ڪپتان، ڪابينا،ڪرپشن ۽ ڪارڪردگي!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏25 اپريل 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ڪجهه ڏينهن پهرين ڪپتان پاران ڪيل سندس ڪابينا ۾ تبديلين سياسي مونجھارن ۽ بي يقينيء ۾ گھٽتائيء بدران اضافو ڪري ڇڏيو آهي.مختلف تجزيي ڪار پنهنجا مختلف تجزيا پيش ڪري رهيا آهن.انهن مان ڪجهه ڪپتان جي ڪرڪيٽ واري زماني جو ذڪر به ڪري رهيا آهن ته ڪيئن نه عمران خان ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ اوچتو ۽ ترت ”بولڊ“ فيصلا وٺي تبديليون ڪندو هو.پر هو اها ڳالهه وساري ٿا ويهن ته ڪرڪيٽ ميچ کيڏڻ ۽ حڪومت هلائڻ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق هوندو آهي.هڪڙي اينڪر صاحب ته ٽي وي تي اهو چئي عمران خان کي خراج تحسين پيش ڪيو ته عمران خان هميشه پنهن جي” طبيعت“ مطابق فيصلا ڪندو آهي.هاڻي ان اينڪر صاحب کي ڪير سمجھائي ته حڪومت جا نازڪ ۽ سنجيدا معاملا ڪنهن جي طبيعت ۽ موڊ مطابق نه پر حالتن ۽ وقت مطابق هلندا آهن.ڪابينا ۾ جيڪي تبديليون ڪيون وييون آهن انهن جو جواز اڃا تائين واضح نه ٿي سگھيو آهي ته آخر هن وقت انهن تبديلين جي ضرورت پيش ڇو آئي؟ خزاني واري وزير کي هٽائڻ واري مسئلي تي به حڪومت وٽ ڪو معقول دليل موجود ناهي.جيڪر وزيرن کي سندن خراب ڪارڪردگيء جي بنياد تي هٽايو ويو آهي ته پوء انهن کي ٻيا قلمدان عطا ڪرڻ جو ڇا مطلب؟ منجھائن هڪ وزير تي مبينا طور تي ڪرپشن جا الزام بحث هيٺ آهن پر ڇا ان وزير کي رڳو هٽائڻ ئي ڪافي هو يا سندس خلاف نيب ۾ ريفرنس به وڃڻ گھرجي ته جيئن حڪومت جون ڪنهن به ڪرپشن کي برداشت نه ڪرڻ وارين دعوائن جي سچائي ثابت ٿي سگھي.معيشت جي ميدان ۾ حڪومت جي خراب ڪارڪردگيء جو سمورو نزلو اڪيلي اسد عمر تي ڪيرائي عوام کي مطئمن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پيئي وڃي پر ڳالهه ايتري سادي ناهي. تجزيي نگارن جي خيال مطابق اسد عمر جي هٽائڻ ۾ سندس ڪارڪردگي نه پر عالمي مالياتي ادارن جو عمل دخل آهي جنهن طرف اسد عمر پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ اشارو به ڪري چڪو آهي.ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسد عمر جي هٽائڻ ۽ عبدالحفيظ شيخ جي مقرريء ۾ ڪپتان جو ڪوبه عمل دخل ناهي پوء ڪپتان جي ان دعويٰ جو ڇا ٿيندو ته هو ڪنهن کان به ڊڪٽيشن نه وٺندو؟اصل ۾ ڪپتان ۽ سندس حڪومت پهرئين ڏينهن کان سخت مونجھارن واري ڪيفيت ۾ آهن ۽ کين اڃا تائين ملڪي مسئلن متعلق کين ڪو صحيح ادراڪ ئي نه ٿي سگھيو آهي ۽ نه ئي حڪومت ۾ اها صلاحيت ٿي ڏسجي جو اها انهن مسئلن مان سنجيدگي ۽ حڪمت عمليء سان ٻاهر نڪري سگھي.انهيء کان سواء حڪومت ۾ وقت تي مناسب فيصلو ڪرڻ ۽ بعد ۾ ان تي قائم رهڻ واري صلاحيت به نٿي ڏسجي.اهو ئي سبب آهي جو بي وقتائتا ۽ بنان سوچ سمجھه جي فيصلا ٿين ٿا ۽ جلد ئي انهن فيصلن کان يو ٽرن اختيار ڪيو وڃي ٿو.ايئن ٿو لڳي ته حڪومتي معاملن ۾ رڳو اهڙن ماڻهن ۽ مشيرن کان صلاحون ورتيون پييون وڃن جن ۾ سياسي بصيرت جي سخت اڻاٺ آهي.تحريڪ انصاف جي حڪومت سان هڪ الميو اهو به آهي جو سندن پنهنجن صفن ۾ سخت اختلاف ۽ ڌڙا بنديون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.هونئن ته ڌڙا بنديون هر حڪومت ۽ هر سياسي پارٽيء ۾ هونديون آهن پر تحريڪ انصاف جو ان معاملي ۾ قصو ڪجهه نرالو آهي.ايستائين جو پهرين صف جا اڳواڻ ميڊيا ۾ اچي هڪٻئي سان مقابلو ڪري رهيا آهن پر ڪپتان ان معاملي تي اڃا تائين ڪنهن به سنجيدگيء سان نوٽس نه ورتو آهي.حڪومت جي اتحادين جا پنهنجا مفاد ۽ پنهنجون دلچسپيون آهن،اهي هيستائين حڪومت جي مدد ڪرڻ بدران رڳو بليڪ ميلنگ واري سياست ئي ڪندا رهيا آهن.پنجاب ۾ ته حڪومتي وهنوار اٽڪل بيهجي چڪو آهي پر اتان جو وڏو وزير اڃا تائين ڪپتان لاء وسيم اڪرم پلس بڻيل آهي.هاڻوڪين تبديلين جي نتيجي ۾ حڪومت کي رليف حاصل ٿيڻ بدران هيڪاري تحريڪ انصاف جا اندروني مسئلا وڌيڪ منجھي پيا آهن.جن به وزيرن جي قلمدانن ۾ تبديليون ڪيون وييون آهن يا جن کي فارغ ڪيو ويو آهي اهي سڀ ڪپتان کان ناراض نظر اچن ٿا.وفاقي توڙي پنجاب حڪومت اڳيئي رڳو چند ووٽن تي بيٺل آهي ۽ جيڪر ڪپتان پنجاب متعلق ڪو صحيح فيصلو نٿو ڪري ته پنجاب حڪومت سان گڏوگڏ خود سندس وفاقي حڪومت به چند مهينن کان اڳتي هلندي نظر نٿي اچي.بدقسمتيء جي ڳالهه اها جو گذريل اٺن مهينن دوران تحريڪ انصاف جي حڪومتي ريڪارڊ ۾ ڪو اهڙو عوامي ڀلائيء جو ڪارنامو ناهي جنهن کي اها ڪيش ڪرائي سگھي.ايندڙ ڏينهن ۾ حڪومت لاء چيلينج نهايت سخت ٿيندا محسوس ٿي رهيا آهن.جيڪر ڪنهن کي اها غلط فهمي آهي ته نئين وزير خزانه جي اچڻ سان معيشت ٽپا کائي آسمان تي پهچي ويندي ته اها رڳو خام خيالي آهي.ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائي اڃا به وڌڻ واري آهي انهيء سان گڏوگڏ حڪومت مخالف تحريڪن ۽ ڌرڻن جي امڪان کي به رد ڪري نٿو سگھجي.صورتحال اها آهي جو ڪابينا جا اڌواڌ وزير اڻ چونڊيل ماڻهو آهن جن جو ڪپتان جي پارٽيء سان ذري جو به تعلق ناهي.سوال اهو آهي ته جن ماڻهن جو ڪو سياسي اسٽيڪ ئي نه هجي اهي عمران خان جي سياسي سوچ ۽ پاليسين کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگھندا ۽ عوام سان ڪيل تحريڪ انصاف جي وعدن کي ڪهڙيء طرح پورو ڪري سگھندا؟تحريڪ انصاف جي حڪومت لاء هڪ وڏو مسئلو اهو به آهي ته نوڪرشاهي ان سان ڪنهن به قسم جو تعاون ڪرڻ لاء تيار ناهي ۽ گھڻا عملدار پنهن جي ان ناقص ڪارڪردگيء جو سبب نيب ڪاروائين کي قرار ڏين ٿا.سو لڳي ٿو ته هاڻوڪي حڪومت هڪ اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسندي ٿي وڃي جتان نڪرڻ جو رستو في الحال نظر نٿو اچي.معاملن کي رڳو ٽاريو پيو وڃي ۽ جيئن جيئن وقت گذرندو نه رڳو ماڻهن جي مايوسين ۾ واڌارو ٿيندو بلڪه حڪومت مخالف بيانيي کي به هٿي ملندي.احتساب جي نالي تي ٿيندڙ ڪاروائين به حڪومتي ساک کي گھڻو نقصان رسايو آهي جو حڪومت سان لاڳاپيل ماڻهن جي معاملي ۾ احتسابي ادارا گھڻو نرميء جو مظاهرو ڪندي نظر اچن ٿا جنهن مان محسوس ايئن ٿو ٿئي ته هڪ طرفيون ڪاروائيون ٿي رهيون آهن.انهن حالتن ۾ آخر حڪومت وٽ ڪهڙو الادين جو ڏيئو آهي جو سڀ معاملا پاڻهي درست ٿي ويندا.گذريل اٺن مهينن دوران حڪومت هڪڙو به قانون پارليامينٽ مان پاس نه ڪرائي سگھي آهي انهيء جو مطلب ته پارليامينٽ به عملي طور تي غير فعال بڻيل آهي.رياستي معاملن کي گھڻي وقت تائين ان قسم جي ڍر ۽ غير يقينيء جي حوالي ڪري نٿو سگھجي.پنجاب ۾ نيون سياسي صف بنديون ٿي رهيون آهن ۽ جيڪر پنجاب ۾ ڪپتان جي مرضيء خلاف ڪا تبديلي اچي ٿي ته پوء خود ڪپتان لاء وفاق ۾ پنهنجو سياسي توازن برقرار رکڻ ناممڪن بڻجي سگھي ٿو.بهرحال ايندر ڪجهه مهينا هاڻوڪي حڪومت ۽ پاڪستاني سياست لاء نهايت ئي اهم آهن ۽ هتي ڪنهن به وقت ڪابه اڻ ٿيڻي ٿي سگھي ٿي جو هي سدائين ”اڻ ٿيڻين“ جو ديس رهيو آهي.هتي ڪيئي ”پاپي“ پارسا بڻجي ويندا آهن ۽ ڪئين ”پارسا“ پل ۾ پاپي بڻجي وڃن ٿا!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو