ڳوٺ شيخ مرکنڊ بنيادي سهولتن کان وانجهيل.... تحرير: شرف الدين مرکنڊ

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏9 آڪٽوبر 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    هن دور ۾ ڏٺو وڃي ته انسان ترقي ڪري ڪاميابين جون ايتريون ته منزلون طئي ڪيون آهن جو انسان جي زندگي ئي بدلجي چڪي آهي، پر اهڙي دور ۾ به سنڌ جو عوام غربت جي زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهي. سنڌ جي سرزمين کي خدا پاڪ ڪيترن ئي نعمتن سان نوازيو آهي جن جو شمار ئي نه ٿو ڪري سگھجي، پر وقت جا جابر ۽ ظالم حڪمران پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ غريب عوام جي رت چوسي رهيا آهن، جن کي تاريخ ڪڏهن به نه بخشيندي ۽ نه وري خدا پاڪ جي عذاب کان پاڻ کي آجو ڪري سگھندا.. ڇاڪاڻ جو الله جو حڪم آهي ته جيڪڏهن اوهان سمجهيو ٿا ته اوهان ان عهدي جي لائق آهيو، يا ان عهدي تي رهي ڪري ان جو پوراؤ ڪري سگهندؤ ته پوءِ اهو عهدو اوهان لاءِ بهتر آهي، پر جيڪڏهن اوهان عهدي تي رهي ان جو حق ادا نه ڪيو ته پوءِ اوهان جو شمار انهن خيانت دارن ۾ ٿي ويندو جيڪي امانت ۾ خيانت ڪندا آهن.

    جڏهن ته انهن حڪمرانن جي ظلم جي ڪري ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ سهولتن کان وانجهيل نظر اچي رهيا آهن، انهن ڳوٺن مان هڪ ڳوٺ شيخ مرکنڊ به آهي جيڪو هن وقت ضلع قمبر تعلقه نصيرآباد جي يوسي لاکا مندر ۾ شامل آهي، هن قديمي ڳوٺ کي قديم ڳوٺن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي، هن ڳوٺ جو عوام هميشه پي پي جي نمائندن جو حمايتي ٿي رهيو آهي ۽ انهن کي اليڪشن ۾ پنهنجو قيمتي ووٽ ڏئي ڪري ڪامياب ڪيو آهي ۽ انهن کي اعلى ايوانن تائين پهچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو آهي، پر افسوس جوڳي ڳالهه آهي جو هي ڳوٺ مڪمل طور چونڊيل نمائندن جي ڊائرين مان ختم ٿي چڪو آهي، جنهن جي ڪري هي ڳوٺ بنيادي انساني سهولتن کان محروم بڻيل آهي، هن ڳوٺ جي اٽڪل هڪ هزار کان مٿي نفوس تي مشتمل آبادي آهي، هن ڳوٺ جا ماڙوئرا زمينون آباد ڪري پنهنجي زندگي بسر ڪن ٿا. هي قديمي ڳوٺ اڄ جي جديد ٽيڪنالوجي واري دور ۾ به تعليم، صحت، روڊ رستا، سئي گئس، بجلي، نيڪال جي نالين سميت ٻين ڪيترن ئي سهولتن کان محروم بڻيل آهي، جڏهن ته ڳوٺ ۾ هڪ اسڪول آهي پر بلڊنگ خطرناڪ حد تائين زبون حال جو شڪار بڻيل آهي ٻيو ته اسڪول جي چوديواري به ختم ٿيل آهي، جنهن جي ڪري اسڪول ۾ هر وقت جانور ايندا ويندا رهن ٿا ۽ ڇت ڪمزور هجڻ ڪري علائقي جا ڪيترائي معصوم ٻارڙا کليل آسمان هيٺ پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن. ڳوٺاڻڻ ڪافي دفعا وارهه توڙي جو نصيرآباد جي مين روڊ تي ڌرڻا هنيا آهن ۽ اعلى ادارن ڏي خط لکي شڪايتون ڏنيون آهن پر ڳوٺاڻن کي موٽ ۾ رڳو ٺلها آسرا ۽ اميدون ملي سگهيون آهن جڏهن ته اڃان سوڌو ڪا به سهولت مهيا نه ڪئي وئي آهي. ٻيو ته ٺهيو پر چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ کان وٺي اڃان تائين لاپتا بڻيل آهن. جيڪڏهن سندن جي در تي وڃجي ٿو ته صرف ڪجهه ڏينهن جا دلاسا ڏين ٿا پر ڪو به مسئلو حل ڪرڻ جو اشارو نه ٿو ملي. ڏٺو وڃي ته سرڪار جي طرفان هر ڳوٺ کي ڪافي سهولتون ڏنيون وينديون آهن پر هن ڳوٺ کي ڪنهن به قسم جي سهولت ميسر ناهي، جيڪا هن خط ۾ لکي سگھجي. اسان چونڊيل نمائندن کي گذارش ٿا ڪريون ته خدارا تعلقي نصيرآباد جي هن قديمي ڳوٺ شيخ مرکنڊ جي سار لڌي وڃي ۽ هتان جي رهواسين کي بنيادي انساني سهولتن سان گڏ تعليم جي زيور سان انهن جي معصوم ٻارڙن کي سينگاريو وڃي ته جيئن شيخ مرکنڊ جا رهواسي به جديد دور جي سهولتن سان ڳنڍجي سگهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو