مير سردار چنڙ: مختصر تعارف ۽ ويچار

'انٽرويو' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏4 آڪٽوبر 2020۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    فيس بوڪ انٽرويو (اوڻونجاهين ڪڙي)


    [​IMG]
    [​IMG]


    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    اوڻيهه سال نئون مهينا ۽ ڪجهه ڏينهن عمر جو نوجوان مير سردار چنڙ فيس بوڪ انٽرويو سلسلو ڏسي، ڪٿان واٽس ايپ نمبر هٿ ڪري، هيٺيون مواد موڪليو. اوهان جي خدمت ۾ حاضر آهي. مثبت موٽ جو انتظار رهندو.

    1. اوھان جو نالو؟
    مير سردار چنڙ.

    2. ولديت ذات سميت؟
    پيارو خان چنڙ

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ هنڌ سميت)؟
    16 آگسٽ 2001ع، تاريخي شھر پاٽ شريف، ضلعو وتعلقو دادو.

    4. تعليم؟
    انٽر

    5. ڪرت (پيشو)؟
    ذاتي ڪاروبار

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    لکڻ ۽ پڙهڻ گھمڻ.

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟. اوهان جا ڪتاب؟
    مان شروعاتي 2016ع ۾ ٻاراڻي ادب جون ڪھاڻيون لکيو جيڪي ٻاراڻي ادب جي رسالن مٺڙا ٻار ميگزين، ٻارن جي ٻاري ۾ شايع ٿيون بعد ۾ سياسي سماجي ادبي ڪالم لکڻ شروع ڪيا جيڪي مخلتف اخبارن ۾ شايع ٿيا ۽ سفرنامو، ڪتابي تبصرا، شخصي مضمون لکندو رھيو آھيان جيڪي جيڪي سنڌ ھند جي مخلتف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رھندا آهن.
    ڪتابن ۾ اجريل اندر جو عڪس گڏيل شاعري ۾ شامل آھيان خاڪا نويسي تي ڪتاب ترتيب ڏنو آھي جيڪو جلد مارڪيٽ ۾ ايندوـ

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    ناول جي موضوع کي.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    سير سفر کان سواء زندگي اڌوري آهي سير سفر سان اسان دنيا ۾ فطرت جا رنگ پسيون ٿا.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    ڪچھري سنڌ جو ثقافت جو اھم حصو آ ڪچھري ۾ ڪيترائي موقعا ملن ٿا معلومات حاصل ڪرڻ، بحث ڪرڻ، محبت حاصل ڪرڻ، ڳالھائڻ جا.

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    ادبي تقريبون ادب جي موجوده ھجڻ جو ثبوت آھي اھي تقريبون ٿيڻ کپن جن ۾ نوجوانن جي اوسر ٿئي.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    سماجي ڪم جوش جذبو ھجڻ کپي ڇاڪان ته ان غريبن بي سھارن شھرين جي مدد ٿئي ٿي ۽ ھر اھا سماجي تقريب ٿيڻ گھرجي جيڪا ڪنھن کي فائدو پھچائڻ لاء رٿيل ھجي.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    عزيز ڪجهه ماکي کان مٺا ته ٽوھ کان وڌ ڪوڙا

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    دوست سان سٺا لاڳاپا رھيا آھي پيار محبت ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ به ھوندي آ

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    اڇو، ڪنول جو گل

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    موٽر سائيڪل

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    خواھشن سان زندگي ڀري پئي آ ھڪ جنم وٺي ٿي ته ٻي وفات ڪري ٿي وڃي منهنجي سٺي خواھش آھي ته مان ادب ۾ سٺو نالو ڪمايان ۽ پيغمبري پيشي استاد جي نوڪري حاصل ڪري تعليم عام ڪيان

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    مٽ مائٽ زندگي جا پناھ گاھ آهن جتي اسان پناھ وٺو ٿا مٽ مائٽ کي بچائڻ لاءِ گونگو ٻوڙو ٿيڻ چاھيان ٿو.

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    دوست ٺاھڻ لاءِ ھڪ دل اندر قبر ٺاھڻ چاھيان ٿو جتي سندن راز لڪائي سگھان

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    عام ماڻھو ڪو به ناھي ھوندو سڀ خاص ھوندا آھن پر دنيا مطابق گھٽ تعليم واري کي عام جيو وڃي ٿو سو عام ماڻھو ادب اخلاق پيار محبت وارو ھجڻ گھرجي

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    ڪتاب پڙھو ۽ گھر وارن کي پڙھايو ٻارن کي ڪتابن ۾ دلچسپي ڏيارايوـ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو