سنڌ جي نياڻي نمرتا جو روح انصاف لاءِ منتظر....!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏9 نومبر 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    مرڪ منان چانڊيو

    16 سيبٽمبر تي لاڙڪاڻو بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي فائينل ييئر جي شاگردياڻي نمرتا ڪماري جو پنهنجي روم مان جڏھن لاش مليو تڏھن اسان جي مٿان ڄڻ ته وڄُ ڪڙڪي پئي، جسم ڪانڊارجي ويو، دماغ مائوف ٿي ويو ته هڪ ٻئي نائلا رند جي روپ ۾ نمرتا ڪماري جي زندگي جو ڏيئو اُجهايو ويو هڪ ٽڙندڙ گُل کي ڪومايو ويو ڇو جو اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پڙھندڙ نياڻيون خودڪشي نٿيون ڪري سگهن اهي ته اڻ ڳڻيون تمنائون ۽ حسرتون سيني ۾ سانڍي پنهنجا ۽ پنهنجي والدين جا هزارين خواب ساڀيان ڪرڻ لاءِ وينديون آھن اهي اتان ڪامياب ۽ ڪامران ٿي پنهنجي منزل جي حاصلات لاءِ ڪيڏيون بيچين هونديون آھن اهو اندازو اسان چڱي ريت لڳائي سگهون ٿيون ڇو جو هڪ عورت ئي ٻئي عورت جي خوشي ۽ ڏُک واري ڪيفيت کي تمام سُٺي نموني پروڙي سگهي ٿي ته هڪ عورت لاءِ ان جا ۽ ان جي والدين ۽ خاندان سان منسلڪ ڪيترا ئي خواب هوندا آھن جن لاءِ اهي ڪيتريون حساس هونديون آھن ۽ پنهنجي والدين طرفان مليل آزادي جو ڀرم رکڻ لاءِ ۽ پنهنجي عزت کي محفوظ رکڻ لاءِ اهي پنهنجي جان جو به نذرانو پيش ڪرڻ لاءِ تيار هونديون آھن ته پوءِ اهي ئي عورتون يا ڇوڪريون خودڪشي ڪري پنهنجي ڪردار تي آڱر کڻڻ جو ڪنهن کي به موقعو ڪيئن ٿيون ڏئي سگهن؟ پر افسوس ته نمرتا واري واقعي کي لڪائڻ لاءِ جتي ان تعليمي اداري جي وي سي انيلا ميمڻ ان قتل کي خودڪشي قرار ڏئي پنهنجي ئي اعليٰ منسب ۽ اداري جو ڀرم نه رکيو ته اتي وري پاڻ به هڪ عورت هوندي ڪنهن ٻئي عورت جي دامن کي داغدار بنائي اهو چيو ته هي خودڪشي آھي، اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سندس ئي نگراني هيٺ هلندڙ اداري ۾ اهڙي قسم جا خطرناڪ واقعا ڪيئن رونما ٿي سگهن ٿا؟ ڇا اها انيلا جي زميواري ناهي ته هوءَ پنهنجي اداري ۾ پڙھندڙ شاگردياڻين جي عزت آبرو، لڄ ۽ عصمت کي محفوظ بنائڻ لاءِ سخت اُپاءَ وٺي هان، هوءَ ته اهڙي سانحي تي شرمندگي جو اظھار ڪري نياڻي سان انصاف لاءِ سمورين تقاضائن جي پورائي لاءِ پاڻ پتوڙي هان ڇا هڪ عورت هجڻ جي باوجود به هن کي اهڙا لفظ ڳالهائڻ سونهن پيا؟ ڇا هوءَ ڪنهن جي نياڻي نه هوندي؟ ڇا هُن کي ڪا نياڻي نه هوندي؟ هُن جي غير زميواري ۽ وائڙائپ جي حد تڏهن ڏسڻ ۾ اچي ٿي جڏھن هوءَ شاهانا ۽ حاڪمانا انداز ۾ سيڪيورٽي گارڊرن جا ولر وٺي ڏُکويل خاندان جي تڏي ته پهچي اتي جيڪا گفتگو ڪري سياسي سماجي ۽ سُڄاڻ اڳواڻن کي داٻا ڏيڻ کانسواءِ هڪ فرض شُناس صحافي کي چماٽ وهائي ڪڍي ٿي، هن جي اهڙي روعب تاب، انا تڪبر مان ايئن اندازو لڳي رهيو هيو ته جيئن هڪ ڄٽ، جاهل ۽ ٽرڙو ڀوتار پنهنجي غريب راڄ تي داٻا ڪري انهن جي آواز کي دٻائيندو هُجي، سندس جي اهڙي ڪُڌي ڪردار کي وائکو بنائڻ بدران ڪيترا ئي پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جا صحافي ميڊيائي مڱڻھار بنجي دُھل تي ڏونڪو هڻي پنهنجو ضمير، قلم، ۽ غيرت وڪڻي معصوم نمرتا جي قتل کي، پيار ۾ ناڪامي جي ڪري خودڪشي ۽ ٻيا ڪيترا ئي اڻ مٽجندڙ داغ هڻي ۽ ڪردارڪشي ڪري سندس جي روح کي رنجائيندا رهيا. خير اهي ته هيون تنهن وقت جون اڻ وڻندڙ ۽ افسوسناڪ وارتائون.
    ڪالھ جڏھن صبح جو ننڊ مان اٿيم ته بابا سائين اخبار وٺي آيو جيڪا پڙھڻ شروع ڪيم ته هڪ ڏُک جي لهر پوري جسم ۾ ڊوڙجي وئي ۽ اهي سڀ ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون جيڪي نمرتا سانحي بابت پاڻ کي خدشا ۽ تحفظات هيا اهي ئي ثابت ٿيا ته هوا ڄائي جي عزت کي پهريان ڪنهن بگھڙ صفت وحشين هڪ پلانگ طور تي تار تار ڪرڻ کانپوءِ سندس ساھ جي تند ڇني ڇڏي، جنهن وقت سنڌ جي نياڻي سان نسورو ناحق ڪيو پئي ويو تنهن وقت ان نازڪ نفيس نينگري پنهنجي عزت ۽ لڄ کي پائمال ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪيڏا نه هيلا هلايا ۽ مزاحمت ڪئي هوندي اهو ته ان جي قتل مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ڇو ته ان جي مزاحمت ئي ان جي قتل جو سبب بني پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته وري ڪي منفي قسم جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ته ڇا هن سان ٿيل جنسي عمل رضاڪارانه ته نه هيو؟ اهڙن عقل جي انڌن ۽ غيرت کان وانجهلن کي اهو سمجھ ۾ ڪو نه ٿو اچي ته جيڪڏھن اهو سڀ رضاڪارانه عمل هيو ته پوءِ ان جو موت ڇو ۽ ڪيئن ٿيو؟
    اهم ڳالھ ته آيل حتمي ڊي اين اي رپورٽ ۾ واضح ٻڌايو ويو آھي ته نمرتا سان پهريان لڄالُٽ ڪئي وئي ۽ پوءِ کيس ماريو ويوي هُن پاڻ کي بچائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر رهزنن ان کان جيئڻ جو حق به کسي ڇڏيو. واضح رهي ته ورسٽي انتظاميا پاران نمرتا واقعي سان منسلڪ ڪيل ٻن شاگرد هر هڪ مهراڻ ابڙو ۽ علي شان کي قصوروار چئي پوليس هٿاران گرفتار ڪرايو ويو جيڪي گذريل ٻن مهينن کان وٺي پوليس جي تحويل ۾ آھن ان عرصي دوران مٿن ڪيترو جسماني يا ذهني تشدد ٿيو هوندو يا هنن جي والدين کي ڪيتري تڪليف رسي هوندي اها به ڪا عام معمولي ۽ نظر انداز ڪرڻ جهڙي ڳالھ ڪو نه آھي ڇاڪاڻ ته انهن نوجوانن جي به ڪا عزت نفس، احساسات ۽ مزاج هوندو جيڪو به يقينن داغدار بنيو آھي، ٻئي اهم ڳالھ ته نمرتا جي جسم ۽ ڪپڙن تان مليل مراداڻه جُزا مهراڻ ۽ علي شان جي ڊي اين اي رپورٽ سان ميچ ڪو نه ٿيا آھن، ته پوءِ انهن ڇوڪرن کي جيڪو ذھني ۽ جسماني عذاب پهتو آھي انهن جي زميوارن کان پڇاڻو ڪري انهن جو ازالو ڪير ڪندو؟
    ڏٺو وڃي ته ٻن ڏينهن کان وٺي ڪري نمرتا سانحي تي سنڌ ۾ ميڊيائي ادارن خصوصن سوشل ميڊيا تي نياڻي جي بيگناھ وهايل ريٽي رت سان انصاف لاءِ جيڪي سدائون بلند ٿي رهيون آھن انهن جو پڙلاءُ اسلام آباد واري ڌرڻي تائين پهچي ويو جتي شھيد خالد محمود سومرو جي لائق فرزند راشد محمود سومرو هزارين ماڻھن آڏو نمرتا جي قتل ۾ ملوث سمورن قاتلن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ هڪ قرارداد بحال ڪرائي سنڌ پرستي جو جيئرو جاڳندو ثبوت ڏنو، پر افسوس ته سنڌ سرڪار ۽ پ پ جي قيادت جي چپن تي اڃان تائين چُپ جي مُهر لڳل آھي.
    جيئن ته نمرتا واقعي ته جيڪا عدالتي ڪميشن قائم ڪئي وئي هئي ان پاران مڪمل ڪيل جانچ اڃان تائين ھاءِ ڪورٽ تائين ڪو نه پهتي آھي نه وري نمرتا جي قتل ۾ ملوث امڪاني قاتل گرفتار ٿيا آھن، پر پوءِ به جتان ڪٿان سنڌي نياڻي جي خون سان انصاف لاءِ پُرجوش ۽ ڀرپور آواز اٿي رهيا آھن جنهن وقت هي سٽون پرنٽ ميڊيا تي شايع ٿي سنڌ واسين تائين پهچي چڪيون هونديون ان وقت لاڙڪاڻو ۾ سنڌ جا باشعور، باضمير، باغيرت ماڻھو گڏ ٿي سنڌي نياڻي کي پنهنجي نياڻي جو درجو ڏئي چڪا هوندا. هاڻي ڏسڻو اهو آھي ته ان سموري المناڪ واقعي کي سنڌ سرڪار ۽ عدليا هينڊل ڪيئن ٿي ڪري؟ هتي عدالتي سسٽم جون ڪجھ اهڙيون ته پيچيده حقيقتون يا پروسيجر هوندا آھن جن جي پورائي ڪرڻ قانوني حساب کان ضروري هوندي آھي، مثال طور تي ڪنهن به ڪيس جو اکين ڏٺو فريادي، شاهد، مشير وغيره جيڪي سڀ جا سڀ عدالتي ڪاروائي ۾ هڪ جهڙو موقف رکن جيڪو ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو هجي، ته ڇا نمراتا نياڻي نماڻي سان ٿيندڙ نسوري ناحق وقت فريادي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻه شاهد موجود هيا جيڪي اها گواهي ڏين! ظاهر آھي ته نمرتا ڪيس ۾ اهڙن فريادين، شاهدن، مشيرن وغيره جو جاءِ وارڌات تي هئڻ ڪو نه هيو ته پوءِ اسان جون عدالت سڳوريون ڪيئن نوشيروان وارو انصاف ڪنديون؟
    اهڙين ڳالهين جي هئڻ کانپوءِ لڳي ٿو ته نمرتا جي خون سان انصاف نه ٿي سگهي. ها عدالتي پروسيجر ۾ ٻيا به ڪيترا ئي پهلو آھن جن جي بنياد تي ڪنهن به ڏوهاري تائين پهچي سگهجي ٿو.
    سنڌ واسين ۽ ملڪ جي سڀني باشعور، باغيرت ماڻھن کي اميد آھي ته عدالت سڳوريون شاهدن، مشيرن، فريادين واري مامري کانسواءِ ٻين رُخن تي به گهري سنجيده نظر رکي هن پروفائيل ڪيس سان ضرور انصاف ڪنديون ڇاڪاڻ ته ڪجھ مهينا اڳ پنجاب صوبي جي قصور شھر جي بي قصور معصوم زينب سان جيڪا جنسي ڏاڍائي ڪري کيس ماريو ويو ان ۾ ملوث وحشي جوابدار کي ڳولهي ڳولهي لهي ٽياس تي ٽنگڻ واري عرصي دوران جيڪا جانچ ۽ جوابدار جي اصليت معلوم ڪرڻ جي جديد ٽيڪنالاجي ڪتب آندي وئي ان قسم جو عمل نمرتا جي خون سان انصاف لاءِ ڪيو وڃي ته جيئن اها خبر پوي ته سنڌ جون نياڻيون به پنجاب جي نياڻين جي برابر آھن. هونئن به هڪ ملڪ ۾ ٻن قسم جي عدالتي سسٽمن جي ڪا به گنجائش نه آھي..
     
    سليمان وساڻ ۽ سجاد علي چنا هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو