دل جو پليٽ فارم

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ همانگير سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2010۔

  1. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    ساحر راهو

    دل جو پليٽ فارم، ويران ڪا سراءِ

    نيڻن جون خواب گاهون، گمنام ڪو جزيرو

    چپڙن جا ڦول بڻيا، ساگر جا سـُـڃ ڪنارا

    هي شهر دل جو اُجڙي، ڀنڀور جي ڪٿا ٿيو

    هر ڪا گلي ٿي ڀاسي، ڇورو آ ٻار ڪوئي

    آ مير هر نظر ۾، وارن ۾ چيڙهه ڄميل

    چيچن جا ڇهاءَ گم ٿيا، مزدور جي اکين ۾

    احساس جي رڳن ۾، اونداهه وئي ڄمي آ

    چهرن جي موسمن تي، پن ڇڻ جون بارشون ٿيون

    خوشبو جا جهروڪا، خوابن جا ٿيا مسافر

    محبوب پل اکين جي، ڳوڙهن ۾ خودڪشي ڪئي

    دل جا سوال پـُـل تان ڪريا ته لهر ٿي پيا

    گل پوش شهر رستا بارود جو بدن ٿيا

    نرگس اکين ۾ موتيو، چادر ٿيو آ ڪاري

    ڀاڪر گلاب جا ٿا سارين شهر شامون

    شاعر شراب جا پل ڳولين چنڊ راتيون

    ڪا ريل جي نه سيٽي، نه آس جا ڪبوتر

    لهڻو نه رات ويلي آ دل گهـُـريو مسافر

    دل جو پليٽ فارم ويران ڪا سراءِ

    ڀٽڪ داس پل ٿا، منهنجي اکين جي رڃ ۾

    تنهنجي بدن جي گرمي، اوڇڻ نه ٿي آ جانان

    جذبن جي برف پگهري، کوليان نگاهه ڳڙکي

    سڀ عشق جون خدائونور ٿي ويون هن

    نيڻن جون خواب گاهون، اُجڙي ويون سفر ۾

    دل تي هزار صدما، ٿي اوڙڪون وٺا هن

    من جو نفيس چولو، ليرون ٿيو جفا ۾

    چـُـنري جا رنگ ڦٽيل، چادر مزار جي ڪا

    ۽ پيٽ جي جهنم ڳڙڪي ڇڏيون جوانيون

    محبوب جي انگل تي مانيءَ ڳڀو آ ڀاري

    معصوم خواهشن جا گل ئي سڀئي ڇڻي ويا

    راڻو نه ڪاڪ آيو، مومل کي ڪير ماڻي

    شيشن جي هن شهر ۾ موتي نه ڪو سڃاڻي

    هر باز جي اکين ۾، خواهش جا خواب مرڪن

    ڳيرو اداس وڻ جي خاموش لام تي ڪو

    ٿو درد جا سنيها دريا جي پار واري

    دل جو پليٽ فارم ويران ڪا سراءِ

    ڇڙواڳ چڳ وانگي تنهنجي ڳلن سان کيڏيا

    بيتاب لهر وانگي منهنجا چپن ڪنارا

    جڏهن ڇـُـهان ته مرڪان، سنگيت ڪوئي ڇيڙيان

    تون جي ملين ته جهومان بي خفود ٿيان نشي ۾

    ڪوئي سنديس، ڀڻڪو، ناهي هوا چپن تي

    ڳڙکي کلي آ دل جي پردا اکين جا سرڪيل

    ٻاهر آ شور ڏاڍو انددر ۾ ماٺ ماتم

    ننڊن جا پرس ڀريل سڀني اکين جا ليڪن

    ڪوئي اُداس پنڇي دل جي اُجاڙ وڻ تي

    ويٺو آ سر جهـُـڪائي ڪنهن سوچ جي سفر ۾

    ڪنهن کوج ۾ ستارا ڀٽڪن پيا امبر ۾

    چانڊاڻ چنڊ چڳون ٿي برسي پئي پڌر ۾

    محبوب جي جدائي سڏڪي پئي اندر ۾

    مان ڇرڪ ٿي ٿو موٽان تارا سمهي رهيا هن

    سورج چڙهي رهيو آ

    ڀرسان اُداس راڳيءَ ڇيڙي آ تند صبح جي

    ميڙي وجود پنهنجو ساڻن پلن کي چيري

    مانيءَ ڳڀي جي پويان مصروف ٿي وڃان ٿو

    دل جو پليٽ فارم ويران ڪا سراءِ
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: دل جو پليٽ فارم

    واھ همانگير سٺي ونڊ آهي
     
  3. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: دل جو پليٽ فارم

    مهرباني عاشق سولنگي پسند ڪرڻ جي۔
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: دل جو پليٽ فارم

    ادا ساحر راهو جو هي نظم دل کي ڇهندڙ آهي، هن نظم جي پڙهڻ سان ڪجهه ڪجهه دل ۾ ٿئي ٿو ۔ جس هُجي ادا همانگير سولنگي کي جيڪو اهڙو زبردست نظم کڻي آيو، ساحر راهو جي شاعري پڙهندو رهندو آهيان پر اڃان تائين مونکي ان خوبصورت جذبا رکندڙ شاعر جي باري ۾ خبر ڪانهي ته پاڻ ڪهڙي شهر سان تعلق رکن ٿا۔ سنڌ سلامت جو ڪو دوست ان باري ۾ ڪا ڄاڻ رکندو هُجي ته پليز ونڊ ڪئي وڃي تمام گهڻا ٿورا ليکبا۔
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: دل جو پليٽ فارم

    واه ادا واه.
     
  6. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: دل جو پليٽ فارم

    بهترين سائين
     
  7. بيتاب

    بيتاب
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: دل جو پليٽ فارم

    سٺي ونڊ آ ادا۔۔۔
    مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو