محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    جڏهن سنڌ سان جند جڙي وڃي ....




    ڇنڇر 10 اپريل 2010ع



    جڏهن ڪنهن عورت جي ڪک ۾ پلجندڙ ٻار پهريون ڀيرو چرپر ڪري ٿو ته ان عورت کي پنهنجي ممتا ۽ سندس پيٽ ۾ موجود ان اجنبي سان شناسائي ٿئي ٿي، جيڪو وقت گذرڻ سان گڏ ان ماءُ جي زندگي جو مقصد بڻجي وڃي ٿو/ٿي. ڪڏهن ڪڏهن سوچيان ٿو ته ڇا هڪ ماءُ کي پنهنجي پيٽ ۾ موجود ٻار سان پهرين شناسائي ٿيڻ سان ئي بي پناهه محبت ٿي وڃي ٿي؟ ان سوال جو ڪو حتمي جواب ته شايد ئي ڪو ڏئي سگهي، پر اگر باريڪي ۾ وڃجي ته لڳي اهو ٿو ته ماءُ جو پنهنجي پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار سان شروع ۾ care ڪرڻ جو رشتو جڙي ٿو، انگريزي ۾ لفظ care جو ترجمو ”خيال ڪرڻ“ ان لفظ جي مڪمل روح جي ترجماني نٿو ڪري، بلڪه ماءُ جڏهن پنهنجي ٻار جي care ڪري ٿي ته معنيٰ اهو ان جو حد کان وڌيڪ ڌيان رکي ٿي، ان لاءِ فڪرمند ٿئي ٿي. مثال طور کائڻ پيئڻ ۾ ڌيان ڪرڻ، ڪا وزندار شئي نه کڻڻ، ڊاڪٽرن جا چڪر ڪاٽڻ وغيره. اهو سڀ ڪجهه هو پنهنجي ٻار لاءِ ان ڪري ڪري رهي هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته She really cares for her babby ۽ ان ٻار جيڪو اڃا ڄائو به نه هوندو آهي، جو بي پناهه خيال رکڻ، ان ڏانهن ڌيان رکڻ، ان جو فڪر رکڻ جي ڪيفيت مان ئي محبت جو جذبو پيدا ٿئي ٿو. معنيٰ خالص ۽ حقيقي caring ئي اهو ٻج آهي، جنهن مان خالص محبت جو ٻوٽو ڦٽي ٿو ۽ اڳتي هلي اگر ڪنهن محبت جي جذبي مان care ڪرڻ جو عنصر ختم ٿي ويندو ته پوءِ اها محبت به محبت نه بچندي. سو محبت جنم به caring جي جذبي مان ٿئي ٿي ۽ محبت برقرار به care ڪندي رهڻ سان ئي ممڪن آهي. ماءُ به نوَ مهينا پيٽ ۾ ۽ پوءِ جنم ڏيڻ کانپوءِ مسلسل ۽ متواتر پنهنجي ٻار جي care ڪندي رهي ٿي، ويندي اها ماءُ پوڙهي ۽ اولاد جوان ٿيو وڃي، پوءِ به ٻيو ڪجي نه ته اولاد جي گهر دير سان اچڻ تائين جاڳندي رهي ٿي، ڇاڪاڻ ته هو care ڪري ٿي. جوان جماڻ اولاد جي چهري تي پگهر ڏسي پنهنجي چادر يا رئي سان اهو پگهر صاف ڪندي مٺڙي انداز ۾ جڏهن چئي ٿي ته، ”الله، منهنجي ٻچڙي کي گرمي ٿي لڳي“، ته ان جي اکين ۾ موجود اٿاهه محبت ان ورهين جي caring جي جذبي جي پاڻي ۾ ترندي صاف ڏسي سگهجي ٿي.

    جڏهن ڪنهن نوجوان کي اهو چوندي ٻڌان ٿو ته مون کي فلاڻي ڇوڪريءَ سان پهرين نظر ۾ بي پناهه محبت ٿي وئي آهي، ته مون لاءِ پنهنجن چپن تي مرڪ کي روڪڻ ممڪن نٿو رهي، ڇاڪاڻ ته پهرين نظر ۾ ڪير ڪنهن کي تمام گهڻو پسند ته اچي سگهي ٿو پر محبت جو جذبو هڪ نظر ۾ پيدا ٿيڻ جي ڳالهه ائين ئي آهي، ڄڻ بنا ٻج جي ٻوٽو ڦٽي پوي. تنهن ڪري مون کي Love at first sight (ڏسندي ئي پيار ٿي وڃڻ) واري ڳالهه ڪڏهن به سمجهه ۾ نٿي اچي، ڇاڪاڻ ته محبت جي ٻج کي ڌيان جي مٽي ۽ اٿاهه خيال جو پاڻي ڏئي ٻوٽو ۽ پوءِ وڻ ڪري سگهجي ٿو، جنهن ۾ فطرتي طور وقت گهربل هوندو آهي، پوءِ اها محبت ٻن انسانن وچ ۾ هجي يا ڪنهن ماڻهوءَ جي پنهنجي گهر سان، پاڙي سان، شهر يا پنهنجي ڌرتي سان هجي. توهان اڪثر ڏٺو ۽ ٻڌو هوندو ته ڏهاڪن کان پرڏيهه ۾ لڏي ويل سنڌي اڪثر پنهنجي ڌرتي سنڌ لاءِ سڪي رهيا هوندا آهن ۽ جيتوڻيڪ هو پنهنجن ٻچن ٻارن سان آمريڪا، يورپ يا ٻين ملڪن ۾ خوشحال زندگي گذاري رهيا هوندا آهن، پر کين سنڌ جي بدحالي جو اونو ۽ ڳڻتي انهن ملڪن کان وڌيڪ هوندي آهي، جتي هو آباد هوندا آهن. ان جو سبب اهو ئي آهي ته They care for Sindh (انهن کي سنڌ جو اونو آهي) پر انهن ئي ماڻهن جون ايندڙ پيڙهيون جيڪي پرڏيهه ۾ ئي پيدا ٿيون ۽ اتي ئي وڏيون ٿيون، انهن کي سنڌ لاءِ اها ڇڪ محسوس نٿي ٿئي، ڇاڪاڻ ته اهي سنڌ ڌرتي تي نه ڄاوا ۽ نه ئي سنڌ ۾ رهيا، سو انهن وٽ سنڌ سان نسبت صرف اها ئي هجي ٿي ته سندن وڏا اتي پيدا ٿيا هئا. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته محبت جو جذبو خالص ۽ اصل روح ۾ تڏهن ئي پروان چڙهي ٿو، جڏهن ڪنهن شئي سان جڙي ڪري ان جو تمام گهڻو خيال ڪجي، پوءِ معاملو ڪنهن محبوب سان جڙڻ جو هجي يا ڌرتي سان. آئون اڪثر چوندو آهيان ته محبت ڪرڻ تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن محبت ڪرڻ به اچي، ۽ محبت ڪرڻ اچڻ ته ٿي بعد جي منزل پر اڳ ۾ ته بنيادي ڏاڪو آهي تعلق جوڙڻ اچڻ جو. دراصل جڙڻ جو مرحلو اهم ۽ نازڪ هجي ٿو، جنهن ۾ تمام گهڻي ڌيان ۽ خالص پڻي جي ضرورت هجي ٿي، ڇاڪاڻ ته اگر بنيادي ٽانڪو ئي غلط لڳي ويو، يا پهريون جوڙ لڳائڻ ۾ ئي بي ايماني يا منافقي شامل ٿي وئي ته پوءِ تعلق ناقص ۽ غير جٽادار ٿيڻ جو امڪان تمام گهڻو هوندو. ڪنهن سان جڙڻ مهل دل ۽ دماغ ٻنهي ۾ توازن جي ضرورت هجي ٿي.

    شايد ئي ڪو ماڻهو هجي، جنهن کي پنهنجي ڌرتي سان محبت نه هجي ۽ هر ماڻهو پنهنجي ڌرتي سان جڙيل هجڻ جو دعويدار به هجي ٿو، پر سوال اهو آهي ته اسان کي جڙڻ اچي به ٿو يا نه؟ آئون سمجهان ٿو ته جڙڻ لاءِ پهرين شرط پنهنجي ڪوڙي انا کي ختم ڪرڻ هجي ٿو، تنهن کانپوءِ ئي ڪنهن سان جڙي سگهجي ٿو ۽ ظاهر آهي ته اگر ڳالهه ڌرتي سان جڙڻ جي حوالي سان ٿئي پئي ته ان جو مطلب اهو آهي ته ڌرتي واسي پاڻ ۾ جڙن، پنهنجي ڪوڙي انائن کي پاسيرو ڪري پاڻ ۾ ايڪتا پيدا ڪن. اسين اهو نٿا چئي سگهون ته اسان ڌرتي سان ته محبت ڪريون ٿا پر ڌرتي واسين سان اسان جو ڪهڙو واسطو! سنڌ ڌرتي سنڌين سان جڙيل آهي ۽ سنڌي سنڌ سان. سو اگر سنڌي پاڻ ۾ جڙندا تڏهن ئي هو سنڌ سان جڙي سگهندا. ڪڏهن ڪڏهن زماني جي ڪمن ڪارين سبب ماڻهو پنهنجي اوڙي پاڙي وارن سان گهڻو ميل ميلاپ نه ڪندو آهي، پر جڏهن ڪو چور يا هٿياربند پاڙي ۾ اچي وڃي ته پاڙي جا ماڻهو پاڻ ۾ گڏجي هڪ ٿي ان جو مقابلو ڪندا آهن. ساڳي ريت سنڌ سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سنڌ واسين وٽ پاڻ ۾ گڏجڻ ۽ ڳنڍجڻ کانسواءِ ٻي ڪا واٽ ڪانهي ۽ 6 ڊسمبر تي پنهنجي ثقافت جو ڏهاڙو ۽ 24 جنوري تي پنهنجي سنڌوءَ جو ڏهاڙو جنهن جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ان کانپوءِ ان ڳالهه ۾ ته هاڻ ڪو به شڪ نه رهيو آهي ته سنڌ واسي پاڻ ۾ ڳنڍجڻ ڄاڻن ٿا. هاڻ صرف ڏسڻو اهو آهي ته پنهنجي ان ايڪتا جي قوت کي سنڌ واسي حقيقي تبديلي لاءِ ڪڏهن ڪتب آڻيندا؟

    تازو گهوٽڪي ويجهو هڪ ڳوٺ حسين ٻيلي ۾ ڳوٺاڻن سان ڪچهري دوران هڪ پورهيت نوجوان مون کي چيو ته، هو اڳ ۾ ووٽ نه ڏيندو هو، پر هاڻ هن پنهنجي سوچ تبديل ڪئي آهي ۽ ان ڀيري هو تبديلي آڻڻ لاءِ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندو. ان نوجوان جي ڳالهه ٻڌي مون کي خوشي ڀريل حيرت ٿي ۽ اهو احساس اڀريو ته اسان جي ٻهراڙين ۾ رهندڙن جو سياسي فهم ڪنهن ريت شهرن ۾ رهندڙن کان گهٽ ناهي. ڳوٺ حسين ٻيلي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ٿيل ڪچهرين مان اهو محسوس ٿيو ته معاشري ۾ معياري تبديلي آڻڻ لاءِ اسان جي ٻهراڙين ۾ رهندڙن وٽ به اوتري ئي شدت سان خواهش موجود آهي، جيتري شهري علائقن ۾ آهي ۽ جنهن سماج جي ماڻهن جي دلين ۾ تبديلي آڻڻ واري خواهش هڪ لاٽ جيان ٻرڻ شروع ڪري ڇڏي ته ان سماج تي ڇانيل ناانصافين ۽ ڏاڍاين جا ڪارا ڪڪر ڊگهي عرصي تائين ڇانيل نه رهندا، ڇاڪاڻ ته لکين ڪروڙين ماڻهن منجهه ٻرندڙ لاٽ گڏجي وئي ته هڪ سج جيان سڄي سماج کي ان اونداهي مان ٻاهر ڪڍي ايندي. يقين رکجي ته اهي مڙئي ڳالهيون ناهن، ڇاڪاڻ ته اگر مثال طور ڪا سرڪار پنهنجي تي لهي اچي ته ڇا، ٻه يا ٽي سئو ڏوهاري سڄي سنڌ کي يرغمال رکي سگهن ٿا؟ ڇا سرڪاري اسپتالن جو نظام سڌري نٿو سگهي؟ تعليمي معيار بهتر نٿو ٿي سگهي؟ ڇا آبادگارن کي بارداڻي لاءِ ڌڪا کائڻ کان بچائي نٿو سگهجي؟ آخر اهڙو ڪهڙو معاملو آهي، جيڪو سڌاري نٿو سگهجي؟ اهي سڀ معاملا سرڪار سڌاري سگهي ٿي ۽ سرڪار کي عوام آڻي ٿو، سو جنهن وقت هي جوڳي جاڳيا ته پوءِ سور به نه رهندا ساڳيا.

    هڪ دفعي اڳ به لکيو هئم ته مريض به ماڻهو آهن، پر پنهنجي مرض جا طبيب به هو پاڻ آهن ۽ جنهن ڏينهن علاج خاطر هنن ووٽ جي ڦڪي صحيح انداز ۾ استعمال ڪئي، ان ڏينهن سندن زندگي ۾ واضح تبديلي اچي ويندي. جنهن ڏينهن ووٽ جي موٽ ۾ انهن بنيادي ۽ معياري تبديلي جي گهر ڪئي، اهو ڏينهن ورهين کان عذابن ۾ جڪڙيل اسان جي سماج جي آجپي جو ڏينهن هوندو. جنهن ڏينهن لکين ڪروڙين ماڻهن جون دليون تبديلي آڻڻ لاءِ هڪ ٻئي سان جڙي ويون، ان ڏينهن ڪو ڀوتار، ڪو رياستي ڏاڍ يا ڪا به جمود پسند قوت تبديلي کي اچڻ کان روڪي نه سگهندي.

    feedback_kawish@yahoo.com
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    خوابن جي ساڀيان لاءِ سنڌ کي فقط 13 لک تبديلي پسند گهرجن!




    ڇنڇر 22 مئي 2010ع



    ماڻهو کي ڪجهه ڪرڻ يا نه ڪرڻ مهل خواهش جي جذبي ۽ خوف/ڊپ جي وچ ۾ ترڻو پوي ٿو. ڪجهه حاصل ڪرڻ جي خواهش مهل ناڪامي جو خوف ۽ ڪجهه وڃائجي وڃڻ جو ڊپ بنا ٻڌائڻ جي ماڻهو سان گڏ هلي ٿو. محبوب جي محبت حاصل ڪرڻ جي خواهش سان گڏ، محبوب پاران انڪار جو ڊپ، محبت ملي وڃڻ کانپوءِ بي وفائي جو ڊپ، ڪنهن پنهنجي جو ملڻ، پر وري ان جي وڇڙي وڃڻ جو خوف، ناڻو ڪمائڻ جي خواهش، پر ان جي وڃائجي وڃڻ جو ڊپ، حق ۽ سچ ڳالهائڻ جي خواهش پر ان سان ٿيندڙ نقصان جو خوف، غرض ته هر انسان خواهشن سان گڏ خدشا ۽ ڊپ به پاڻ سان کڻي گهمي ٿو، پر خواهشن ۽ خوف جا به ٻه قسم هجن ٿا، هڪ خواهش چڱائي واري هجي ٿي ۽ ٻي ٺڳي ۽ بدي واري هجي ٿي. ساڳيءَ ريت خوف به چڱائيءَ جي نه ٿيڻ ۽ برائي جي صورت ۾ پڪڙجي وڃڻ جو هجي ٿو. آئون اهي ڳالهيون ان ڪري لکي رهيو آهيان، جو ڪجهه عرصي کان تبديلي جي خواهش رکندڙن کي سندن سڄڻ ۽ چاهڻ وارا پنهنجو خيال رکڻ جي صلاح ڏين پيا. کين ڊپ آهي ته سماج ۾ ڏهاڪن کان جمود جو فائدو وٺندڙن کي تبديلي جي ڳالهه تمام ڏکي لڳندي هوندي ۽ تبديلي جي ڳالهه ڪندڙ به خراب لڳندا هوندا.

    آئون سمجهان ٿو ته هر سماج، هر هنڌ ۽ هر شخص اندر تبديلي ڪنهن ڪنڊ ۾ خاموشي سان ويٺل هوندي آهي ۽ کيس انتظار ڪنهن سڏ جو هجي ٿو، جيڪو سڏ ٻڌي تبديلي مرڪي ڪري نروار ٿيو وڃي ۽ هاڻ ته اسان وٽ چئوطرف کان وڏي واڪ تبديلي لاءِ لکين آواز گونجڻ شروع ٿي ويا آهن ته يقينن اسان جي سماج ۾ ڪنڊ وٺيو ويٺل تبديلي به ڊگهو عرصو اسان کان پردو نه ڪري سگهندي. ائين به چيو ويندو آهي ته Only change is constant (رڳو تبديلي ئي مستقل هجي ٿي) سو اسان وٽ تبديلي جي خواهش جي لاٽ هاڻ لکين دلين ۾ ٻري اٿي آهي، ان کي وسائڻ هاڻ شايد ممڪن ناهي رهيو، سو خواب هجي يا خواهش جيڪڏهن ان جي تڪميل يا ساڀيان جو ٻيڙو جيڪڏهن لکين ماڻهو کڻي وٺن ته پوءِ ڪنهن هڪ لاءِ پنهنجي بابت خوف يا خدشو بي معنيٰ ٿيو وڃي ۽ ائين به انسان کي خوف نه پر خواب، خواهشون ۽ جذبا اتساهه ڏين ٿا ته هو خوابن جي ساڀيان اکين سان ڏسي سگهندو ۽ اگر نه به ته ساڀيان جي سفر ۾ پنڌ ڪري قافلي کي ٿورو اڳڀرو ڪري سگهندو. آمريڪا ۾ انساني حقن جي ڪاري نسل واري اڳواڻ مارٽن لوٿر ڪنگ جي ضرور خواهش هوندي ته هو پنهنجي خواب جي ساڀيان پنهنجي اکين سان پسي سگهي، پر هو ان کان اڳ ئي مارجي ويو، پر پوءِ اهي لکين، ڪروڙين اکيون جنهن بارڪ اوباما کي وائيٽ هائوس ۾ داخل ٿيندي ڏٺو يقين انهن به اوباما کي مارٽن لوٿر ڪنگ جي اکين سان ڏٺو وندو. ڪڏهن ڪڏهن خواب يا خواهش جي تعبير يا تڪميل جو تصور ايترو خوبصورت ۽ وڻندڙ هجي ٿو، جو ان جي جنون ۾ رهندي ماڻهو کي ايندڙ تڪليفن يا رنڊڪن جو نه هوش رهي ٿو ۽ نه ئي خوف.

    واشنگٽن ۽ راولپنڊي وچ ۾ هڪ دفعو ٻيهر وڌندڙ ويڇن ۽ حڪومت ۽ عدليه وچ ۾ ٽڪراءَ واري صورتحال کي ڏسي ڪير به پير ٻڌي اهو ته نٿو چئي سگهي ته هاڻوڪو سولين سيٽ اپ پنهنجو مدو پورو ڪندو، پر اها دعويٰ به ڪرڻ ممڪن ناهي ته هاڻوڪو سيٽ اپ پنهنجو مدو پورو نه ڪندو. تنهن ڪري پاڻ ڪو تجزيو ڪرڻ بدران هڪ جمهوري خواهش اپنائيندي اهو چئون ٿا ته ايندڙ عام چونڊون اڍائي سالن کانپوءِ ۽ هن سيٽ اپ جي مدي ختم ٿيڻ کانپوءِ ئي ٿينديون، سو تبديلي پسند ماڻهن (اسان وٽ ترقي پسند، انتها پسند وغيره جهڙا اصطلاح استعمال ٿيندا آيا آهن، آئون تبديلي جي خواهش رکندڙن کي تبديلي پسند چوڻ چاهيندس) وٽ سماج ۾ ووٽ ذريعي معياري ۽ مثبت تبديلي آڻڻ لاءِ اڍائي سالن جو وقت آهي، جنهن ۾ هو هوم ورڪ ڪري تياري وٺي سگهن پيا. اتي ان ڳالهه جو ورجاءُ نٿو ڪيان ته سماج ۾ حقيقي ۽ معياري تبديلي گڊ گورننس ذريعي ممڪن آهي ۽ گورننس ۾ بهتري تبديلي پسند حڪومت ۾ اچي ڪري آڻي پيا سگهن ۽ حڪومت ۾ اچڻ لاءِ اسيمبلي ۾ اڪثريت گهربل هجي ٿي. سنڌ اسيمبلي ۾ سڌي ريت چونڊيل ميمبرن جو انگ 130 آهي ۽ ان ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪنهن ڌر کي گهربل سادي اڪثريت 66 ميمبر هجي ٿي (مخصوص سيٽن کي ڇڏي ڪري).

    جيڪڏهن پاڻ 2008ع وارين چونڊن کي ڇڏي ڪري (محترمه بينظير جي شهادت ڪري) ماضي جي چونڊ نتيجن جو جائزو وٺون ٿا ته سراسري طور (ڪٿي وڌيڪ ڪٿي گهٽ) 17 کان 20 هزار ووٽ کڻي هڪ ايم پي اي ڪامياب ٿئي ٿو. سو جيڪڏهن پاڻ 20 هزار کي 66 سان ضرب ڏينداسين ته اهو انگ تيرنهن لک ويهه هزار بيهندو. سو جيڪڏهن سنڌ ۾ رجسٽرڊ ووٽن جو انگ لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪروڙ آهي ۽ جيڪڏهن ان مان 50 لک ڪڍي به ڇڏجن ته هڪ ڪروڙ سنڌي ڳالهائيندڙ رجسٽرڊ ووٽر آهن ۽ جيڪر انهن جو تقريبن 13 سيڪڙو ووٽر تبديلي پسند هجي ته سنڌ ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي، يعني جيڪڏهن هڪ ڪروڙ مان 13 لک ووٽر تبديلي لاءِ ووٽ ڏين ته هو پنج ڪروڙ سنڌ واسين جي زندگي بدلائي سگهن ٿا. هڪ اهڙي سنڌ بڻائي سگهن ٿا، جيڪا ماءُ جي هنج جيان هجي جتي ان جا ٻار امن ۽ سک سان رهي سگهن.

    اسان وٽ هڪ ته ستر سيڪڙو ووٽر ووٽ جو حق استعمال ئي نٿا ڪن، پر جيڪي 30 سيڪڙو ووٽر ووٽ وجهن ٿا، اهي به پنهنجي ووٽ جو تمام سستو سودو ڪن ٿا. مثال طور ڪو ان ڪري ووٽ ڏي ٿو ته هو ڀوتار جي ڳوٺ/راڄ جو آهي، ته وري ڪو ان ڪري ته فلاڻو ڀوتار اسان جي پير مرشد يا ڀوتار وٽ يا ڳوٺ ۾ لنگهي آيو. ڪجهه وري ان ڪري جو ميمبر صاحب روڊ، اسڪول يا اسپتال ٺهرائي ڏني، يا وري ڪجهه سرڪاري نوڪري ڏيارڻ يا بدلي ڪرائي سڻڀي پوسٽنگ وٺرائي ڏيڻ جي ٿوري هيٺ ووٽ ڏين ٿا. ڪجهه ٻيا وري اهڙا هجن ٿا، جيڪي مختلف نالن ۽ ورهين کان لڳندڙ نعرن تي ووٽ ڏين ٿا. پر اڄ تائين مجموعي طرح سٺي حڪمراني جي نالي تي نه ئي ڪنهن ووٽ گهريو، نه ئي ڪنهن ڏنو. شايد اهو ئي ڪارڻ آهي جو اسان جو ستر سيڪڙو ووٽر ووٽ نٿو ڏي، ڇاڪاڻ ته کيس خبر آهي ته الف کٽيو يا ب هارايو، سندس زندگيءَ تي ڪو به اثر نه پوندو. آئون سمجهان ٿو ته جيڪي 30 سيڪڙو ووٽر ووٽ ڏين ٿا، اهي به پنهنجي ووٽ جو سودو بنهه سستو ۽ ڪجهه صورتن ۾ غلط ٿا ڪن. مثال طور جيڪڏهن ڪنهن علائقي ۾ ڪنهن وزير يا ميمبر صاحب سرڪاري اسڪول ٺهرائي ڏنو ته اول ته ان اسڪول جي بلڊنگ ڪو هن صاحب ذاتي خرچ سان ڪو نه ٺهرائي ڏني جو سندس ٿورائتو ٿيڻ گهرجي، بلڪه اها بلڊنگ ماڻهن جي ٽيڪسن سان ئي ٺهي ٿي. ٻي ڳالهه ته بلڊنگ ٺهڻ کانپوءِ ان ۾ استادن جي هجڻ يا نه هجڻ جي ڪهڙي گارنٽي؟ پوءِ اهو ته جيڪڏهن ماستر هجن به ته انهن جي ڀرتي ”پرچي“ تي ٿيل هوندي ته هو ٻارن کي ڇا پڙهائيندو؟ سو جيڪڏهن تعليم کاتي ۾ بنيادي قسم جا ريفارمز نٿا اچن، اتان ڪرپشن جو خاتمو نٿو اچي. جيڪڏهن ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌ جي ٻين شهرن جي ٻارن کي داخلا جو حق نٿو ملي، جيڪڏهن ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وڏن پرائيوٽ اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي نٿي پڙهائي وڃي ته پوءِ صرف ڪنهن هڪ سرڪاري اسڪول جي بلڊنگ ٺهرائي ڏيڻ سان ڪير ڪيئن ووٽ جو حقدار بڻجي ٿو سگهي؟ هڪ هزار ميرٽ تي پورو لهندڙ اميدوارن جو حق ماري ڏهه نوجوانن کي سفارش يا ڏوڪڙن جي عيوض سرڪاري نوڪري ڏيندڙن کي ڪيئن ووٽ جو حقدار تصور ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اڄ جنهن ڏهن ڄڻن کي بنا ميرٽ جي نوڪري ملي آهي، انهن کي سوچڻ گهرجي ته سڀاڻي انهن ڏهن جي مٽن يا مائٽن جيڪي ميرٽ تي به هوندا، تن سان ڪا ٻي حڪومت ساڳي زيادتي ڪندي، سو ووٽ جو حقدار ميرٽ تي سرڪاري نوڪريون ڏيندڙ ٿئي ٿو، نه ڪي ووٽ يا نوٽ جي لالچ ۾ نوڪري ڏيندڙ.

    منهنجو خيال آهي ته تبديلي پسند ماڻهن وٽ ووٽ ڏيڻ لاءِ ايجنڊا سڄي سنڌ هجڻ گهرجي، نه ڪي بنهه ذاتي يا گروهي مفاد، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سنڌ خوشحال ٿي ته سڀني کي ان جو لاڀ ملندو، پر جيڪڏهن سنڌ خوشحالي بدران افراتفري ۽ بدحالي جي ور چڙهيل هوندي ته ڪو فرد يا خاندان يا علائقو ان جي منفي اثرن کان ڊگهو عرصو بچي نه سگهندو. آئون سمجهان ٿو ته تبديلي پسند ماڻهن کي معياري تبديلي آڻڻ لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ گهرجي ته هو صرف ان کي ووٽ ڏيندا، جنهن جي ڪار پت تبديلي جي ايجنڊا موجب هجي يا پوءِ اهڙا نوان ماڻهو، جيڪي تبديلي جي ايجنڊا کي عملي روپ ڏئي سگهن. اها تبديلي جي ايجنڊا منهنجي خيال ۾ ڪجهه ان ريت هجڻ گهرجي ته:

    امن امان جي صورتحال، جنهن سان پوليس ۽ جيل ريفارمز جڙيل آهن ۽ گڏوگڏ عدالتي ڪاروهنوار ۾ بهتري آڻڻ سان گڏ ڀوتارڪي ڪلچر جو خاتمو، برادرين جي تڪرار کي خالص ڏوهاري ڪارروائي قرار ڏئي ان جو خاتمو، معياري تعليم، معياري صحت جون سهولتون، صوبي منجهه زرعي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ، ترقياتي ڪمن مان ڪرپشن جو خاتمو، ماڻهن لاءِ پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ، ٻين صوبن کان سنڌ ۾ ايندڙ زهريلي پاڻي جي روڪڻ جو بندوبست ڪرڻ، بدين ۽ ٺٽي کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺڻ، ٻيلا ڪٽجڻ کان روڪڻ، اسان جي شهرن ۾ ورهين کان بڻيل مافيائن کي ٻنجو ڏيڻ، زهر بڻجي اسان جي ايندڙ نسلن کي تباهه ڪندڙ منشيات جي وڪري کي بند ڪرائڻ، وياج خورن جي ور چڙهي ويل هزارين، لکين خاندانن کي انهن وياج خورن مان آزاد ڪرائي فورن انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ، ڪارو ڪاري جي نالي ۾ رتوڇاڻ ڪندڙن کي ٻئي ڪنهن قاتل جيان تصور ڪرڻ، روينيو کاتي جي رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيز ڪري بي ايماني ۽ فراڊ جا قصا بند ڪرائڻ، قدرتي وسيلن تي صوبي جي مالڪي مڃرائڻ، پنهنجا هاءِ ويز وفاق کان واپس وٺڻ، بندرگاهه تي صوبي جي حصيداري مڃرائڻ، پاڻي جي ٺاهه تي عمل ڪرائڻ، نئين آدمشماري ڪرائڻ لاءِ وفاق کي مجبور ڪرڻ، سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي واڌ ويجهه ۽ ڀتا خوري ختم ڪرائڻ، غرض ته ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌين جي حق حڪمراني ۽ قانون جي حڪمراني يقيني بنائڻ تبديلي پسندن جي ايجنڊا هجڻ گهرجي.

    جيڪڏهن ڪنهن کي اهو لڳي ٿو ته اهڙي ايجنڊا عمل جوڳي ناهي ته آئون ان سان هڪ هڪ نقطي تي بحث ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، پر مختصر دليل طور اهو ٿو عرض ڪريان ته اهي سڀ مسئلا خراب حڪمراني سبب پيدا ٿيا آهن ته پوءِ سٺي حڪمراني (گڊ گورننس) ذريعي سڌاري به سگهون ٿا، پر شرط اهو آهي ته اسين اهو ايمان ۽ يقين آڻيون ته اسان اهو ڪري سگهون ٿا ۽ اهو عزم ڪريون ته جيڪو ظلم ۽ زيادتي اسان جي چئوطرف ٿي رهي آهي، اها اسان جي نصيب جو حصو ناهي. جيڪڏهن تبديلي پسند 13 لک ووٽرن ايندڙ اڍائي سالن ۾ تبديلي جي ايجنڊا تي عمل ڪرائڻ لاءِ سندرو ٻڌي ورتو ته تبديلي کي سنڌ جو مقدر بڻجڻ کان ڪير به روڪي نه سگهندو.

    سنڌ واسين کي اهو سوچڻ گهرجي ته هاڻوڪي فرسوده نظام جا حامي جمود پرست جيڪڏهن تمام گهڻا به هوندا ته سندن تعداد تيرنهن لکن کان مٿي نه هوندو، جيڪي 62 سالن کان سنڌ کي ۽ اتي موجود تبديلي پسندن کي سنگهرن سان ٻڌي يرغمال ڪيو ويٺا آهن، پر جيڪڏهن انهن ٿورن جمود پسندن سان تيرنهن لک تبديلي پسند اڍائي سالن کان پوءِ چونڊن ۾ ٽڪراءَ ۾ اچي ويا ته هو نه صرف پنهنجي پر ڪروڙين سنڌ واسين جي زندگي به بدلائي ڇڏيندا.

    feedback-kawish@yahoo.com
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    تيرنهن لک تبديلي پسند ”محبت جي ڪتاب“ ۾ پنهنجو نالو لکرائين




    اڱارو 8 جون 200ع



    جيڪڏهن ڪير ڪنهن کان اهو سوال ڪري ته ”محبت ڪيئن ٿي ويندي آهي؟ ته ان جو ڪو به ٺوس ۽ حتمي جواب نٿو ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته محبت هڪ جذبو هجي ٿو ۽ جذبات جون نه ئي ڪي حتمي تشريحون هجن ٿيون، نه ئي ان بابت ٺوس فارمولا، پر جيڪڏهن ڪنهن کان ڪو فزڪس يا ڪيمسٽري يا ڪنهن سائنس جي موضوع جي حوالي سان ڪو سوال ڪندو ته ان جو (دور حاضر تائين) ثابت ۽ طئي ٿيل فارمولي هيٺ ٺوس جواب ڏئي سگهبو. اڄڪلهه ته راندين ۾ به سائنٽيفڪ رخن کي شامل ڪيو وڃي ٿو، مثال طور ڪرڪيٽ راند دوران هوا جي رفتار ۽ رخ ڄاڻڻ لاءِ موسم جي رپورٽ يا پچ ۾ ڪهڙي مٽي ۽ ڪيترو گاهه آهي يا رانديگرن جا ڊوپ ٽيسٽ وغيرا، پر اڄ به ڪرڪيٽ کي ڏسندڙن يا کيڏندڙن جي اڪثريت ۾ Passion (جذبو) ۽ Spirit (جوش) بنيادي جز هجن ٿا. اسان جو هڪ صحافي دوست مذاق ۾ چوندو آهي ته، ”Spirit (اها ٻئي اسپرٽ جي ڳالهه آهي) کانسواءِ ته شراب به مڪمل نٿو ٿئي.“ سو راند هجي يا ڪاروبار، ادب لکڻو هجي يا سائنسي مضمون، سئو ماڙ بلڊنگ جي اسٽرڪچر جي ڊرائنگ ڪرڻي هجي يا ڪنهن خوبصورت منظر جي پينٽنگ ڪرڻي هجي، موسيقي جو ڪو ساز وڄائڻو هجي يا بندوق هلائڻي هجي، ڊاڪٽر ٿيڻو هجي يا فلاسافر، ماهر معاشيات ٿيڻو هجي يا ماهرِ سياسيات، هر شيءِ ۽ شعبي جون ڀلي ڪو ڪيتريون به باريڪيون ۽ ٽيڪنيڪي ۽ سائنسي پهلو سمجهي وٺي، پر جيڪڏهن Spirit (جذبي ۽ جوش) جي کوٽ هوندي ته ان شعبي ۾ اهو شخص ڪو خاص مقام حاصل نه ڪري سگهندو. هڪ تمام پراڻو لطيفو (ڪوڙ سچ خدا کي خبر) مرزا غالب سان منسوب ڪيو وڃي ٿو ته ڪنهن ڏينهن مرزا جڏهن مئه جي وافر مقدار سبب صفا پرباش ٿي ويو ته ساقي شرارت ڪندي کيس سادي پاڻي جو گلاس ڀري ڏيندي چيو، ”مرزا، هي هڪ نئين ڪمپني جو شراب آهي، پي ٻڌايو ته سٺو آهي يا خراب؟“ مرزا گلاس مان ڍڪ ڀري چيو ته ”ميان صاحب، سٺو آهي يا خراب، ان جي خبر نٿي پئي، پر اها (شراب جي) ڪمپني هلندي ڪونه.“ سو ڀرپور جذبي کانسواءِ ۽ ڪا به ڳالهه يا عمل پنهنجو اڌ کان وڌيڪ وزن يا تاثر وڃائي ڇڏي ٿو.

    ڳالهين ۾ ڳالهه ٻئي هنڌ نڪري وئي، پاڻ مضمون جي شروع ۾ سوچيو پئي ته ”محبت ڪيئن ٿي ويندي آهي؟“ ٽائيپ سوالن جو ڪيئن ڪو ٺوس جواب ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو هر ماڻهو جي اندر جي جذبي ۽ احساسن جي ڳالهه هجي ٿي، پر جيڪڏهن سوال اهو هجي ته ”محبت ڪيئن ڪجي؟“ ته ان سوال جا وري به ٻه يا ٽي جواب ٿي پيا سگهن. (جنهن بابت محبتي ماڻهن ۾ اتفاق راءِ ٿيل آهي) مثال طور خالص محبت Care (اونو/فڪر) ڪرڻ سان ممڪن آهي يا محبت پنهنجي ڪوڙي اناءَ کيSurrender (ختم) ڪرڻ سان ئي ڪري سگهجي ٿي وغيره. هاڻ اتي سمجهڻ اهو گهرجي ته مٿين ٻنهي سوالن مان پهرين ۾ محبت جي جذبي بابت پڇيل آهي. جڏهن ته ٻئي سوال ۾ ان جذبي (محبت) جي عملي اظهار بابت سوال ٿيل آهي، سو هر ماڻهو وٽ پنهنجي جذبي بابت پنهنجي پنهنجي تشريح ٿي سگهي ٿي، پر ڪنهن عمل (پوءِ اهو عمل محبت ڪرڻ جو ئي ڇو نه هجي)بابت صدين جي غور و فڪر ۽ سوچ ويچار کانپوءِ ڪي بنيادي قسم جا فارمولا يا فلسفا جنم وٺن ٿا، پوءِ اهو عمل خدا سان محبت جو هجي يا ڪنهن فرد يا وري خلقِ خدا ۽ پنهنجي ڌرتي سان محبت جو هجي. 27 سال جيل ڪاٽيندڙ نيلسن منڊيلا يا ڏهاڪي کان وڌيڪ قيد ڪاٽيندڙ برما جي سوڪي لاءِ سندن آٿم ڪٿا لکندڙن وٽ به اها سمجهاڻي ناهي ته کين پنهنجي عوام ۽ ڌرتي سان ايتري محبت ڪيئن پيدا ٿي، پر سندن محبت جي عملي اظهار بابت ڪتابن جا ڪتاب ڀريا پيا آهن. ذوالفقار علي ڀٽو لاءِ سياست رومانس ڇو هئي، خدا کي خبر، پر سندس رومانس ڪرڻ جي طريقي بابت کوڙ ساريون لکيل ۽ اڻ لکيل ڳالهيون موجود آهن. ساڳيءَ ريت حيدر بخش جتوئي ۽ جي ايم سيد کان وٺي اڄ تائين لکين ڪروڙين ماڻهن کي سنڌ سان محبت ڇو هئي/آهي، ان جي خبر خدا کي، پر سندن محبت ڪرڻ جي عمل بابت ٿلهي ليکي ڄاڻ ٿي پئي سگهي.

    جڏهن ڪو نوجوان اچي مون کي اهو ٻڌائيندو هو ته کيس محبت ٿي وئي آهي ته ڪجهه عرصو اڳ تائين آئون (صحافين واري آڏي پڇا ڪندي) جانچڻ جي ڪوشش ڪندو هئس ته اهو نوجوان مڙئي نوجواني جي جوش ۾ ڳالهه پيو ڪري يا واقعي وٽس ڪو خالص محبت جو جذبو پيدا ٿيو آهي، پر گذريل ٿوري عرصي کان مون ائين ڪرڻ ان ڪري ڇڏي ڏنو آهي ته آئون ڪيئن ٿو ته ڪنهن جي اندر جي جذبي جي پروڙ حاصل ڪري سگهان، ڇاڪاڻ ته ڪڏهن ڪڏهن ته خود جذبو رکندڙ شخص کي پاڻ به پنهنجي جذبي بابت پوري ڄاڻ نه هوندي آهي، سو هاڻ جيڪڏهن ڪو نوجوان مون کي پنهنجي محبت جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو ته آئون ان جي محبت ڪرڻ جي عمل بابت ڌيان ڏيان ٿو، يعني اهو نه ته وٽس محبت جو جذبو آهي يا نه، بلڪه اهو ته هو ڪيئن محبت ڪري رهيو آهي. منهنجو ايمان آهي ته محبت ڪرڻ لاءِ ڪنهن اسڪول يا ٽريننگ سينٽر جي ضرورت نٿي هجي، بلڪه جنهن شخص اندر اهو خالص جذبو پيدا ٿيو وڃي ته ان جو محبت ڪرڻ جو عمل به اوترو ئي خالص ۽ حقيقي ٿيو وڃي، سو منهنجي صلاح اها آهي ته جيڪڏهن ڪو محبت ڪرڻ جو دعويدار ٿئي ته ان جي جذبي بابت مٿا خوري نه ڪجي، بلڪه ان جو عمل پاڻ ٻڌائيندو ته وٽس موجود محبت جو جذبو ڪيترو خالص آهي. آئون انهيءَ ائپروچ سان ئي سنڌ سان محبت جو جذبو رکڻ جي ڳالهه ڪندڙن کي به ڏسان ٿو ته ضرور انهن وٽ پنهنجي ڌرتي واسين لاءِ محبت به هوندي ۽ سنڌ کي جن تڪليفن ۽ دردن کي منهن ڏيڻو پيو پوي، ان لاءِ تڙپ به هوندي. يقينن ٿر ۾ پاڻي جي ڳولا ۾ نڪتل اُن ماءُ جي تڪليف هر درد رکندڙ دل کي لوڏي ڇڏيو هوندو، جنهن ماءُ کي ڪلاڪن جي ڪشٽ کانپوءِ پاڻيءَ جو مٽ ته نصيب ٿيو، پر پنهنجي ٻڇڙي جي جدائي به هميشه لاءِ نصيب بڻجي وئي. حيدرآباد جي پوش علائقي ڊفينس مان ٻارن جي ڊاڪٽر جي اغوا جي واردات هر شهري کي ذهني اذيت ۾ متبلا ڪري ڇڏيو هوندو. مهانگائي، لوڊشيڊنگ، ڪرپشن، حال ۾ عدم تحفظ ۽ مستقبل بابت عدم يقين، ڳوٺن ۾ برادرين جي نام نهاد جهيڙن ڪري ۽ شهرن ۾ مافيائن جي ڪري بڻيل نوگو ايرياز، زرعي پاڻيءَ کان ويندي پيئڻ جي پاڻي جي اڻاٺ، پئسا نه هجڻ ڪري علاج کان محروم ماڻهن جو تڙپي تڙپي مرڻ، اسڪول وڃڻ جي عمر ۾ پورهيو ڪندڙ ٻارن کي ڏسي يا پنهنجي صوبي جي شهر ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن ۾ ٻين علائقن جي شاگردن جي داخلا تي پابندي واريون پاليسيون، ڪجهه خدمتن تي ويليو ايڊيڊ ٽيڪس جي اوڳاڙي وفاق حوالي ڪرڻ تي ظاهر آهي ته سنڌ سان محبت ڪندڙ هر هڪ ماڻهوءَ جي دل سڙندي هوندي ۽ هو ان کي بدلائڻ جي خواهش به رکندا هوندا، پر جيڪڏهن هو ان کي بدلائڻ جي عمل ۾ حصو وٺڻ کان لنوائين ٿا يا شعوري يا لاشعوري طور تبديلي جي عمل ۾ رنڊڪون وجهن ٿا يا هو تبديلي جي عمل ۾ پاڻ حصو نٿا وٺن ته پوءِ جذبي جي خبر ته خدا کي، پر سندن سنڌ سان محبت ڪرڻ واري عمل مٿان سواليه نشان ضرور اڀرندو، ڇاڪاڻ ته محبوب سان محبت جي دعويٰ به ڪجي ۽ محبوب جي جان جوکم ۾ هجي ته ان جي واهر نه ڪجي ته اها ڪهڙي محبت چئبي؟

    ”خوابن جي ساڀيان لاءِ سنڌ کي فقط تيرنهن لک تبديلي پسند گهرجن“ جي عنوان هيٺ لکيل تازي مضمون جي موٽ ۾ کوڙ سارن پڙهندڙن ايس ايم ايس، اي ميل ۽ فون ذريعي نياپا ڏنا ته انهن تيرنهن لکن تبديلي پسندن جي لسٽ ۾ سندن نالو لکي وٺان. ظاهر آهي ته آئون اهڙي ڪا لسٽ نه پيو ٺاهيان، پر اهڙن نياپن کي پڙهي ۽ ٻڌي مون کي ٻه سال اڳ 2008ع ۾ ”تبديلي کپي“ جي عنوان هيٺ لکيل مضمون ياد اچي ويو، جنهن ۾ هڪ تجويز لکي هيم ته جيڪڏهن اسان پنهنجي ننڍن وڏن شهرن ۽ وڏن ڳوٺن ۾ هڪ رجسٽر رکون، جنهن ۾ علائقي جو هر تبديلي پسند (ووڪل ڪلاسي) اچي پنهنجو نالو رجسٽر ڪرائي ۽ جيڪڏهن تبديلي جا لکين حامي ان رجسٽر تي پنهنجو نالو اچي لکي ويا ته پوءِ سنڌ ۾ تبديلي لاءِ اهو عمل وڏي وک هوندي. اڄ وري دل جي اها خواهش آڏو رکان ٿو ته جيڪڏهن سنڌ جي سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرن جي وڏن ميدانن ۾ ڪنهن هڪ ڏينهن اسين سڀ اچي گڏ ٿيون ۽ اتي تبديلي لاءِ پنهنجا نالا رجسٽر ۾، (جنهن رجسٽر جو نالو ”محبت جو ڪتاب“ هجي) لکرايون، جيڪا محبت پنهنجي ڌرتي سان ڪريون ٿا، ان لاءِ هڪ ڏينهن سيڙجي اچي عمل ڪري ڏيکاريون، جيڪو خواب ڏسون ٿا ان جي ساڀيان لاءِ پنهنجو ڪردار نڀايون، ڇا اهو بنهه مشڪل آهي؟ ڇا اهو ناممڪن آهي؟ ڇا تيرنهن لک ماڻهن لاءِ پنهنجي پنهنجي ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ ڪنهن هڪ ڏينهن هڪ هنڌ گڏ ٿي پنهنجو نالو تبديلي جي حامي طور لکرائڻ تمام ڏکيو ڪم هوندو؟ يقينن جيتريون تڪليفون ۽ ڏک درد اسان ڀوڳيون پيا، جنهن اڻوڻندڙ ماحول ۾ رهون پيا، ان کي بدلائڻ لاءِ هڪ ڏينهن پنڌ ڪري ڪنهن هڪ هنڌ وڃي پنهنجو نالو لکرائڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. هاڻ جيڪڏهن اتي ڪو اهو سوال اٿاري ٿو ته جيڪڏهن سنڌ جي تيرنهن يا پندرنهن لک ماڻهن، جن جا ووٽ رجسٽر ٿيل آهن، اچي تبديليءَ جي حامي طور پنهنجو نالو ڪنهن رجسٽر تي لکرائي به ڇڏيو ته ان سان ڇا ٿيندو؟ ته ان جو بنهه سولي ٻولي ۾ جواب اهو آهي ته ان سان هڪ ته اها پڪ ٿيندي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو ننگر پارڪر مان سيڙجي اچي مٺي، سجاول مان اچي ٺٽي ۾ يا گولاڙچي مان اچي بدين ۾، يا ڏهرڪي جو ماڻهو گهوٽڪي ۾ يا پنو عاقل جو ماڻهو سکر ۾ يا نصير آباد جو ماڻهو لاڙڪاڻي ۾، ساڳي ريت ٻين ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ پنهنجن گهر وارن سان سيڙجي اچي رجسٽر تي نالو لکرائي سگهي ٿو ته يقينن اليڪشن واري ڏهاڙي هو پنهنجي پاڙي ۾ لڳل پولنگ اسٽيشن تي اچي ضرور تبديلي لاءِ ووٽ ڏيندو. ٻي ڳالهه اها ته ڪراچي کان ڪشمور تائين پکڙيل تبديلي پسند ماڻهن کي اهو اندازو ٿيندو ته انهن جو انگ لکن ۾ آهي ۽ کين پنهنجي سگهه جو اندازو به ٿيندو ۽ منجهن خود اعتمادي به ايندي ته هو اليڪشن ۾ ووٽ ذريعي تبديلي جي طاقت رکن ٿا. لکن جي انگ ۾ تبديلي پسندن جي ان عمل سان اهو به طئي ٿي ويندو ته تبديلي ووٽ ذريعي آڻڻ سئو سيڪڙو ممڪن آهي، ۽ انهن صاحبن جا وات به بند ٿي ويندا، جيڪي چون ٿا ته ڏهاڪن کان ڀوتارن وٽ يرغمال بڻيل اٻوجهه ۽ هيڻو عوام تبديلي آڻڻ جي سگهه نٿو رکي ۽ ٽئين ڳالهه اها ته تبديلي جي اهڙي ڏهاڙي ملهائڻ سان اهو به ٿيندو ته جنهن سوال تبديلي پسندن کي ڪنهن حد تائين منجهائي رکيو آهي ته هو تبديلي لاءِ ووٽ ڪنهن کي ڏين، ان سوال جو جواب به سامهون اچي ويندو، ڇاڪاڻ ته جيڪر لکين ماڻهو تبديلي جي ڏهاڙي تي ٻاهر نڪتا ته انهن کي ڏسي اهي ماڻهو به پوءِ سامهون اچي ويندا، جيڪي هن مهل تائين ان مونجهاري ۾ آهن ته الائي سنڌ واسي ووٽ ذريعي تبديلي لاءِ تيار به آهن يا نه، ۽ ان ڏهاڙي جي ڪاميابي کانپوءِ تبديلي پسندن جو ڪو سياسي محور جڙڻ اڻٽر ٿي ويندو، غرض ته جيڪڏهن اهڙو ڪو ڏهاڙو ملهائي تيرنهن لک ماڻهو تبديلي لاءِ پنهنجو نالو لسٽ ۾ لکرائي ڇڏين ته اهو اسان جي فرسوده سياسي ڪلچر جي خلاف هڪ کليل ريفرنڊم هوندو، جنهن کانپوءِ تبديلي کي روڪڻ ڪنهن جمود پسند قوت جي وس ۾ نه رهندو.

    اها ڳالهه اڳ به ٽي سئو ڀيرا ڪري چڪو آهيان ته جيڪڏهن ڪو چوي ٿو ته تعليم سڌرندي ته پوءِ تبديلي ايندي، ته چوڻ وارا اهو ڇو نٿا سمجهن ته تعليم ڇا اسان جي حڪومتي نظام کان ٻاهر ڪا شيءِ آهي، جو باقي سڄي نظام جو ڪم لٿل هجي، پر وچ مان تعليمي سرشتو ٺيڪ ٿي وڃي؟ جيڪي ڀائي لوڪ چون ٿا ته نظام مٽجڻ کانسواءِ تبديلي نه ايندي ته انهن کي عرض آهي ته ڀائي جان! اها جيڪا ووٽ ذريعي تبديلي جي ڳالهه ٿئي ٿي، اها وري ڪهڙا چهرا مٽائڻ جي ڳالهه ٿئي ٿي، اها به ته ڏهاڪن کان هلندڙ فرسوده نظام جي تبديلي جو ئي خواب آهي نه، ڇاڪاڻ ته جڏهن توهان حڪومتي ڪار وهنوار جي انداز کي مٽايو ٿا ته توهان دراصل نظام ئي مٽايو ٿا نه! پوءِ اها تبديلي توهان خوني انقلاب ذريعي آڻيو يا ووٽ ذريعي، پر ٻنهي صورتن ۾ نظام ته حڪومت ۾ اچي ئي مٽائي سگهجي ٿو نه! هڪ ٻي ڳالهه اڳ به چار سئو ڀيرا ڪري چڪو آهيان ته مسئلا، ڏک سور ماڻهن جا آهن ۽ حل به کين پاڻ ڪرڻا پوندا. ڌرتي سان محبت آهي ۽ ان کي ماءُ جيان سمجهون ٿا ته پنهنجي ماءُ جي عملي طرح خدمت به پاڻ ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن تبديلي جو خواب پنهنجين اکين ۾ سجايو آهي ته ان جي ساڀيان لاءِ عملي قدم به پاڻ کڻڻا پوندا. ڪنهن ڏاهي جي چيل اها ڳالهه مون اڳ به ڪڏهن لکي هئي ته، ”خوبصورت خواب اهو ناهي، جيڪو توهان ننڊ ۾ ڏسو، بلڪه اهو آهي، جنهن جي ساڀيان جي خواهش ۾ توهان کي ننڊ نه اچي.“ جيڪڏهن بدليل ۽ خوشحال سنڌ جي خواب جي ساڀيان ڪنهن کي معجزو لڳي ٿو ته ان تي صرف اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته ”معجزا ٿي سگهن ٿا شرط اهو آهي ته اسين انهن (معجزن) کي ٿيڻ ڏيون.“ جيڪڏهن تيرنهن لک ماڻهن جو هڪ ڏينهن هڪ سوچ، هڪ خواب ۽ هڪ خواهش لاءِ گڏجڻ هڪ خواب آهي ته آئون ان خواب جي ساڀيان تائين اکيون کليل رکڻ چاهيان ٿو، جيڪڏهن ڪير ان کي هڪ معجزي برابر سمجهي ٿو ته آئون ان معجزي جي ٿيڻ تائين پنهنجو ايمان پختو رکڻ چاهيان ٿو ته تبديلي پسند سنڌ واسي ان معجزي کي ڪري ڏيکاريندا.

    feedback_kawish@yahoo.com
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سنڌ سان جڙيل محبتون ۽ ”محبت جي ڪتاب“ سان جڙندڙ سنڌ!





    جمع 25 جون 2010ع



    ڊگهي عرصي کان مختلف دوستن پاران ملندڙ ان صلاح ته آئون پنهنجا ڇپيل مضمون/ڪالم ڪتابي صورت ۾ آڻيان، تي ڌيان ان سوچ اچڻ کانپوءِ ڏنم ته جيڪڏهن سمورا مضمون/ڪالم هڪ ئي ڪتاب ۾ هوندا ته تبديلي جي حوالي سان انهن سوالن جو ورجاءُ نه ٿيندو، جن جا جواب هڪ کان وڌيڪ ڀيرا مختلف مضمونن ۾ ڏئي چڪو آهيان. گذريل 20 سالن دوران ڪرنٽ سياسي معاملن کان ويندي ميڊيا ۽ تبديلي جي موضوعن تي لکيل سوين مضمونن مان ڇانٽي ڪري اڌ کان به گهٽ مضمون ان ڪتاب ۾ آڻڻ جو خيال ڪيو آهي، پر ان ڪتاب ڇپرائڻ بابت وڏو سوال اهو ذهن ۾ هيو ته ان جو نالو ڇا هجي؟ مختلف دوستن مختلف نالا تجويز ڪيا، پر جيڪو نالو مون کي منهنجي روح وٽان محسوس ٿيو اهو آهي ”تبديلي پسندن جو ڪتاب.“ پنهنجي روح وٽان ان ڪري چوان پيو، ڇاڪاڻ ته تبديلي جي سوچ تي ڪڏهن به ڪاپي رائيٽ جي دعويٰ نه ڪئي اٿم ۽ سمجهان ٿو ته جيڪا تبديلي ماڻهن جي زندگي ۾ بهتري آڻيندي، اها تبديلي آڻي به ماڻهو سگهن ٿا. سو جنهن ڪتاب ۾ تبديلي جي سوچ جو ذڪر هجي، اهو به ڪنهن فرد جو نه، پر انهن سمورن ماڻهن جو ڪتاب قرار ڏجي جيڪي تبديلي پسند آهن. ان ڪتاب جي نالي يا ان جي مواد سان ٿي سگهي ٿو ڪنهن کي اختلاف به هجي، پر هاڻ سنڌ ۾ ان ڳالهه تي لڳ ڀڳ اتفاق راءِ آهي ته معياري تبديلي اچڻ گهرجي ۽ اها اچي به سگهي ٿي. باقي ان جي باريڪين بابت ڪجهه دوستن کي ٿورا گهڻا ابهام آهن، جنهن مان ڪجهه ان ريت آهن:

    (1) ووٽرز اليڪشن ۾ ووٽ ڀوتارن جي داٻي، پيري مريدي ۽ ذاتي نوعيت جي ڪمن جي عيوض ڏين ٿا ته پوءِ هاڻ اوچتو ئي اهو رجحان ڪيئن مٽبو؟

    (2) تبديلي ماڻهن کي متحرڪ ڪرڻ سان نه پر منظم ڪرڻ سان اچي سگهندي.

    (3) تبديلي پسند جيڪڏهن حڪومت ۾ اچي به ويا، تڏهن به نظام مٽجڻ تائين ڪا تبديلي نه ايندي.

    (4) محبت جو ڪتاب صرف ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۾ رکڻ بدران تعلقي سطح تي به رکيو وڃي.

    پهريون سوال جيڪو ووٽ وجهڻ واري رجحان جي حوالي سان آهي، ان لاءِ اهو عرض اڳ به ڪري چڪوآهيان ته اسان وٽ عام طرح چونڊن ۾ سراسري 30 کان 32 سيڪڙو ووٽرز ووٽ وجهن ٿا ۽ سراسري چار کان پنج سيڪڙو بوگس يا جعلي ووٽ وڌا وڃن ٿا، معنيٰ 65 کان 70 سيڪڙو ووٽرز ووٽ ئي نٿا وجهن ۽ جيڪي 30، 32 سيڪڙو ووٽ وجهن ٿا، انهن مان 40 سيڪڙو پڻ ان ڪري مٿي ڄاڻايل روايتي ۽ فرسوده رجحان هيٺ ووٽ ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ ووٽ ڏيڻ لاءِ ٻيو ڪو مناسب ۽ متبادل سبب ڪونهي، پر جيڪر سڀاڻي تبديلي جي حوالي سان ووٽ ڏيڻ جو موقعو آيو ته اهي به يقينن ان اڳوڻي رجحان کي مٽائيندا. سو جيڪڏهن ووٽ وجهندڙن جي شرح مان اهي 40 سيڪڙو گهٽايون ٿا ته باقي 60 سيڪڙو بچن ٿا، جيڪي ڪل ووٽرن جو 18 يا 20 سيڪڙو ٿئي ٿو، سو جيڪڏهن مڃي وٺون ته اهي 18 يا 20 سيڪڙو ووٽرز پراڻي طرز تي ئي ووٽ ڏيندا ته به باقي 80 سيڪڙو ووٽر بچن ٿا، جنهن جو جيڪڏهن 50 سيڪڙو يعني ڪل ووٽرز جو 40 سيڪڙو به اگر تبديلي لاءِ ووٽ ڏيڻ لاءِ نڪري آيو ته سندن انگ روايتي سببن لاءِ ووٽ ڏيندڙن کان ٻيڻ تي بيهندو، باقي جيڪڏهن ڪير اتي اهو سوال ڪري ٿو ته ووٽرن جي جنهن اڪثريت اڳ ۾ ڪڏهن ووٽ نه ڏنو آهي، هاڻ به نه ڏيندي؟ ته ان جو سڌو جواب اهو آهي ته ظاهر آهي جيڪڏهن ان خاموش اڪثريت پولنگ اسٽيشنز تي پهچي ووٽ جي طاقت جو مظاهرو نه ڪيو ته پوءِ تبديلي نه ايندي. تازو هڪ سنڌي ليکڪ مون کي چيو ته هو سنڌي ماڻهن جي اجتماعي فهم بابت بنهه مايوس آهي ۽ سندس چواڻي ته آئون ان ڏس ۾ بنهه گهڻي خوش فهمي جو شڪار آهيان. (سندس اشارو محبت جي ڪتاب ۾ تيرنهن لک ووٽرز پاران نالو لکرائڻ واري ڳالهه جي حوالي سان هيو). کيس موٽ ۾ چيم ته توهان ماڻهن جي گڏيل فهم کي آزمائڻ کانسواءِ ئي مايوس ٿيو ويٺا آهيو، پر آئون آزمائي پوءِ (خدا نه ڪري) مايوسي بابت سوچيندس. کائنس سوال ڪيم ته بنا آزمائڻ جي مايوس ٿيڻ ڪا ڏاهپ سڏبي؟ آئون اتي ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪرڻ ۾ آر نٿو سمجهان ته سنڌي ماڻهن منجهه گڏيل سياسي فهم ڪمال جو آهي، جنهن جا مثال تازي تاريخ ۾ 1983ع جي تحريڪ، 1988ع ۾ گڏيل ووٽ ڏيڻ، 27 ڊسمبر تي ظاهر ڪيل گڏيل ڪاوڙ، 6 ڊسمبر 2009ع تي گڏيل محبت ۽ 24 جنوري 2010ع تي پنهنجن حقن بابت گڏيل شعور جي صورت ۾ رکي سگهجن ٿا.

    ٻيو سوال اهو اٿاريو ويو آهي ته متحرڪ نه، پر منظم ڪرڻ سان تبديلي ايندي. ان ڳالهه کان ڪير ڇو انڪار ڪندو، پر جيتري وڏي تبديلي جي پاڻ ڳالهه ڪريون پيا ۽ خواهش ڪريون پيا ته لکين ماڻهو ان تبديلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ان لاءِ پهرين مرحلي ۾ مايوسي جي سوچ کي دفن ڪري ان ٿڌي ٿي ويل جذبي کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت هئي، جيڪو جذبو ڪنهن عمل ڪرڻ لاءِ اتساهي، جيڪو عمل پوءِ حقيقي تبديلي جي منزل تائين پهچائي سگهي. باقي اها ڳالهه اڳ به کوڙ دفعا ڪري چڪو آهيان ته منظم عمل لاءِ ڪو سياسي محور ئي گهربل هجي ٿو، پر جيڪڏهن لکين ماڻهن ۾ جذبو ئي متحرڪ نه هجي ته ڪنهن کي منظم ڪبو ۽ ڪنهن جي عمل ڪرڻ سان ڇا لاڀ حاصل ٿيندو؟ جيستائين ان سوال ته نظام مٽجڻ تائين تبديلي نه ايندي، پوءِ تبديلي پسند ڀلي ڇو نه حڪومت ۾ اچي وڃن، ته جواب ۾ عرض اهو آهي ته نظام چئون ڇا کي ٿا؟ ظاهر آهي ڪنهن به ملڪ ۾ نظام اهو هجي ٿو، جيڪو وقت جو حڪمران طبقو هلائڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن روس ۾ زار شاهي هئي ته اهو ئي نظام هلي پيو، پر جڏهن اتي جي عوام انقلاب ذريعي تبديلي آندي ته ڪميونسٽ پارٽي اقتدار ۾ اچي پنهنجيون سوشلسٽ پاليسيون لاڳو ڪري نظام مٽايو. جيڪڏهن شاهه آف ايران جو ملڪ مان نظام مٽيو ته اهو به امام خميني ۽ سندس ٽيم عوام جي طاقت سان حڪومت ۾ اچي مٽايو. سو جيڪڏهن پاڻ چئون ٿا ته تبديلي پسند حڪومت ۾ اچي به ويا ته به نظام نه مٽبو ته اهو هڪ نه سمجهه ۾ ايندڙ اعتراض آهي، ڇاڪاڻ ته حڪومتي ڪاروهنوار کي ئي پاڻ نظام چئون ٿا ۽ جڏهن ان ڪاروهنوار ۾ بنيادي تبديليون آڻڻ جو منشور ۽ خواب کڻي جيڪر تبديلي پسند عوام جي طاقت سان اقتدار ۾ آيا ته پوءِ نظام ۾ تبديلي ڪيئن نه ايندي؟ پر جيڪڏهن ڪجهه ڪامريڊ دوست اڃا نظام مٽائڻ جو مطلب ئي طبقاتي نظام مٽائڻ ڪڍن ٿا ته به کين اهو ڪرڻ لاءِ روس وانگر حڪومت ۾ ئي اچڻو پوندو. سو ساڳئي ريت جيڪڏهن تبديلي پسند حڪومت ۾ اچي معاشي، زرعي، تعليمي، صحت وغيره جي پاليسين ۾ بنيادي نوعيت جا سڌارا آڻين ٿا، يا پوليس ۽ جيل ريفارمز يا بيوروڪريٽڪ سيٽ اپ ۾ تبديليون يا ڪرپشن ۽ امن امان جهڙين ناسورن جي خاتمي لاءِ مربوط ۽ عقل ڀري حڪمتِ عملي ٺاهين ٿا يا روزگار وڌائڻ ۽ صوبي جا حق وٺڻ لاءِ بولڊ پاليسيون جوڙڻ جهڙا ڪم ڪن ٿا ته اهو سڀ ڪجهه نظام جي تبديلي نه چئبي ته ٻيو ڇا چئبو؟ اسان وٽ جيڪي ماڻهو رات جي پيٽ ۾ الف کان ي تائين هر شيءِ مٽجي وڃڻ کي نظام جي تبديلي قرار ڏين ٿا، انهن کي عرض آهي ته فلسفي ۽ اڪيڊمڪ نوعيت جي بحث خاطر ته سندن خيالن تي راءِ ڏئي سگهجي ٿي، پر جيڪڏهن Pragmatic (عمليت پسند) سوچ ڌاربي ته اهڙي نوعيت جي بحثن جو مثال ڪجهه ان ريت هوندو ته گهر ۾ چلهه ٻارڻ لاءِ باهه ڪونهي ۽ پچائڻ لاءِ سامان ڪونهي، پر گهر ڀاتي بحث ان تي ڪن ته برياني ٺاهجي يا ڪڪڙ جو ٻوڙ! آئون جنهن نقطي تي زور پيو ڀريان، اهو هي آهي ته لکين ماڻهو متحرڪ ٿي تبديلي جي عمل سان جڙڻ گهرجن ۽ جڏهن عوام تبديلي جي عمل ۾ بهرو وٺندو تڏهن ئي سندس مرضي ۽ منشا موجب نظام يا حڪومتي ڪاروهنوار جڙي سگهندو. ڪجهه لکندڙن پاران اهو اعتراض اٿارڻ ته ڇاڪاڻ ته هاڻي صدر به سنڌي آهي ۽ صوبي ۾ به پ پ جي حڪومت آهي، تنهن جي باوجود سنڌ کي حق نه پيا ملن ته پوءِ جيڪڏهن سڀاڻي تبديلي پسند حڪومت ۾ اچي ويا ته اهي صوبي کي سندس جائز حق ڪيئن ڏياري سگهن ٿا؟ اهو اعتراض به ان ڪري جائز ناهي، ڇاڪاڻ ته نه هاڻوڪي حڪومت تبديلي ۽ نه ئي سنڌ جا حق وٺرائي ڏيڻ جي نالي تي مينڊيٽ ورتو هيو، ۽ ٻي ڳالهه تي ڇا جيڪڏهن ڪا حڪومت/پارٽي/ڌر/فرد ڪو ڪم نه ڪري سگهيو، تنهن ڪري تصور ڪري وٺجي ته اهو ڪم ٿيڻ ئي ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته فلاڻو اهو ڪم نه ڪري سگهيو؟ آئون سمجهان ٿو ته ان منطق ۾ وزن ڪونهي، باقي تبديلي جي حوالي سان اٿاريل ان نقطي ته تبديلي تيستائين نٿي اچي سگهي، جيستائين ان جي پويان ڪو نظريو يا فلسفو نه هجي ته ڀائي صاحب ڇا سماج ۾ تبديلي پاڻ هڪ فلسفو يا نظريو ناهي؟ ڇو ضروري آهي ته هڪ انتهائي منجهيل ۽ پرڏيهي فلاسفرن جي فلاسفيز مان اوڌر تي ورتل اصطلاح ۽ لفظن تي ٻڌل هڪ فلسفو ميدان ۾ لاٿو وڃي، پوءِ ڏهاڪن جا ڏهاڪا ان ۾ موجود لفظن، ڪامه ۽ فل اسٽاپ تي بحث ڪندو رهجي. منهنجي نظر ۾ سماج ۾ بنيادي ۽ معياري نوعيت جي تبديلي خود هڪ مڪمل نظريو آهي، جيڪو شايد بنهه سولو ۽ سادو هجڻ ڪري اسان جي ڪجهه دوستن کي هضم نٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته هو ڏهاڪن کان منجهيل، مبهم ۽ ڪنهن حد تائين غير عملي قسم جي فلسفن ۽ نظرين سان جڙيل رهيا آهن، ۽ ماضيءَ ۾ اسان وٽ آيل مختلف نظريا ۽ فلسفا عام طرح صرف پڙهيل ڳڙهيل ۽ سمجهو سياسي ڪارڪنن کي ئي سمجهه ۾ ايندا هئا. پر اهو پهريون ڀيرو آهي جو تبديليءَ جو نظريو پڙهيل ڳڙهيل طبقي کان ويندي بنهه سادي ماڻهو کي سمجهه ۾ اچي پيو، ۽ اهو نظريو وٽس ويچار هيٺ به آهي. منهنجي نظر ۾ هڪ عام ماڻهو کي جان و مال جو تحفظ، سندس علاج، ٻارن جي تعليم، روزگار، عزت نفس جو دفاع، سندس ٻولي ۽ ڪلچر جو تحفظ، انصاف وغيره جهڙا بنيادي حق ملڻ ئي تبديلي آهي. منهنجي نظر ۾ ڪرپشن کان آزاد اهڙو معاشرو، جنهن ۾ ڪنهن ڪاروبار ڪندڙ کي ڪنهن سرڪاري يا غير سرڪاري ڀتاخور کان تحفظ هجي، جنهن ۾ آبادگار کي حصي جو جائز پاڻي ۽ فصل جو جائز اگهه بنا ڪنهن سفارش يا رشوت جي ملي سگهي، جنهن ۾ سرڪاري اسپتالون واقعي معياري صحت مرڪز هجن، جنهن ۾ سرڪاري اسڪول واقعي به معياري درسگاهون هجن، جنهن ۾ ترقياتي ڪمن جو حوالو ڪنهن ووٽ ڏنو يا نه ڏنو کان مٿي هجي، جنهن ۾ سرڪاري نوڪريون يا شاگردن جي داخلائون واقعي به ميرٽ تي هجن. غرض ته قانون ۽ انصاف هيٺ هلندڙ معاشري جو قيام خود پنهنجي هيت ۾ هڪ نظريو آهي، جنهن ۾ صوبي کي سندس حصي جو پاڻي، ناڻو، قدرتي وسيلن تي حق وغيره ملن ۽ ان ڏس ۾ آئون سمجهان ٿو ته جيڪا سنڌ حڪومت ”بشڪريه اسلام آباد“ بدران بشڪريه ”سنڌي عوام“ هوندي ان لاءِ اهڙو معاشرو ۽ صوبن جا بنيادي حق وٺڻ ناممڪن ناهن.

    تيرنهن لک ووٽرز محبت جي ڪتاب ۾ نالو لکرائڻ واري ڳالهه جو جيترو جذباتي ۽ محبت ڀريو فيڊ بيڪ ۽ موٽ ملي آهي، ان کي جيڪڏهن بيان ڪندس ته پاڻ تمام گهڻو جذباتي ٿي ويندس. منهنجي لاءِ اها ڳالهه ثانوي حيثيت رکي ٿي ته ڪنهن چڱي عمل لاءِ سڏ مون ڏنو يا الف ڏنو يا ب ڏنو پر ماڻهن جو پنهنجي پاڻ سان ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان جڙڻ وارو جذبو مون کي جذباتي ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي، ڇاڪاڻ ته صرف پنهنجي محبت جي تعلق ۾ جذباتي ٿيڻ به فطري هجي ٿو، پر ٻين کي محبت جي جذبي ۾ جڙندي ڏسي به اندران هڪ نفيس جذبو اڀري ٿو. صرف پنهنجي محبوب سان اظهار محبت ڪرڻ مهل جذباتي ٿيڻ به ٺيڪ، پر جڏهن ڪنهن ٻئي کي پنهنجي محبوب سان محبت ڪندي ڏسجي ٿو ته ان مهل پڻ جذبا اڀري اچن ٿا. پنهنجي ماءُ جي خدمت ڪرڻ ۾ بي پناهه سک ملي ٿو، پر ڪنهن ٻئي کي به ائين ڪندي ڏسي ڪمال لُطف اچي ٿو ۽ وري جڏهن ڳالهه ڌرتي سان محبت جي هجي ته ظاهر آهي اها ته سڀني جي محبوب آهي، ان سان محبت ڪرڻ ۾ ڪير ٻئي سان ساڙ يا حسد ڇو ڪندو؟ ڪير هڪ ٻئي جو رقيب ڪيئن ٿيندو؟ سو جڏهن اهو سوال به اٿي ٿو ته محبت جو ڪتاب صرف ضلعي هيڊ ڪوارٽر بدران تعلقي سطح تي رکيو وڃي ته ان سوال/اعتراض ۾ به محبت جهلڪندي نظر اچي ٿي. ان سوال جي جواب ۾ صرف ايترو چوندس ته ڌرتي به توهان جي، ان سان محبت جو جذبو به توهان جو، ته ظاهر آهي اهو محبت جو ڪتاب به توهان جو. سو خالص محبت جي جذبي جي ڇڪ هوندي ته پوءِ صرف ضلعي يا تعلقي ڇو، بلڪه يوسي، ڳوٺن ۽ ننڍين ننڍين وسندين تائين اهو ڪتاب پهچي ويندو. جيئن سنڌ جي هر ڪنڊ ۾ ويٺل ڌرتي سان محبت ڪندڙ تبديلي پسند هڪ لڙي ۾ پروئجي وڃن، جيڪا لڙي تبديلي پسندن جي زنجير ثابت ٿئي.

    ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته مختلف هنڌن تي رکيل محبت جي ڪتاب ۾ لکين ماڻهن پاران نالا، شناختي ڪارڊ نمبر وغيره لکرائڻ ۽ پوءِ انهن سمورن ڪتابن کي گڏ ڪري نالا هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ واري عمل کان بهتر ٿيندو ته ڪمپيوٽر جو استعمال ڪجي ۽ ڪمپيوٽرن جي نيٽ ورڪ ذريعي سڄي سنڌ ۾ لکجندڙ نالن کي سهيڙڻ وڌيڪ سولو ڪم ٿيندو. ٻين لفظن ۾ ڪتاب بدران مختلف شهرن/هنڌن تي ڪمپيوٽر رکيا وڃن. ان ڏس ۾ پرڏيهه ۾ ڪم ڪندڙ ڪجهه ڪمپيوٽر سافٽ ويئر انجنيئرز رضاڪارانه طور تي سافٽ ويئر ٺاهي ڏيڻ جي اي ميلز ذريعي آڇ ڪئي آهي. وري ڪجهه ٻين دوستن جو خيال آهي ته ڇاڪاڻ ته اهو سڄو عمل ووٽ وسيلي تبديلي آڻڻ جي لاءِ آهي، تنهن ڪري ان تبديلي جي ڏهاڙي تي ڪو ڪتاب يا ڪمپيوٽر رکڻ بدران دٻا رکرايا وڃن، جنهن ۾ اچي ماڻهو تبديلي جو ووٽ وجهن، ڇاڪاڻ ته چونڊن دوران به ماڻهن کي پولنگ اسٽيشنز تي وڃي ڊٻن ۾ ووٽ وجهڻو آهي. ڪو ڪتاب هجي ڪمپيوٽر يا باڪس (ڊبو) ٽنهي صورتن ۾ جيڪڏهن تيرنهن لک سنڌ واسي ڌرتي سان محبت ڪرڻ جي جذبي هيٺ تبديلي جي خواهشمند طور پنهنجو نالو شامل ڪيو ته پوءِ جيڪو ٿيندو، اهو اهي سمجهي سگهن ٿا، جنهن دنيا جي مختلف ملڪن ۾ عوامي سگهه سان ايندڙ تبديلين بابت پڙهيو آهي يا سماجن ۾ تبديلي جي پراسيس بابت ڄاڻ رکن ٿا.

    فرد سدائين ناهن رهندا، پر خواهش هجڻ کپي ته قومون سدائين آباد رهن. ڪو هڪ ماڻهو هميشه لاءِ ناهي رهندو، پر ڪو خواب پنهنجي ساڀيان تائين باقي رهڻ ڪا عجيب ڳالهه ناهي. ڪو ماڻهو مري سگهي ٿو، پر سوچ ناهي مرندي. آئون جيستائين آهيان تبديلي جو خواب به ڏسندو رهندس ۽ ان جي ساڀيان لاءِ خواهش به ڪندو رهندس، پوءِ ڪنهن کي اهو وڻي ٿو يا نٿو وڻي اهو هو پاڻ ڄاڻي.

    وطن سي الفت جرم هي تو يه جرم هم تا زندگي کرين گي

    هي کس کي گردن پر خونِ ناحق يه فيصلا لوگ هي کرين گي

    اسان جي بزرگ سياسي دانشور سوڀي گيانچنداڻي منهنجي مضمونن تي لکيل پنهنجي هڪ تحرير جي آخر ۾ لکيو آهي ته ”تيرنهن لک تبديلي پسند محبت جي ڪتاب ۾ پنهنجو نالو لکرائين وارو مضمون پڙهي مون کي وڌيڪ سرهائي ٿي، ۽ گڏو گڏ اها تمنا به پيدا ٿي ته جيترو جلد ٿي سگهي، آئون پنهنجو نالو ان ”محبت جي ڪتاب“ ۾ لکرايان ۽ مرڻ کان اڳ سنڌ ۾ اهڙي تبديلي ڏسان جيڪا علي قاضيءَ جون اکيون ڏسڻ ٿيون چاهين، ۽ جنهن سان ئي سنڌ گل و گلزار ٿيندي.“

    feedback-kawish@yahoo.com
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم علي قاضي جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    تبديليءَ جو ٻج!




    جمع 2 جولاءِ 2010ع



    انتظار ڪرڻ مهل ماڻهو مختلف قسمن جي ڪيفيتن مان گذري ٿو، پوءِ اهو انتظار محبوب جي اچڻ جو هجي يا ڦاهي جي سزا آيل قيدي کي موت جو هجي، اهو انتظار محبوب جي محبت جو اسير ٿي وڃڻ جو هجي يا قيد و بند جون صعوبتون ڪاٽيندڙ کي آزادي جو هجي، اهو انتظار ڪنهن وڻندڙ مهمان جي اچڻ جو هجي يا مٿي جو سور بڻيل مهمان جي وڃڻ جو هجي، اهو انتظار بس اسٽاپ تي بيهي بس جي اچڻ جو هجي يا امتحان جو نتيجو اچڻ جو هجي، غرض ته انتظار جي ڪيفيت ۾ فرحت به آهي ته تڙپ به، ان ۾ خوشي به آهي ته ڏک به، پر ڇاڪاڻ ته انتظار جو معاملو وقت سان جڙيل هجي ٿو، تنهن ڪري سئو سيڪڙو پڪ ڪنهن کي به نٿي هجي ته جنهن جي انتظار ۾ هو تمام گهڻو Excited (جذباتي) آهي، يا جنهن وقت جي انتظار سبب هو خوف ۾ ورتل آهي، اهو وقت يا اها گهڙي جنهن کي عام طرح انتظار جون گهڙيون ختم ٿيڻ چئبو آهي، پاڻ سان واقعي به خوشي آڻي ٿي يا نه؟ ۽ ساڳئي ريت اهو به ٿي پيو سگهي ته جنهن گهڙي جي اچڻ جو خوف هجي، اها گهڙي شايد ايتري ڀوائتي نه هجي، بلڪه پاڻ سان ڪا چڱائي کڻي اچي. پر ڪجهه انتظار هجن ٿا، جن ۾ ماڻهو کي ٿلهي ليکي وقت جو اندازو هجي ٿو ته کيس ڪيترا ڪلاڪ، ڏينهن، مهينا يا سال انتظار ڪرڻو آهي. مثال طور بس ڪيتري دير کانپوءِ ايندي، پسند جو ڊرامو ڪيڏي مهل ايندو، امتحان ڪڏهن ۽ رزلٽ ڪڏهن ايندي (اتي لائيٽ جي اچڻ جو مثال نٿا ڏئي سگهون، ڇاڪاڻ ته ان جي اچڻ جو ڪنهن کي به اندازو ناهي هوندو). روزگار يا تعليم پرائڻ واسطي گهر کان پري رهندڙن کي موڪل ملڻ جو يا سفر دوران ڄاڻايل منزل تائين پهچڻ وغيره بابت وقت جو سراسري طور اندازو هجي ٿو، پر جواني جي چائنٺ تي پير رکڻ بعد شادي ڪڏهن ٿيندي، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ نوڪري ڪڏهن ملندي، موذي مرض ۾ وچڙڻ بعد موت ڪڏهن ايندو وغيره جو اندازو لڳائڻ ڏکيو هجي ٿو. سماج، معاشرا به خوشحالي، شانتي ۽ بهتري جي اوسيئڙي ۾ هجن ٿا، پر جيڪڏهن اهو انتظار ۽ اوسيئڙو ڊگهو ٿي وڃي ته اهو سماج کي مايوسي ۽ نراسائي جو شڪار به ڪري سگهي ٿو ۽ گڏوگڏ خوف جي ڌٻڻ ۾ به ڦاسائي سگهي ٿو، پر ائين به ٿئي ٿو ته ڪجهه سماج چڱائي جي اميد ۽ خواهش کي مرڻ نٿا ڏين ۽ هو چڱائي اچڻ جي انتظار واري وقت کي پنهنجي سگهه ۽ جذبو وڌائڻ لاءِ ڪتب آڻين ٿا، جيئن جڏهن انتظار جون گهڙيون پڄاڻي تي پهچن ته هو پنهنجي شعوري سگهه ۽ خالص جذبي سان ان تبديلي جي گهڙي کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري وٺن.

    اسان جي سماج ۾ تبديلي ڪڏهن ايندي، ان بابت ٽائيم فريم ڏيڻ ڏکيو آهي، پر ان سوچ ۽ خواهش جي پيدا ٿيڻ ته اها تبديلي ووٽ ذريعي اچي سگهي ٿي، اسان جي سماج کي مايوسي ۽ خوف واري ڌٻڻ مان ڪنهن حد تائين ٻاهر ضرور ڪڍيو آهي ۽ ”ڪجهه نٿو ٿي سگهي“ يا ”ڪجهه به نه ٿيندو“ جهڙي نراسائي واري ڪيفيت مان سماج مجموعي طور ان جذبي جي سگهه سان ٻاهر نڪري پيو ته ووٽ جي طاقت سان معياري تبديلي آڻي سگهجي ٿي. ماڻهن ۾ اهو يقين هاڻ پختو ٿيندو پيو وڃي ته سندن زندگين ۾ خوشحالي هو ووٽ ذريعي آڻي سگهن ٿا. اهڙي اميد/خواهش/سوچ ڪنهن سماج ۾ نظر اچڻ ان امر جي نويد هجي ٿي ته ان سماج ۾ تبديلي لاءِ گهربل Potential (سگهه) موجود آهي ۽ هاڻ صرف انتظار ان وقت جو آهي، جنهن مهل خلقِ خدا پنهنجي گڏيل شعور جي سگهه جو مظاهرو ڪندي. اها هڪ انتهائي مثبت صورتحال آهي، پر آئون سمجهان ٿو ته جڏهن ڪنهن خاص گهڙي/وقت جو ماڻهو يا سماج انتظار ڪري رهيو هجي ۽ ان فيصلائتي وقت تي ڪجهه ڪرڻ جو جذبو به سانڍيو ويٺو هجي ته اهو ٺيڪ آهي، پر وڌيڪ مناسب ڳالهه اها هوندي ته ان عمل جي گهڙي اچڻ تائين ماڻهو/سماج ان لاءِ ڀرپور طور تياري ڪري جيئن عمل جي گهڙي اچڻ مهل گهٽ کان گهٽ رنڊڪون ۽ مونجهارا پيدا ٿين، سو پنهنجي اندر ۽ پنهنجي سماج ۾ پيدا ٿيل جذبي تي خوش ضرور ٿيڻ گهرجي، پر گڏوگڏ تبديلي جي فلسفي کي عملي روپ ڏيڻ لاءِ هاڻ کان ئي گهربل گهرجون ضرور پوريون ڪرڻ شروع ڪرڻ کپن. مثال طور جڏهن تبديلي آڻڻ جو بنياد ئي ووٽ جي سگهه تي بيٺل آهي ته ان ڏس ۾ اهم ترين سوال اهو اڀري ٿو ته ڇا ووٽ ڏيڻ جي اهل سمورن سنڌ واسين ووٽر طور پنهنجو نالو ووٽر لسٽ ۾ داخل ڪرايو آهي؟ ڇا سمورن ووٽرن وٽ ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ ٺهيل آهن؟

    مون وٽ ڪي تز انگ اکر ناهن، پر هڪ اندازي موجب 30 سيڪڙو کان مٿي سنڌ واسي اهڙا آهن، جن جا ووٽ داخل ٿيل ناهن ۽ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ وٽ ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ ناهن، سو جيڪڏهن انهن جا ووٽ داخل به ٿيل هوندا تڏهن به ايندڙ چونڊن ۾ ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ کانسواءِ ووٽ جو حق استعمال نه ڪري سگهندا. سو جيڪڏهن پاڻ ٿلهي ليکي حساب ٻڌون ته ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ داخل نه هجڻ ڪري يا نادرا پاران جاري ڪيل شناختي ڪارڊ نه هجڻ ڪري لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو سنڌ واسي ووٽ جو حق استعمال نه ڪري سگهندا، يعني اسان پنهنجي اڌو اڌ سگهه ناسمجهي ۽ سستي جي ڪري پاڻ وڃائي ويٺل هونداسين. آئون سمجهان ٿو ته اتي اسان جي سمورن تبديلي پسندن ۽ خاص ڪري نوجوانن جو اهم ڪردار جڙي ٿو ته هو پنهنجو ۽ پنهنجي چوطرف هر 18 سالن کان مٿي جي عمر واري جو نادرا کان ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ ٺهرائن ۽ ووٽر لسٽ ۾ نالو داخل ڪرائڻ لاءِ عمل ۾ اچن. اسان جي سياسي توڙي سماجي ورڪرن توڙي استادن، شاگردن، مزدور يونين، وڪيلن، ڊاڪٽرن غرض ته هر طبقي ۾ موجود تبديلي پسندن کي سنڌ جي ووٽ واري سگهه کي وڌائڻ وارو ڪم ترجيحي بنيادن تي ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. منهنجي خواهش آهي ته اسان وٽ هر سطح تي ڪجهه نوجوان رضاڪارانه طور تي پاڻ ۾ گڏجي ان عمل لاءِ روزانو ٿورو ٽائيم ڏين ۽ اسان جون شاگرد نياڻيون به پنهنجي انهن ڀيڻن ۽ مائرن لاءِ ڪارڊ ٺهرائين ۽ سندن ووٽ جي داخلا ۾ مدد ڪن، جيڪي تعليم يا وسيلا نه هجڻ ڪري مجبور آهن، ۽ ائين ٿئي ٿو ته مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن اڄ سنڌي ڳالهائيندڙ ووٽرن جو انگ هڪ ڪروڙ آهي ته اهو ڏيڍ ڪروڙ کان به وڌي ويندو.

    آئون سمجهان ٿو ته هر 18 سالن ۽ ان کان وڌيڪ عمر رکندڙ تبديلي پسند (پوءِ اهو مرد هجي يا عورت) کي پنهنجي پاڻ ۽ پوءِ هر واقف ماڻهو ۽ پوءِ هر ان شخص جيڪو رابطي ۾ اچي ٿو، کان اهو سوال ڪرڻ گهرجي ته ڇا سندس ووٽ رجسٽر ٿيل آهي ۽ ڇا وٽس ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ آهي؟ ۽ جيڪڏهن جواب ”نه“ ۾ اچي ته پوءِ سوال اهو ٿيڻ گهرجي ته سندس ان ڏس ۾ ڪهڙي مدد ڪجي؟ ڪيڏو نه وڻندڙ منظر هجي، جو ايندڙ ڏينهن ۾ نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن وارا حيران ۽ پريشان ٿي وڃن ته اهو اوچتو سنڌ واسين کي ٿيو ڇا آهي، جو لکن جي انگ ۾ ڪارڊ ٺهرائن پيا ۽ ووٽر لسٽن ۾ نالا داخل پيا ڪرائين؟

    محبت جڙڻ جو نالو هجي ٿو، پر ڪجهه ماڻهو محبت جي هام هڻندي محبوب سان جڙڻ جي دعويٰ ته ڪن ٿا، پر کين جڙڻ اچي نٿو. سو ڌرتي سان محبت تي يقين سڀ ئي ڪندا هوندا، پر ان سان جڙڻ به اچڻ لازمي آهي. ڌرتي تي وهندڙ درياءَ سان اتي جي وڻن، فصلن، جنگلي جيوت، معدنيات ۽ ظاهر آهي ته اتي وسندڙ ماڻهن سان جڙڻ اچڻ گهرجي. انهن جي درد سان جڙڻ، انهن جي خوشين سان جڙڻ، ٻولي ۽ ڪلچر سان جڙڻ ۽ ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جي خوشحالي جي خواب سان جڙڻ سان ئي خالص محبت جو رشتو پيدا ٿيندو، پر سوال اهو آهي ته انهن سڀني سان جڙجي ڪيئن؟ ڇاڪاڻ ته ڪروڙين رهندڙن جا پنهنجا، پنهنجا انيڪ مسئلا، درد ۽ خوشيون آهن. ڪنهن جو مسئلو غربت ته ڪنهن جو مسئلو تعليم نه هجڻ، ته وري ڪو پاڻي نه هجڻ ڪري فصل سڪڻ تي دانهين آهي ته ٻيو وري پيئڻ جي پاڻي لاءِ لاچار آهي. ڪو ڌاڙيلن جي ڪري گهران نٿو نڪري سگهي ته ڪي وري برادرين جي تڪرار سبب دربدر آهن، ڪو علاج نه هجڻ ڪري پنهنجن کي تڙپي تڙپي مرندي ڏسي پيو ته ڪو وري ڪنهن پنهنجي کي لاڪ اپ ۾ اونڌو ٽنگيل ڏسي بيوسي ۾ بيٺل آهي، ڪو ڪاروباري ڀتاخور کي منهن ڏيڻ ۾ پورو آهي ته ٻيو سرڪاري کاتن جي ڪرپشن ۾ ڦاٿل آهي، ڪو عدالتن ۾ ڏهاڪن کان انصاف لاءِ ڦيرا پيو ڪاٽي ته ٻيو ڀوتارن وٽ جرڳن ۾ چٽيون ڀرڻ لاءِ مجبور آهي، سو اهي ڪروڙين ماڻهو جيڪڏهن هڪ ٻئي سان محبت ڪن به ٿا ته اهي هڪ ٻئي سان ڪيئن جڙن جو هڪ ٻئي جي تڪليفن ۽ سورن جو سدِباب ڪري سگهن. ٻين لفظن ۾ ڌرتي ۽ ڌرتي واسين سان جڙڻ جو مڪينزم ڇا هجي؟ ظاهر آهي جڏهن محبت جي دعويٰ ڪيون ٿا ته يقينن محبوب جون تڪليفون به مٽائڻ چاهينداسين، پر ظاهر آهي غربت، بيروزگاري يا امن امان وغيره جهڙا هزارين مسئلا ڪروڙين ماڻهو پنهنجي پنهنجي منهن رهي ڪيئن ٿا ٺيڪ ڪري سگهن؟ ظاهر آهي، اهي مسئلا حل حڪومت ڪري سگهي ٿي، پر حڪومت ذريعي اهو ٺيڪ ڪرائڻ جي سگهه عوام وٽ آهي، يعني ماڻهو ووٽ ذريعي اهڙي حڪومت چونڊين، جيڪا ماڻهن جي ڌرتي سان محبت واري جذبي سان جڙڻ واري عمل جي مظهر هجي، جيڪا حڪومت ڪروڙين ماڻهن منجهه پيدا ٿيل محبت جو وچور هجي، جيڪا حڪومت ڌرتي سان محبت جي نتيجي ۾ جنم وٺي، سو جيڪڏهن پاڻ ائين چئون ته غلط نه ٿيندو ته ڌرتي سان محبت جي رشتي ۾ جڙڻ جو هڪ ڪارائتو ۽ اثرائتو طريقو ووٽ آهي. اتي اهو ورجاءُ ڪرڻ به اجايو نه ٿيندو ته مختلف نالن، نعرن، پنهنجن ذاتي نوعيت جي ڪمن، مفادن، برادرين وغيره جي نالي ۾ ته سدائين سنڌ واسين ووٽ ڪيو آهي، پر هڪ ڀيرو پنهنجي محبت لاءِ کين ووٽ ڪرڻ گهرجي، پنهنجي ان ڌرتي جي خوشحالي لاءِ جنهن سان محبت جو دعويدار هرڪو آهي، پر ان جي خوشحالي لاءِ ووٽ ڏئي ڌرتي سان جڙڻ جو عملي ثبوت ڏجي، ان ڌرتي سان جنهن کان گهڻو ڪجهه وٺون ٿا، پر موٽ ۾ ڏئي نه سگهيا آهيون، سو ان جو قرض سمجهي يا پنهنجو فرض سمجهي ڌرتي سان جڙڻ لاءِ تياري ڪرڻ گهرجي ته جيئن جڏهن محبوب سان جڙڻ وارو وقت اچي ته اسين ووٽ جي عمل ذريعي اهو فخر سان چئي سگهون ته اسان ڌرتي سان محبت به ڪيون ٿا ۽ ان سان جڙڻ به ڄاڻون ٿا.

    ڳچ سال اڳ هڪ مضمون ۾ لکيو هيم ته سنڌ جي سياسي زمين جو ڏيک هڪ کيڙي ٿيل زمين جو نظر اچي ٿو، جيڪا ظاهري طرح اٿل پٿل ٿيل نظر اچي ٿي، پر اها هڪ نئين سياسي ٻج جي پوکي لاءِ تيار آهي. ساڳئي مضمون ۾ ان خدشي جو اظهار به ڪيو هيم ته جيڪڏهن کيڙي ٿيل زمين ۾ ڪو سٺو ٻج نه پوکيو ويو ته ان ۾ ڊڀ ڦٽي ايندا، جنهن کي پاڻ سياسي طور سياسي انارڪي جو نالو ڏئي سگهون ٿا، جيڪو اسان جي لاءِ تمام هاڃيڪار هوندو. اڄ جڏهن چئوطرف نظر ڦيرائجي ته اها تسلي ضرور ٿئي ٿي ته اسان جي سياسي زمين ۾ ”تبديلي جي ٻج“ جي تيزي سان پوکي جاري آهي، پر جيئن ڪنهن پوکي کانپوءِ ان کي ڇڏي نه ڏبو آهي، ساڳئي ريت تبديلي جي فصل حاصل ڪرڻ لاءِ ڌيان جو ڀاڻ ۽ محبت جو پاڻي ڏيڻ اشد ضروري آهي ۽ گڏوگڏ شعور جو ڦوهارو به وقت به وقت ڪرڻ ضروري آهي، جيئن فصل کي جمود پسندي جو جيت نه لڳي وڃي.

    feedback_kawish@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو