عوامي آواز آچر 8 مئي 2022 تي ڪالم ڇاپيو آھي: ڪاش! ”مديني“ کي ”پاڪستان“ نہ بڻائجي ھا: محمد خان سيال

'ڪالم' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏8 مئي 2022۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    روزاني عوامي آواز اڄ آچر 08 مئي 2022 تي منھنجو اھم آرٽيڪل ڇاپيو آھي: ڪاش! ”مديني“ کي ”پاڪستان“ نہ بڻائجي ھا: محمد خان سيال
    https://awamiawaz.pk/881623/
    ڪاش! ’مديني‘ کي ’پاڪستان‘ نه بڻائجي ھا
    محمد خان سيال
    On مئی 8, 2022
    [​IMG]

    Share
    مذھبي حوالي سان ڪجهه اھڙا به ڀلائيءَ وارا واقعا ھوندا آھن جن جي وڏي اھميت ھوندي آھي ۽ انھن کي وقت گذرڻ سان به وساري نٿو سگهجي پر ساڳي وقت مذھبي گستاخي ڪندڙن جا معاملا به نه وساربا آھن . بھرحال، مذھبي احترام جي اھميت کان ڪنھن به صورت ۾ انڪار نه ٿو ڪري سگهجي.

    سعودي عرب ملڪ جو ٻئي نمبر تي اھم شھر مدينو شريف آھي جتي مسجد نبوي جي وڏي اھميت آھي جڏھن ته مڪي شريف ۾ خانا ڪعبا سڀ کان وڌيڪ اھم آھي. انھيءَ ۾ شڪ ناھي ته سڄي دنيا جي مسلمانن جي وڏي آباديءَ جو مکيه واسطو، مڪي شريف ۽ پوءِ مديني شريف سان ئي ھوندو آھي.

    تازو دکدائڪ واقعي کي ڏسي اھو مڃڻو پوندو ته مذھبي احترام جوڳي، مسجد نبويءَ ۾ پھچي گستاخي ڪرڻ وڏو ظلم ھو. ھونئن به مديني شريف شھر ۾ مذھبي گهوٽالو پيدا ڪرڻ، زوردار احتجاج جوڳو عمل آھي جنھن کي ھر صورت ۾ نندڻ گهرجي. اسان مسلمانن کي، مڪي شريف ۽ مديني شريف جي عزت ۽ احترام جو عام طور پورو پورو احساس ھوندو آھي (سواءِ ڪجهه گستاخي ڪندڙن کي). بھرحال، مون پاڻ پنج ڀيرا مڪي شريف ۽ پوءِ اٽڪل 2138 ڪلوميٽر پري مديني شريف جي ذاتي زيارت ڪئي آھي جتي آخري پيغمبر رسول الله صلعم جي مزار شريف پڻ آھي. اتي پھڇڻ سان سڪون ملي ٿو پراھا به سچائي آھي ته مسجد نبويءَ جي گستاخيءَ کي ڪنھن به صورت ۾ معاف نٿو ڪري سگهجي.

    ٻئي طرف، ميڊيا ۾ مديني جي توھين بابت اڳ ۾ اھا به خبر ڇپي ھئي ته عمران خان، شيخ رشيد، سميت 150 ماڻھن تي مقدما داخل آھن ۽ پي ٽي آءِ سربراھ ۽ ٻيا ڦتنا به گرفتار ڪيا ويندا. وفاقي گهرو وزيرراڻا ثناءَالله مقدمن ۾ توھين مذھب سميت 4 دفعات شامل ڪيا آھن. ايم اين اي راشد شفيق گرفتار ٿي ويو آھي. اٽڪ ۽ فيصل آباد ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آھن. شيخ راشد جي اڳواڻيءَ ۾ 150 ماڻھو سعودي عرب موڪليا ويا ھئا. ھڪ گروپ شيخ راشد ۽ ٻيو گروپ صاحبزادي جھانگير تي ٻڌل ھو. ڏيڍ سو نامعلوم ماڻھن تي به ڪيس داخل ڪيا ويا آھن جڏھن ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، شيخ رشيد، فواد چوڌري، شھباز گل، مراد سعيد، شيخ راشد شفيق کي به نامزد ڪيو ويو آھي. گوھر جيلانيءَ سميت 15 ڪيس نامزد ٿيل آھن. بھرحال، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءَالله پوءِ اھو بيان ڏنو ته وفاقي سرڪار، عمران خان خلاف ڪوبه مقدمو داخل ناھي ڪرايو. راڻا ثناءَالله چيو ته مان اپيل ڪريان ٿو ته پي ٽي آءِ جا سربراھ،مسجد نبويءَ ﷺ واري واقعي کي نندين.

    مسجد نبويءَ بابت تازو ٿيل دکدائڪ داستان آھي جيڪو سڄي دنيا ٻڌو آھي تنھن، دنيا اندر مذھبي طور عزت ۽ احترام ڪندڙن جي ذھني سوچ کي سخت آزار ۾ وجهي ڇڏيو آھي. ھونئن به جن کي مذھب جو کڻي ٽڪو به احترام آھي تن به اسلام تي چوٽ ڏسي ڳوڙھا ڳاڙيا آھن. اسان وٽ ڪجھ اھڙا به مسلمان (خاص ڪري اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي سربراھ عمران خان جا ميمبر ۽ حامي) آھن جن کي دنيا ۾ مقبول يعني مسجد نبويءَ جھڙي اھم مذھبي اداري ۾ کليو کلايو بدتميزي ڪندي به، اھاڏسڻ ۾ نه آئي آھي. عمران خان جي پارٽيءَ (پي ٽي آءِ) جي سياسي اڳواڻن ۽ سندن ميمبرن طرفان مسجد نبويءَ جي حد اندر زوردار توھين واري رويي کي، اھو چئي جائز ڪوٺيو ته تازو ووٽن ذريعي ھٽايل پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان جي پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ ميمبرن، اسلام جي اھم مذھبي جاءِ مسجد نبويءَ جي حدن اندر جيڪو رويو (اصل ۾ توھين وارو ) ڏيکاريو سو سندن چواڻي ٺيڪ ھو يعني انھن سندس پارٽي پي ٽي آءِ جي ناجائز رخ کي جائز سڏڻ خاطر اھو ناٽڪ رچايو آھي. بھرحال، انھن ته مذھبي توھين کي سياسي پارٽيءَ جو رويو ظاھر ڪرڻ جو رنگ ڏنو آھي مطلب ته مذھب جي اھم شھر (مديني شريف) ۾ روبرو وڃي توھين ڪرڻ سندن بيانن موجب انھن لاءِ ڪا مکيه اھميت نٿي رکي. افسوس.

    تازو قانوني طور ھٽايل، وفاقي سرڪار جي مکيه پارٽي، پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ) سان وابستا حڪمرانن ۽ ورڪرن، سندن حامين کان علاوھ ڪيترن ”سنڌ جي ٺيڪيدار“ (خاص ٽولو) آڏو مسجد نبويءَ جي حد اندر توھين ڪرڻ ڪا خاص زيادتي ڪانه ھئي. اسان جي گڏيل ملڪ ۽ سنڌ جي ھڪ خاص طبقي ۾ اھڙن ماڻھن جي مذھبي نفرت تي زوردار افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو.

    اسان جي ملڪ جي مذھبي اڳواڻ طارق جميل ٽوئيٽر تي بيان ڏنو ته مسجد نبويءَ ۾ احتجاج جي صورت ۾ جيڪا حرم شريف سان زيادتي ڪئي وئي، اھا بلڪل اسلام ۾ ٺيڪ ناھي، انھيءَ کي جيترو به نندجي سو گهٽ آھي.

    ٽي وي جيو نيوز موجب وزيراعظم شھباز شريف ۽ سندس وفد، روضي رسول الله ۾ حاضري ڏيڻ لاءِ پھتو ھو جتي مسجد نبويءَ جي حدن اندر ڪجھ ماڻھن نعري بازي شروع ڪئي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪجھ ماڻھن ٻن وفاقي وزيرن مريم اورنگ زيب ۽ شازين بگٽي جو گهيرو ڪندي ان خلاف چور چور جا نعرا لڳائيندي، وڊيوز به بڻائي رھيا ھئا.

    سعودي سفارتخاني جي ميڊيا ڊاريڪٽر پڪ ڏني آھي ته مسجد نبوي ۾ پيش ايندڙ واقعي ۾ پاڪستانين کي گرفتار ڪيو ويو آھي. جيو نيوز وڌيڪ ڄاڻايو ته پاڪستان ۾ سفارتخاني جو مديني منورا جي مسجد نبويءَ ۾ نعري بازي ۽ حڪومتي ڪارروائيءَ تي ردعمل سامھون آيو آھي. بھرحال، مذھب جي نالي ۾ ٺھيل دنيا جا ڪل ٻه ملڪ آھن پاڪستان ۽ اسرائيل. ”پاڪستان“ کي ته ”مديني شريف“ جهڙو بڻائڻ کپندو ھو پر ”مديني شريف“ کي ”پاڪستان“ جهڙو ھرگز ڪونه. آخري ڪوشش سڌي يا آڻسڌي ريت اھڙي ريت ڪئي وئي آھي جيڪا بدديانتيءَ تي ٻڌل ھئي ۽ سچائي اھا آھي ته اھو وڏو ظلم آھي.

    جيستائين مديني شريف جي مسجد نبويءَ ۾ تازو ٿيل زيادتين جو واسطو آھي تن جي باري ۾ مون عام راءِ معلوم ڪئي آھي. سندن چواڻي: مديني جي توھين ڪندڙن جي گرفتاري ڪئي وئي آھي، اڃا به جيڪي ٻيا ذميدار آھن انھن کي رعايت کانسواءِ ترت گرفتار ڪيو وڃي. اھا پنھنجي جاءِ تي سچائي آھي ته مسجد نبويءَ جو احترام ڪونه ڪندڙ ظالم آھن. انھيءَ کان علاوھ، پاڪستان کي ”مدينا رياست“ بڻائڻ جو اڳوڻو وزيراعظم عمران خان نيازي لاڳيتو ڪوڙو ناٽڪ رچائيندو رھندو ھو، ٻيو ته ٺھيو پر سندس پارٽيءَ جي بندن يعني ورڪرن ۽ حامين، مديني شريف کي ”پاڪستان“ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو پنھنجي جاءِ تي وڏو ظلم ھو. اصل ۾ پاڪستان کي نيڪ نيتيءَ سان ”مدينا رياست“ باقاعدي بڻائجڻ کپي ھا ته بھتر ھو پر عمران خان نيازيءَ کي، اھڙا سکڻا ۽ ڪوڙا اعلان نه ڪرڻ گهرجن ھا.

    ھونئن به ڏسجي ته مدينا منورا اھا جاءِ آھي جتي ظاھري طور شيطان به پنھنجي شيطاني ڪرڻ کان گهٻرائيندو رھندو آھي جڏھن ته رمضان ۾ شيطان جي ڪارروائي ته بلڪل بند ھوندي آھي پر يوٿين (عمران خان نيازيءَ جي حامين) رمضان دوران اتي ڪارروائي ڪري شيطان کي به پٺتي ڇڏي ڏنو آھي. ڪنھن اھو به ٺيڪ لکيو: ”رياست مدينا“ (پاڪستان ۾ عمران جي دعوا) ٺاھڻ کان اڳ، مديني شريف جو احترام ڪرڻ سکو ته بھتر ھوندو. ڪن جو چوڻ آھي ته عمران خان نيازي ايترو ٿو ڳالھائي جو ٻڌڻ وارن جا ڪن به پچي پيا آھن. اصل ۾ اھو ڪوڙو ۽ يوٽرن خان آھي جيڪو ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪندڙ آھي. اصل ۾ ائين لڳي ٿو ته نيازيءَ رڳو بيانن جي بنياد تي ملڪ ھلائڻ ٿي چاھيو جنھن ۾ نيٺ مجموعي طور ڪامياب ڪونه ٿيو.

    اھا سچائي آھي ته عمران خان نيازي پنھنجي شڪست ھيل تائين به قبول نه پيو ڪري جڏھن ته ووٽن ذريعي وزيراعظم جي عھدي تان ھٽائڻ واري شڪست کائي چڪو آھي. ڪنھن دوست جو چوڻ ھو ته عمران خان ملڪ ۾ انارڪي ڦھلائي رهيو آھي. ھن پنھنجي حڪومت دوران عوامي مسئلن کي نبيرڻ تي ڌيان ڪونه ڏنو ۽ نه ئي ملڪ کي اصل ترقي وٺرائي پر اھا سچائي اھا آھي ته ھن ملڪ اندر لاڳيتي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آندي ۽ اھا به سچائي آھي ته کيس مذھب جي به ڪا خاص اھميت ڪونه ھئي ۽ ٻيو ته ٺھيو پر ھن حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ حج تي ويندڙن ۾ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ڪري ڪيترن کي حج تي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. اھو وڏو ظلم ھو.

    هن وقت ملڪ نازڪ حالتن مان لنگهي رهيو آهي ته ٻئي طرف عمران نيازي جلسا جلوس ڪري ويتر پاڪستان کي اقتصادي طور دٻائڻ ۾ ڦاسائي رهيو آهي. ڪنھن سچ چيو ته عمران خان نيازي رڳو پنهنجي ڀلائيءَ لاءِ ڪيترا ناٽڪ پيو رچائي جڏهن ته کيس عوام توڙي ملڪ جي ڪا به خاص ڳڻتي ڪانھي. ڏسجي ته عمران مطلبي ماڻھو آهي، سمجهدار ھرگز ڪونه. ساڳي وقت ڪوڙو به آهي چئن ورھين جي اقتدار ۾ ڪو به ھڪ واعدو پورو ڪونه ڪيائين پر لڳي ٿو ته حڪومت کان قانوني طور ھٽائڻ کانپوءِ سندس بيانن بابت جنھن کي شڪ ھجي سو مديني شريف ۾ سندس ۽ سندس پارٽيءَ جي توھين وارو ڪردار ڏسي. ھونئن به لڳي ٿو ته عوام کي تنگ ڪرڻ ۽ مذھب جي توھين ڪرڻ سندس ناجائز ڌنڌا رھيا آھن.

    اھا به سچائي آھي ته عمران خان وزيراعظم جي حيثيت ۾ پاڪستان کي ”مدينا رياست “ بڻائڻ جا ڪيترا ڀيرا اعلان ڪندو رھندو ھو پر ھو سڄي ملڪ لاءِ ڀلائيءَ لاءِ اھڙو ڪارنامو ھڪ سيڪڙو به نه ڪري سگهيو. منھنجي راءِ آھي ته عمران خان نيازي مدينا رياست قائم ڪرڻ جي اعلان باوجود رڳو سکڻا ۽ ڪوڙا اعلان ڪندو رھيو پر سندس رويو ملڪ جي عوام سان کليو کلايو دشمنيءَ کان گهٽ ڪونه ھو.. اھا سچائي آھي ته عمران خان بيانن جي حد تائين مدينا رياست بڻائڻ چاھيندو ھو پر پنھنجي پارٽيءَ جي ميمبرن ۽ حامين کي مديني شريف جو ادب ڪرڻ سيکاري ڪونه سگهيو جيڪو مديني ۾ سندس پارٽيءَ جي کليوکلايو نامناسب رويي مان ظاھر ھو. ڪنھن اھو به تبصرو ڪيو: ڪجهھ ذليل ماڻھن مسجد نبويءَ جي عزت جي توھين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪجهھ حرام جا پيداوار ماڻھو خوش ٿي اھڙين حرڪتن کي ڪارنامو سمجهي رھيا آھن. افسوس.

    ٻئي طرف، ھاڻوڪي وفاقي سرڪار جي وزير مريم اورنگ زيب چواڻي: عمران خان پاڪستان جو سڀ کان وڏو فتنو آ، سياسي دشمنيءَ ۾ مديني شريف جي احترام جو به خيال نه رکيو ويو جنھن ڪري سندس رٿيل واقعو پيش آيو. ٻئي طرف، مسجد نبويءَ جي توھين خلاف پاڪستان پيپلز پارٽيءَ (پ پ پ) سڄي سنڌ ۾ مظاھرا ڪيا آھن.

    منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب مسجد نبويءَ جي توھين وڏو ظلم آھي جڏھن ته مديني ۾ مذھبي گهوٽالو پيدا ڪرڻ ڪنھن به صورت ۾ ٺيڪ ناھي. انھيءَ ۾ شڪ ناھي ته مديني شريف ۾ مسجد نبوي جي توھين ڪرڻ سئو سيڪڙو ناجائز ھو ۽ آھي. اسان کي گهرجي ته انھن کي دل سان ننديون. جيڪڏھن گستاخي ڪندڙ نٿا مڙن ۽ پنھنجن حرڪتن کي جائز سمجهن ٿا ته انھن کي وائکو ڪرڻ گهرجي ٻي حالت ۾ اھڙا ماڻھو پنھنجون حرڪتون ورجائيندا رھندا. بھرحال، اسان کي رب سڳوري کي راضي ڪرڻ لاءِ اھم مذھبي شھرن جي عزت ڪرڻ گهرجي ۽ مذھبي گستاخي ڪندڙن جي توھين لاءِ دعائون ڪرڻ گهرجن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو