شيڪسپيئر جي انگريزي نظم Aubade جو منظُوم سنڌي ترجُمو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 اپريل 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    (شيڪسپيئر جي 455هين سالگرهه جي مناسبت سان)

    [صبح جي راڳڻي]
    انگريزي نظم Aubade جو منظُوم سنڌي ترجُمو


    (شاعر: وليم شيڪسپيئر | منظُوم سنڌي ترجمو: ياسرقاضِي)

    ٻُڌ! ٻُڌ! ڳيچَ 1* چنڊولَ سندا
    ٻَهه ٻَهه ٻُرندڙَ ٻولَ سندا
    جنتّ جي چائنٺ تي جو،
    گيتَ صُبح جا، ڳائي پيو
    سُورج ـ ديوَ جِي مڌُ، سکِي!
    جاڳِي، جاڳڻَ آسَ رکي
    باغ بهار کي پاڻي ڏيڻَ
    گُلشن کي سيراب ڪرڻَ
    سجَّ جا گهوڙا ڀي جاڳيا
    وِرهَه وڇوڙا ڀي جاڳيا
    جاڳيو مڌُ جي پيالَي ۾
    آسَ وندَي ۽ آلَي ۾
    کڙندڙ گُلُّ به روشن ٿي
    سُونهَن ـ سنِيها ڏَي مُرڪِي
    2* گونٽي جي گُل پڻ پنهنجيُون
    توڙَي اوکيُون ۽ اهنجيُون
    ڇِنڀ ڇِنڀ ٻولِيندَي ٻوليُون
    سونهرِي اکڙيُون کوليُون
    جاڳِي جام جِي جهولِي ڀي
    پرهَه جي پريت ـ پرولِي ڀِي...
    مُنهنجي وينگس! جاڳُ مٺي!
    جاڳُ ته جاڳئي ڀاڳُ مٺي!

    (جُمعو، 26 اپريل 2019ع ـ 20 شعبان 1440هه )

    1* چنڊول = چنڊول پکي (Lark)، جهرڪيءَ جهڙو ننڍڙو پکي
    2* گونٽو = پيلي رنگ جو هڪ سُهڻو گُل (Mary-bud, Marigold)

    (اصل نظم:)

    (Aubade)
    HARK! hark! the lark at heaven's gate sings,
    And Phoebus 'gins arise,
    His steeds to water at those springs
    On chaliced flowers that lies;
    And winking Mary-buds begin
    To ope their golden eyes:
    With everything that pretty bin,
    My lady sweet, arise!
    Arise, arise!

    (William Shakespeare)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو