ڪاڇو سياري جي موسم ۾

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ عاشق علي چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏22 اپريل 2019۔

  1. عاشق علي چانڊيو

    عاشق علي چانڊيو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2019
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    وارھ
    تحرير✒
    عاشق چانڊيو

    ھن ڪائنات ۾ ڪيترائي قدرتي نظام آھن. ڌرتي انھن نظامن منجھان ھڪ نظام آھي جيڪا ھڪ گرھ آھي جنھن تي انساني آبادي رھي ٿي.ڌرتي جي گولي تي ٽي حصا پاڻي ۽ باقي ھڪ حصو خشڪي آھي.ھي ڌرتي سج جي چوڌاري ڦرندي رھي ٿي جنھن ڪري موسمون مٽجن ٿيون جنھن جو سائنسي سبب زمين جو سج جي چوڌاري ڦرڻ ڪري جڏھن زمين سج کي ويجھو اچي ٿي تـ اونھاري جي موسم يعني گرمي گھڻي ٿئي ٿي ڇو جو سج ھڪ ٻرندڙ گولو آھي ۽ جڏھن وري ڌرتي ان کان ڪجھ مفاصلص تي ھجي ٿي تـ موسم ۾ ٿڌاڻ يعني سياري جي موسم اچي ٿي.ھي ھڪڙو قدرت جو نظام آھي پر سڄي دنيا ۾ چار موسمون بـ ضروري نـ ٿين ڪٿي ڪٿي تـ سال جا ڇھ مھينا ڏينھن ۽ ڇھ مھينا رات بـ ٿئي پر ڪجھ ملڪن ۾ چار موسمون ٿين ۽ پاڪستان انھن ملڪن منجھان ھڪ ملڪ آھي ۽ سنڌ ان جو ھڪ صوبو آھي.ھونئن تـ سنڌ جو وجود پاڪستان کان بلڪ دنيا کان قديم آھي جنھن جو ثبوت موھن جو دڙو آھي.ھونئن تـ سنڌ جون سرحدون تمام وسيع ھيون پر وقت جي ظالم حڪمرانن انھن جي ايراضي کي سوڙھو ڪري آخر 1947ع ۾ پاڪستان جو صوبو طور ڇڏيو آھي ۽ ڪاڇو ھن صوبي جي ھڪڙي وستي آھي.سنڌ ۾ بـ چار موسمون ٿين تنھن ڪري ڪاڇي ۾ موسمن جو مٽجڻ رھي ٿو ۽ ذڪر ڪيون پيا ڪاڇي جي سياري جي موسم جو تـ ھن موسم ۾ ڪاڇي جا ڪھڙا صورتحال رھن?
    سياري جي موسم ۾ ھونئن تـ سنڌ جون سڀئي وسنديون ٿڌيون رھن پر ٻين وسندين جي ڀيٽ ۾ ھي وسندي گھڻو ٿڌي رھي ٿي جنھن جو باعث کليل علائقو,وارياسي زمين ۽ جابلو پٽي جو سلسلو آھن.ھن مند ۾ ڪاڇو تمام ٿڌو ھئڻ سان گڏوگڏ آباد بـ رھي ٿو ڇاڪاڻ جو حمل ڍنڍ ھن مند ۾ وھي ايندي آھي جنھن ڪري اتان جا رھواسي ڪڻڪ ۽ سرنھن جو فصل ڪندا آھن پر خاص طور ڪڻڪ جو فصل ڪيو ويندو آھي.سياري جي موسم ۾ اتان جا ماڻھو ڏاڍا خوش ۽ سرھا ھوندا آھن ڇو جو پاڻي ھوندو آھي,زمينون آباد ھونديون آھن ۽ چوپايي مال لاء پڻ پاڻي مؤجود ھوندو آھي جنھن ڪري ھتان جو ڏتڙيل مال ۾ بـ ڪجھ ساھ اچيو وڃي.ھتان جي زمين ۾ ٿيندڙ ڪڻڪ کي چار پاڻي ڏنا وڃن ڇاڪڻ جو ھتي جون زمينون وارياسون ھجڻ ڪري گھڻو پاڻي پيئنديون آھن.سنڌ جي ھيٺين زمين ايترو پاڻي نـ پيئندي آھي ڇاڪاڻ جو انھن زمينن ۾ ساريالو فصل بـ ٿئي پر ان جي ڀيٽ ۾ ڪاڇو جي زمين کي پاڻي جي گھڻي گھرج پوي ٿي.
    سياري جي مند ۾ ڪاڇي ۾ پاڻي ھجي ٿو جنھن ڪري ڪاڇو خوشحال رھي ٿو ڇاڪاڻ تـ پاڻي خوشحالي لاء پھريون شرط آھي جڏھن تـ مال بـ خوش رھن ڇو جو جاندار جيوت لاء بـ پاڻي ضروري آھي.ھن مند ۾ ڪاڇو ساوڪ ئي ساوڪ ئي جو نظارو پسائيندو آھي,سائيون ڪڻڪون,سرنھن جي ڦولار جا ڦڪا گل ۽ ٻيرين ۾ پڪل مندائتا ڳاڙھا ٻير بـ سندس جا اتسائيندڙ نظارا آھن.ھتان جا ٻير بـ ڏاڍا مشھور آھن جنھن ڪري سياھ يا اتان جا ماڻھو پنھنجي دوستن ۽ رشتيدارن ڏانھن اھي ٻير تحفي طور موڪليندا آھن.ھن مند جو ڪاڇو خوشحال رھي ٿو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو