منھنجو گڏڙو منھنجي گڏڙي ڪتاب جو سرسري جائزو.....!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏2 اپريل 2021۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    "منهنجو گڏڙو منهنجي گڏڙي "ڪتاب جو سرسري جائزو....!
    فقير محمد سنڌي
    رُخ هوا جي هلي ٿي،
    ھوري ھوري تيز ڦري ٿي.
    رُسي، پرچي، سڀ پئون ٿا،
    پنھنجي گھر ڏي پوءِ وڃون ٿا.
    ننڍ پڻ جي زندگي باغ جي حسن وانگر آهي ۾ تمام حسين لمحا پنهنجي وقت سان وڏيون ٻرانگهون پائي جواني طرف پهچي وڃن ٿا. جيئن باغ ۾ سلو، پن، ڏانڍيون، وڻ ۽ ميوا باغ جو حسن هوندا آهن، اهڙي طرح ننڍپڻ به حسين ٿئي ٿو. اهڙن حسين لمحن جا نظم به حسين ٿين ٿا،اهڙو ئي حسين لمحن جو 13هون ڪتاب ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنهنجي اڻٿڪ محنت سان ٻاراڻي ادب لاءِ سرجيو آهي. دنيا جي اندر جتي به ڪتاب شايع ٿئي ٿو، ان کان پوءِ ئي ان تي راءِ آسان سان ڏئي سگهجي ٿي. ڇو جو اهو ڪتاب پڙهندڙ جي ميراث ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو ڪتاب "منهنجو گڏڙو، منهنجي گڏڙي" سنڌي ادب سان گڏ جيڪي به سنڌي ڄاڻيندڙ لکندڙ آهن. اُهي ڪتاب بابت پنهنجي راءِ ڏئي سگهن ٿا. ڪتاب ته پهريان ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي ڪتاب جون مبارڪون ان لاءِ ته ڊاڪٽر مسلسل ٻاراڻي ادب لاءِ پاڻ موکي رهيو آهي. ڪتاب جي منهن ڏسائي اها آهي ته، هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن جو 287هون ڪتاب منهنجو گڏڙو، منهنجي گڏڙي فيبروري 2021ع ۾ شايع ڪيو آهي. ڪتاب ۾ سهڪار چانڊوڪي پبليڪيشن لاڙڪاڻي جو آهي. ڪتاب جي ارپنا ليکڪ پنهنجي ڀيڻ ۽ ساري دنيا جي ٻارن جي نالي ڪئي آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي دل ۾ ٻارن لاءِ محبت سمنڊ جي اونائي جيڏي ڀاسجي ٿي.
    مينهڙا - نظم ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ٻار کي زماني جي سڌ هن ريت ڏئي رهيو آهي.
    دوکو جو ڪري ٿو
    ٻُڌي سو مري ٿو
    سڄي جڳ ۾ هر دم
    خُواري کڻي ٿو
    لوٽي ۾ آ پاڻي
    پوري ٿي ڪهاڻي.
    ڪتاب جو مهاڳ ناليواري ادب شناس ڊاڪٽر هوندراج بلواني لکيو آهي، ڊاڪٽر بلواني لکي ٿو ته:"مجموعي ۾ ٻارن جي دنيا جا ڪيترائي رنگ ۽ عڪس آهن، مٽيءَ جا رانديڪا به آهن ته تارن جي چمڪ ڌمڪ به آهي. چنڊ جي چانڊوڪي به آهي ته سياري جو سيءُ به آهي. ڦرڻي به آهي، جيڪا ڏاڍي ڦرڻي گهڙڻي آهي، ٻار هٿ هٿ ۾ ڏئي اکٻوٽ راند جو مزو به وٺن ٿا. چيڪلو به آهي ته ٻليءَ جي ميائون ميائون به آهي ۽ مزيدار جهولو به آهي. "
    ڪتاب جو سڄو مهاڳ پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ ٻاراڻي راندين کان علاوه سماجي پاسن کي به خوب سمجهي ويندا.
    گلدستو نظم جا ٻه بيت :-
    ٻار سڄي دنيا جو ساڳيو
    جيئن گلن جو هار به ساڳيو
    ساري دنيا جي ٻارن جو
    گلدستو گلزار به ساڳيو
    فارسي ٻوليءَ جو مقبول شاعر شيخ سعدي جون ڪجھ سٽون ٿيون ياد اچن جنهن جي معني آهي ته :- "سڀ دعوي ڪندڙ علم جا بي خبري آهن، جنهن کي ڪجھ پتو پيو ان کان خبر ٻاهر نه نڪتي. اي خيال، قياس، گمان ۽ سمجهه کان مٿي هستي، جيڪي چيو اٿم، ٻڌو اٿم يا پڙهيو اٿم، ان ۾ ساري عمر گذري چڪي آهي. ليڪن آئون تنهنجي وصف جي ڄاڻ ۾ اهڙو رهيو آهيان جهڙو اول ۾ هيس."
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال - گُلڙا نظم ۾ پنهنجي من جي سونهن ٻارڙن کي کي هن ريت پسائي ٿو.
    سڀني رنگن وارا آهن،
    منهنجا جيءَ جيارا گُلڙا
    مالهي ڀريا گلدستي ۾
    نيلا، پيلا ڳاڙها گُلڙا
    ڄڻ ته حسن جو نالو آهن،
    ڌرتي، چنڊ، ستارا گُلڙا.
    ٻاراڻي ادب لاءِ لکندڙ غلام محمد غازي لکي ٿو ته :"ڊاڪٽر ذوالفقار سيال 1970ع کان ٻاراڻي ادب کي لکڻ جي شروعات ڪئي، هيل تائين 12 ڪتاب ڇپائي ٻارڙن جي هٿن تائين پهچايا آهن، سندن ئي 13هون ڪتاب" منهنجو گڏڙو منهنجي گڏڙي "اوهان جي هٿن ۾آهي. مون کي اميد آهي ته پهريان ڇپيل ڪتاب ٻارڙن پسند ڪيا ۽ انهن گيتن کي ڳايو، هي به انھن کي پسند ايندو. "
    عوامي شاعر گل حسن گوپانگ شاد جون سٽون آهن ته :
    مٺڙا مٺڙا ٻول ٻڌائڻ ڪو ڄي،
    ماڻڪ موتي لعل ورهائڻ ڪو ڄاڻي.
    لُوڻ ڦٽن تي ٻُرڪڻ ايندو سڀ ڪنهن کي،
    زخمي دل جا زخم ڇٽائڻ ڪو ڄاڻي.
    پيغام نظم ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پيار، پريٽ ۽ وحدانيت جو درس عام فهم ۾ ٻارن کي سمجهائي ٿو.
    ڪيني نفرت واري ٻولي،
    پيار محبت ساڻ مٽاءِ
    انسانيت جو نانءُ ڪو روشن
    اهڙي ڪا خوشبوءِ ڦهلاءِ
    هڪڙو آ ﷲ تنهنجو
    گيت ڌڻيءَ جا ھر ھر ڳاءِ.
    سنڌ جو ناليوارو ليکڪ ۽ شاعر ملهار سنڌي لکي ٿو ته : سنڌ ۾ صرف هڪڙو نامور شاعر ۽اديب آهي جيڪو پنهنجي ذميواري انتهائي خوبصورت انداز ۾ نڀائي رهيو آهي، جنهن سموري زندگي لڳاتار ٻارن لاءِ لکيو آهي. جنھن لاءِ لاتعداد دلفريب نظم لکيا آهن. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته ٻه هزار نظم لکڻ جي باوجود به سندس نظمن جا موضوع الڳ الڳ آهن. ".
    راڻي ڌيءَ - نظم ۾ ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته :
    منهنجي مٺڙي منهنجي راڻي،
    ڌيءُ آ منهنجي ڏاڍي سياڻي.
    منهنجي گهر جي رونق آهي،
    هيرو، چاندي، سونڪ آهي.
    سنڌي ادب جي سرزمين ذرخيز آهي، جنهن ۾ فنون لطیفہ جون تصنيفون سرجيو وڃن ٿيون جيڪي موجوده دور ۾ پنهنجو اوج ماڻي چڪيون آهن. جن مان پيار، احساس ۽ حب الوطني جون رچنائون ڀروسيءَ جي صورت ۾ ملن ٿيون. جيئن "چنڊ" نظم ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لفظن جي مالها ۾ پوپٽن ڀريا حسين لفظ پويا آهن.
    چنڊ آ ڄڻ گدري جي ڦار،
    ليڪ سنهي ڪڏهن پلڪار.
    لکين ڪروڙين تارا گڏجن،
    هن جا آهن چوڪيدار.
    چنڊ به ڄڻ ڪو مامو آهي،
    سڀني جي لهي ٿو سار.
    اُڀ تي هي نه جڏهن اُڀري ٿو،
    هن بن ٿئي ٿي انڌوڪار.
    نظم جي حسن ۾ تشبيهون، استعارا، ۽ رڌم سان شاعريءَ ۾ ويتر نکار پيدا ٿئي ٿو، جنهن جي ڪري جمالياتي حسن مان دل کي ويتر سرور ملي ٿو.
    ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل آواز جي دنيا جي سريلي نانءُ شبنم مجيد لکيو آهي، دل جي ڳالهه لکي ٿي ته :"مان ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ٿورائتي آهيان، جنهن منهنجي زندگيءَ جو پهريون گيت مون کان ٽي وي پروگرام" روشن تارا "۾ ڳارايو. ان وقت منهنجي عمر 8-9 سال مس هئي ۽ مون پنهنجي سنگسنگ ڳائڻ جي شروعات ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي سنڌي ڪلام ۽ ٻارن لاءِ لکيل شاعريءَ سان ڪئي. اڄ جڏهن شبنم مجيد آهي ته اها سنڌي پروگرام روشن تارا جي سنڌي گيت جي ڪري آهي. "ڪتاب منهنجو گڏڙو منهنجي گڏڙي جي 40هين پيج تي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جا ٻاراڻي ادب ۾ شايع 12 ڪتابن جا عڪس سن وائيز ڏنل آهن. مزدورن جي هٿن دنيا جي بلند ترين عمارتن کي سنواريو آهي. مزدور دنيا جي اندر اهم ترين فرد آهي، جيڪو سڀني لاءِ محنت ڪري ٿو. اهڙن محنت ڪندڙ کي ڊاڪٽر سيال ڪونه وساريو آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي نظم "کاٻر جهڙا هٿ" جا ڪجھ بيت :
    بابا سان گڏ ڪم ڪيان ٿو،
    ٻاٽڙن سان، دلا ڀريان ٿو.
    ميرا سيرا ڦاٿل ڪپڙا،
    واھ ۾ وهنجي پاڻ ڌوئان ٿو.
    گدلو سدلو لوڪ چوي ٿو،
    ٻارڙو آهيان چپ رهان ٿو.
    ٻارڙن لاءِ شاعري ۾ قافيو ۽ رديف آسان ۽ ترنم وارو هجڻ گهرجي، اهو سليس نظم ٻار کي دير تائين ذهين نشين رهندو آهي. اهڙي روايت کي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال نهايت خوبصورت انداز ۾ برقرار رکيو آهي. دنيا "گل گلزار" رواني وارو نظم آهي، جنهن جو آخري حصو اوھان جي نظر :
    دنيا جي هن باغيچي ۾،
    پنھنجي حصي جو ٻوٽو پوکي،
    دنيا گل گلزار بڻيايون،
    ساري جڳ جي سونهن وڌايون.
    [​IMG]
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    واھ تمام سھڻي نموني توھان ڪتاب جو جائزو ورتو آھي.. جس لھڻو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو