احسان احمد ڦرڙو صاحب

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ ساجد مسڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 سيپٽمبر 2021۔

  1. ساجد مسڻ

    ساجد مسڻ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2021
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڪو ڪو ماڻھو موتيءَ داڻو

    محبتي، مڻيادار ۽ سماج سڌارڪ ڪردار احسان احمد ڦرڙو صاحب!

    ساجد مسڻ

    اسان جي هن سماج ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اهڙا ڪردار ملندا، جيڪي پنهنجي ذات کان مٿانهون ٿي سوچيندا آهن، مطلب ته اهي اجتماعي ترقي يا مفاد جا خواهشمند هوندا آهن، اهي پاڻ لاءِ نه سوچيندا آهن، سندن سوچ، نظريو، مفاد ۽ منشور انسان ذات جي ڀلائي بهتري، سڌاري ۽ واڌاري لاءِ هوندو آهي.

    اڄ جي دور ۾ جتي منافقي، لالچ، دغا، حرص ۽ پنهنجو مفاد ڀرڻ وارو نظريو عروج تي آهي، پر اتي اڃا به ڪي زنده ڪردار، سماج دوست، عوام دوست خدمتِ خلق ڪرڻ وارا اعلي آدرشي انسان پيا آهن، جيڪي عوام جي بي لوث خدمت ڪري رهيا آهن.

    سندس جنم 8 سيپٽمبر 1965ع ۾ ڳوٺ علي محمد ڦرڙو تعلقو ڪنڊيارو ضلع نوشهروفيروز ۾ پنهنجي والد صاحب خادم حسين ڦرڙو جي گهر ۾ ٿيو آهي.

    پاڻ پرائمري تعليم به پنهنجي ئي ڳوٺ علي محمد ڦرڙو مان حاصل ڪيائين،ڪجهه مجبورين سبب سندس والد صاحب ڳوٺ علي محمد ڦرڙو مان لڏي وڃي مرشد ڪريم جي در لواري شريف شهر وڃي ويٺو، جتي کيس ڇهين کان اٺين ڪلاس جي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول لواري شريف مان حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو.

    انھن ڏينھن ۾ درگاھ عاليه لواري شريف جو ستون سجاده نشين حضرت پير بادشاھ خواجه گل حسن قدس سره جن ذاتي دلچسپي ۽ ڪوششن سان شهر لواري شريف ۾ تعليم جي نظام ۾ مغربي سطع جون تبديليون آنديون، ايتري قدر جو جڏهن اسڪول ۾ ڪا انسپيڪشن يا ڪا تقريب ٿيندي هئي ته پاڻ مهمان خاص جي حيثيت ۾ ايندا هئا، اتي پوزيشن کڻندڙ شاگردن جي حوصلا افزائي طور کين انعامن و اڪرامن سان نوازيو ويندو هو، باقائده طور سندن خط لکي عزت افزائي ۽ همت افزائي ڪئي ويندي هئي، جيڪي سندن طرفان لکيل خط آهن، اهي اڄ به پوزيشن کڻندڙ شاگردن وٽ صحيح سلامت يادگار طور پيل آهن.

    اتي پڙهائيندڙ استادن جي هر جائز مدد ڪئي ويندي هئي، کين ايوارڊ ڏنا ويندا هئا، اهو ئي سبب هو جو اتان جا پڙهندڙ شاگرد ٻين ادارن توڙي بورڊن ۾ پوزيشن کڻندا هئا.
    پاڻ مڊل تائين معياري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول لواري شريف مان پرايائون، جڏهن ته نائون ۽ ڏهون ڊي سي هاء اسڪول نوابشاهه مان پاس ڪيائين. ميٽرڪ 1981ع ۾ A1 گريڊ ۾ کڻڻ سان گڏوگڏ سکر بورڊ ۾ سيڪنڊ پوزيشن کنيائين، جنهن ۾ کيس حوصلا افزائي طور بورڊ طرفان سلور ميڊل ڏنو ويو ۽ حبيب شگر ملز نوابشاه طرفان کيس گولڊ ميڊل اعزاز طور ڏنو ويو، جيڪي سندس مسلسل محنت لاءِ اڄ به شاهدي ڏئي رهيا آهن.

    سندن محنت ڪرڻ واري سُتي ته ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي والد صاحب کان ورثي طور مليل جو هئي، انهيءَ ڪري پاڻ هر امتحان ۾ پوزيشن کڻندو آيو آهي.
    ميٽرڪ کان پوءِ انٽر سچل ڪاليج نوابشاه مان1883ع ۾ A1 گريڊ مان ڪيائين، جڏهن ته گريجوئيشن ۾ بي-اي اليڪٽريڪل فرسٽ ڪلاس مهراڻ يونيورسٽي نوابشاه ۾ پاس ڪيائين.
    سندس لکڻي اڄ به تمام بهترين، معني خيز ۽ اثرائتي آهي،جڏهن پاڻ 1992ع ۾ سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪيو، کيس انفارميشن ڊپارٽمينٽ مليو جتي سابقہ صدر فاروق احمد لغاري صاحب جو اسپيچ رائيٽر رهيو ۽ بي نظير صاحبه جو سرڪاري پروٽوڪول آفيسر جا فرائض ڏيندو رهيو. ڪجهه وقت نوڪري ڪرڻ کانپوءِ کيس مزو نه آيو ته انهيءَ محڪمي کي ڇڏي ڏنائين. سندس نوڪري ڇڏڻ جو خاص سبب تعليمي شعبي ۾ خدمت ڪرڻ سان گڏوگڏ قوم جي نوجوانن کي شعور ڏيڻ هو.
    سندس اعتماد، محنت، اٽل ارادو ۽ ڪاميابي لاءِ اٽل اردي ۽ اعتماد ته ڏسو جو جڏهن اها نوڪري ڇڏيائين ته کيس ڪنهن به قسم جي پرواه يا بي روزگاري جو ڊپ ڪونه هو، حالانڪ پاڻ غريب مسڪين خاندان سان واسطو رکندڙ آهي، اڄ به سندس وٽ پئسو، وڏي گاڏي، بنگو نه آهي پر پوء به تمام گهڻو خوش نظر ايندو آهي سندس اهڙي مسلسل محنت کي پنهنجو هٿيار سمجهندي فزڪس ۽ مئٿ سبجيڪٽس ۾ ايتري ته محنت ڪيائين جو اڄ سندس آڪسفورڊ ۽ ڪئمبرج يونيورسٽي ليول جي ڪلاسن ۽ عام ڪورسز جن ۾ A level ۽ O level شامل آهن،پڙهائڻ جي لحاظ کان سندس شمار دنيا جي ٽاپ ٽين استادن ۾ ٿئي ٿو.

    پاڻ جديد دور جي سهولت مان فائدو وٺندي يوٽيوب جي ذريعي به آن لائن ڪلاسز وٺندو آهي، جتي پاڻ "ڦرڙو اڪيڊمي" نالي اداري ۾ ڪلاس وٺندو آهي، جتي پڻ سندس هزارين فالوورز آهن، جيڪي سندس ڪم ۽ تخليق مان ڀرپور فائدو وٺي رهيا آهن.

    کيس تعليم کاتي ۾ انڪري به وڌيڪ دلچسپي آهي جو سندس بابا سائين به تعليم کاتي ۾ استاد رهيو هو.پاڻ اڄڪاله ڪراچي جي وڏن تعليمي ادارن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
    سندس ٽيوشن دور کان ويندي اڄ جي دور تائين غريب شاگردن کي مفت تعليم ۽ رهائش جهڙا ڪم به پنهنجي وت ست آهر ڪندو رهي ٿو.

    انهيءَ کان سواءِ پاڻ فطرت سان پيار ڪرڻ وارو انسان آهي، گهر ۾ گل ٻوٽا پوکڻ، انهن جي سار سنڀال لهڻ، انهن جي وقت تي ڪٽائي ڪرڻ، ٻين کي به وڻ، ٻوٽا پوکڻ، صفائي سٿرائي رکڻ، انسانيت سان پيار ڪرڻ، ڪنهن دل نه آزارڻ، ڪنهن کي نااميد يا مايوس ڪرڻ، جانورن تي به رحم کائڻ سندس فطرت ۾ شمار آهي.

    جڏهن آءُ ناجيه شاگرد تنظيم نشات جماعت لواري شريف ضلع لاڙڪاڻو جو ميمبر هيس ۽ نشات اسٽوڊنٽس ويلفيئر ۽ ٽريننگ ڪميٽي طرفان شاگردن جي ذهني اوسر وڌائڻ واسطي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪئمپس لڳايون وينديون هيون، جنهن ۾ مان به شرڪت ڪندو هيس.
    هڪڙي ڪئمپ ڳوٺ علي محمد ڦرڙو ۾ لڳي، جنهن ۾ مون به شرڪت ڪئي هئي، اتي مون سان گڏ هڪ فردن فردن بحث مباحثي واري سيشن ۾ وقار احمد ڦرڙو هوندو هيو، جيڪو ڊسڪشن ۾ مونکان کٽي ويندو هو، مونکان سينيئر به هوندو آهي، اڄ به ان سان محبت، خلوص، پنهنجائپ ۽ ويجهڙائپ وارو رستو آهي.
    هڪ ڏينهن چيومانس ته ڏسڻ ۾ ته سادو سودو آهين، پر بحث مباحثي ۾ دليل ڏيڻ جو ڪو ڪوڏيو آهين، سدائين کٽي ٿو وڃي، چيائين ته خانداني طور تعليم يافته خاندان سان واسطو آهي، بابا سائين به استاد هو، ڀائر سي ايس ايس آفيسر آهن، ان وقت مون کي يقين نه پئي آيو ته واقعي به ڪو سندس وڏو ڀاءُ سائين احسان احمد ڦرڙو سي ايس پي آفيسر آهي.

    سندس ننڍو ڀاءُ انعام ڦرڙو به هن وقت ائٽامڪ انرجي وفاقي کاتي ۾ هڪ اهم پوسٽ تي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي ٿو، سندس ٽيون نمبر ڀاءُ نور محمد ڦرڙو به سٺو اديب، ليکڪ ۽ ضلعي نوشهري فيروز ۾ مڃيل استادن مان هڪ مڃيل انگريزي ۽ سنڌي سبجيڪٽ جو استاد آهي، جنهن تازو پنهنجي نانا سائين محمد پناه ڦرڙو صاحب؛
    (جيڪو پڻ وڏو محقق، ليکڪ ۽ اديب هو، جنهن هندي- سنڌي لغت پڻ لکي آهي) جنهن جو ڊاڪٽريٽ لاءِ لکيل مقالو "تصوف جو سنڌي ادب تي اٽر" تصوف تي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ پهريون مقالو آهي. جنهن تي نور محمد سندس سڀني لکڻين تي تحقيقي مقالو بعنوان
    "محمد پناه ڦرڙو جي علمي ادبي خدمتن جو تحقيقي جائزو" وٺي ايم - فل پڻ ڪئي آهي. ۽ پي-ايڇ-ڊي جو ارادو پڻ رکي ٿو، جيڪو سولي نموني سان ڪري به ويندو.
    سندس ٻه ننڍا ڀائر سنڌ ڪنٽرول بلڊنگ اٿارٽي ۾ نوڪرين سان آهن.
    سائين احسان احمد ڦرڙو صاحب ثابت ڪري ڏيکاريو ته محنت ڪئين ڪجي؟ محنت جو ڦل ڪئين ملندو آهي؟ ڀائرن کي پيءُ وانگر ڪئين پالجي، ڪئين پڙهائجي ۽ ڪئين روزگار سان لڳائجي؟

    نشات طرفان لڳل تعليمي ڪئمپ ۾ ايڊووڪيٽ احسان گل ڏاهري صاحب استاد جي حيثيت ۾ ايندو هيو، ليڪچر ڏيندو هو، کائنس سڀ شاگرد ڊڄندا هئا، انهيءَ ڪري جو پاڻ سوال جي مٿان سوال ڪندو هو، پيشي جي لحاظ کان وڪيل صاحب به آهي ته اسان کي ڪاٿي نه ڪاٿي لاجواب ڪري ويندو هو، پوءِ اسان کي سائين ايڊووڪيٽ احسان گل ڏاهري صاحب کان ڀئه ٿيندو هو، کائنس لڪندا وتندا هئاسين.
    اڄ احساس به ٿئي ٿو ته پڇتاءُ به!؛ دل ۽ ضمير ٻئي اهو مڃين ٿا ته واقعي سائين ايڊووڪيٽ احسان گل ڏاهري جا (اسان تي) احسان آهن.

    وقت جي نزاڪت سان گڏ سائين احسان احمد ڦرڙو صاحب سان ميل جيل ٿيڻي لڳي، سندن ۾ زماني جي حساب سان ڪيئي ڪم ڪار پيا، پر مونکي ته اهو ساڳو ئي خوف دل ۾ هيو ته متان هي به احسان هن احسان وانگر هجي،ڊڄي ڊڄي کيس پنهنجو موقف رکندو هيس، پر پاڻ رحمدل، فياض دل، خوددار، سچار ۽ تمام گهڻو خيال ڪندڙ آهن، جنهن مان هميشه مثبت موٽ ۽ وقتائتو ريسپانس مليو آهي، جيتوڻيڪ پاڻ پنهنجي شيڊيول مطابق تمام گهڻا مصروف به آهن، تنهن هوندي به وقت ڪڍي ذميواري سان جواب ڏيڻ سندس اعلي ظرفي ۽ اعلي قدرداني جو چٽو ثبوت آهن.

    سائين احسان احمد ڦرڙو صاحب سان جڏهن ڪچهري ٿي ته مونکي کيس پرکڻ جو موقعو مليو.
    پاڻ اجتماعي ترقي جا قائل آهن، هر هڪ کي عزت ڏيڻ، سندن مدد ڪرڻ، کين وقتائتو ريسپانس ڏيڻ، تعليمي حوالي سان سڀني شاگردن جي رهبري، رهنمائي، حوصلا افزائي، عزت افزائي ۽ همت افزائي ڪرڻ ڄڻ سندس ڪرت ۾ شامل آهي.

    اڄ به ڪيترائي شاگرد کائنس تعليمي حوالي سان مدد وٺي رهيا آهن، جيڪي پي ايڇ ڊي ڪري پڻ وڏن عهدن تي پهتا آهن ته ڪي وري سي ايس ايس ۽ پي سي ايس ڪري ڪامورا بڻجي ويا آهن، ڪي وري انتظامي طور وڏن عهدن جا مالڪ بڻيل آهن، جيڪي اڄ به سندس گهڻي عزت ۽ بي لوث خدمت ڪن ٿا، جيڪو عمل سندس لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي.

    اهڙن ڪردارن لاءِ استاد بخاري چيو آهي ته

    جو قوم جياري اهو جيئندو رهندو ،
    جو عام اجاري اهو جيئندو رهندو ،
    مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي ،
    جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو.

    سندس ذاتي سهڻي ڪردار ۽ ماٺيڻي طبيعت ڪري سڀ دوست، مٽ مائٽ ساڻس بي انتها محبت ڪندا آهن، شايد ئي ڪو اهڙو ماڻهو هجي، جيڪو سندن مان ناخوش يا ناراض هجي.
    رب سائين جيتري کيس عزت ۽ شهرت ڏني آهي، ايترو ئي سندس واسطو ۽ ظابطو آهي، جيڪو به کيس ڪنهن ڪم لاءِ چوندو آهي ته پاڻ يڪدم انهيءَ جو ڪم ڪري ڇڏيندا آهن، سندس هٿ ڊگھا آهن، اهو ڪهڙو ڪم آهي، جيڪو سندن کان نه ٿيو هجي، مونکي ياد نه ٿو اچي.
    مون جهڙي ادني ماڻهو تي به سندس نالي وانگر اڻ ڳڻيا احسان ڪيا آهن، جنهن ڪم لاءِ کين کي فون ڪيو ته هميشه خوشخبري ئي ڏني اٿائين، جيڪو سندس اعلي وڙ ۽ ظرف آهي.
    اميد ڪجي ٿي ته اڳتي به ائين ئي ساٿ ۽ سهڪار جاري رهندو. سندس لاءِ خضري حياتي ۽ ڪامل صحت لاءِ دعاڳو آهيون.

    مالڪُ الُکل کيس اڃا به وڌيڪ عزت ۽ شهرت ۾ واڌارو ڪري، کائنس عام ڀلائي ۽ خدمت خلق وارا ڪم وٺندو رهي.
    آمين ثم آمين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو