راء جي اظهار جي آزادي ۽ آئين جو آرٽيڪل ڇهه !

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2020۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    عمران حڪومت لاء سندس اتحادين طرفان پيدا ٿيل يا پيدا ڪيل بحران في الحال ٽري ويو آهي يا ٽارڻ وارن ان کي ڪجهه وقت لاء ٽاري ڇڏيو آهي تنهن هوندي به عمران خان کي ڪجهه وڌيڪ نون بحرانن طرف ڌڪڻ جون تياريون به ٿي رهيون آهن.هڪ ته خان صاحب کي روزاني جي بنياد تي ڳالهائڻ يا ٽويٽ ڪرڻ جو شوق نٿو ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ هو پنهنجن ئي لفظن جي ڄار ۾ ڦاسندو رهي ٿو.لڳي ٿو ته خان صاحب ٽن مهينن تائين جنهن ڪنٽينر تي بيهي لفظن جا موتي وسائيندو رهيو هو ان ڪنٽينر کي شايد هو پاڻ سان گڏ وزير اعظم هائوس کڻي ويو آهي ۽ هو انهيء ڪنٽينر تان لهڻ جو نالو ئي نٿو وٺي.تازو هن فرمايو آهي ته فوج سندس حڪومت سان گڏ آهي ۽فوج کان رڳو اهي ڊڄندا آهن جيڪي ڪرپشن ڪندا آهن،جيئن ته هو ڪرپٽ ناهي ان ڪري فوج کان نٿو ڊڄي.سمجهه ۾ نٿو اچي ته ملڪ جي وڏي ۾ وڏي انتظامي عهدي تي ويهي ڪري خان صاحب کي اهڙيون ٻاراڻيون ڳالهيون ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت پيش اچي رهي آهي ۽ هر هر فوج جهڙي حساس اداري کي سياسي ميدان ۾ گهلڻ جي ڪهڙي تڪ آهي؟ٻئي طرف خان صاحب جو خيال آهي ته حڪومت ڪيرائڻ جي” سازش “ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ مولانا فضل الرحمان تي آئين جي آرٽيڪل 6 هيٺ ڪاروائي ٿيڻ گھرجي.جيڪر خان صاحب اهو بيان رڳو سياسي خانا پوري لاء ڏنو آهي ته خير آهي پر هن حڪومت جي معاشي توڙي قانوني ٽيم هيستائين جيڪي ”ڪارناما“ ڪندي رهي آهي انهن کي ڏسي ڪري ان ڳالهه جو امڪان رد نٿو ڪري سگھجي ته حڪومت جا ”عظيم مدبر“ ۽ قانوني ماهرواقعي اهڙي ڪا نئين مسخري ڪري نه ويهن ۽ دنيا کي پاڪستان ۾ هڪ نئون تماشو ڏسڻ لاء ملي وڃي.اهو ته طيء آهي ته هن وقت تائين حڪومت جا اعليٰ سياسي ۽ قانوني مشير خان صاحب کي جيڪي به قيمتي صلاحون ڏيندا رهيا آهن انهن سان رڳو ڪو نئون تماشو ئي پيدا ٿيو آهي ۽ شايد عوام کي هڪ دفعو وري ترڪ جي نئين بتيء پويان لڳائڻ جي تياري ٿي رهي آهي.ڪجهه ڏينهن اڳ خان صاحب غريب عوام کي مهنگائيء ۾ پيڙهجندي ڏسي بي چين ٿي پيو هو . هن نه رڳو عوام کي ترت رليف ڏيڻ جو وعدو ڪيو هو پر ان عوام دشمن مافيا خلاف به ڪاروائي ڪرڻ جي پڪ ڏياري هئي.عوام جي لاء جنهن ”عظيم“ رليف جو اعلان ڪيو ويو سو سڀني جي سامهون آهي.هن حڪومت جي پاليسي اها رهي آهي ته پهريائين شين جون قيمتون چوٽ چاڙهجن ۽ بعد ۾ انهن ۾ معمولي لاٿ آڻي ماڻهن کي خوشخبري ڏجي ته حڪومت اها قيمت گھٽائي ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.يعني جيڪر ڪنهن شيء جي قيمت ۾ ويهه روپيا واڌ آئي آهي ته انهن ويهن روپين مان ٻه روپيا عوام کي واپس ڪري مٿن ٿورو جتايو وڃي.هاڻي خان صاحب کي ڪير سمجھائي ته عوام کي اهو رليف جن يوٽيلٽي اسٽورن ذريعي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي اول ته انهن اسٽورن جو انگ پوري ملڪ ۾ آهي ڪيترو؟ ٻيو اهو ته انهن اسٽورن تان ملندڙ اٽو يا گيهه حڪومت ۾ ويٺل وزير ۽ مشير پنهنجن گھرن ۾ استعمال ڪرڻ پسند ڪندا؟جيستائين سياسي مخالفن خلاف آرٽيڪل 6 هيٺ ڪيس قائم ڪرڻ جو سوال آهي ته شايد خان صاحب ۽ سندس قانوني ٽيم کي اها به ڄاڻ ناهي ته رياست ۽ حڪومت ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي؟آئين جو آرٽيڪل 6 رڳو رياست يا آئين خلاف ٿيندڙ ڪنهن سازش جي صورت ۾ استعمال ٿي سگھي ٿو.حڪومت ڪيرائڻ يا حڪومت خلاف ڪا مهم هلائڻ ڪنهن به طرح ملڪ سان غداريء جي وصف ۾ نٿو اچي.جيڪر حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جي ڏوهه ۾ اهو قانون مولانا جي خلاف استعمال ٿي سگھي ٿو ته شايد عمران خان کي ياد ناهي رهيو ته هن پاڻ اسلام اباد ۾ جيڪو ٽن مهينن جو ڌرڻو هنيو هو سو حڪومت ڪيرائڻ لاء نه هو ته ٻيو ڇا لاء هو؟نه رڳو اهو پر هن ان ڌرڻي ۾ سول نافرمانيء جي تحريڪ جو اعلان ڪندي يوٽيلٽي بل ادا نه ڪرڻ لاء به ماڻهن کي ڀڙڪايو هو ته پوء پهرين اهو آرٽيڪل ته خود عمران خان جي خلاف لڳڻ گھرجي.اهڙيء طرح ماضيء ۾ چونڊيل حڪومتن کي جن به گھر ڀيڙو ڪرڻ ۾ ڪوبه ڪردار ادا ڪيو هو انهن سڀني خلاف به اهو آرٽيڪل استعمال ٿيڻ گھرجي.مڃيوسين ته مولانا صاحب هن حڪومت ڪيرائڻ لاء ڪا سازش سٽي هئي پر سوال اهو آهي ته جن مولانا جي ان ”سازش“ ۾ سندس ساٿ ڏيندي ساڻس ڪي وعدا وچن به ڪيا هئا ۽ ڪنهن .امانت“ جو ذڪر به ٿيندو رهيو جنهن کي مولانا سان گڏ حڪومتي اتحاد جي مکيه اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي به پنهنجن ڪيترن ئي انٽرويوز ۾ مڃي چڪو آهي ته پوء ڇا خان صاحب چوڌري صاحب خلاف به آئين جي ارٽيڪل 6 جو استعمال ڪندو؟عجيب تماشو لڳل آهي.پرويز مشرف جنهن هڪ چونڊيل حڪومت جو غير آئيني طور تي تختو اونڌو ڪري آئين کي معطل ڪيو ۽ ملڪ ۾ غير قانوني ايمرجنسي لاڳو ڪئي،انهيء خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 جي استعمال کي روڪڻ لاء پوري حڪومتي ٽيم مشرف کي بچائڻ لاء ميدان ۾ لهي پيئي پر ٻئي طرف جيڪر ڪا سياسي جماعت آئيني ۽ قانوني حدن ۾ رهندي حڪومت خلاف ڪو احتجاج ڪري يا حڪومت کان استعيفا جي گھر ٿي ڪري ته اهو عمل ”غداري“ ڪيئن بڻجي ويو؟لڳي ٿو ته هاڻوڪي حڪومت پنهنجن سمورين سياسي ڪمزورين ۽ انتظامي نااهلين کي لڪائڻ لاء راء جي اظهار جي آزاديء تي مختلف طريقن سان پابنديون هڻڻ ۽ پنهنجن سياسي مخالفن ۾ خوف ۽ هراس پيدا ڪرڻ واري پاليسيء طرف وڌي رهي آهي.خبر ناهي خان صاحب جا ڪهڙا دوست نما دشمن آَهن جيڪي هن کي وري هڪ نئين بحران طرف ڌڪي رهيا آهن.انهيء پاليسيء جي جھلڪ اوهان کي ان قانوني مسودي ۾ نظر ايندي جيڪو سوشل ميڊيا کي پابند ڪرڻ ۽ حڪومت مٿان هر قسم جي تنقيد کان روڪڻ لاء تازو ڪابينا کان منظور ڪرايو ويو آهي.جيڪڏهن حڪومت انهن خطرناڪ قدم کڻڻ کان نٿي رڪجي ته اهو پڪ سان هن حڪومت جو فسطائيت طرف سفر هوندو ۽ هن دور ۾ ماڻهن کي اظهار راء جي آزاديء جي حق کان محروم ڪرڻ ڪو آسان ڪم ناهي.خان صاحب سان مسئلو اهو آهي ته هن سان جيڪا ”سياسي انا“ لڳل آهي اها کيس سٺي حڪمراني قائم ڪرڻ ۾ رنڊڪ بڻيل آهي.بوزدار جو ئي مثال وٺو جنهنجي ڪارڪردگيء جي حوالي سان خان صاحب جي پنهنجي جماعت جي اندر به ڳڻتي موجود آهي پر خان صاحب جو ضد آهي ته جيستائين هو پاڻ وزير اعظم آهي تيستائين بوزدار ئي پنجاب جو وزير اعليٰ رهندو.اهڙيء طرح ٻين سياسي جماعتن سان مناسب مفاهمت واري سوال تي به خان صاحب تپي باهه ٿيو وڃي ته پوء اهو نظام اڳيان ڪيئن هلندو،ملڪ کي درپيش سياسي،معاشي ۽ دفاعي للڪارن کي منهن ڪيئن ڏيئي سگھبو،مهنگائيء جي جن کي ڪيئن قابو ڪري سگھبو،قومي ادارن ۾ ڪيئن سڌارا آڻي سگھبا،عوام جي ڀلائيء لاء ڪا قانونسازي ڪيئن ڪري سگھبي؟ملڪ ۾ جمهوري ڪلچر کي ڪيئن وڌائي سگھبو؟ اهي اهڙا سوال آهن جي سڀني جي جواب ۾ خان صاحب وٽ هڪڙو ئي جواب آهي ته ”مافيا کي نه ڇڏبو“!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو