سنڌ جي تعليم ۽ يونين سسٽم

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏7 نومبر 2019۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    سنڌ جي تعليم ۽ يونين سسٽم..

    ففقير محمد سنڌي

    سنڌ ۾ تعليم کاتي اندر ٻيا مسئلا ته رهيا هڪ پاسي پر تازو ئي جن مسئلن منهن ڪڍيو آهي، تن ۾ هڪڙو نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن جي امتحانن جون بار بار تاريخون بدلائڻ، گسٽا اڳواڻن پاران امتحانن جو بائيڪاٽ ۽ تعليمي بورڊن جي ملازمن جو احتجاج شامل آهن.
    جيتري قدر تعليمي بورڊز جي ملازمن جي احتجاج جو تعلق آهي ته جيتوڻيڪ سندن مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي پر سوال اهو آهي ته آخر بورڊز جي ملازمن کي احتجاج جي انتها تائين ڇو پهچايو ويو؟ نيب ۾ ڪرپشن الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر عاصم پاران تعليمي بورڊز جي نگراني لاءِ سنڌ ايجوڪيشن اٿارٽي قائم ڪرڻ واري تجويز تي جيڪڏهن عمل ڪرڻو ئي ڪو نه هو ته پوءِ ملازمن کي احتجاج تي مجبور ڪري پريشانيءَ ۾ ڇو مبتلا ڪيو ويو، ڇو نه ان وقت تعليم کاتي پاران وضاحت ڪئي وئي ته اهڙي تجويز غور هيٺ نه آهي؟ ان دوران هو پريس ڪلبن تائين احتجاج ۽ بک هڙتالون ڪندا رهيا پر ڪنهن اکر ڪونه ڪڇيو، نيٺ جڏهن بورڊ ملازمن، ميٽرڪ ، انٽر جي امتحانن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ته پوءِ تعليم کاتي اک پٽيندي امڪاني فيصلي کي واپس ورتو. اڳتي هلجي ته تعليم کاتي وٽ پوري سال جو تعليمي ڪئلينڊر هوندو آهي، نئين تعليمي سال کان ويندي امتحانن تائين اڳواٽ تاريخون طئي ٿيل هونديون آهن، پر هن ڀيري ته ڪمال ڪيو ويو، پهرين نائين ۽ ڏهين جا امتحان 20 مارچ تي رٿيا ويا، ڪنهن اهو ڏسڻ جي زحمت نه ڪئي ته انهن تاريخن تي هندو برادريءَ جو تهوار هولي آهي. بهر حال عين ٽائيم تي اها تاريخ بدلائي پوءِ 25 مارچ ڪئي وئي ته کين خبر پئي ته بورڊ ملازم احتجاج تي آهن. وري تاريخ بدلائي پهرين اپريل رکي وئي آهي ته گسٽا ملازمن بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن سڄي مشق ۾ نائين ۽ ڏهين درجي جا لڳ ڀڳ 8 لک شاگرد آهن، جيڪي ذهني مونجهارن ۽ پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. هو امتحان جي تياري ڪن يا هر ٻئي ڏينهن تعليم کاتي پاران امتحانن جي نئين تاريخ جو انتظار ڪن؟ شاگردن سان گڏ انهن جا والدين به آهن جيڪي تعليم کاتي جي اڪابرن جا افعال برداشت ڪرڻ تي مجبور آهن. هاڻي ان سموري صورتحال کي بدحواسيءَ جو نالو ڏجي يا تعليم کاتي جي عملدارن جي لاپرواهي ۽ نا اهليءَ جو پر جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، تنهن مان هڪ ڳالهه واضح ٿي سامهون اچي رهي آهي ته تعليم کاتي کان انتظامي مامرا سنڀاليا ڪونه پيا ٿين. هاڻي گسٽا پاران پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ امتحانن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي، انهن استادن جا مطالبا جائز آهن يا نه، پر ان ۾ به متاثر شاگرد ئي ٿيڻا آهن. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن گسٽا اڳواڻن جا مطالبا جائز آهن ته پوءِ کين اهي حل ڪرائڻ لاءِ کين احتجاج وارو دڳ اختيار ڪرڻ تي ڇو پيو مجبور ڪيو وڃي؟ استاد بائيڪاٽ ڪندا ته ڇا اهي امتحان ڪلارڪن، پٽيوالن ۽ چوڪيدارن وسيلي ورتا ويندا؟ ان تي وري دانهون ٿينديون ته پوءِ وڃي سندن مسئلا حل ٿيندا؟ استاد اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اهي ڪي هاڻوڪا مسئلا ناهن پر اهي حڪومت طرفان تسليم ٿيل آهن. پر انهن جو نوٽيفيڪشن جاري نٿو ڪيو وڃي. هاڻي هڪ پاسي تعليم کاتي ۾ بهتري جون دعوائون ڪيون پيون وڃن. ته ٻئي پاسي اجهو اها صورتحال آهي جو شاگردن کان وٺي ملازمن تائين لکين ماڻهو پريشان آهن، اسين سمجهون ٿا ته حڪومت ۽ تعليم کاتي کي عوام توڙي سرڪاري ملازمن جي مسئلن جي حوالي سان پنهنجي روش کي بدلائڻ گهرجي، مسئلا جائز آهن ته اهي ٿڏي تي حل ٿيڻ گهرجن، کين خوار ڪري احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ ۽ شاگردن کي تعليمي نقصان کان بچائڻ گهرجي. تعليم کاتي کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻ گهرجي، کاتي کي پنهنجي صلاحيت، اهليت ۽ فيصلي سازيءَ کي بهتر بڻائڻ گهرجي ته جيئن انتظامي معاملا خوش اسلوبي سان حل ٿي سگهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو