دي فزيشن فلم رويو

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏2 جولائي 2020۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    فلپ اسٽولزل جي ڊائريڪشن ۾ تيار ڪيل ھيءُ تاريخي ڊراما فلم 2013ع ۾ رليز ڪئي وئي، جيڪا امريڪن ناول نگار نوح گارڊن لکيل ناول ”دي فزيشن“ تي فلمايل آھي. ھِن فلم جو ڪھاڻيڪار ڊائريڪٽر پاڻ ئي آھي جنھن ۾ ٿامس پائن ”حڪيم راب ڪول“ جو ڪردار نڀايو آھي جڏھن تہ امريڪي اداڪار ڪرشنا پنڊت ڀانجي (بين ڪنگسلي) ”ابن سينا“ جو ڪردار ادا ڪيو آھي.
    ڪرشنا پنڊت ڀانجي، جنھن جي ماءُ ماڊل ۽ ادڪاراہ انّا لينا مئري ھُئي ۽ پيءُ ڊاڪٽر رحمة اللہ ھارجي ڀانجي ھو، جيڪو گجراتي انڊين ھو. ڪرشنا کي ھاليووڊ ۾ Ben Kingsley جي نالي سان سڃاتو ويندو آھي ۽ سندس مشھور فلم ”گانڌي“ ھُئي جيڪا 1982 ۾ رليز ٿي.
    پلاٽ :
    فلم جي ڪھاڻي ”راب ڪول“ کان شروع ٿئي ٿي، جنھن جي ماءُ کي اپينڊڪس جي بيماري ھُئي ۽ تنھن دور ۾ ھن بيماريءَ کي سائڊ سڪنيس (يعني پاسي جي بيماري) چيو ويندو ۽ ڪوبہ مريض بچندو ڪونہ ھو. جڏھن سندس ماءُ ھِن بيماريءَ ۾ گذاري ويندي آھي تہ ھُو ھڪ حجم سان گڏ رھڻ لڳندو آھي ۽ کائنس ٻانھن جو ڀڳ يا ٻيون ظاھري بيمارين جو علاج سکندو آھي پر سندس من ۾ ”سائڊ سڪنيس“ جي علاج لاءِ ھُرکر ھوندي آھي، جڏھن سندس پاليندڙ حجم جي اکين جو آپريشن ٿيندو آھي تہ ھُو طبيبن کان پڇندو آھي تہ ڪٿان کان اھو فن سکيا آھيو جو اکين جو آپريشن ٿا ڪريو؟ پوءِ ھُو کيس ابن سينا جو ڏس ڏيندا آھن. سال کن جو سفر طئہ ڪرڻ کان پوءِ نيٺ ھُو ابن سينا وٽ پڄندو آھي ۽ اتان سکيا وٺندو آھي. ھُو پھريون ماڻھو ھوندو آھي جيڪو ابن سينا جي ڊاياگرام کي رد ڪندي ھڪ لاش کي چيري ڦاڙي انسان جي اندرئين حصي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آھي ۽ پوءِ بادشاھ جو علاج ڪندو آھي.
    جيتري فلم جي ڪھاڻي دلچسپ آھي اوتري ئي فلم جي سينيماٽوگرافي بہ ڪمال جي آھي. فلم جيئن تہ ناول تي مشتمل آھي تنھن ڪري مڪالمن بابت نٿا ڳالھايون، ڇو تہ ناول کي مشھور ئي مڪالما ڪندا آھن.
    جيئن تہ ھيءُ تاريخي فلم جي ڪيٽيگريءَ ۾ اچي ٿي ان ڪري ھِن کي ڏسڻ وارا تمام گهٽ ھوندا شايد تنھن ڪري ھِن فلم کي IMDB تي35000 ماڻھن 7.2 ريٽنگ ڏني آھي.
    مون اھو سمجهيو ھو تہ ھيءُ فلم ”بو علي ابن سينا“ جي زندگيءَ تي ٺھيل فلم ھوندي پر ائين ناھي.. فلم ڏسڻ وٽان آھي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو