ڪنهن زلزلي جي انتظار ۾........!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏29 سيپٽمبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ڪنهن غير ملڪي سياح ڪنهن ڳوٺاڻي کان پڇيو؛ وقت ڪيئن ٿو گذري؟ ڳوٺاڻي وراڻيو؛وقت ڏاڍي مزي ۽ سڪون سان گذري رهيو آهي.مون کي وڻ وڍڻا هئا،ايتري ۾ زبردست طوفان آيو ۽ سمورا وڻ ڪري پيا ۽ ايئن آئون وڻن وڍڻ جي تڪليف ۽ محنت کان بچي ويس.سياح چوڻ لڳو؛ واه ادا واه! ڪهڙي نه سٺي قسمت اٿئي.ڳوٺاڻو چوڻ لڳو؛ اهو ته ڪجهه به ناهي،هڪ ڏينهن مون کي زمين مان گاهه گند ڪڍڻو هو،اوچتو کنوڻ ڪري ۽ سمورو گاهه گند سڙي ويو ۽ مون کي ڪجهه به تڪليف ۽ محنت نه ڪرڻي پيئي.سياح وڏي حيرت سان ڏيو؛ ڏاڍو سٺو، ڀلا هاڻي ڪهڙا ارادا آهن؟ ڳوٺاڻي چيو؛ هاڻي مون کي ٻنيء مان پٽاٽا ڪڍڻا آهن،ان لاء زمين کوٽڻي پوي ٿي،انهيء ڪري هاڻي آئون شدت سان زلزلي جو انتظار ڪري رهيو آهيان ته جيئن بنان ڪنهن محنت جي سڀ پٽاٽا پاڻهي ٻاهر اچي وڃن،

    پي ٽي آئي جي حڪومت به ان ڳوٺاڻي جيان زمين مان پٽاٽا ڪڍڻ لاء ڪنهن زلزلي جو انتظار ڪري رهي آهي.عمران خان جي شخصيت نوجوانن خاص طور تي ۽ قوم لاء اميد جو آخري ڪرڻو هئي.قوم جو خيال هو ته حقيقي تبديلي ايندي ۽ عمران خان جيڪي خواب ڏيکاريا آهن انهن جي تعبير سان قوم جي قسمت بدلبي پر هاڻي ته سال سوا سال ۾ هر طرف مايوسي پکڙجي رهي آهي.جڏهن ڪٿي حڪومت جي ڪارڪردگيء تي بحث ٿئي ٿو ته ڪجهه صاحب فرمائڻ لڳن ٿا ته عمران خان ڪرپٽ ناهي،هو ديانتدار ۽ ايماندار آهي وغيره وغيره.سامهون جواب ڏيندڙ چوڻ لڳن ٿا ته باهه لڳي اهڙي ايمانداريء کي! ايماندار ته اسان جي مسجد جو پيش امام فضل الدين به آهي ته پوء ان کي ئي وزير اعظم ڇونه بنايو وڃي؟اصل ڳالهه ته ليڊرشپ جي هوندي آهي.عمران خان ۾ ليڊرن واري ڪا هڪڙي خوبي به ناهي.هو ته پنهنجي ٽيم کي قابو ڪري نٿو سگھي.ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ڪجهه رانديگرن کي کيڏائڻ ٻي ڳالهه آهي ۽ ملڪ هلائڻ هڪ بلڪل ئي الڳ ڳالهه آهي.ٻيو نه ته ليڊر جي شخصيت ۾ ايتري ته صلاحيت هجي جو هن جي پنهنجي جماعت ۽ ٽيم سندس قابوء ۾ هجي.هن صاحب کي ته حڪومتي معاملن جي خبر ئي نهايت دير سان ٿي پوي،هو اهو اعتراف پاڻ به ڪري ٿو ۽ حيران به ٿئي ٿو ته هي سڀ ڪجهه ڪيئن ٿي ويو؟پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن جي پگھارن جو معاملو هجي يا ڪجهه بااثر ماڻهن جو قرض معاف ڪرائڻ وارو مسئلو،عمران خان کي هر ڳالهه جي خبر ڪجهه ڏينهن کان پوء پوي ٿي.هو ڪهڙو وزير اعظم آهي جيڪو اڃا تائين پنهنجي اطلاعاتي ٽيم به ڪنهن ڍنگ جي ناهي ٺاهي سگھيو.شروع ۾ چوڌري فواد ۽ فياض چوهاڻ گھٽ ۾ گھٽ اپوزيشن جي ڳالهين جو جواب سٺو ڏيندا هئا * پي ٽي آئي جو بچاء ڪندا رهندا هئا.هاڻي ته وزير معاون اطلاعات کان مشير خزانه تائين ڪوبه سندس پارٽيء جو ناهي.عمران خان سالن تائين اسد عمر جي خوبين ۽ صلاحتين جا ڳڻ ڳائيندو رهيو ۽ ڪجهه مهينن بعد ئي کيس وزارت کان ئي الڳ ڪري ڇڏيو.آئي ايم ايف جا سخط شرط مڃيندي قرض به ورتو ۽ دوست ملڪن کان اربن روپين جي امداد حاصل ڪرڻ باوجود به حالتون جيئن جو تيئن آهن.وزارتن ۽ ادارن جون رڳو پگھارون نڪري رهيون آهن.تيل جون قيمتون عالمي منڊيء ۾ گھٽجڻ باوجود اسان وٽ وڌيون آهن جو عام ماڻهو رڙيون ڪري اٿيو آهي.مهنگائي ۽ بي روزگاريء ۾ سو سيڪڙو اضافو ٿي ويو آهي.ڪيترن ئي اهم سرڪاري ادارن ۾ مقرريون ئي نه ٿي سگھيون آهن.علمي،ادبي ۽ ثقافتي ادارن ۾ اهي ئي پراڻا ماڻهو ويٺل آهن.بيورو ڪريسي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ناهي،پنجاب ۾ پوليس جي ظلمن ۽ ستمن جا داستان سوشل ميڊيا تي ڏسي سگھجن ٿا.هاڻي حڪومت ٿاڻن ۾ موبائيل جي داخلا بند ڪري ڇڏي آهي ته جيئن ٿاڻن ۾ ٿيندڙ تشدد ۽ زيادتين جي وڊيو جوڙي نه سگھجي.تازو پنجاب جي وزير اعليٰ جي مشير شهباز گل کان استعفا ورتي ويئي آهي.ڪنهن کي ڪا خبر ناهي ته صاحب ڪير آهي ۽ ڪٿان آيو هو.ڪمزور وڏو وزير لڳائڻ سبب عوام شهباز گل کي وزير اعليٰ سمجھڻ لڳو هو.ماڻهو پڇي ته جيڪر يوٽرن وٺڻ سٺو ڪم آهي ته پوء پنجاب جي لاء به ڪيل بيوقوفاڻي فيصلي تي به يو ٽرن وٺندي اتي ڪا اهڙي شخصيت وڏي وزير طور لڳائي وڃي ها جيڪا ماڻهن کي ڪجهه ڊکيور ڪري ها پر هو وسيم اڪرم پلس وزير اعليٰ جي معاملي ۾ ڄميو بيٺو آهي.جيڪڏهن وزير اعليٰ ٻه لفظ ڍنگ سان ڳالهائي به نه سگھندو هجي ته پنجاب جي چالاڪ ۽ شاطر بيوروڪريسي ڪٿي ٿي سندس قابوء ۾ اچي سگھي؟بس هڪ تماشو لڳو پيو آهي،ان کان ته بهتر هو ته چوڌري پرويز الاهي کي ئي وزير اعليٰ بنائي ڇڏيو وڃي ها.اڳ به ته ڪيئي وزير ۽ مشير قاف ليگ ۽ مشرف جي دور جا لڳا پيا آهن.

    وزير اعظم قومي نشرياتي رابطي تي مقرر وقت پنهنجي تقرير ته نشر ڪرائي نٿو سگھي،رڳو اوهان جي قناعت پسندي ۽ ديانتداري ڪهڙي ڪم جي؟جڏهن ته اوهان جا سمورا ساٿي اهي ئي روايتي ماڻهو آهن جيڪي پئسو ٺاهڻ،عيش آرام ۽ طاقت ۽ اختيارن جي لاء اقتدار ۾ آيا آهن.اوهان اڪيلي ڇا ڪري سگھندا؟قوم کي اميد هئي اوهان جي تقريرن ۽ وعدن مان جيڪي اوهان ڪندا هئا.اوهين ته چوندا هئا ته پي ٽي آئي جي حڪومت ايندي ئي پوري دنيا مان قابل ۽ ڄاڻو ماڻهو اچي اوهان جي مدد ڪندا،ڊالرن جي برسات ٿيندي ۽ هر نظام درست ٿي ويندو.اوهان اڳوڻن حڪمرانن ۽ سندن عزيزن کي جيل ۾ وجھي به ڪجهه وصول ناهي ڪيو.پنجاب ته پوليس اسٽيٽ بڻجي چڪو آهي جو مٿان ڪو ڪو والي وارث يا پڇا ڳاڇا ڪرڻ وارو ڪوئي ناهي.ساهيوال ڪيس پراڻو ٿي ويو،صلاح الدين ڪيس به ماضيء جو قصو بڻجي ويندو.اوهان هيستائين قوم کي ڪهڙو انصاف ڏياريو آهي؟اهي بهاني بازيون ڪيستائين هلنديون.مهنگائيء ماڻهن جو حشر نشر ڪري ڇڏيو آهي،ڪرپٽ ماڻهو آزاد گھمي رهيا آهن بلڪه اوهان جي ڪابينا ۾ به ويٺا آهن.هاڻي تقريرون ڪرڻ ڇڏيو ڪجهه ڊليور ڪري ڏيکاريو جيڪر اوهان ۾ ڪجهه ڊليور ڪرڻ جي صلاحيت آهي!زمين مان پٽاٽا ڪڍڻ لاء ڪنهن زلزلي جو انتظار نه ڪريو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو