهچي ڪري سندن سان ماني کائڻ جو شرف نصيب ٿيو، ان کان بعد سندن جي پٺيان ٽيپهري جي نماز پڙهي ڪري سندن سان خوب ڪچهڙي ڪرڻ جو شرف به نصيب ٿيو، هي ڳالهه مان هتي ذڪر ڪرڻ چاهيندس ته مون سائين جن وٽ ناظره قرآن مجيد مدرسه نور اسلام طاهريه ڳوٺ آباد ڪلهوڙا تعلقه وارهه ۾ پڙهيو هو، پاڻ هڪ بهترين استاد آهن، پاڻ دل جا سچا انسان آهن. بهرحال مغرب جي نماز پڙهي ڪري حافظ حضور غلام قادر چانڊيو سان گڏ جي ڪري ريلوي اسٽيشن لاڙڪاڻي وٽ ويم جٿي ٽڪيٽ خريد ڪرڻ کان بعد معلوم ٿيو ته ٽرين 10بجه هتان نڪرندي، پوءِ مون حافظ حضور غلام قادر کي چيو ته هلو ته شهر ٿا گهمو، سندن سان گڏ ڪافي هنڌن ته گهمڻ جو موقعو مليو، ان کان بعد ۾ ڏٺوسين ته اڃان ڪافي ٽائيم پيو آهي پوءِ حافظ صاحب کي چيو ته حافظ صاحب ڀلا هلو ته رابيل ڪتاب گهر هلو ۽ اتان ارادو اخبار وارن تازو رسالو شايع ڪرايو آهي هلو ته اهو خريد ڪيو، جنهن کان بعد اسان رابيل ڪتاب گهر جي طرف وياسين جٿي ڪافي سارا ڪتاب ڏسڻ ۾ آيا جيڪي علم سان معالامال هيا،بهترين ڪالم نگارن جا ڪتاب به نظر مان گذريا، ان کان بعد منهنجي نظر مان هڪ اهڙو ڪتاب به گذريو جيڪو مون کي بهترين لڳو، پوءِ مون اهو ڪتاب خريد ڪيو جنهن جو نالو هي هيو ” وڃايل ورثو تاريخ جي تناظرن ۾“ (مصنف شاهنواز مهيسر) ان کان بعد جنهن رسالي جي لاءِ خاص ڪري ويا هياسين اهو به رسالو خريد ڪيوسين، ان کان بعد ريلوي اسٽيشن تي آياسين ته ٽرين به اچي چڪي هئي پوءِ اسان ان ٽرين تي ويٺاسين جيڪو اسان جو پهريون دفعو هيو ٽرين تي سفر ڪرڻ، جنهن مان اسان کي ڪافي مزو به مليو، ان ٽرين جي اندر هڪ اهڙو واقعو به اکين جي اڳيان گذريو جيڪو ڪڏهن به وسري نه ٿو سگهي، ٽرين ته هڪ غريب شخص به موجود هيو، جنهن کي پوليس واري ڏاڍي مار ڏني، ٽرين جي اندر ٽيٽي شايد ان غريب شخص کان سنگريٽ ڏٺو هو جنهن ڪري ان پوليس واري کي وٺي ڪري ان غريب کي مار ڏياري جنهن تي ڏاڍو ڏک پهتو، بهرحال جڏهن اسين ٽرين تان 11 بجه رات جو راڌڻ اسٽيشن تي لٿاسين ته اتي ڪافي دوستن سان مولاقات ٿئي جيڪي برسات جي وجهه جي ڪري جلسي گاهه مان نڪري ڪري اسٽيشن تي اچي ڪري ويٺا هئا، انهن مان اسان جو پيارو دوست محترم حافظ غلام مرتضىٰ طاهري ۽ فقير عبدالمجيد طاهري ۽ ٻيا ڪافي سارا دوست موجود هيا. انهن سان رات جا ڪجه پهر گذاري ڪري پوءِ صبح جو نماز جي لاءِ جلسه گاه جي طرف وياسين، جٿي نمازِ فجر سان گڏوگڏ مراقبو به ڪرڻ جي سعادت ملي، ان کان بعد اسين پنهنجي پياري دوست مولانا مولوي رياض احمد طاهري سان ملياسين، جنهن جلسي جي اندر ليپ ٽاپ جو اسٽال کوليو هو ان وٽ پنهنجو ڪجهه سامان وغيرهه رکڻ کان بعد جلسه گاهه جي ٻاهري پاسي تي ڪتابن ۽ سامانن جا اسٽال وغيره به موجود هيا، جيڪي تمام بهترين ۽ جلسه گاهه کي خوبصورت رونق بخشيندڙ هئا، ان کان بعد ڪجهه وقت مولوي صاحب رياض احمد وٽ ويهڻ کان بعد جلسه گاهه جي طرف وياسين جٿي اسان جي پياري پرين دوست حافظ حضور غلام قادر چانڊيو کان پريس جي ٽڪيٽ ورتي، جنهن کان بعد اسان سان گڏ ڪافي دوست هئا، جيڪي جلسيجي پندال ۾ داخل ٿيا، جڏهن جلسي جي اندر داخل ٿياسين ته مولانا نعيم احمد شاهاڻي صاحب پنهنجي پياري ۽ خوبصورت آواز سان پروگرام ۾ ويٺل عوام کي صبر وتحمل جي عنوان تي بهترين تقرير ڪئي. ان کان بعد هڪ مولوي صاحب کي تقرير جي لاءِ دعوت ڏني وئي جنهن حضرت پير مٺا سائين رحه جي سوانح حيات تي ڪجهه الفاظ بيان ڪيا ته ان وقت حضرت خواجه “محمد طاهر” المعروف محبوب سڄڻ سائين دامت برڪاتهم العاليجن اسٽيج تي رونق افروز ٿيا، ان کان بعد خصوصي نشست جوآغاز شروع ٿيو، جنهن ۾ اسٽيج سڪيٽري استاد محترم سائين مفتي عزير الرحمٰن طاهري صاحب جن ڪئي، ان کان بعد جماعت جي طرفان پنهنجي پيرو مرشد جي لاءِ آنڊل تحفا دورد وسلام، ختم شريف ۽ ٻيا ورد وظيفا سائين مفتي عزيز الرحمٰن طاهري صاحب جن جماعت جي اڳيان بيان ڪيا، جنهن کان بعد خصوصي دعا، جنهن دعا جي لاءِ ملڪ جي چئني صوبن جو عوام گڏ ٿيندو آهي ۽ ان کان علاوهه ٻاهرين ملڪن مان به ماڻهون شريڪ ٿيندا آهن اها دعا سيدي ومرشدي حضور قبلا عالم محبوب سڄڻ سائين دامت برڪاتهم العالي جن گهرڻ فرمائي، ان کان بعد ثناء خوان مشهور يافته “سيد فهد واحد علي شاهه” صاحب جن نعت شريف جو نظرانو پيش ڪيو، ان کان بعد سنڌ جي مشهور ومعروف نعت خوان محترم جناب قربان علي ناريجو صاحب جن پنهنجي مرشد ڪريم جي شان اطهر ۾ منقبت جو نظرانو پيش ڪيو، ان کان بعد پاڪستان جا مشهور ومعرف نعت خوان محترم جناب شبير احمد طاهري صاحب جن به پنهنجي مرشد ڪريم جي شان ۾ منقبت شريف اردو زبان ۾ پيش ڪئي، ان کان بعد جماعت اصلاح المسلمين پاڪستان جي صوبائي صدر محترم جناب قاضي مشهود احمد طاهري صاحب جن رپورٽ پيش ڪئي، ان کان بعد روحاني طلبه جماعت پاڪستان جي جنرل سڪيثري مولانا شڪيل احمد راهوجو طاهري رپورٽ پيش ڪئي، ان کان بعد قبلا سيدي ومرشدي حضرت سڄڻ سائين دامت برڪاتهم العالي جن خطاب ڪرڻ فرمايو، سندن جي خطاب ۾ پاڪستان جي عوام سان محبت هئي، سندن جي خطاب ۾ عورتن جي لاءِ عزت هئي، سندن جي خطاب ۾ نوجوانن جي لاءِ اصلاح هئي. حضرت سڄڻ سائين پنهنجي خطاب ۾ فرمايو ته اسان جي معاشري ۾ قبيلائي ۽ خانداني جهيڙا روز جو معمول بڻجي چڪا آهن جن جي ڪري نسلن جا نسل تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيا آهن، زمين جي ٻن ايڪڙن تي خونريزي ۽ فساد جهالت جي نشاني آهي پاڻ فرمايائون ته ان ۾ ذلت ۽ خواري کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آھي. پاڻ فرمايائون ته عورت جي عزت ڪرڻ اسان کي الله جي رسول ڪريم صه سيکاري آهي تنهن ڪري ان جي مٿان ظلم ۽ تشدد ڪرڻ سراسر غلط ۽ ناانصافيآهي ۽ نياڻين جي رشتن ڪرڻ وقت فقط پنهنجي مرضي هلائڻ بدران انھن جي رضا ضرور شامل ڪرڻ گھرجي، ڇو ته زندگي انهن کي گذرڻي آهي نه ڪي اوهان جي ماسي، ناني، ۽ ڏاڏي کي زندگي گذارڻي آهي. پاڻ چيائون ته عبادت تي فخر ڪرڻ شيطاني سوچ آهي ان ڪري عبادت ڪرڻ سان گڏوگڏ عاجزي ۽ انڪساري کي اندر ۾ سمائڻ گهرجي ۽ دنياوي لحاظ کان اڇي توڙي ڪاري رنگ و نسل واري تفريق در حقيقت خدا جي تخليق جو انڪار آھي.محبوب سڄڻ سائين جن چيو ته گندگي ۽ غلاظت وارو پاڻي واهن ۽ واٽر ڪورسن ۾ ڇوڙ ڪرڻ سان انسانن توڙي جانورن جي صحت تي هاڃيڪار اثر پون ٿا جڏهن ته حڪومت کي ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي. پاڻ چيائون ته حج ۽ عمرن جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيندڙن کي پنھنجي گهرن جي بنيادي ضرورتن ۽ اولاد جي تعليم کي اوليت ڏيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اولاد کي سٺي تربيت ۽ تعليم ڏيارڻ پڻ والدين جي ذميدارين ۾ شامل آهي حضرت صاحب جن چيو ته زندگي ڪا ايڏي مشڪل ڪانه آهي ان کي محبتن ۽ مرڪن سان آسان بڻايو، ٻين جا عيب تلاش ڪرڻ بدران پنهنجي اندر جو جائزو وٺو جنهن سان بهتر اصلاح ٿي سگهندي. محبوب سڄڻ سائين جن وڌيڪ چيو ته پنھنجي ذريعه معاش مظبوط ڪرڻ لاءِ ٻين جي اڳيان هٿ ٽنگڻ بدران پنھنجي طاقت آهر ڪاروبار ڪريو ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ ۾ ڪنجوسي اختيار نه ڪريو. ان موقعي تي حضرت سڄڻ سائين عرس مبارڪ ۾ موجود ماڻهن کان نفرتون ۽ ذاتي جهيڙا ختم ڪري صلح ڪرڻ جو وچن پڻ ورتو ويو. پاڻ آخر ۾ فرمايائون ته جيڪي سفر ڪري هتي پهتا آهن مان انهن کي عرض ڪندس ته خدارا پنهنجي زندگي جي حفاظت ڪريو سفر دوران پنهنجي ڊائيورن کي احتياط سان گاڏي هلائڻ جي هدايت ڪيو ۽ جن ڊائيورن رات جو آرام نه ڪيو آهي انهن کي گهرجي ته آرام ڪرڻ کاڻ بعد ۾ ڊرائيورنگ ڪن جنهن سان عوام جي حفاظت ٿي سگهي ٿي. پاڻ فرمايائون ته هلمينٽ جو استعمال ڪيو جنهن جي ڪري اوهان جو جيڪڏهن ڪاٿي اسٽنڊ ٿئي ٿو ته ان کان اوهان جي مٿي جو ڌڪ کان محفوظ ڪري سگهي ٿو، سالاني عرس مبارڪ تي آيل عوام سان مخاطب ٿيندي فرمايائون ته هلمينٽ جي عنوان تي ريلي جو پروگرام ڪري عوام کي ان جا فائدا ۽ نقصان بيان ڪري ٻڌايو. الله جي پيارن دوستن جي پروگرامن ۾ انسان جي سان محبت جا سبق ملندا آهن ۽ اسان کي گهرجي ته انهن جي صحبت ۾ ڪجهه لمحا گذاريو جيڪي اسان جي لاءِ آخرت ۾ نجات جو ذريعو ضرور بڻجندا. الله جي پيارن دوستن جي محفل انسان کي روحاني ۽ دلي سڪون ملندو آهي، ان جي زندگي جا ڏک ۽ غم مٽجي ويندا آهن، الله جي پيارن جي محفل انسان جي ڀلائي رکيل هوندي آهي. جڏهن پروگرام پنهنجي آخري وقت تي پهتو ته پوءِ پنهنجي ڳوٺ مان آيل چاچي حافظ محمد مراد طاهري سان مليم جنهن سان گڏ جي ڪري گاڏين جي هنڌن تي وياسين جٿي فقير عبدالقادر چانڊيو، فقير مظهر علي مرکنڊ سان ۽ ٻين ڪافي ڳوٺ وارن سان مولاقات به ٿئي، ان کان مون لاڙڪاڻي جي گاڏي تي چهڙي ڪري سڌو ساڳئي مدرسي ويم جٿي مون خيرن ست ڏينهن اتي گذرايا، اتي مختلف هنڌن تي وڃڻ جو موقعو به مليو، جنهن ۾ جناح باغ، سرشاهنواز لائبريري، حضرت پير مٺا سائين رحه جي مزار مبارڪ شامل رهيا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو