زرار پاڻ کي سنڌي مارڪسسٽ چوندو آھي پر ھو صوفي نظر ايندو آھي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    زرار پاڻ کي سنڌي مارڪسسٽ چوندو آھي پر مون کي هن جي شخصيت ۾ ويٺل هڪ صوفي نظر به ايندو آھي جنهن کي اڃا هن پاڻ ته دريافت ناهي ڪيو پر اهو صوفي سندس شخصيت مان پاڻ پسائيندو رهندو آھي ۽ اصل نظريو به اهو هوندو آھي جيڪو ڪنهن جي شخصيت ڏسي سمجهه ۾ اچڻ لڳي. زرار ڪڏھن به پنهنجي پي آر
    پنهنجي ذات لئه استعمال ناهي ڪئي باقي هن پنهنجي پي آر سان هر ممڪن ڪوشش ڪئي آھي ٻين ماڻھن کي ڪم
    اچڻ جي. هن الئي ڪيترن ماڻھن کي روزگار وٺرائي ڏنو آھي جنهن ۾ خود مان به شامل آھيان. هن ڪيترن ماڻھن کان لکرايو آھي، ڪيترن جا مسئلا حل ڪرايا اٿئين، ڪيترن ماڻهن جي بي چيني کي سڪون ۾ تبديل ڪيو اٿئين، پرپنهنجي ذات لئه جائز درخواست به ڪڏھن ڪا نه ڏني اٿئين. جيڪي ماڻھو ايترا سيلف ليس هجن انهن کي هڪ نقصان اهو ٿيندو آھي ته دنيا به انهن جو اهو قدر ناهي ڪندي جيڪو هو لهندا آھن ۽ وري هو پاڻ به ان خود نمائي جي خلاف هوندا آھن، سو نه انهن جا ڪتاب ايندا آھن نه انهن سان شامون ملهائبيون آھن ۽ نه اهي فيس بڪ تي پنهنجي تحريرن تي ڪمينٽس ميڙيندا آھن، نه ئي اهي نام نهاد عظمت ماڻيندا آھن پر اها حقيقت آھي ته اهڙن ماڻھن کي ملندڙ عزت اهڙي ماکي جان هوندي آھي جيڪا عام نه ملندي آھي ۽ ڏاڍي قيمتي سمجهي ويندي آھي.
    زرار ان ڪري به طبعيت ۾ صوفي آھي ڇو ته هو دولت نه هجڻ باوجود سخي آھي. هن رڳو ڏيڻ سکيو آھي.
    ڪجهه سالن کان زرار ۾ ڪيترا ئي مثبت لاڙا آيا آھن انهن ۾ هڪ لاڙو هن جو سماجي حوالي سان سرگرم ٿيڻ به آھي. اسان هڪڙا ماڻھو ڏسندا آھيون جيڪي رڳو مايوسيون جون ڳالهيون ڪندا آھن، عظيم ماضي مان نڪري ناهن سگهندا ۽ برباد ٿيل حال تي کين ڪو رحم ناهي ايندو پر زرار خراب حالتن ۽ موجوده صورتحال کي شخصي توڙي اجتماعي حوالي سان بهتر بڻائڻ لئه سدائين جدوجهد ۾ رهندو آھي.
    زرار تازو انور پيرزادو اڪيڊمي جي پليٽفارم تان ان ڪامياب روايت جي آئيڊيا ڏني ته هر ماڻھو پنهنجي جنم ڏينهن
    تي وڻ جي چڪي پوکي ڌرتي کي تحفو ڏي، سندس ڏنل ان صلاح تي ڪاميابيءَ سان عمل پيو ٿئي ۽ ماڻھن جي عمر گهٽجڻ واري سال سان هڪ نئين حياتي جو سال شروع ٿو ٿئي جنهن سان زندگي جو تسلسل ۽ ڌرتي جي خوبصورتي جو لافاني پيغام ٿو ملي. زرار ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ عورتن جي ادبي سنگت ٻيهر بحال ڪرڻ لئه سنڌو پيرزادي کي اتساهه ڏنو ۽ سنڌو اهو سڀ ڪري ڏيکاريو. هڪڙا ماڻھو اتساهه ڏيندا آھن زرار خود هڪ اتساهه آھي سماجي تبديلي لئه. زراراانور پيرزادو اڪيڊمي جي پليٽفارم تان اڄڪلهه سنڌ جي ادارن جي سائن بورڊن تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ جي مهم به هلائي رهيو آھي. زرار نوجوانن کي همٿائڻ ۾ به سدائين اڳڀرو رهيو آھي، ان ڪري انهن جو سهارو ۽ رهبر رهيو آھي. زرار ٻارن کي وڏو ۽ اڪثر وڏن کي ٻار سمجهندو آھي ان ڪري هن جي نوجوانن وانگيان ٻارن سان گهڻي دل لڳندي آھي.
    زرار گهر توڙي خاندان ۽ ڳوٺ ۾ هڪ وڏي دل ۽ وڏي سوچ رکڻ وارو ماڻھو بڻجي ويو آھي اهڙي وڏي ماڻھوءَ کي جنم ڏينهن مبارڪ هجي.


    امر پيرزادو
    زرار پيرزادي جي جنم ڏينھن جي مناسبت سان لکيل
    زرار جو جنم 23 اپريل 1965ع آھي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو