مجيب سنڌي جو انٽرويو

'مقالا' فورم ۾ مجيب سنڌي ڪورائي طرفان آندل موضوعَ ‏23 مارچ 2019۔

  1. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڳالھ ٻولھ ڪمال اوٺو

    سوال. سڀ کان پھرين توھان پنھنجو تعارف ڪرايو.
    جواب. اصل نالو مجيب الرحمان ولد محمد حيات ذات ڪورائي، دوڙ ويجهو سدا واھ جي ڀر ۾ ڳوٺ حاجي سومر خان ڪورائي ۾ 05.03.1983 تي جنم ورتو.

    سوال. شاعري ڏانھن وک وڌائڻ جو سبب.
    جواب. ديس ڌرتيءَ جي عشق مون کي شاعري طرف آندو، جيڪو قدرت طرفان انمول تحفو آهي.

    سوال. شاعري ڇا آھي توھان شاعري کي ڇا ٿا محسوس ڪيو.
    جواب. شاعري اندر جو آواز آهي، ڪيفيت ۽ احساس آهي، شاعري نئين نسل لاءِ هڪ پيغام به آهي.

    سوال. توھان ڪھڙي ڪھڙين صنفن تي شاعري ڪئي آ ايئن کڻي چئجي ته لکيو آ.
    جواب. غزل، وائي، نظم، گيت، ڪافي، بيت، چوسٽو، آزاد نظم، نثري نظم، ترائيل، ٽيڙو.

    سوال. ماضي ۽ مستقبل جي شاعري ۽ شاعرن ۾ ڪھڙو فرق ٿا محسوس ڪيو.
    جواب. ماضي ۾ تمام سٺا شاعر پيدا ٿيا جن جي شاعري ڪمال آهي، شاھ عبداللطيف ڀٽائي کان هن وقت تائين اڪثر شاعرن پنهنجي شاعري ۾ حب الوطني ۽ قومي سجاڳي جو سڏ ڏنو آهي، موجوده ٽهي جا شاعر به ديس جي ڀوڳنائن تي سٺو لکي رهيا آهن

    سوال. ھن وقت جي نوجوان شاعرن متعلق ڪو توھانجي راءِ.
    جواب. موجوده وقت ۾ نوجوان شاعر پوري ذميداري سان ايندڙ نسل لاءِ قومي ۽ سماجي شعور جو مثبت پيغام ڏئي رهيا آهن، ڪي ڀٽڪيل به آهن پر مجموعي طور تي مطمئن ڪندڙ ڪردار نڀايو پيو وڃي.

    سوال. نئي ٽھي جي شاعرن جي شاعري ڪيئن ٿي لڳي.
    جواب. نئين ٽھي جا ڪيترائي نوجوان شاعر پنهنجي تخليقن وسيلي ساڃاھ جي روشني ڦهلائي رهيا آهن.

    سوال. چون ٿا شاعري عشق آھي توھانجي راء.
    جواب. شاعري عشق ئي ته آهي، عشق کان سواءِ شاعري ۾ رس چس ۽ پيغام نه هوندو آهي، عشق جنهن ۾ سڀ کان اتم ديس ڌرتيءَ جو عشق آهي.

    سوال شاعري لئه مطالعو لازمي ڇو آھي.
    جواب. مطالعو ائين آهي جيئن بکايل پيٽ ڀرڻ لاءِ ماني کائڻ يا اڃ اجهائڻ لاءِ پاڻي پيئڻ.

    سوال. بغير مطالعي واري شاعري توھانجي نظر ۾.
    جواب. مطالعي کان بغير مشاهداتي شاعري به خوبصورت آهي پر مطالعي سان ذهني اوسر ٿئي ٿي ۽ بهتر لفظن سان ڪارائتو پيغام پهچائي سگهجي ٿو.

    سوال. شاعري ۾ توھانجي پسنديده صنف.
    جواب. غزل سميت هر اها صنف جيڪا گنگنائي ۽ آساني سان ڳائي سگھجي.

    سوال اوھانجو ڪو شاعر استاد جنھن توھانجي شاعري جي اصلاح ڪري توھانکي دڳ لايو ھجي.
    جواب. شاعريءَ جي رنگن کي سمجهڻ پرکڻ لاءِ سنڌ جي خوبصورت شاعر سائين وسيم سومري دڳ لاتو آهي، باقي ڪجھ دوستن ادا مفتون ڪورائي، عبدالخالق عبد، منور ملاح سميت سٺي شاعري سرجيندڙ ساٿين کي رهنمائي ڪندڙ ڀانيان ٿو.

    سوال. پراڻا شاعر نون شاعرن جي اصلاح ڇو ناھن ڪندا.
    جواب. اڪثر باشعور سينئر شاعر نون شاعرن جي اصلاح ڪري پنهنجي حصي جو ڪم ڪن پيا، باقي چند ڪي ساڙ سڙيا شايد هوندا جيڪي لنوائيندا هوندا.

    سوال. اوھان شاعر ٿيڻ کان پو پاڻ کي ڪيئن ٿا محسوس ڪيو.
    جواب. اندر جي آنڌ مانڌ کي خيالن جو روپ ڏئي روحاني سڪون محسوس ٿيندو آهي.

    سوال. اوھانجا ڇپيل يا اڻ ڇپيل مواد ڪيترو.
    جواب. مالي وسيلن جي کوٽ سبب ڇپيل ڪتاب ڪو به ڪونهي، ٽن ڪتابن جيترو مواد پيل آهي.

    سوال. اوھانجو ڪو ڇپيل ڪتاب.
    جواب. شاعري جو ڪتاب ڇپائڻ جي خواهش ۽ ارادو آهي، جنهن لاءِ پيسا گڏ ڪرڻ شروع ڪيا آهن.

    سوال. اوھانجي زندگي جي ڪا اڻپوري حسرت.
    جواب. منهنجا ٻارڙا سٺي اعلي تعليم حاصل ڪري سگهن، مالڪ چاهيو ته ضرور خواهش پوري ٿيندي.

    سوال. اوھانجي زندگي جو ڪو اھم واقعو جيڪو اڻوسرندڙ ھجي.
    جواب. بابا سائين ۽ امڙ سائنڻ جو وڇوڙو، والدين جي وڇوڙي کان پوءِ يتيمي جي احساس واري زندگي ڏاڍي اوکي آهي.

    سوال. اوھانجي سڀ کان سٺي پسند.
    جواب. جيڪو وقت تي ملي، کاڌو، خوراڪ، محبت، عزت، پيار، شفقت وغيره وغيره

    سوال. محبت اوھانجي نظر ۾.
    جواب. محبت هڪ سمنڊ آهي، جنهن جو ٻيو ڪنارو ڪونھي، شال محبتون هر ڪنهن کي نصيب ٿين.

    سوال. آخر ۾ پڙھندڙن لئه ڪو پيغام.
    جواب. مستقبل جي معمارن لاءِ علم جي روشني جي حاصلات لاءِ آسانيون پيدا ڪيو، نفرتن کان نفرت ڪيو ۽ محبتن جا وڻ پوکيو.[​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو