پروفيسر مٺل جسڪاڻي جي ڪتاب زرعي سونهون تي تبصرو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ Talib hussain solangi طرفان آندل موضوعَ ‏10 مئي 2019۔

  1. Talib hussain solangi

    Talib hussain solangi
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مئي 2019
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    دادو
    پروفيسر سائين محمد مٺل جسڪاڻي جو چوويهون ڪتاب " زرعي سونهون " (زرعي بنيادي ڄاڻ )

    طالب حسين سولنگي ۔

    اسان جا سنڌي آبادگار ڀائر زراعت بابت ڪافي ڄاڻ رکن ٿا ، پر زراعت جي سائنسي علم کان اسان جا سنڌي آبادگار ھميشه الجهل رهيا آھن ، ان جو اهم ڪارڻ اهو آ تہ اسان جا سنڌي آبادگار اردو ۽ انگريزي ٻولي جا ڄاڻو ناهن ۔! ڇو تہ اسان وٽ زرعي سائنسي علم گهڻو ڪري اردو يا انگريزي ۾ ڇپبو آھي ، تنهن ڪري اسان جا آبادگار زراعت جي سائنسي علم کان پر ڀرو رهندا آيا آھن ۔!

    انڪري سنڌ جا آبادگار زرعي علم کان بي خبري جي ڪري ڪافي نقصان پڻ ڀوڳيا آھن ۔ تنهن ڪري آبادگار طبقي کي هن وقت ڪنهن اهڙي ڪتاب جي سخت ضرورت هئي ، جنهن کي هو پنهنجي پنهنجي ٻوليء ۾ سولائيء سان پڙهي سگهن ۽ ان مان ڪو لاڀ حاصل ڪري سگهن ، جيڪو ڪتاب هر قدم تي آبادگارن جي رهنمائي ڪري ۔
    هن سائنسي دؤر ۾ سنڌي آبادگارن تائين سنڌي اردو توڙي انگريزي ۾ علم پهچائڻ لاء ھر وقت پنهنجو پاڻ پتوڙيندڙ ، جيڪو ڪنهن بہ لفظي تعارف جو محتاج ناهي ، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي پروفيسر ، منهنجو استاد محترم سائين محمد مٺل جسڪاڻي صاحب جي عملي جدوجهد تي جيترو لکجي گهٽ آھي ۔

    سائين محمد مٺل جسڪاڻي صاحب سنڌي آبادگارن تائين زرعي ڄاڻ پهچائڻ ۾ ڪا بہ ڪسر ناهي ڇڏي ، اخبارن ذريعي ، ٽيليويزن ۽ ريڊيو ذريعي پنهنجي ڄاڻ ڀريون ڳالهيون پهچائيندا رهن ٿا ۔
    هونئن تہ سائين جن پنهنجي زندگي ۾ 23 ڪتاب ، ۽ ھزارن جي تعداد ۾ زراعت بابت اخبار ۾ ڪالم لکيا آھن ، پر تازو ئي سائين محمد مٺل جسڪاڻي جو 24هون ڪتاب "زرعي سونهون " ڇپجي پڌرو ٿيو آھي ، جيڪو مون کي پڙھڻ لاء سائين جن طرفان هڪ ڪاپي تحفي طور نصيب ٿي ۔
    زرعي سونهون ، واقعي هڪ زراعت جي علم سان سونهن ڀريو ڪتاب آھي ۔ سنڌ جي آبادگارن کي جنهن شيء جي ضرورت هئي ، جيڪا ڄاڻ آبادگار يا زراعت جي علم جا شاگرد حاصل ڪرڻ لاء بيچين هئا ، سا ڄاڻ سو علم هاڻي انهن تائين پهچندو ۽ آبادگار طبقو هن ڪتاب مان ڪافي حد تائين فائدو پڻ حاصل ڪندا ۔!
    محمد مٺل جسڪاڻي نہ صرف سنڌي ۾ آبادگارن تائين پيغام پهچائي ٿو ، پر مختلف اردو اخبار ، اردو رسالا ، انگريزي اخبار ، انگريزي ۾ ڇپجندڙ ريسرچ جرنلس ۾ پڻ شايع ٿيندا رهيا آھن ۔ سندس سنڌي ، اردو ۽ انگريزي ۾ ڇپيل زرعي معلوماتي ڄاڻ وارا مقالا ۽ تحريرون قابل تعريف بڻجن ٿيون، پاڪستان سطح تي سندس جون تحريرون تہ عام پڙهيون ۽ ساراهيون وڃن ٿيون پر ملڪ کان ٻاهر بہ پڙهيون ۽ ساراهيون وڃن ٿيون ۔

    محمد مٺل جسڪاڻي جون زرعي معلومات واريون لکڻيون آبادگارن لاء تہ ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهن ، پر زرعي شعبي سان واسطيدار شاگردن لاء پڻ اردو ۽ انگريزي ۾ ڇپجندڙ لکڻيون ڪنهن حد تائين شاگردن جي رهنمائي ڪن ٿيون ۔

    "زرعي سونهون " ( بنيادي زرعي ڄاڻ ) ڪتاب ۾ ڇپيل سائين محمد مٺل جسڪاڻي صاحب جون ڪارائتيون صلاحون ، ۽ ڄاڻ ڀريا مضمون آبادگارن کي موجوده پريشانين مان نجات ڏيارڻ لاء ڪافي آھن ۔

    "زرعي سونهون " (بنيادي زرعي ڄاڻ ) ڪتاب ۾ ڇپيل دلچسپ مضمون پڙهڻ وٽان آھن ۔ هي ڪتاب ٻن اهم ڀاڱن تي مشتمل آھي۔

    ڀاڱو پهريون بنيادي زرعي ڄاڻ جا مضمون :
    1۔ آبادگارن کي پنهنجي بقاءۡ لاء سوچڻ گهرجي ۔
    2۔ فصلن جي پيداوار ۽ بچاءۡ ، مسئلا ، مونجهارا ۽ صلاحون ۔
    3۔ خوشگوار زندگي ، پاڻي، ٻوٽا، وڻ، ۽ موسم ۔
    4۔ موسمي تبديلي ۽ ان جا زراعت تي منفي اثر ۔
    5۔ ڪو بہ ٻوٽو يا وڻ ، فضول ناهي ، زمين جو ذرو بہ واندو نہ ڇڏيو ۔ ، سميت ٻيا بہ ڪيترا ئي ڄاڻ ڀريا مضمون ۔
    ڀاڱو ٻيون ، فصلوار ۽ ماهوار زرعي ڪم ڪار ۔، جا مضمون ۔
    1۔ ڪڻڪ
    2۔ ساريون
    3۔ جوئر ، ٻاجهر ۽ مڪائي
    4۔ وونئڻ
    5۔ ڪمند
    6۔ جانورن جي چاري وارا گاھہ ۔، سميت ٻيا بہ دلچسپ ۽ ڄاڻ ڀريا مضمون ڀاڱي ٻئي تي ڇپيا ويا آھن ۔

    ان سان گڏو گڏ فصل پوکڻ جا صحيح وقت ، انهن تي جيتن جي حملي ۽ انهن جون بيماريون ۽ انهن بيمارين جا نالا ۽ بيمارين کان بچڻ جون صلاحون پڻ هن زرعي سونهون ڪتاب ۾ ڇپيا ويا آھن ۔

    ان کان علاوه هر مضمون جي پڇاڙي ۾ ان مضمون جي نسبت سان سائين جن جي شاعري تہ اصل هن ڪتاب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آھن ۔

    زراعت جو علم عام ماڻهون تائين رسائڻ ، سو بہ ٽن اهم ٻولين جنهن ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ سائين محمد مٺل جسڪاڻي صاحب جن جون اهڙيون ڪاوشون هڪ ڏينهن ضرور رنگ لائينديون ۔

    مان اميد ٿو ڪريان تہ هي ڪتاب آبادگارن سميت زراعت جي شاگردن لاء هر قدم تي رهنمائي ڪندو ۔ ان کانسواء آبادگارن ۾ زرعي علم جي کوٽ ختم ڪرڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو ، ۽ آبادگارن جي زندگين ۾ وڏيون تبديليون آڻيندو۔
    طالب حسين سولنگي دادو .
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو