ڪاڇو ۽ چانڊڪا جاگير جي مختصر تاريخ

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ عاشق علي چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏22 اپريل 2019۔

  1. عاشق علي چانڊيو

    عاشق علي چانڊيو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2019
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    وارھ
    تحرير✏
    "عاشق چانڊيو"

    ڪاڇو جي تاريخ بـ تمام پراڻي آھي.سنڌ جي انگريزن جي قبضي ۾ اچڻ کان اڳ ۾ بـ ھي ماڳ موجود ھو جنھن کي چانڊڪا پرڳڻو يا چانڊڪا جاگير ڪوٺيو ويندو ھو.چانڊڪا جاگير جو اھو نالو چانڊيا قبيلي جي آبادي ۽ چانڊيا نوابن جي جاگير ڪري پيو.چانڊڪا جاگير ھيڏانھن حمل ڍنڍ جي ايف پي بند کان شروع ٿي ۽ ويندي ڏاڙھيارو جبل (جيڪو عام طور تي ڪتي جي قبر وارو جبل طور سڃاتو ويندو آھي)تي دنگ ٿئي ٿي.ان سان گڏوگڏ ھي چوٽي سنڌ ۽ بلوچستان جو دنگ پڻ آھي.ڏاڙھيارو جبل تمام گھڻو اونچو ھئڻ سان گڏوگڏ ھڪ ٿڌو علائقو پڻ آھي.1992ع ۾ جڏھن انگريزن ڪوئٽيا کان کيرٿر جبل تائين ماپ پئي ڪئي تـ ھنن ڏاڙھيارو ڏيھ کي سطح سمنڊ کان کيرٿر جبل جي رينج ۾ سڀ کان وڏي چوٽي قرار ڏنو,جيڪا ان زماني جي سروي ۽ ماپ مطابق 7200 فوٽ آھي.ھي علائقو گورک ھل اسٽيشن کان بـ وڌيڪ ٿڌو آھي.ڏاڙھيارو جبل جي اھا ھاڪ ٻڌي بلوچستان حڪومت دعوي ڪئي تـ ھي علائقو انھن جو آھي۽ ان تي تمام گھڻو بحث ٿيو جنھن تي لاڙڪاڻي جي ريسٽ ھائوس ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جا سيڪريٽري سطح جا آفيسر پڻ آيا جنھن تي ان وقت جي لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ شمس جافراڻي ڪلھوڙا ٽالپر جي دؤر جا دستاويز پيش ڪري ثابت ڪيو تـ ڪتي جي قبر ڏاڙھيارو ڏيھ چانڊڪا جاگير ۽ سنڌ جو حصو آھي.مرزا قليچ بيگ 1885ع ۾ جڏھن وارھ ۽ نصيرآباد جو مختيارڪار ھو تـ انگريز حڪومت ان کي سنڌ ۽ بلوچستان جي دنگ ڏاڙھيارو جبل ڏانھن حد ڏسڻ لاء موڪليو تـ مرزا نواب غيبي خان جي ماڻھن سان گڏجي ڪتي جي قبر ڀرسان ھڪ سوراخ ڪري لڪڙو ھڻي سنڌ بلوچستان دنگ سرڪاري طرح نروار ڪيو.کيرٿر جبل جي رينج ۾ اتر طرف کان چانڊيا ۽ مگسي قبيلي جي دنگ کان دادو ضلعي جي ارباب لڪ تائين سٺ يا ستر ڪلوميٽر کيرٿر جبل جو ھي پٽو ٿڌو ۽ وسيع علائقو آھي.
    جيڪڏھن ڪتي جي قبر واري علائقي کي ترقي وٺرائي وڃي تـ ھي علائقو ڪراچي کان ڪوئيٽيا تائين ۽ پنجاب جي اورين علائقن جي ماڻھن لاء اونھاري جو بھترين تفريح گاھ بڻائي سگھجي ٿو,ضرورت آھي تـ ھن علائقي کي جيپ جي رستي سان ڳنڍيو وڃي تـ جيئن ھتي ميڊيا ۽ سير سفر شوقينن جون اکيون طلب ۽ ڪيمرائون پھچي سگھن.جيڪڏھن ھي علائقو آباد ٿي وڃي تـ سنڌ کي خوشحالي جو ھڪ نئون ذريعو ميسر ٿي سگھي ٿو.چانڊڪا پرڳڻو ھڪ صوبو ھو,اھو صوبو دولھ درياھ خان لاشاري جي چوڻ ٿي ڄام نظام الدين سمي 1501ع ۾ چانڊين جي سردار سيمڻ خان کي انعام طور ڏنو ھو.ھن علائقي کي 1916ع ۾ انگريزن طرفان چانڊيا قبيلي جي نواب غيبي خان کي اھا ذميواري ڏني تـ انھي علائقي جو سنڀالو توھين ڪندا جنھن تي ٿاڻا بـ قائم ٿيا ھئا ۽ افغان کان ايندڙ ماڻھن کي روڪيو ويندو ھو.چانڊڪا جاگير جي حصي ۾ کيرٿر جي جابلو سلسلي جيڪي چوٽيون پاڻ ۾ رکيون آھن انھن ۾ ميانگن,مڇل,ڇھڇھانگي,لاکاني,ڏاڙھيارو,انگڙ,کھونئرڙي,واڳن وارو ڪنب,لڪي,ڇانھار جي ڏاٺ ۽ ٻيا شامل آھن.
    کيرٿر جي جبل جي نئين مان ڪرندڙ پاڻي کيرٿر جي ڪڇ ۾ ڪجھ ڍنڍون بـ ٺاھيون آھن,جن ۾ ساروھ ڍنڍ ۽ حمل ڍنڍ اچي وڃن ٿيون.حمل ڍنڍ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ کان چاليھ ڪلوميٽر اولھ طرف آھي.حمل ڍنڍ سنڌ جي ٻي وڏي ڍنڍ ھئي پر ان جو پاڻي روڪي نـ صرف ان کان ٻيو درجو کسيو ويو آھي پر ان کي ڏھين نمبر ھئڻ لائق بـ نـ ڇڏيو آھي.حمل ڍنڍ جي ڊيگھ 25 ڪلوميٽر آھي ۽ ويڪر 10 ڪلوميٽر آھي.ھي ڍنڍ 2965 ايڪڙن تائين پکڙيل ھئي پر ھاڻي شايد 1000 ايڪڙن تي بـ مشڪل سان ھوندي.حمل ڍنڍ جو ٻيو ذريعو کيرٿر جبل کان وھي ايندڙ نئين جو پاڻي آھي,جنھـ ۾ دلان نئين وڏي نئين آھي جيڪي پڻ ھن سال لاڳيتي برسات نـ پوڻ ڪري حمل ڍنڍ جي سڪڻ جو باعث آھي.(ھن سال جي برساتن کان اڳ جي ڳالھ آھي).حمل ڍنڍ ۾ سياري جو جڏھن پاڻي وھي ايندو آھي تـ پرديسي پکي پڻ ھجرت ڪري ايندا آھن جيڪي پڻ سياحن کي موھين ٿا.پر ھن ڍنڍ جي ويراني ڪري ڪاڇي جي رھواسين کي بـ ڪاپاري ڌڪ لڳو آھي جنھن ڪري ھو پنھنجو ٻارنھن مھينن جي ڪڻڪ جو فصل بـ نـ ٿا ڪري سگھن.
    چانڊڪا پرڳڻو جو تخت گاھ غيبي ديرو آھي جيڪو بزرگ طور مشھور شاھل محمد ڪلھوڙي ان وقت جي سردار ولي محمد چانڊيو کي دعا ڪري کيس غيبي جو لقب ڏنو جنھن کان پوء ھي علائقو غيبي ديرو سڏجڻ لڳو.1651ع ۾ جڏھن مغل شھنشاھ شاھ جھان جي پٽن دارا شڪوھ ۽ اورنگزيب ۾ اقتدار جي جنگ شروع ٿي تڏھن سمو ڳڙھ واري ويڙھ ۾ شڪست کائڻ کانپوء دارا شڪوھ پنھنجي پڙڏاڏي ھمايون وانگر سنڌ ڏانھن ھليو آيو ۽ ھلندي ھلندي چانڊڪا پرڳڻي ۾ اچي پھتو جتي ان وقت جي سردار ولي محمد عرف غيبي خان ان جو ڀرپور استقبال ڪيو ۽ غيبي ديري کان ٿورو ٻاھر نئين کنجي جي پڇڙي ۾ ۽ وھندڙي ۽تني جي جبل واري ٽڪري تي دارا شڪوھ جي رھائش جو انتظام ڪيو.دارا شڪوھ تيرنھن ڏينھن ھتي رھيو ۽ نواب جي مھمان نوازي کان تمام گھڻو متاثر ٿيو ۽ وڃڻ وقت چانڊيا نواب کي ملڪ جو لقب ڏنو.اھڙي ريت چانڊين جي سرداري سلسلي ۾ غيبي کانپوء ملڪ خطاب جو پڻ اضافو ٿيو.
    چانڊيا نوابن ۾ نواب ولي محمد خان ٻيون سڀ کان وڌيڪ نامور نواب ھو.چانڊين جو ھي سردار پنھنجي وڏي ڀاء جي وفات کانپوء 1803ع ۾ سرداري جي پڳ جو ڌڻي ٿيو.ان وقت ھن جي عمر 17 سال ھئي.
    1939ع ۾ جڏھن سنڌ تي ٽالپرن جي حڪومت ھئي تڏھن ھن نواب ولي محمد جي ويجھي تمندار غازي خان حسناڻي چانڊيو کي سڀاين ھٿان مارايو ھو جنھن کان بعد چانڊيا نواب ولي محمد ٽالپر حڪومت کي ڍلون ڏيڻ بند ڪيون ۽ بغاوت جو اعلان ڪيو جنھن کانپوء چانڊيا باغي ٿيا.
    1843ع ۾ جڏھن چارلس نيپئير سنڌ تي ڪاھ ڪري آيو تڏھن سردار ولي محمد ٽالپر حڪومت سان ٽڪر ھئڻ ڪريانگريزن جو ساٿ ڏنو جنھن جي ڪري سنڌ جا محب وطن,تاريخدان ۽ شاعر ديس دروھن ۾ شمار ڪندا آھن.چانڊيا ھميشـ کان جنگي سڏبا آيا آھن ڇو جو ھنن ڪيتريون ئي جنگيون ڪيون آھن.جنھن ۾ نواب ولي محمد خان جو ريڪارڊ سڀ کان مٿي آھي.نواب ولي محمد ڪل 64 جنگيون ڪيون ھيون جنھن ڪري کيس جنگي ٺوڙھو بـ سڏيو ويندو ھو.جنگي سندس جنگين جي ڪري ۽ ٺوڙھو مٿي تي وار نـ ھئڻ ڪري مشھور ھو.چانڊين ھونئن تـ ڪيتريون ئي جنگيون ڪيون آھن پر سڀ کان مشھور جنگ چانڊيا مگسي جنگ آھي.ھي جنگ سڱاوتي جي تقرار تان شروع ٿي ۽ ڇھ سال لاڳيتا ھلندي رھي.چانڊيا مگسي جنگ 1914ع ۾ شروع ٿي ۽ 1920ع تي ختم ٿي.ھن دؤر ۾ پھرين عالمي جنگ بـ لڳي چڪي ھئي پر چانڊين مگسين جي ھن جنگ بـ عالمي جنگ جو نالو ماڻي ورتو ھو.جنھن کانپوء پھاڪا بـ مشھور ٿيڻ لڳا تـ فلاڻا تـ صفا چانڊيا مگسي ٿي ويا آھن.ان کان علاوھ ھڪ انگريزي ڊڪشنري ۾ ھڪ محاوري
    "To be at draggar's drawn" جي معني پڻ چانڊيا مگسي ٿيڻ لکي وئي آھي
    ان جو مطلب تـ چانڊيا مگسين جي جنگ ازلي ٿي چڪي ھئي ۽ لاڳيتا ڇھ سال گذرڻ کانپوء ٺاھ ٿيو.

    29 فيبروري 2019 تي ھلال پاڪستان ۾ شايع ٿيل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو