*ڪجھ خطرناڪ بيماريون ۽ انهن جو گهٽ مقدار ۾ حل

'صحت سرير جي' فورم ۾ zaheer hussain طرفان آندل موضوعَ ‏2 سيپٽمبر 2019۔

  1. zaheer hussain

    zaheer hussain
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    *ڪجھ خطرناڪ بيماريون ۽ انهن جو گهٽ مقدار ۾ حل*

    *تحرير: ظھير حسين ملوڪاڻي*


    *هون ته انسان ذات ڪنهن بيماريون ٿين ٿيون پر ڪي اهڙيون بيماريون آھن جيڪي انسان ذات لاء ڪنهن به وقت موت جو سبب ٿئي سگهن ٿيون انهن بيمارين چند بيماريون هيٺ تحريري جي صورت ۾ بيان ڪجن ٿيون ۽ انهن بيمارين کي ختم ڪرڻ جو حل به بيان ڪنجي ٿو ٿئي سگهي اهو هڪ مڪمل حل نه هجي پر مون بنده حقير انهن بيمارين جو ڪجھ حل مختلف اخباري رسالن ۽ ڪجھ معزز دوستن جي مدد سان هٿ ڪيو آھي*
    *ان شاالله اميد ٿئي ڪنجي ته منهنجي هن تحرير کي پڙھندا ۽ ان بابت پنهنجي راء سان اسان کي نوازيندا*

    بيماري نمبر (1)

    *{مڇي وڌيڪ کائڻ سان فالج جو خطرو گهٽ}*

    *هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا مڇي کائيندڙ ماڻهن ۾ فالج جو دورو پوڻ جو خطرو هنن ماڻهن کان گهٽ آهي جيڪي مڇي نه* *کائيندا آهن يا وري تمام گهٽ کائيندا آهن. اِها ڳالهه سويڊن جي ڪيرولنسڪا انسٽيٽيوٽ جي ماهرن سوزانه لارسن، نڪولا ۽ سني جي سائنسي* *اخبار ”اسٽروڪ“ ۾ ڇپيل تازي رپورٽ ۾ ٻڌائي وئي آهي.*
    *ماهرن جو چوڻ آهي ته مڇي ۾ موجود اوميگا ٿري فيٽي ايسڊ سان بلڊ پريشر ۽ ڪولسٽرول تي سُٺو اثر پوي ٿو جنهن سان فالج جو خطرو پڻ گهٽجي ٿو. اِهو نتيجو آمريڪا، يورپ،* *جاپان ۽ چين ۾ جاري 15 ريسرچز جو آهي. هنن مان هر ريسرچ ۾ ماڻهن کان پڇيو ويو ته اُهي هفتي ۾ ڪيترا ڀيرا مڇي کائيندا آهن بعد ۾ 4 کان 30 سالن ۾ اِهو ڏٺو ويو ته هنن مان ڪيترن ماڻهن کي فاليج جو اٽيڪ ٿيو.*
    *آمريڪا جي هاورڊ اسڪول ۾ وچڙندڙ بيمارين جي ماهر دار يوز مظفرئين چيو ”منهنجو خيال آهي ته مڇي ۾ ڪل اوميگا ٿري سان گڏ اضافي غذائي خاصيتون موجود آهن جنهن سان فاليج جو خطرو گهٽجي ٿو*

    *مظفرئين چيو ته مڇي ۾ موجود وٽامن ڊي، سلينيم سان گڏ مختلف پروٽينز سان فالج کان بچاءُ ٿيندو آهي. هن چيو ته انهيءَ ڳالهه جا ثبوت مليا آهن ته هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا مڇي* *کائڻ صحت لاءِ فائديمند آهي*
    *ريسرچ جا انگ اکر 30 کان 103 سالن جي عمر جي 4 لک ماڻهن کان گڏ ڪيا ويا آهن. هر هفتي ٻه ٽي ڀيرا مڇي کائيندڙ ماڻهن ۾ فالج جو خطرو 6 سيڪڙو گهٽجي وڃي ٿو.*
    *هر ريسرچ ۾ ڪثرت سان مڇي کائيندڙ ماڻهن ۾ فاليج جو خطرو هنن ماڻهن کان 12 سيڪڙو گهٽ آهي جيڪي تمام گهٽ مڇي کائيندا آهن. مظفرئين جي ريسرچ سان خبر پئي آهي ته تريل مڇي يا فش سينڊوچ کائيندڙ ماڻهن کي فالج ۾ فائدو نه ٿيو پر سندس موجب حالي ريسرچ سان اِهو ثابت ٿيو آهي ته بنا تريل مڇي کائڻ سان فالج جو خطرو گهٽجي ٿو.*
    *سندس چوڻ هو ته فالج جو خطرو گهٽائڻ لاءِ صحتمند خوراڪ کائڻ، وڌيڪ ايڪسرسائز ڪرڻ سان گڏ روٽين چيڪ اپ ڪرائڻ جو شعور بيدار ڪرڻ هنن ماڻهن لاءِ به فائديمند آهي جيڪي مڇي هرگز نه کائيندا آهن يا وري تمام گهٽ کائيندا آهن.*

    بيماري نمبر (2)

    *{ڪم مڪمل ڪريو يا وري ننڊ}*

    *هڪ تازي سروي موجب 23 سيڪڙو آمريڪين کي اوجاڳي جي بيماري آهي جنهن سان آمريڪي معيشت کي ساليانو 63.2 بلين ڊالر جو نقصان ٿئي ٿو. تازو ئي آمريڪا جي اڪيڊمي آف سليپ ميڊيسن پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب ساليانو بنياد تي هر آمريڪي شهري کي اوجاڳي جي بيماري يا وري گهٽ ننڊ اچڻ جي بيماري جي ڪري 11.3 ڏينهن جو نقصان ٿئي ٿو.*
    *هاورڊ ميڊيڪل اسڪول ۾ نفسياتي بيمارين جي ماهر ۽ هن سروي ۾ شامل ڊاڪٽر رونلڊ ڪيسلر جو چوڻ آهي ته ”اسين انهن نتيجن جو جائزو وٺڻ بعد اچرج ۾ پئجي ويا سين ته ننڊ نه اچڻ يا وري گهٽ آرام ڪرڻ سان عام ماڻهو جي زندگي تي ڪيترو بُرو اثر پوي ٿو.*
    *ڊاڪٽر ڪيسلر وڌيڪ چيو ته ان جو مطلب اِهو ناهي ته گهٽ سمهڻ سان آمريڪي شهري ڪم ڪونه ڪندا آهن. ان جي ابتڙ آمريڪي پنهنجي ملازمت واري جاين ڏانهن ويندا آهن پر ڪم تمام گهٽ ڪري سگهن ٿا.* *ڊاڪٽر ڪيسلر موجب هن سروي ۾ آمريڪا جي 7 هزار کان وڌيڪ ملازمن کي شامل ڪيو ويو.*
    *اِها رپورٽ ڊاڪٽر ڪيسلر جي هن سروي جو حصو هئي جنهن جو نالو( American Insomnia Study) رکيو ويو آهي. اِها ريسرچ سال 2008 جي شروعات ۾ ڪئي وئي.* *هن سروي موجب اِها بيماري ليڊيز ورڪرز ۾ مردن کان وڌيڪ آهي. هن سروي ۾ شامل 27.1 سيڪڙو عورتن کي اوجاڳي يا وري گهٽ ننڊ اچڻ جي بيماري آهي جڏهن ته مردن ۾ اِها شرح 19.7 سيڪڙو هئي.*
    *ڊاڪٽر ڪيسلر موجب کيس خبر آهي ته ننڊ نه اچڻ جي ڪري آمريڪي معيشت کي ڪيترو نقصان ٿيو آهي. سروي موجب هن بيماري جي علاج لاءِ هر مريض ساليانو 200 ڊالر خرچ ڪري ٿو.*

    بيماري نمبر (3)

    *{دل جي مريضن لاءِ تنهائي پڻ خطرناڪ آهي}*

    *دل جي بيماري خطرناڪ آهي، پر دل جو دورو پوڻ بعد جيڪڏهن مريض 4 سالن تائين تنها رهي ٿو ته سندس موت جو خطرو پڻ وڌي سگهي ٿو. اِها ڳالهه هڪ تازي ريسرچ ۾ بيان ڪئي وئي آهي.*
    *آمريڪن جنرل آف ڪارڊيولوجي ۾ ڇپيل رپورٽ موجب دل جو دورو پوڻ جي هڪ سال ۾ تنها ۽ ڪٽنب سان رهندڙ، ٻنهيءَ قسمن جي مريضن لاءِ موت جو خطرو ساڳيو آهي. پر 4 سال تائين تنها رهندڙ مريضن لاءِ اِهو خطرو 35 سيڪڙو وڌي وڃي ٿو.*
    *هن ريسرچ موجب دل جو دورو پوڻ بعد مريض کي گهر ۽ سپورٽ نه ملي ته هڪ سال دوران سندس صحت متاثر ٿي سگهي ٿي*

    *هڪ ميڊيڪل اسٽوڊنٽ موجب ”دل جو دورو پوڻ بعد مريض کي سوشل سپورٽ ڏيڻ سميت سندس خاص خيال رکڻ گهرجي.*
    *توڙي هن ريسرچ سان اِها ڳالهه ثابت ڪونه ٿئي سگهي آهي ته تنهائي مريض جي وقت کان پهريان موت جو ڪارڻ آهي، پر ماهرن جي ٽيم تنها ۽ خاندان رهندڙ مريضن جي وچ ۾ موجود فرق تي زور ڏنو آهي، جن ۾ هنن جي جنس، نسل ۽ ازدواجي حيثيت وغيره شامل آهن.*
    *ٻئي پاسي دل جي ماهر (Sharonne Hayes) جو چوڻ آهي ته اِهو فرق تمام اهم آهي ڇاڪاڻ ته هن سان مريض جي صحت متاثر ٿي سگهي ٿي* *جڏهن ته موت جو خطرو پڻ گهٽجي ويا وڌي سگهي ٿو.*
    *سندس چوڻ آهي ته ”خاندان سان ۽ تنها رندڙ مريضن جي وچ ۾ ڪجهه بنيادي فرق آهن.* *توهان نارنگي جو مقابلو صوف سان ڪري رهيا آهيو.“*
    *هن کان پهريان به ميڊيڪل ريسرچز سان معلوم ٿيو آهي ته سماجي رابطا صحت متاثر ڪري سگهن ٿا. ڪجهه تحريرن جي نتيجي ۾ اِهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته پالتو جانور پڻ زندگي جو جواز ٿي سگهي ٿو.*

    بيماري نمبر (4)

    *{دماغ جو دشمن ڪير؟}*

    *انسان طويل عرصي کان ڪڏهن بادام ۽ اخروٽ کائي، ڪڏهن ذهني آزمائش جون ورزشون ڪري ۽ ڪڏهن مختلف دوائون ۽ طريقن سان پنهنجي دماغي صلاحيت وڌائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. پر ٻئي پاسي ڪو هوريان هوريان سندس دماغ کائي ٿو، هوريان هوريان جيئن ڪوئو شئيون کائي ٿو.*
    *اسانجو دماغ پنهنجا سمورا ڪم ۽ عمل پنهنجن خلين ذريعي جن کي نيوراڪ چئبو آهي، مڪمل ڪري ٿو، هڪ اندازي موجب انساني دماغ ۾ نيوران جو انگ اوترو آهي جيترو هن ڪائنات ۾ موجود سيارا ۽ ستارا يعني هڪ کرب کان وڌيڪ آهن*
    *اسانجو دماغ هڪ ڪمپيوٽر چپ وانگر آهي جنهن ۾ ڪروڙين سرڪٽ آهن جيڪي بجلي سان ڪم ڪندا آهن. دماغ گهربل بجلي پاڻ پيدا ڪري ٿو. اسانجي دماغ ۾ موجود برقي قوت جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اِها مقدار 10 کان 23 واٽ جو بلب روشن ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.*
    *دماغ کي پنهنجا ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ گلوڪوز ۽ آڪسيجن گهرجي، انساني رت ٻئي شئيون ميسر ڪري ٿو. اسانجي رت جو 20 سيڪڙو وهڪرو دماغ ڏانهن وڃي ٿو. اسانجو بدن خوراڪ ذريعي گلوڪوز جي جيتري مقدار پيدا ڪري ٿو اسانجو ذهن هن مان 20 سيڪڙو مقدار خرچ ڪري ٿو ۽ اسانجا ڦڦڙ پنهنجي اندر جيتري آڪسيجن جذب ڪندا آهن اسانجو دماغ هن مان به 20 سيڪڙو حصو ڪتب آڻي ٿو.*
    *سڀ کان اهم سوال اِهو آهي ته اسانجو دماغ ڪير کائي رهيو آهي؟ سائنسدانن موجب اسانجي دماغ جي خلين کي ڪير ٻيو نه پر اسانجو ئي دماغ کائي رهيو آهي. غور طلب ڳالهه اِها آهي ته اسانجو ذهن پنهنجي بُک کانسواءِ سڀ ڪجهه برداشت ڪري ٿو.* *جيستائين اسانجي دماغ کي مختصر عرصي تائين خوراڪ نٿي ملي اوستائين اسانجو دماغ پنهنجا خليا کائڻ شروع ڪري ٿو.*
    *اسانجو معدو اسانکي بُک جو احساس ڏياري ٿو، پر دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته بُک معدي کي نه پر دماغ کي محسوس ٿيندي آهي. جڏهن گلوڪوز جي سطح گهٽجڻ لڳي ٿي ته ذهن معدي کي پيغام موڪلي ٿو، ۽ معدي جي حرڪت اسانکي بُک جو احساس ڏيارڻ شروع ڪري ٿي. انڪري ڪيترا ئي ڀيرا معدو ڀريل هجڻ باوجود اسانکي بُک جو احساس ٿيندو آهي ۽ ڪيترا ئي ڀيرا خالي پيٽ هجڻ باوجود بُک جو احساس ڪونه ٿيندو آهي.*
    *دماغ لاءِ گلوڪوز جي ساڳئي اهميت آهي جيڪا گاڏي لاءِ پيٽرول جي آهي. هن کان پهريان جو دماغ لاءِ ٻارڻ جي سوئي صفر تي پهچي، هو پنهنجا خليا کائي پنهنجي خوراڪ جي مقدار حاصل ڪري ٿو.*
    *فاڪس نيوز جي ويب سائٽ تي شايع ٿيل رپورٽ موجب نيويارڪ جي الرٽ آئن اسٽائن ڪاليج آف ميڊيسن جي سائنسدانن کي ڊائٽنگ تي ريسرچ ۾ خبر پئي ته نهايت بُک جي حالت ۾ ذهن جو هڪ مخصوص حصو ساڳيو ڪم ڪري ٿو جيڪو اسانجو بدن ڪري ٿو. اسانجو بدن خوراڪ نه ملڻ سبب پنهنجي چرٻي کائي خوراڪ جي مقدار حاصل ڪري ٿو. جنهن سان وزن گهٽ ۽ انسان ڏٻرو ٿئي ٿو. سائنسدانن جو چوڻ هو ته دماغ ائين هرگز نٿو ڪري سگهي، پر ڪوئن تي سلسليوار تجربن سان ظاهر ٿيو ته گلوڪوز نه ملڻ تي ذهن جو هڪ حصو، جيڪو ننڊ، جسم جو درجه حرارت، بُک ۽ اڃ جهڙا مختلف ڪم ڪري ٿو. پنهنجا ئي خليا کائڻ شروع ڪري ٿو.*
    *ريسرچ ڪندڙ ٽيم جي سربراهه ڊاڪٽر رجت سنگهه جو چوڻ هو ته بُک جي سبب جي متعلق سائنسي ريسرچ جي نتيجن سان صحتمند زندگي گذارڻ ۽ پنهنجو وزن ڪنٽرول رکڻ ۾ مدد حاصل ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته پنهنجي خوراڪ ۾ اهڙو توازن قائم ڪرڻ سان، جنهن سان دماغ جي قوت جون ضرورتون حاصل ٿينديون رهڻ، بدن جي اضافي چرٻي ساڙي سگهجي ٿي.*
    *انڪري ڊائٽنگ ڪندڙ ماڻهن کي خبردار رهڻ گهرجي ته ڊائٽنگ توڙي بدن جي اضافي چرٻي کائي يا نه کائي، پر هنن جو دماغ کائي سگهي ٿي.*
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو