محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏21 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    پراڻي ڪراچيءَ جي هڪ ننڍڙي جهلڪ



    اربع 18 جنوري 2006ع

    دنيا جي شهرن ۾ ڪراچي شهر جي سندس پنهنجي واڌ ۽ وجود جي ڪهاڻي به ڏاڍي دلچسپ ۽ سنسي خيز آهي. ان سڄي ڪهاڻي جو سربستو احوال توهان کي ڪراچيءَ تي لکيل ڪتابن ۽ مضمونن مان ملندو. آثار قديمه جي ماهر ڊاڪٽر ايف خان جي تحقيق مطابق ملير ڊملوٽي روڊ تي هڪ ڳوٺ حاجي الهڏني کان هڪ ميل جي پنڌ تي نئين بازار جي کاٻي ڪپ تي هڪ قديم آبادي جو پتو پيو آهي. جيڪا سندس تحقيق مطابق موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي دور جي آهي. اها آبادي 200 کان 300 چورس والن تي پکڙيل آهي. (ڪتاب: ”ڪلاچي جي ڪن کان ڪراچيءَ تائين“ صفحو 20) . ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي پنهنجي ڪتاب ”شاهه عبدالطيف آف ڀٽ“ ۾ لکيو آهي ته، ڪراچيءَ جو وڌڻ ارڙهين صديءَ جي پيداوار آهي. پر ڪياماڙي کي سڪندر اعظم جي نالي سان ڳنڍيو ۽ ياد ڪيو وڃي ٿو. سڪندر اعظم جو مشهور جنرل نيرڪوس جڏهن سنڌو درياءَ مان ٿيندو سمنڊ ۾ داخل ٿيو ته پنهنجا ٻيڙا هتي اچي لنگر انداز ڪيا هئائين. اهو واقعو سال 325 قبل مسيح جو آهي. 1720ع ۾ سيٺ ڀوڄومل ڪراچيءَ تي قبضو ڪيو ۽ ٿوري ئي وقت کان پوءِ وري خان آف قلات ڪراچيءَ تي قبضو ڪيو. 1795ع ۾ ٽالپر حاڪمن ڪراچيءَ تي قبضو ڪري کيس سنڌ سان ملايو، ۽ پوءِ 1839ع ۾ انگريزن ڪراچي تي قبضو ڪري کيس برطانوي هندستان سان شامل ڪري سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو. پهرين ڪلاچي يا ڪراچي صرف ويهين پنجويهن مهاڻن جي گهرن تي مشتمل هڪ ننڍڙو ڪکائن گهرن جو ڳوٺڙو هو، جتي مورڙو به پنهنجن ڀائرن ۽ امڙ سان گڏ رهندو هو. پوءِ اُتي مقامي هندو واپارين پنهنجي ۽ پنهنجن ٻچن جي پناهه لاءِ ۽ سامونڊي ڌاڙيلن کان تحفظ لاءِ ٽيهن ايڪڙن تي هڪ قلعو تعمير ڪرايو. چون ٿا ته انگريزن جڏهن ڪراچيءَ تي قبضو ڪيو، يعني سال 1839ع ۾ تڏهن به ڪراچي جي آدمشماري اٺ هزار هئي، پوءِ جڏهن هنن ڪراچي کان پوءِ فيبروري 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي ته هنن کي حيدرآباد جي گرم هوا راس ڪا نه آئي ۽ هنن هميشه لاءِ حيدرآباد بدران ڪراچيءَ کي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو ۽ سنڌ کي ٽن ڪليڪٽوريٽ ۾ ورهائي ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور کي ڪليڪٽوريٽ يونٽ قائم ڪيا. ان وقت ڪراچي ڪليڪٽوريٽ ۾ گهوڙا ٻاري، جهرڪ ۽ سيوهڻ ضلعا شامل هئا.

    الينگزينڊر بيلي پنهنجي ڪتاب ”ڪراچي“ جي صفحي ڇهين تي لکي ٿو ته، ”هڪ ڀيرو جڏهن وائسراءِ هند ڪراچي جي دوري تي آيو ته کيس چيو ويو ته ڪراچيءَ کي سڄي گڏيل هندستان جي گادي جو هنڌ مقرر ڪريو، ڇو ته ان وقت هندستان جي گادي جو هنڌ ڪلڪتو هو، جيڪو انگلينڊ کان تمام گهڻو پري هو. پوءِ اهو ڪراچي کي گڏيل هندستان جي گاديءَ وارو هنڌ مقرر ڪرڻ واري ڳالهه ڪيترو وقت وائسراءِ جي دماغ ۾ ڊوڙندي رهي. نيٺ فيصلو اهو ٿيو ته دهلي کي گڏيل هندستان جي گادي جو هنڌ مقرر ڪيو. ڪراچي جي اڏاوت ۾ انگريزن پهرين فوجي سپاهين جي رهائش لاءِ بيرڪون ٺاهيون، جنهن کي نيپئر بيرڪس جو نالوڏنو. ان کان پوءِ سامونڊي بندر، ريلوي رستو، چرچ ۽ اسڪول ٺهرايا ويا ۽ پوءِ ٻين ڪمن لاءِ ڌيان ڏنائون. سنڌ ۽ پنجاب مان ڪراچي پورٽ ذريعي انگلش ڪمپنين انگلينڊ اناج موڪلڻ جي ڌنڌي ۾ ايڏي ته ترقي ڪئي، جو ڪراچي جي گادي ٿيڻ جي سورهن سالن کان پوءِ 1860ع ۾ انهن ”ڪراچي چيمبر آف ڪامرس“ قائم ڪيو ۽ ان جي ميمبرن ۾ انگريزن سان گڏ ٻه هندستاني ڪمپنيون به ان جون ميمبر ٿيون. جڏهن سنڌ جو واپار وڌيو ته ممبئي جي ڪمشنر جي ليٽر نمبر 561 تاريخ 1855ع ڊسمبر جي حڪم مطابق ”بئنڪ آف بمبئي“ جي ڪراچي ۾ برانچ قائم ڪئي ۽ ائين سنڌ ڌرتي تي پهرين باقاعدي بئنڪ ڪم شروع ڪري ڏنو.

    ڪراچيءَ مان پهريون ڀيرو ”ڪراچي ائڊورٽائيز“ نالي انگريزي اخبار شروع ڪئي ويئي، جيڪا هفتي ۾ ٻه ڀيرا شايع ٿيندي هئي. ان کان پوءِ سنڌ ٽائمس ۽ سنڌ سڌار اخبارون شايع ٿيون. انگريزن جتي جديد طرز تي پنهنجي فوجين لاءِ بيرڪون ۽ بنگلا ٺهرائڻ شروع ڪيا، اتي شهر جي ترقي، صفائي ۽ ضرورتن لاءِ ڪمشنر ڪراچي فريئر ميونسپالٽي به قائم ڪئي ۽ پوءِ جلد ئي ڏسندي ڏسندي ڪراچي شهر ۾ هي بلڊنگون اوچو ڳاٽ ڪري تيار ٿي اٿي بيهي رهيون، جنهن ۾ مکيه بلڊنگون هيون؛ (1) فرئير هال (2) انڊريو چرچ (3) گرامر اسڪول بلڊنگ (4) ڪراچي پورٽ ٽرسٽ بلڊنگ (5) چيمبر آف ڪامرس آفيس جي بلڊنگ (6) ميري ويدر ٽاور (7) ٽرينٽي چرچ (8) بولٽن مارڪيٽ (9) ڪراچي ميونسپل بلڊنگ( 10) ڪلفٽن تي ڪوٺاري پريڊ.

    انهن بلڊنگس ۽ نون رستن ڪراچي جي رونق ۽ سونهن کي چار چنڊ هڻي ڇڏيا ۽ هاڻ ڪراچي ايشيا جي سهڻن شهرن ۾ ڳڻجڻ لڳو. ڪراچي-بمبئي وچ ۾ برٽش انڊيا اسٽيم نيويگيشن وارن پاڻي جو جهاز به هلائڻ شروع ڪيو، جنهن جي مسافرن جو ڀاڙو پنج روپيا هوندو هو. پر وري جڏهن انهيءَ روٽ تي حاجي قاسم اسٽيم ڪمپني وارن پنهنجو جهاز شروع ڪيو ته انهن پنهنجو ڀاڙو پنجن روپين مان گهٽائي اڍائي روپيا ڪيو ۽ مسافرن کي تحفي ۾ هڪ ريشمي رومال به ڏيندا هئا.

    ڪراچيءَ ۾ ٽرام جي شروعات 1885ع ۾ ٿي. پهرين ٽرام ڪوئلي تي هلندي هئي، پر تمام گهڻو دونهون ڪڍڻ ڪري ان کي ٻن گهوڙن تي هلايو ويو، جيڪي گهوڙا هر ٻن ميلن تي تبديل ڪيا ويندا هئا. گهوڙن کي ڪاڙهي (اُس) کان بچائڻ لاءِ مٿائن سولا هيٽ هڻي کين ڇانوَ ڪري ڏني ويندي هئي، پوءِ گهوڙن کي ختم ڪري ٽرام ڊيزل مشين تي هلايون ويون. ٽرام سولجر بازار کان ڪياماڙي تائين هلندي هئي، يعني پنج ميل جو مفاصلو ۽ سندس ڀاڙو صرف هڪ آنو هوندو هو. آئون سمجهان ٿو سٺ جي ڏهاڪي ۾ ٽرام ڪراچي مان بند ٿي وئي، ڪراچيءَ ۾ جڏهن حڪومت هوائي اڏي کولڻ جو پروگرام ٺاهيو ته پهرين حڪومت جو خيال هو ته اهو هوائي اڏو ملير ۾ کولجي ۽ ان اميد تي ته ملير ۾ سستي زمين خريد ڪري حڪومت کي مهانگي اگهه ۾ زمين وڪرو ڪجي. ان آسري تي ڪراچيءَ جي ڪيترن ئي مالدارن اتي زمين خريد ڪئي ۽ ڏسندي ڏسندي ملير جي ماڻهن جي تقدير کلي پئي، پر حڪومت به چپ چاپ ۾ ملير ۾ نه، پر ڊرگ روڊ تي زمين خريد ڪري هوائي اڏو کولي ڇڏيو. هوائي اڏو ٺهي تيار ٿيو ته ڪراچي ۾ آر 101 هوائي جهاز جي آڻڻ جو بندوبست ڪيو ويو. جهاز کي ڏسڻ لاءِ هزارين ماڻهو اچي ايئرپورٽ تي گڏ ٿيا. سڄي ڏينهن جي انتظار ڪرڻ کان پوءِ رات جو خبر پئي ته اهو ڪراچي اچڻ وارو جهاز فرانس ۾ ڪري تباهه ٿي ويو ۽ منجهس سواري ڪندڙ سڀ مسافر مري ويا.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    سنڌي زبان جي ترقي ۽ ”قومي ٻوليءَ“ وارو سوال



    سومر 30 جنوري 2006ع

    گذريل ڏينهن نامياري قانوندان ۽ پ پ جي ايم اين اي عمبدالمجيب پيرزادي پاران سنڌي، پشتو، پنجابي، بلوچي ۽ سرائڪي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جيڪو نه رڳو تعريف جوڳو قدم آهي پر ان جي هر فورم تي حمايت ٿيڻ گهرجي، گڏوگڏ انهن ٻولين جي واڌ ويجهه ۽ اهميت کي نظر ۾ رکندي ڪي اهڙيون پاليسيون مرتب ڪيون وڃن، جيئن ماضيءَ ۾ انهن ٻولين سان ٿيل ناجائزين جو ازالو به ٿي سگهي. ٻولين جي جهرمر ڪندڙ آسمان ۾ جڏهن سنڌيءَ ٻوليءَ تي نظر وجهبي ته پتو پوندو، هيءَ ٻولي دنيا جي روزبروز بدلجندڙ حالتن سان روز اول کان ترقي ڪري رهي آهي. اها سنڌي ٻوليءَ جي شروع کان ئي اهم خاصيت رهي آهي جو هن ٻين حاوي زبانن، جن کي گهڻو ڪري سرڪاري پٺڀرائي حاصل هوندي آهي، جي پريشر هيٺ به پنهنجو تشخص انتهائي اهميت سان نه صرف برقرار رکيو آهي پر ان کي وڌيڪ اُجاگر ڪيو آهي. ان جو مثال اسان هر حڪمران دور ۾ ائين وٺي سگهون ٿا ته جڏهن ارغونن، ترخانن ۽ مغلن، فارسيءَ کي ڪنهن آسماني ٻوليءَ وانگر اسان تي صادر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان وقت اسان جي عالمن پنهنجي ٻوليءَ کي ڌارين جي ٻولين جي ڪنهن به زور ۾ نه اچڻ ڏنو، پوءِ ان جي لاءِ ڇو نه انهن کي ڪهڙيون به مصيبتون سهڻيون پيون پر انهن صرف پنهنجي ٻوليءَ جي بقا جي جنگ وڙهي ۽ شاهه لطيف ته اهو به چيو ته:

    جي تون فارسي سکيو، گولو توءِ غلام،

    اُڃيو تان آب گهري، بکيو تان طعام،

    عامن سندو عام، خاصن منجهان نه ٿئي.

    ۽ وري جڏهن ميرن، سرائڪيءَ کي سنڌيءَ تي ترجيح ڏني ته به اسان جي جهرجهنگ جي فقيرن سنڌي زبان جي جيئاپي ۾ ئي پنهنجي ڪم جي بقا سمجهي.

    اسان ان کي سنڌ ڄاون جي پنهنجي زبان سان محبت چئون يا سنڌي زبان جي قسمت، پر اها هڪ عجيب حقيقت آهي جو سنڌي زبان پنهنجي مٿان ٿاڦيل ٻولين کي پنهنجي زور سان ختم ته نه ڪري سگهي آهي پر انهن ٻولين جي ڳالهائڻ وارن جو سندس وجود کي ختم ڪرڻ جو خواب ساڀيان ٿيڻ نه ڏنو آهي. مير صاحبان کان پوءِ سنڌ تي انگريز حاڪم ٿيا ۽ شايد سنڌيءَ جو بحيثيت زبان جي ان کان بهتر ڪو به دور نه رهيو آهي جو ان ئي دور ۾ سنڌ کي مرزا قليچ بيگ ۽ ڪاڪو ڀيرو مل مليا، سورلي، علامه آءِ آءِ قاضي، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ڪري ماس ليول تي شاهه جي شاعري ملي ۽ ان کان به وڌيڪ سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجو گرامر ۽ رسم الخط مليو.

    هن موقعي تي انهن سڀني ڳالهين جو ذڪر ڪرڻ ان ڪري ضروري آهي جو اڄ جيڪو سنڌي ٻوليءَ تي ڏکيو وقت آڏو آهي، اهو شايد ڪڏهن به نه هو. سنڌي ڳالهائيندڙ ڌرتيءَ تي ڪڍيل ليڪن جي ڪري ورهايل آهن، جنهن جي ڪري هڪ طرف ته هو اقليت ۾ آهن ۽ ٻئي پاسي هر وقت اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جي ڊپ ۾ آهن. جيتوڻيڪ ٻنهي ملڪن جا آئين ڪنهن به طرح سنڌي زبان جا مخالف نه آهن پر ان جي واڌ ويجهه جي اجازت ڏين ٿا. ان جو مثال پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل 161 آهي پر تنهن هوندي به نه رڳو سنڌ ۾ سنڌيءَ کي مڪمل سرڪاري ٻوليءَ جو درجو نه آهي. انهن گنڀير حالتن ۾ به سنڌي زبان پنهنجي ڪاروان سان گڏ پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان آهي. جيتوڻيڪ سنڌي زبان جي ترقيءَ لاءِ ٺاهيل سڀ کان وڏو ادارو ته سنڌين جي ڪنٽرول ۾ نه آهي پر پوءِ به سنڌي زبان ۾ اڳ کان ڪئين درجا بهتر ڪتاب ڇپجي رهيا آهن. پر سوال اهو آهي ته ڇا سنڌي زبان ۾ ڇپيل ڪتاب مڪمل طور پڙهيا وڃن ٿا يا ٻين لفظن ۾ اهي مڪمل طور وڪامجن ٿا؟ ڇو جو ڪا به تخليق جيستائين پنهنجو مقصد نه ماڻي ان مهل تائين ان جو وجود ۾ اچڻ بي معنيٰ رهندو آهي.

    1955ع کان 1990ع تائين سنڌي ادب کي ڪنهن حد تائين پنهنجو پاڻ کي پنهنجي پڙهندڙن آڏو متعارف ڪرائڻ جو موقعو مليو جو اهو دور انقلابي دور هيو، ان دور ۾ شاگرد حاوي هئا ۽ هي ئي اهو دور هو جو سنڌي ادب گهڻي کان گهڻو ڇپيو ۽ پڙهيو به ويو. ان دور جو اهو به معرڪو چئبو جو نوجوانن نه صرف انقلابي لکڻين کي پڙهيو پر هر اها لکڻي جيڪا ڪيتري به ڏکي هجي يا سولي، خشڪ هجي يا چٽپٽي، سفر نامو، ڊرامو، ڪهاڻي، ناول، شاعري يا ڪا به صنف هجي، ان کي مڪمل طور پڙهيو ۽ ساراهيو ويو. ان کان سواءِ هن ئي دور ۾ سنڌي زبان ۾ تمام وڏي تعداد ۾ رسالا ڇپجندا رهيا، جيڪو ان ڳالهه جو کليل دليل آهي ته سنڌي زبان پنهنجو سفر اُتم طريقي سان جاري رکيو.

    1990ع کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ وڏي پئماني تي اخبارون نڪرڻ شروع ٿيون جن ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ Commercial element آندو، جو سڄي دنيا ۾ اخبار کي ڌنڌو ۽ ان ۾ ڇپجندڙ مواد کي سياسي مواد تصور ڪيو ويندو آهي. اخبارن ۾ جلد وڪامجندڙ مواد ڇاپڻ کي ترجيح ڏني ويندي آهي ۽ بلڪل اهڙي ريت سنڌي اخبارن به اهڙا نوان تجربا ڪيا ۽ انهن ۾ ڪامياب به ويون، تنهن باوجود سنڌي اخبارن سنڌي ٻوليءَ کي پڙهندڙن ۾ زندهه رکيو ۽ ڪجهه اخبارن ته سنڌي ادب جي به وڏي خدمت ڪئي. 1990ع کان تقريبن 2000ع تائين جي دور ۾ سنڌي اخبارون سنڌي پڙهندڙن، خاص طور ان دور جي نئين نسل کي سنڌي زبان سان رابطي ۾ رکيو آيون، پر تيز بدلجندڙ حالتن اسان کي تاريخ جي انتهائي نئين موڙ تي آڻي بيهاري ڇڏيو آهي. اهو دور آهي ڪميونيڪيشن ايج جو يا سيٽلائيٽ چئنلن ۽ ڪمپيوٽر جو، اهو نئون رجحان باقي دنيا ۾ ته ڪجهه عرصو اڳ شروع ٿي چڪو آهي پر اسان وٽ اڃا تائين مڪمل طور تي نه اچي سگهيو آهي. اها حقيقت آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پهرين چينل ڪي ٽي اين سنڌي ٻوليءَ کي هڪ نئين انداز ۾ وڏي ليول تي متعارف ڪرايو آهي ۽ اهو ڪي ٽي اين چينل کلڻ جو ئي نتيجو آهي جو سنڌي زبان ۾ موسيقي، جيڪا تمام پستيءَ جي طرف ڌڪجي وئي هئي، ان کي نئين زندگي ملي آهي. سنڌي ڊرامو جنهن کي ڪو مڃتا ڏيڻ لاءِ تيار نه هو، اهو واپس منظر عام تي اچي ويو آهي.

    ڪميونيڪيشن ايج جو ٻيو حصو آهي سنڌي ٻوليءَ جو ڪمپيوٽر تي هجڻ، جو ڪجهه سنڌي ماڻهن جي محنت سان سنڌي زبان ۾ به فونٽس ۽ پوءِ آپريٽنگ سسٽم ٺاهيا ويا آهن، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو جديد طرز تي ترقيءَ جي راهه ۾ هڪ اهم قدم آهي. صرف ڪنهن شئي جي ڪنهن ٻوليءَ ۾ هجڻ سان اها ٻولي ترقي ڪا نه ٿي ڪري پر جڏهن ان شئي کي هر عام ماڻهو پنهنجي استعمال ۾ آڻي ٿو ته اها ڳالهه ٻوليءَ جي ترقيءَ جو سبب ٿئي ٿي ۽ ان ۾ وڌيڪ جدت ۽ ترقيءَ جو اسڪوپ پيدا ڪري ٿي. پر ان وقت جڏهن اسان جو نئون نسل گهڻن سببن جي ڪري سنڌي ڳالهائڻ به ڪو نه ٿو ڄاڻي ۽ جي ڪو ماڻهو سنڌي ڳالهائڻ ڄاڻي به ٿو ته وري سنڌي لکڻ پڙهڻ ڪو نه ٿو ڄاڻي، اسان لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ڪري وجهي ٿو. اسان کي انهن ماڻهن، جن جا ٻار سنڌي ڪونه ٿا ڄاڻن يا پڙهن، کي قائل ڪرڻو آهي ته اهي پنهنجن گهرن ۾ وري سنڌي ٻولي ڳالهائڻ شروع ڪن ۽ پنهنجي ٻارن کي سنڌيءَ جي تعليم به ڏين. اچو ته اسان انهن ماڻهن کي به قائل ڪريون، جيڪي اهو سمجهن ٿا ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي خاتمي جو ڪارڻ نه ٿيندي، ڇوته سنڌيءَ جي هميشه کان هڪ تاريخي حيثيت رهي آهي ته اسان جي ٻوليءَ جي ترقيءَ نه ڪنهن ٻي ٻوليءَ کي ختم ڪيو آهي ۽ نه ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي ترقيءَ سنڌيءَ کي ختم ڪيو آهي. اسان کي پنهنجن انهن وڏن ڊراما نويسن کي به قائل ڪرڻ گهرجي ته اهي پنهنجا بهترين ڊراما سنڌي زبان ۾ به لکن. ان کان اڳ جو هن ملڪ جا حاڪم سنڌي، پنجابي، پشتو، سرائڪي ۽ بلوچي کي قومي ٻولي تسليم ڪن، اهي ٻوليون ڳالهيندڙ پنهنجين پنهنجين ٻولين کي قومي ٻولي سمجهن ۽ ان جي واڌ ويجهه لاءِ جستجو ڪن.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    واٽر گيٽ اسڪينڊل جي حقيقت ڇا هئي؟



    اڱارو 21 مارچ 2006ع

    آمريڪي صدارتي اليڪشن جو هڪ نهايت ئي دلچسپ واقعو، جنهن کي آمريڪا ۾ ”واٽر گيٽ اسڪينڊل“ جي نالي سان ياد ڪيو ٿو وڃي، آمريڪا جي سڄي صدارتي اليڪشن جي تاريخ ۾ اهڙو واقعو نه ٿيو آهي، نه ٿيندو. اهو واقعو آمريڪي آئين ۽ قوم لاءِ هڪ چئلينج هو، جنهن مان هو اُڪري پار پيا. ٿيو هيئن ته واٽر گيٽ نالي عمارت ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي نيشنل ڪاميٽيءَ جي آفيس جي ڪلفن تي فرينڪ نالي هڪ چوڪيدار ٽيپ جا ڪجهه ٽڪرا چنبڙيل ڏٺا ۽ خيال ڪيائين ته اهي ٽيپ جا ٽڪرا شايد ڪلفن جي مرمت ڪندڙن کان هتي رهجي ويا آهن، سي لاهي اڇلي ڇڏيائين. اتفاق سان هن ٻئي ڏينهن پڻ ٽيپ جا ٽڪرا ساڳئي جڳهه ۽ ساڳئي نموني لڳل ڏٺا. تڏهن هن کي ڪا سازش محسوس ٿي ۽ اها ماجرا پوليس کي ٻڌايائين.

    پنج چور 16 جون 1972ع جو فجر کان اڳ نيشنل ڪاميٽي جي آفيس ۾ داخل ٿيا ۽ موٽڻ تي پوليس کين گرفتار ڪندي ڏٺو ته انهن وٽ ڪافي چوري ڪيل رقم موجود هئي، تنهن کان سواءِ وٽن ٻُڌڻ ۽ ڳالهائڻ واريون مشينون، ٽي وي، ريڊيو ۽ ڪئميرائون هيون. صورتحال موجب اها واردات غير معمولي هئي ۽ شڪ هو ته ايوان صدر جا ڪي اهلڪار به انهيءَ اسيڪينڊل ۾ ملوث آهن. سال 1973ع جي شروع ۾ چورن تي ڪيس هليو ۽ اهي مجرم ثابت ٿيا، پر اهو ڪيس هلائيندڙ جج جان سريڪا John Sirica محسوس ڪيو ته ڪيس جي ڪارروائي دوران حقيقتون مڪمل طور پڌريون ڪو نه ٿيون آهن. هن چورن کي چيو ته توهان چوري متعلق سموري حقيقت ظاهر ڪا نه ڪئيآهي ۽ ڪجهه حقيقتن کي لڪايو آهي. انهيءَ ڪري توهان کي سچ نه ڳالهائڻ جي جرم ۾ چاليهن سالن کان به وڌيڪ عرصو سزا ملندي. جيڪڏهن توهان اڃا هاڻي به مڪمل حقيقت پڌري ڪئي آهي ته پوءِ توهان جي سزا کي معمول موجب گهٽائي سگهبو. جج جي انهيءَ نصيحت تي چورن مان هڪڙو ڦاٽي پيو ۽ باسيائين ته هن چوري بابت اسان وائيٽ هائوس جي ڪجهه عملدارن سان صلاح مشورو ڪيو هو.

    مٿئين انڪشاف جي روشني ۾ آمريڪي سينيٽ ”واٽر گيٽ ڪاميٽي“ قائم ڪري ان کي گهربل جاچ سونپي ته اها صدر نڪسن جي معاونن جي خلاف الزامن جي تحقيق ڪري. صدر نڪسن پنهنجا صوابديدي اختيار استعمال ڪندي پنهنجي معاونن کي ڪاميٽي آڏو پيش ٿيڻ کان روڪيو ۽ صدر جو ڪانگريس سان اختلاف اتان کان شروع ٿيو. صدر نڪسن جي انهيءَ رويي تي ڪانگريس، سينيٽ توڙي عوام سخت برهم ٿيو. نيٺ صدر پنهنجو رويو بدلايو ۽ پنهنجي معاونن کي ڪاميٽي آڏو پيش ڪيو. پيشيءَ کان اڳ ئي پريسن ذريعي مذڪوره ماڻهن جي هن چوري ۾ ملوث هئڻ جي پڌرائي ٿي وئي هئي ته هنن چوري لڪائڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي هئي. سن 1973ع جي اپريل مهيني ۾ صدر جا مکيه معاون استعيفا ڏئي ويا. انهن مان هڪڙي جان ڊين John Dean ڪاميٽي اڳيان پيشي دوران بيان ڏنو ته صدر نڪسن کي مذڪوره معاملي جي ڀلي ڀت ڄاڻ هئي. ياد رهي ته صدر نڪسن اهو الزام ڪو نه باسيو، صدر ۽ سندس معاونن جي ڳالهه ٻولهه ٽيپ ٿيندي هئي. صدر نڪسن معمول کان سواءِ انهي سلسلي ۾ ڳجها ٽيپ به ڀرايا هئا. سينيٽ ڪاميٽي ۽ هن ڪيس لاءِ مقرر ڪيل اسپيشل اٽارٽي آرڪي بالڊ ڪاس (Achi Bald Cox) ايوان صدر کان سمورا ٽيپ گهرايا. پر صدر نڪسن اهي ٽيپ ڏيڻ کان انڪار ڪيو، تنهن ڪري ٽيپن جي حاصلات لاءِ ڪاميٽي سپريم ڪورٽ ڏانهن رجوع ڪيو. ڪورٽ فتويٰ ڏني ته هڪڙي فوجداري ڪيس جي تحقيق لاءِ ٽيپ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏجي ٿو، صدر قانون کان هرگز بالاتر ناهي. ڪورٽ جو حڪم مڃيندي صدر نڪسن انهن ٽيپن جو اختصار لکت ۾ ڏياري موڪليو ۽ پراسيڪيوٽر کي تنبيهه ڪيائين ته هاڻي ٽيپن جي وڌيڪ خواهش نه ڪندا. ٿيو هيئن ته پراسيڪيوٽر ڪاڪس صدر جو حڪم ڪو نه مڃيو ۽ ٽيپ اصلي حالت ۾ گهرڻ لڳو ته کيس گولي هڻي ماريو ويو. انهيءَ صورتحال تي عوام سخت ناراضگيءَ جو اظهار ۽ احتجاج ڪيو. ڪانگريس پڻ سخت برهم ٿي. انهي تي صدر ٽيپ ڏيڻ قبول ڪيو ۽ مسٽر ليون جا وورسڪي (Leon Jaworsky) کي نئون پراسيڪيوٽر مقرر ڪيو. پر وڌيڪ اهو به چيو ته ڪجهه گهربل ٽيپ وڃائجي ويا آهن. انهي تي صدر نڪسن تي سخت تقنيد ٿيڻ لڳي ۽ کيس صدارت تان لاهڻ لاءِ آواز اٿاريو ويو.

    مذڪوره گنبير صورتحال جي پيش نظر هائوس جي جوڊيشري ڪاميٽي صدر نڪسن خلاف الزامن جي تحقيق شروع ڪئي، نيٺ گهربل حقيقي ٽيپ ڪاميٽي ۾ تڏهن پيش ڪيا ويا، جڏهن سپريم ڪورٽ 24 جولاءِ 74ع تي وري به پنهنجو حڪم ورجايو ته صدر کي ٽيپ ڏيڻ گهرجن. ڪورٽ جي فتويٰ واري ڏينهن کان هائوس ڪاميٽي صدر جي خلاف امپيچمينٽ لاءِ ٽي وي مباحثا شروع ڪري ڇڏيا. انهيءَ ۾ صدارتي انصاف جي ڏيوالي، اختيارن جو بڇڙو استعمال ۽ ڪانگريس توڙي ڪورٽن جي عزت نه ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا. انهن ٽيپن ۾ ثابت ٿيو ته صدر پنهنجي معاونن کي هدايت ڪئي ته حقيقت لڪائڻ عيوض چورن کي ڀاڙ يا رشوت ڏني وڃي. اهڙي طرح صدر هن اسڪينڊل ۾ بذات خود ملوث ثابت ٿيو، تنهن ڪري ڊيموڪريٽس توڙي سندس پارٽي طرفان مٿس سخت دٻاءُ وڌو ويو ته هو استعيفيٰ ڏئي. نيٺ صدر نڪسن 8 آگسٽ 4 7 ع تي استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ 9 آگسٽ 74ع تي وائيٽ هائوس خالي ڪري ويو. آمريڪي تاريخ ۾ اهو پهريون صدر هو، جنهن استعيفيٰ ڏني ۽ آئين مطابق نائب صدر وائيٽ هائوس ۾ داخل ٿيو.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    مونا ليزا جي چوري!



    جمع 31 مارچ 2006ع

    اها ويهين صديءَ ۾ مصوري جي هڪ عظيم شاهڪار جي چوري هئي. 21 آگسٽ 1911ع تي پئرس شهر ۾ موجود لووِر نالي عظيم عجائب گهر مان، اها جڳهه مشهور تصوير ڪو شاهينگ چورائي ويو. سمور ريٽ Seymour ret نالي هڪ ليکڪ موجب ڪو شخص ”سيلون ڪار“ نالي ڪمري ۾، جتي اها تصوير ٽنگيل هئي، تنهن ۾ داخل ٿيو. ديوار تان تصوير لاٿائين ۽ ٻاهر نڪري ويو. مزيدار ڳالهه اها ته مونا ليزا جي تصوير سومر جي ڏينهن صبح ڌاري چورائي وئي هئي، پر انتظاميه کي پهريون ڀيرو خبر ٻئي ڏينهن يعني اڱاري جي منجهند ڌاري پئي ته اها تصوير واقعي تڳائجي وئي. انهي وقت لوور ميوزم جي انهي ڀاڱي جي مکيه عملدار مايوسيءَ واري حالت ۾ محافظن جي ڪئپٽن کي اطلاع ڏئي، کيس اها خبر ٻڌائي. ڪيوريٽر پئرس شهر جي پوليس جي مک عملدار يعني پريفيڪٽ آف پوليس کي ٽيليفون ذريعي ڄاڻ ڏني. پوليس جي مک عملدار نيشنل ڪرمنل انويسٽيگيشن ڊپارٽمينٽ جنهن کي لاسُريٽ La surete سڏيندا آهن، کي تفتيش لاءِ تياري جو حڪم ڏنو. ساڳئي ڏينهن ٽپهريءَ ڌاري سٺ انسپيڪٽر، هڪ سئو کان وڌيڪ سپاهين سميت لوور ميوزم پهچي ويا، جن اچڻ شرط عجائب گهر جا سمورا گيٽ بند ڪري، سمورن گهمندڙ ماڻهن توڙي محافظن کان پڇا ڳاڇا ڪئي. بعد ۾ پورو هڪ هفتو لوور ميوزم جيڪو اڻيتاليهه ايڪڙ ايراضيءَ تي ٻڌل آهي، تنهن جي هر ڪمري ۾ هر طبق جي مڪمل جهڙتي ۽ جاچ ورتي وئي.

    مونا ليزا جي تصوير جي چوريءَ واري خبر سموري دنيا کي غمگين ڪري وڌو. هيءَ خبر هر مکيه اخبار جي اڳئين صفحي تي ڇپيل هئي. ڪئين انومان هئا. ڪن جو خيال هو ته شايد اها تصوير صفائيءَ واري عملي جي ڪنهن فرد چورائي هوندي. ٻين جو اندازو هو ته مذڪوره چوري غالبن ٿوري پگهار وارن سيڪيورٽي گارڊن مان ڪنهن جي ڪيل آهي. لووِر ميوزم جا منتظمين پڻ چوريءَ جي شڪ ۾ گهيريل هئا. لوور جي مکيه ڊائريڪٽرن مان هڪڙي کي گولي هنيائون ۽ ٻئي کي سسپينڊ ڪيائون. سار سنڀال ڪندڙ عملي جي ڪيترن ئي ملازمن تي ڏنڊ وڌا ويا. تنبيهه ڪئي وئي ۽ ملازمت جي رينڪ گهٽائي وئي.

    پئرس پوليس عجائب گهر جي نامعقول حفاظت جي شڪايت ڪئي. ميوزم جي انتظاميه تفتيشي پوليس جي ڪارڪردگيءَ جي شڪايت ڪندي چيو ته هن ميوزم جي نامعقول حفاظت جي شڪايت ڪئي آهي، پر پاڻ پتو لڳائڻ ۾ ناڪام وئي آهي. اهڙيءَ طرح قانون لاڳو ڪندڙ ڪيترائي فرينچ محڪما مذڪوره چوريءَ جي سلسلي ۾ ڪو حقيقي سراغ لڳائڻ بجاءِ رهندو پاڻ ۾ ڄنڊا پٽ ۾ ڦاٿل رهيا. ايتري قدر جو جيڪڏهن ڪنهن هڪڙي کاتي ڪو جُوڻيت هٿ ٿي ڪيو ته ان جي مخالف محڪمي اهو ماڻهو ڪنهن جڙتو ڏوهه ۾ گرفتار ڪري ٿي ڇڏيو، جيئن مخالف ڌر پنهنجي ڪم ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي.

    نيٺ پئرس پوليس جو انسپيڪٽر مسٽر لوئيس ليپائين پئرس پوليس جو پريفيڪٽ يعني مک عملدار ٿي آيو، جنهن ميوزم جي حاضر توڙي اڳوڻن سمورن ملازمن کان انٽرويوز وسيلي تفتيش شروع ڪري ڏني، پر کيس به خاطر خواهه ڪاميابي ڪا نه ٿي.

    مونا ليزا جي تصوير جي گمشدگيءَ کي پئرس جي ڪيترن ئي رهواسين هڪڙي سازش قرار ڏنو ته ٻين ان کي دانسته فراريت سڏيو. تصوير جي چوريءَ کان هڪ هفتو پوءِ جڏهن ميوزم وري گهمڻ لاءِ کوليو ويو ته حاضر ڊيوٽي ڪيوريٽر جي چوڻ موجب پئرس جا رهواسي لاتعداد ميڙن جي صورت ۾ تصوير واري ڪمري ۾ ماتمين وانگر داخل ٿيندا، نهايت ڏکوئيندڙ انداز سان اهي ڪوڪا ڏسندا رهيا، جن ۾ مونا ليزا جي تصوير ٽنگيل هئي. هر ڪنهن ائين ڀانيو ته اها تصوير قومي اثاثو هئي، جيڪو هميشه لاءِ وڃائجي ويو. اهو محسوس ڪندي ماڻهن سخت احتجاج ۽ گوڙ ڪيو. اهو هڪڙو وڏو واقعو ٿي ويو. وقت گذرڻ سان ماڻهن جو جوش گهٽيو ۽ انهي سلسلي ۾ ڀوڳ ۽ چرچا شروع ٿي ويا. ڪئين پروليون ۽ ڪارٽون ٺهڻ لڳا. ڪنهن شخص اخبار کي خط لکي پڇيو ته موناليزا جي تصوير وارا چور ايفل ٽاور ڪڏهن چورائيندا؟ ماڻهن ان تصوير جي چوريءَ بابت ڪيترائي گيت پڻ لکيا، جيڪي هوٽلن ۽ ڪيفيز ۾ ڳائجڻ لڳا.

    نائيٽ ڪلبن ۾ فنڪارن جون ڪجهه اهڙيون به ٽوليون پيدا ٿيون، جيڪي مونا ليزا جي لباس ۾ پنهنجو فن پيش ڪنديون هيون. مشهور ميوزڪ هالن تي ۽ ٿيٽرن ۾ ڪم ڪندڙ مکيه اداڪارائن کي مونا ليزا جو نالو ڏنائون. ڪيترائي پوسٽ ڪارڊ ڇپيا ويا، جن تي موناليزا جو فوٽو ڇپيل هو. چوريءَ جي تفتيش جاري رهي، پر اڃا ڪاميابي ڪا نه ٿي هئي. پر اسرار شخصيت جي مالڪ مونا ليزا سان وابسته سندس تصوير جي چوريءَ وارو معمو ڪو پهريون ڪونهي. سندس اصل سڃاڻپ پڻ متشڪي آهي. عظيم مصور ليونارڊو ڊوانچي سورهين صديءَ جي ابتدا ۾ اها تصوير پينٽ ڪئي هئي. هڪڙي ٻئي فنڪار ڪيوزن (Cuzin) موجب ليونارڊوجي پينٽ ٿيل گهڻين تصويرن ۾ مثالي حسن ته موجود آهي، پر اهي واضح طور غير حقيقي لڳن ٿيون. ان جي برعڪس موناليزا جي تصوير سادگيءَ جي باوجود حقيقي، مخصوص، چورس چهري سان سراپا سهڻي آهي. مونا ليزا ذاتي طور کڻي ڪهڙي به شخصيت جي مالڪ هجي، اها ڳالهه پنهنجي خاني، پر هتي سندس شخصيت صدين کان وٺي حسن ۽ پيار جي علامت طور تسليم رهندي آئي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ شايد مونا ليزا جي تصوير ٺاهيندڙ مصور ليونارڊو جي پنهنجي ديو مالائي شخصيت به ڪارفرما ٿي سگهي ٿي. ڇو ته هن مصور پنهنجي سمورين فني صلاحيتن کي هيءَ انوکي تصوير چٽيندي، ڪم آندو. مونا ليزا جي تصوير جي چوريءَ جي خبر جيئن جيئن پکڙجندي وئي، تيئن تيئن تصوير جي معمار جي مڃتا ۾ واڌارو ٿيندو ويو. ليونارڊو جي فنڪاريءَ کي صدين تائين مصوري جي معيار طور مڃتا حاصل رهي، پر اڄ تائين سندس فني اصولن کي ساڳي مڃتا حاصل آهي. طويل عرصي گذرڻ سبب هن تصوير جي رنگن ۾ جهڪاءُ ٿيڻ جي باوجود مونا ليزا جي تصوير ۾ مخصوص جمالياتي جادو جلوه گر آهي. جدت پسند فنڪار جهڙوڪ ڊيو ڪيمپ ۽ ڊالي، ڊاونچي جي فني ڪاريگريءَ جي تعريف ڪندا هئا ۽ مونا ليزا جي تصوير کي مصوريءَ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت جي حامل قرار ڏنائون.

    هن تصوير جي چوريءَ کان ٻه سال پوءِ سن 1913ع ۾ فلورينس جي نوادرات جي هڪ واپاريءَ جي دفتر ۾ هڪڙو خط پهتو، جنهن چوريءَ جي راز کي پڌرو ڪرڻ ۾ مکيه ڪم ڏنو. انهي موجب سراغ ملڻ تي مونا ليزا جي تصوير انهي هنڌ جي تمام ويجهو لڌي وئي، جتي چار صديون اڳي اها تشڪيل ڏني وئي هئي. اهو ماڳ لوور ميوزم کان چند بلاڪن جي فاصلي تي هو، جيڪو اصل ۾ چور جو گهر هو، جتي اها ساندهه ٻن سالن تائين لڪائي رکي وئي هئي. هن وقت مونا ليزا واري اها تصوير وري به ميوزم ۾ نمائش لاءِ ٽنگيل آهي، پر اڳي جي ڀيٽ ۾ سخت پهري ۽ حفاظت هيٺ آهي، جتي ان کي ڏسڻ لاءِ هر سال ڪروڙين ماڻهو ايندا آهن.

    ڪيوزن جي چوڻ موجب انفرادي طور تصوير ۾عورت ايتري ملوڪ ڪانهي ۽ نڪي منجهس گهڻو رنگ ۽ روغن نمايان آهي، تنهن هوندي به هيءَ تصوير ساري جڳ ۾ مشهور آهي. ان جو سبب شايد اهو هجي ته هن تصوير واري اصل عورت ته اسان ڏسي ئي نٿا سگهون. تنهن ڪري اها ڳالهه غير معمولي ٿيو پوي، جڏهن اسين سندس تصوير ڏسون ٿا، جهڙوڪ اسان خود موناليزا کي پهريون ئي ڀيرو ڏسون ٿا.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    تاريخ جو هڪ دلچسپ ورق!



    سومر 24 اپريل 2006ع

    انگريزي فوج وٽ جڏهن انگلينڊ کان نوان ۽ جديد هٿيار پهچندا هئا ته هو پراڻا هٿيار هندستان جي راجائن ۽ ٻين ڀر پاسي وارن ننڍن حاڪمن کي وڪرو ڪري ڏيندا هئا. اهي مدي خارج هٿيار انهن کان مير به وٺندا هئا. حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٺٽي ۾ بندوقن ۽ گولي بارود جا ننڍڙا ڪارخانا هوندا هئا، پر اهي انگلينڊ جي هٿيارن جي مقابلي جا نه هئا. مير شڪار لاءِ ته پنهنجن گماشتن معرفت ٻاهرين ملڪن مان سٺيون بندوقون گهرائيندا هئا، پر جنگ لاءِ وٽن ڪي به جديد هٿيار نه هئا. وٽن جيڪي توبون هيون، انهن جي هلائڻ وارا به غير مقامي ماڻهو هئا. جيڪي جنگ دوران وڪامجي چڪا هئا ۽ توبن جا منهن مٿي ڪري ڇڏيائون. ميرن جي توبن جو انچارج هڪ انگريز جان هاويل (Jhon Howell) هو، جنهن پڻ مياڻي جي جنگ دوران غداري ڪئي. انگريزن جي مقابلي ۾ ميرن وٽ نه جديد هٿيار هئا ۽ نه سٺا هٿيار هلائيندڙ. اهو ئي سبب هو جو هيڏي ساري فوج صرف اٺاويهه سئو انگريز فوج هٿان شڪست کائي وئي. سو به پنهنجي ملڪ ۾، ۽ پنهنجي ئي ميدان تي.

    انگريزن جنگ کٽڻ کان پوءِ مير حاڪمن کي پهريائين حيدرآباد ريزيڊنسي ۾ نظر بند ڪيو ويو ۽ وڌيڪ حڪمن لاءِ گورنر جنرل کي لکيو ويو. جتان پهرين آرڊر پهتو ته ميرن کي عدن موڪليو وڃي، پر ترت ئي پوءِ ٻيو حڪم پهتو ته کين بمبئي روانو ڪيو وڃي. ڪئپٽن گارڊن کين سامونڊي جهاز ذريعي بمبئي پهچايو. اتي به کين عارضي طرح رهايو ويو، جتان پوءِ کين ميسور موڪليو ويو. ڏهه مهينا ميسور جيل ۾ رکڻ کان پوءِ کين ڪلڪتي ۽ پوءِ هزاري باغ ۽ دم دم موڪليو ويو. هزاري باغ کان پوءِ ميرن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪري، ڪن کي اتي ئي هزاري باغ ۾، ۽ ڪن کي وري ٻين ويران جڳهين تي جدا جدا رکيو ويو. ميرن کي بمبئي جيل روانو ڪرڻ کان پوءِ نيپئر ٻن ڳالهين ڏانهن خاص ڌيان ڏنو. هڪ ته سڀني جاگيردارن جون جاگيرون بحال ڪري سندن همدرديون حاصل ڪيون. ٻيو ته ملڪي انتظام جي جوڙجڪ اڻٽر قاعدن ۽ قانونن مطابق ڪئي. ان لاءِ نيپئر جي حڪم موجب سڄي سنڌ جي جاگيردارن کي اطلاع ڪيو ويو ته پنهنجي جاگيرن جي پروانن ۽ سرٽيفڪيٽن سميت اچي حيدرآباد جي قلعي ۾ حاضر ٿين. انهي لاءِ حيدرآباد شهر ۾ وڏي درٻار جو اهتمام ڪيو ويو. سڄي سنڌ مان ڪي جاگيردار ته رضا خوشيءَ سان آيا، پر ڪن کي وري گرفتار ڪري هن درٻار ۾ پيش ڪيو ويو. جيڪي جاگيردار انگريزن جي ڪوٺايل هن درٻار ۾ پيش ٿيا، تن سڀني جا پروانا ۽ سرٽيفڪيٽ ڏسي سندن جاگيرون بحال ڪيون ويون. اها درٻار 24 مئي 1844ع تي منعقد ٿي، جنهن ۾ هر جاگيردار کي سر چارلس نيپئر جي صحيح ساڻ سندون ڏنيون ويون. درٻار ۾ نيپئر جو منشي وڏي واڪ هر هڪ ماڻهو جو نالو وٺندو ويو ۽ واري واري ساڻ آيل جاگيردار پنهنجي پنهنجي جاگير جون سندون وٺندا ويا. جاگيرن جا ٽي قسم هئا.(1) فرسٽ ڪلاس، (2) سيڪنڊ ڪلاس،(3) ٿرڊ ڪلاس جاگير.

    انهيءَ وقت سموري سنڌ جي زمينن جو ڏهون حصو جاگيرن طور جاگيردارن کي مليل هو. انهيءَ ڏهه سيڪڙو زمين مان به تمام ٿورو حصو زمين جو آباديءَ هيٺ هو، نه ته گهڻي زمين غير آباد پيل هئي. سنڌ ۾ جاگيرداريءَ جي شروعات مغل دور ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جاگيرن ۽ جاگيردارن جو انگريز حڪومت هڪ ڊپارٽمينٽ قائم ڪيو هو، جنهن جو مڪمل رڪارڊ تيارڪري ڪمشنر ڪراچي آفيس ۽ ڪليڪٽر ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ رکيوويو. ون يونٽ قائم ٿيڻ کان پوءِ اهو رڪارڊ به ٻين فائلن سان گڏ لاهور موڪليو ويو. جيڪو اُتي جڳهه نه هجڻ سبب ڪيترو وقت ٻاهر اس ۾ ۽ برساتن ۾ خراب ٿيندو رهيو. جڏهن ون يونٽ ٽوڙيوويو تڏهن به لاهور کان تمام ٿورو رڪارڊ صحيح سلامت واپس ڪراچي پهتو، نه ته سنڌ جو سڄو رڪارڊ جيڪو انگريزن ٺاهيو، سو وڏي مقدار ۾ اتي تباهه ۽ برباد ٿي ويو. انهيءَ کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ جي لپي تيارڪرڻ ۽ سنڌ ۾ تعليم جاري ڪرڻ جو به هڪ وڏو رڪارڊ هو. اهو رڪارڊ ٽريننگ ڪاليج حيدرآبا د ۾ هو. ان جي به ڪا خبر ڪونهي ته اتي محفوظ آهي، يا نه؟

    سنڌ ۾ انگريزن جي فوجي ڇانوڻين، پوليس چوڪين ۽ انسپيڪشن بنگلن تي پڻ هنن ابتدا کان وٺي هر قسم جو سياسي ۽ غير سياسي رڪارڊ ۽ وزيٽرس بوڪ رکرايا. انهن دفترن ۾ سنڌ جي گذريل دور جو هڪ ناياب ذخيرو موجود هو، جنهن جي اڄ ڪا به خبر ڪونهي، پر تنهن هوندي به ڪراچي ڪمشنر جي آفيس ۽ سنڌ الاجي ۾ سنڌ بابت ڪجهه نه ڪجهه رڪارڊ ۽ فائيل موجود آهن. ٿي سگهي ٿو ته ڪن خانگي ادارن، لائبريرين ۽ ڪن فردن وٽ به ان سلسلي ۾ ڪجهه مواد موجود هجي. جنهن کي گڏ ڪري ڇپرائڻ جي اڄ تمام گهڻي ضرورت آهي. جيڪڏهن جاگيرن ۽ جاگيردارن جي مواد کي گڏ ڪري ڇپرائجي ته وڏي ڄاڻ حاصل ٿيندي ۽ ڪيتريون ئي ڳجهيون حقيقتون پڌريون ٿينديون. سنڌ تي قبضي کان پوءِ انگريزن پنهنجو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ انتظامي جوڙجڪ به شروع ڪئي. انهيءَ جوڙجڪ موجب ضلعا ڪجهه هن ريت هئا. ڪراچي ڪليڪٽوريٽ ۾ ٽي ضلعا قائم ٿيا، جن ۾ ضلعو گهوڙا ٻاري، ضلعو جهرڪ، پوءِ ضلعو سيوهڻ قائم ڪيائون. سنڌ جو ٻيو ڪليڪٽوريٽ حيدرآباد مقرر ڪيائون. هن ڪليڪٽوريٽ ۾ 6 ضلعا قائم ڪيائون، جنهن ۾ ضلعو هالا، ضلعو ٽنڊو محمد خان، ضلعو شاهبندر، ضلعو ميرپور، ضلعو عالم ڪوٽ، (انگريزن ضلعي عالم ڪوٽ قائم ڪرڻ کان اڳ هن علائقي ۾ لائقپور ضلعي جي نالي سان ضلعو قائم ڪيو هو، پر ترت ئي پوءِ ان جو نالو ضلعو عالم ڪوٽ رکيائون) ضلعو وونگا. ٽيون ڪليڪٽوريٽ شڪارپور قائم ٿيو، جنهن ڪليڪٽوريت ۾ پنج ضلعا قائم ٿيا، جن جا نالا شڪارپور، سکر، ميهڙ، چانڊڪا ۽ پڊ عيدن هئا. (مئي 1946ع ۾ پڊ عيدن ضلعو سکر ۾ ضم ڪيو ويو.)

    1847ع ۾ سڄي سنڌ اندر ٻاويهه سئو ڏهه پوليس نفري هئي، جنهن ۾ اٺ سئو اٺٽيهه گهوڙي سوار هئا. انهيءَ وقت سنڌ جي آدمشماري ٻارنهن لک چوهتر هزار، ست سئو ٻٽيهه هئي. (خيرپور رياست جي آدمشماري انهيءَ کان الڳ هئي.)

    palijo_hai@hotmail.com
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    هالينڊ جون حيرت ڏياريندڙ هوائي چڪيون!



    اربع 10 جنوري 2007ع

    ڪيترين ئي صدين کان وٺي ونڊ ملز يعني هوائي چڪيون ڊچ لوڪن وٽ مصيبت واري پاڻيءَ سان مقابلي ڪرڻ واري علامت طور موجود رهيون. نيدر لينڊس جي اُتر ۽ اولهه ۾ موجود هيٺاهين وارن علائقن وارين زمينن جي قدرتي صورتحال موجب پوکي ٿي نٿي سگهي. انهن زمينن جي آباديءَ لاءِ هتي پندرهين صدي کان وٺي هنن هوائي چڪين جي تعمير جو رواج هلندو آيو. سترهين صدي دوران هن قسم جون هوائي چڪيون اضافي پاڻي جي نيڪال لاءِ پڻ تعمير ڪيون ويون هيون. اسڪرمر، بيمسٽر ۽ پرمر علائقن ۾ هوائي چڪيون خصوصن پاڻي جي نيڪال لاءِ تعمير ڪيون ويون. ڊچن هنن هوائي چڪين کي نه فقط آبپاشي ۽ نيڪال لاءِ ڪم آندو، پر هنن اهي صنعتي مقصدن لاءِ پڻ استعمال ڪرڻ شروع ڪيون. زان ڊسٽرڪٽ ۾ نصب ٿيل هوائي چڪيون خصوصن صنعتي مقصدن لاءِ تعمير ڪيون ويون هيون.

    ڪنهن وقت هالينڊ ۾ هوائي چڪين جو تعداد ڏهه هزار کن تائين پهتل هو، پر هن وقت انهن مان 1100 باقي بچيون آهن. بچيل هوائي چڪين مان 138 هالينڊ جي نورڊ علائقي ۾ آهن. چڪين جو گهڻو تعداد اسڪرمر ۽ زان علائقن ۾ موجود آهي. زانس ڊسٽرڪٽ ڪنهن دور ۾ دنيا جو مکيه صنعتي علائقو هو. انهيءَ وقت هتي صنعت ۾ مشتمل هڪ هزار کن هوائي چڪيون نصب ٿيل هيون. انهن جو اڪثر تعداد ته باهه لڳڻ سبب سڙي ويو ۽ اهي وري ڪڏهن به نئين سر تعمير نه ٿيون. پر باقي چڪين مان به گهڻيون هٿ سان ڀڃي ڊاهيون ويون. انهن هوائي چڪين جي تباهيءَ جو ڪارڻ اسٽيم انجڻين جي بناوت ۾ سڌارو، واڌارو ۽ صنعت ۾ آسان ۽ وڌيڪ نفعي وارو ڪردار ڪار فرما هو. سن 1900ع ڌاري انهن هزار کن چڪين مان فقط هڪ سئو کان گهٽ ڏسڻ ۾ اينديون هيون. پر هن وقت ته هتي فقط 12 هوائي چڪيون وڃي بچيون آهن، جيڪي ڪارخانا مذڪوره هوائي چڪين تي هلايا ويندا هئا. انهن ۾ تيل، پگمينٽ، ڪاغذ، مڪئي ۽ مسٽرڊ ٺاهڻ جا ڪارخانا شامل هئا. هنن هوائي چڪين جي زور تي آرا مشينون پڻ هلايون وينديون هيون، جيڪي زان ڊسٽرڪٽ ۾ 240 جي تعداد ۾ چالو هيون. هالينڊ جي نورڊ واري علائقي ۾ هوائي چڪين تي هلندڙ آرا مشينون تقريبن 1600ع ڌاري ترقي ڪرڻ لڳيون. هالينڊ جي نُورڊ علائقي ۾ بچي ويل هنن پراڻين هوائي چڪين وارن هنڌن جو سير ڪرڻ ۽ چڪين جو معائنو ۽ مطالعو ڪرڻ لاءِ هتي قائم ٽوئرسٽ آفيسن مان مناسب معلومات ۽ رهبري حاصل ڪري سگهجي ٿي. هنن آفيسن وٽان انهن چڪين ڏانهن ويندڙ رستا نڪرن ٿا، جن وسيلي سائيڪلن يا موٽرن ۾ چڙهي وڃي اهي ڏسي سگهجن ٿا. حڪومت جي قانون موجب ”مل اوپن ڊيز“ يعني ملن جي مفت نمائش وارن ڏينهن تي ٽڪيٽ تي ڏيکاريون ويندڙ چڪيون به مفت ۾ ڏيکاريندا آهن.

    نُورڊ علائقي جي ٻن هنڌن، اسڪرمر ۽ ڪوگ آن ڊي زان ۾ هنن هوائي چڪين جي نمائش لاءِ ميوزم قائم ڪيا ويا آهن. اسڪرمر هارن واري ميوزم ۾ رکيل ملز سترهين صديءَ ۾ ٺهيل پاڻي ڇڪيندڙ چڪيون آهن، جيڪي اڃا تائين صحيح حالت ۾ محفوظ آهن. مولن گينگ پاڻي ڇيڪندڙ چڪين جو گڏيل نالو آهي. جنهن هنڌ پاڻي هڪڙي چڪيءَ جي ڇڪڻ واري حد کان وڌيڪ هيٺ يا گهرو هوندو هو ته پوءِ ٻه يا ٽي چڪيون هڪ ئي هنڌ تي اهڙي نموني هيٺ مٿي ڪري رکي هلائبيون هيون. اهڙي ريت سڀ کان هيٺ رکيل چڪي وچ واري چڪي جي پهچ تائين پاڻي پهچائيندي هئي. وچين چڪي مٿي واري چڪيءَ کي پاڻي پهچائيندي هئي ۽ مٿين چڪي گهربل زمين ۾ پاڻي پهچائيندي هئي. چڪين جي اهڙي گڏيل سسٽم کي ”فلائيٽ مل“ به سڏيندا هئا. اسڪرمر هارن واري ميوزم ۾ ماڻهو ڏسي سگهي ٿو ته هي چڪيون ڪهڙي ريت ڪم سر انجام ڏينديون هيون. هن ميوزم ۾ نصب انهن قديم چڪين جي مٿان شيشي سان ڍڪيل ڇپر آهي، جنهن وسيلي چڪين جا پرزا آسانيءَ سان ڪم ڪندي ڏسي سگهجن ٿا. هتي اوڻويهين صدي واري هڪڙي مل مالڪ جو گهر پڻ ڏسي سگهجي ٿو. زانس واري اوپن ايئر ميوزم ۾ ويهارو کن چڪيون، ڪاٺ جا گهر، اسٽور هائوسز ڏسڻ ۾ ايندا. اهي سترهين ۽ ارڙهين صدين جا نمونا آهن. هنن ۾ سن 1673ع ڊي زوئيڪر (De Zoeker) نالي آئل مل ۽ 1782ع ۾ ٺهيل ڊي ڪيٽ De kat نالي ونڊ مل جا ڍانچا به شامل آهن. هتي نيدر لينڊس جو ڪلاڪ ميوزم ۽ هڪڙو بيڪري ميوزم پڻ قائم ڪيو ويو آهي. زان ڊيم شهر ۾ ٽوئرست آفيس وٽان سائيڪل وسيلي تفريح لائق ٽي رستا ڦٽن ٿا، جن وسيلي هنن ونڊ ملز ۽ واٽر ملز جو سير ڪري سگهجي ٿو. انهن مان هڪڙو رستو 18 ميل ڊگهو آهي، جنهن تي تيرنهن ملون ڏسي سگهجن ٿيون. ٻيو رستو 38 ميل ڊگهو آهي، جنهن تي 1 2 چڪيون ڏسي سگهجن ٿيون. ٽيون ۽ سڀني کان ڊگهو رستو 56ميل طويل آهي، جنهن تي 7 3 چڪيون پنهنجي اصل هنڌن تي نصب ٿيل ڏسي سگهجن ٿيون. الڪمار (Alkmaar) ٽوئرسٽ آفيس وٽان هڪڙو تفريحي رستو نڪري ٿو، جيڪو 25 ميل ڊگهو آهي. انهيءَ رستي تي 8 ڳوٺ آباد آهن ۽ چوڏهن هوائي ۽ پن چڪيون نصب ٿيل آهن. انهن چڪين ۾ هڪڙي ڪارن مل ۾ ۽ ٻي پولڊر مل ۾ نصب ٿيل آهي.

    مل اوپن ڊيز:

    نيشنل مل ڊي هر سال مئي مهيني جي ٻئي ڇنڇر تي ملهايو ويندو آهي. انهيءَ ڏينهن سموري ملڪ ۾ موجود 0 0 6 کان وڌيڪ هوائي پن چڪيون مفت ۾ ڏيکاريون وينديون آهن. جنهن دوران انهن ملز کي عملي طور چالو ڪري ڏيکاريندا آهن. اسڪرمر واري علائقي ۾ ملنگ ڊي سيپٽمبر مهيني جي شروعات ۾ منعقد ٿيندو آهي، جنهن ڏينهن تي هتي رکيل چڪيون به چالو ڪري ڏيکاريون وينديون آهن. زانس ڊسٽرڪٽ ۾ زانس مل ڊي سيپٽمبر جي آخري ڇنڇر تي منعقد ٿيندو آهي. هتي پڻ انهيءَ ڏينهن تي مفت نمائش ٿيندي آهي. هنن چڪين واري دور ۾ هنن چڪين مالڪن طرفان ماڻهن جي اطلاع لاءِ مختلف حالتن لاءِ مختلف علامتون مقرر هونديون هيون. مثلن چڪين تي لڳل سڙهه جيڪڏهن لهندڙ حالت ۾ هوندو هو ته اهو خوشيءَ جي علامت هو.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    پهرين عالمي جنگ



    سومر 15جنوري 2007ع

    ويهين عيسوي صديءَ جي شروع دوران اولهه جا ملڪ سموريءَ دنيا ۾ وڌيڪ تونگر هئا. وٽن صنعتڪاري گهڻي هئڻ سبب عالمي تجارت تي سندن قبضو هو. انهن مان ڪافي ملڪن جون ايشيا ۽ آفريڪا کنڊن ۾ وڏيون بيٺڪيتون به قائم هُيون. سائنسي ايجادن توڙي تعليمي ميدان ۾ پڻ مذڪوره ملڪن انهيءَ دور ۾ عالمي سطح تي اڳواڻي پئي ڪئي. جن ماڻهن ڪڏهن به اولهه جو ڪو ملڪ ڪو نه ڏٺو هو، سي به اولهه وارين قومن جون ٻوليون مختلف علمن حاصل ڪرڻ لاءِ سکڻ ۽ استعمال ڪرڻ لڳا. اهڙي طرح مغربي ملڪن جا سائنسي ۽ طبي علم سموريءَ دنيا ۾ پکڙجي ويا. 1914ع ۾ ڄاڻايل مغربي ملڪ عالمي لڙائيءَ ۾ ڦاسي پيا، جنهن بابت انهن ملڪن جي سربراهن جو خيال هو ته اها آخري عالمي لڙائي هوندي. سندن اهڙو خيال غلط ثابت ٿيو، جو 1939ع ۾ ساڳين ئي ملڪن کي ٻي عالمي ويڙهه به وڙهڻي پئي. انهن ٻن مهاڀاري جنگين عالمي معاملن ۽ لاڳاپن ۾ اولهه جي ملڪن جو روايتي ڪردار هڪدم تبديل ڪري ڇڏيو. آمريڪا ۽ روس دنيا جون سڀ کان وڏيون طاقتون ٿي اڀريا. ڪميونزم جيڪو اڳي انسان ذات جي تمام ننڍڙي گروهه جو سياسي نظام هو، اهو وڌيڪ طاقتور ۽ روسين توڙي چينين جي سياسي ۽ سماجي رهبري ڪندڙ فلسفو بڻجي پيو. انهيءَ دوران دنيا سماجي طور ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي وئي. پهرين دنيا سرمائيداري نظام رکندڙ مغربي ملڪن تي مشتمل هئي، جنهن جي اڳواڻي آمريڪا ڪرڻ لڳو ۽ ٻي دنيا ڪميونسٽ ملڪن تي مشتمل هئي، جنهن جي اڳواڻي سوويت روس ڪري رهيو هو. 1955ع ۾ ٽئين دنيا پڻ وجود ۾ آئي، جيڪا ايشيا ۽ آفريڪا جي غير وابسته ملڪن تي مشتمل هئي. انهن ملڪن کي ايشيا ۽ آفريڪا ۾ يورپي قومن جي نو آبادياتي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو گهربل هو، جنهن لاءِ اهي ڪافي عرصي کان جدوجهد ڪري رهيا هئا. اڻويهين صديءَ جي آخر ڌاري فرانس، جرمني، انگلينڊ، آسٽريا، هنگري، اٽلي ۽ روس يورپ جا نهايت طاقتور ملڪ هئا. هر ملڪ پنهنجي بيٺڪن ۽ عالمي تجارت جي بچاءَ خاطر وڏا ۽ طاقتور لشڪر تيار ڪيا ۽ ٻين ملڪن سان عسڪري ۽ اقتصادي معاهدا ڪرڻ لڳو. نتيجي ۾ يورپ ۾ ٻه مکيه عسڪري اتحاد قائم ٿيا، جن مان

    هڪڙي جي اڳواڻي جرمني ٿي ڪئي. ساڻس آسٽريا، هنگري ۽ اٽلي شامل هئا. ٻي عسڪري اتحاد جو سرواڻ فرانس هو، جنهن سان انگلينڊ ۽ روس گڏ هئا. هنن عسڪري اتحادن ۾ آمريڪا شامل ڪو نه هو. هنن اتحادن ۾ شامل هر ملڪ واعدو ڪيو ته اتحادي ملڪن تي حملي ٿيڻ سبب اهو سندن مڪمل مدد ڪندو.

    روس، آسٽريا ۽ هنگريءَ وچ ۾ بلقان واري علائقي بابت اختلاف موجود هئا. بلقان واري علائقي ۾ موجود ننڍڙيءَ رياست سربيا سندن نسل جي ماڻهن سلاون Slavs کي متحد ڪري، جيڪي هن علائقي ۾ ٽڙيل پکڙيل صورت ۾ موجود هئا، پنهنجيءَ رياست جي حدن ۾ خاطر خواهه توسيع ڪرڻ پئي چاهي. سلاوَ آسٽريا ۽ هنگريءَ ۾ وڏي تعداد ۾ موجود هئا، جن سان سربيا اڪيلي سر پڄي نٿي سگهيو، تنهنڪري روس کان مدد طلبيائين. ان وچ ۾ 28جون 1914ع تي آسٽريا جي حاڪم آرچ ڊيوڪ فرڊيننڊ کي گولي هڻي ماريو ويو. ان جو الزام سربيا جي سربراهن تي لڳائي، آسٽريا ۽ هنگريءَ سربيا سان جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو. روس وري سربيا جي مدد لاءِ تيار ٿي ويو. ڪجهه ڏينهن رکي، آسٽريا ۽ هنگريءَ جي حمايت ۾ جرمنيءَ روس سان جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جرمن اڳواڻن پنهنجن مخالفن سان جنگ ڪرڻ وارا منصوبا ۽ تياري اڳي ئي ڪري ڇڏي هئي. ترت ئي پوءِ روس جي حمايت ۽ مدد خاطر فرانس ۽ انگلينڊ به هن جنگ ۾ ٽپي پيا. سن 1915ع ۾ جرمنيءَ جي اڳواڻيءَ واري اتحاد ۾ شامل اٽلي، فرانس جي اڳواڻيءَ واري اتحاد ۾ اچي شامل ٿيو. ترڪي ۽ بلغاريه جا ملڪ وري جرمن اتحاد ۾ شامل ٿيا. فرانس، روس، انگلينڊ ۽ اٽليءَ وارن عسڪري اتحادين کي الائيڊ پاورس ۽ جرمني، آسٽريا، هنگري، ترڪي ۽ بلغاريه وارن عسڪري اتحادي ملڪن کي سينٽرل پاورس سڏيو ويو. اهڙيءَ ريت سربيا ۽ آسٽريا وچ ۾ سن 1914ع ۾ لڳندڙ جنگ هلندي هلندي پوري يورپ ۽ نيٺ عالمي لڙائيءَ جي صورت اختيار ڪري ورتي، جنهن کي ”پهرين عالمي جنگ“ سڏيو ويو. هيءَ جنگ يورپ مان وڌندي، وچ اوڀر ۽ آفريڪا تائين پکڙجي وئي ۽ بحري لڙائي پوري دنيا ۾ ڦهلجي وئي.

    هن لڙائيءَ دوران شروعات ۾ الائيڊ پاورس جي ڀيٽ ۾ سينٽرل پاورس کي وڌيڪ ڪاميابي حاصل ٿي. جرمن فوجن فرانس جي ڪافي علائقن تي قبضو ڪري ورتو هو، پر مجموعي طور ڪنهن به ڌُر کي مڪمل ڪاميابي حاصل ڪا نه ٿي. ڪيترين ئي ڳالهين ۾ هيءَ پهرين عالمي جنگ ماضيءَ وارين سمورين جنگين کان مختلف هئي. مثال طور دنيا ۾ پهريون ڀيرو مشين گن، هوائي جهازن ۽ آبدوزن جو استعمال هن ئي جنگ ۾ ٿيو. تنهن کان سواءِ هن جنگ ۾ زهريليون گئسون پڻ هٿيار طور استعمال ڪيون ويون هيون. ماضيءَ جي سمورين جنگين جي ڀيٽ ۾ هن جنگ ۾ فوجين کان سواءِ عام شهري پڻ لکن جي تعداد ۾ اجل جو شڪار ٿيا. هن جنگ هلندي سن 1917ع ۾ روس ۾ انقلاب اچي ويو. بادشاهت ختم ٿي ۽ لينن جي اڳواڻيءَ هيٺ سوشلسٽ حڪومت قائم ٿي. ملڪ جي سماجي، سياسي ۽ اقتصادي صورتحال سخت خراب هئڻ ۽ جنگ ۾ وڏي نقصان ٿيڻ ڪري، جرمنيءَ سان هڪ ٺاهه وسيلي روس جنگ کان ٻاهر نڪري ويو. انهيءَ عرصي دوران الائيڊ ملڪن کي امداد پهچائيندڙ آمريڪي بحري جهازن کي جرمن آبدوز ڪشتين تارپيڊو وسيلي غرق ڪرڻ شروع ڪيو ۽ جڏهن هڪڙو آمريڪي بحري جهاز، جنهن تي امدادي سامان سان گڏ ڪجهه عام آمريڪي شهري به سوار هئا، تار پيڊو ڪري غرق ڪيو ويو ته آمريڪا الائيڊ پاورس پاران جرمني خلاف جنگ جو اعلان ڪيو ۽ پنهنجا 20 لک فوجي يورپ اماڻيا. يورپي فوجون ساندهه چار سال وڙهندي ٿڪجي پيون هيون، پر آمريڪي فوجون تازيون توانيون ۽ ڦڙت هيون. انهن جي عمل دخل سبب جنگ جو توازن سينٽرل پاورس خلاف ۽ الائيڊ پاورس جي حق ۾ ٿي ويو.

    اهڙيءَ صورتحال کان پوءِ 11 نومبر 1918ع تي جرمني ۽ سندس اتحادين جنگ بند ڪرڻ وارو ٺاهه ڪيو ۽ اها جنگ ختم ٿي. پهرين عالمي لڙائيءَ جي خاتمي کان اڳ آمريڪي صدر وُڊرو ولسن دنيا ۾ امن امان قائم ڪرڻ بابت 14 نڪتن تي مشتمل هڪڙو منصوبو مرتب ڪيو هو. جرمني ۽ سندس اتحادين پڻ ان منصوبي جي آجيان ڪئي هئي. الائيڊ ملڪن سينٽرل ملڪن کان جنگ جو خرچ ۽ ڏنڊ ڀرائڻ ٿي گهريو. اهڙيءَ ريت جرمنيءَ جي آفريڪا ۾ قائم بيٺڪن کي انگلينڊ ۽ فرانس ورهائي کنيو. الائيڊ جي حامي جاپان جرمنيءَ جون پيسفڪ ۾ قائم ڪالونيون قبضي ۾ ڪيون. آسٽريا ۽ هنگريءَ کي ورهائي، چار الڳ الڳ ملڪ قائم ڪيا ويا. هر هڪ آسٽريا، هنگري، ڪزيڪو سلوواڪيا ۽ يوگو سلاويا جنگ ۾ شڪست کاڌل قوم ۽ ڌر طور جرمني الائيڊ پاورس سان هڪ معاهدو ڪيو. انهيءَ کي Treaty of Versailles يعني ورسيلز وارو معاهدو چئجي ٿو. انهيءَ معاهدي تحت جنگ ۾ ٿيل سمورو نقصان جرمنيءَ کي ڀرڻو هو ۽ پنهنجي فوج گهٽائڻي هئي، جڏهن ته بحري فوج بلڪل ختم ڪري ڇڏڻي هئي. نقصان جي تلافيءَ طور جرمنيءَ طرفان ڀريل رقم جو وڏو حصو فرانس کي مليو. آمريڪي صدر ولسن واري امن منصوبي تي گهڻو ڪري عمل ڪو نه ٿيو. البته انهيءَ جي هڪ نڪتي تي عمل ڪندي، عالمي امن قائم رکڻ خاطر قومن جي هڪڙي تنظيم League of Nations يعني قومن جي گڏيل تنظيم قائم ڪئي وئي، پر هن کي پنهنجي مخصوص فوج نه هئڻ سبب هي ادارو توقعات تي پورو لهي نه سگهيو. خود آمريڪا هن اداري ۾ ميمبر طور شامل ڪو نه ٿيو. مذڪوره معاهدن کان ترت پوءِ جنگ جون تباهه ڪاريون عيان ٿيون. بيلجم ۽ فرانس جو اتريون ڀاڱو مڪمل طور تباهه ٿي ويو هو. فرانس جا اٽڪل سمورا ڪارخانا ۽ ريلوي نظام برباد ٿي ويو. هزارين فوجي معذور ۽ لکين بيروزگار بڻجي ويا. جنگ ۾ ملوث سمورا ملڪ قرضن ۾ غرق ٿي ويا.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    ٻي عالمي جنگ



    اڱارو 23 جنوري 2007ع

    پهرين عالمي ويڙهه جي ٺاپر کان ڪجهه عرصي بعد آمريت تي مبني حڪومتن جي قيام ۽ استحڪام سبب اٽلي توڙي جرمني عالمي امن لاءِ ٻيهر خطرو ٿي پيا ۽ سموري يورپ کي دٻائڻ لڳا. پهرين عالمي جنگ ۾ ڳچ ايراضي هٿ نه اچڻ تي اٽليءَ کي ڪافي ڪاوڙ ۽ رنج پهتو. انهيءَ ڪروڌ سبب هن 1935ع۾ آفريڪي ملڪ ايٿوپيا تي فوج چاڙهي وڃي قبضو ڪيو. ليگ آف نيشنس ۾ ايترو دم ئي ڪو نه هو، جو اها اهڙي حملي کي روڪي سگهي. ٻئي سال يعني 6 1936ع ۾ فرانس ۽ جرمنيءَ جي وچ واري علائقي رهائينلينڊ تي جرمنيءَ قبضو ڪيو. سن 1938ع ۾ خود آسٽريا تي قبضو ڪري، ان کي جرمني رياست جو ڀاڱو بڻائي ڇڏيائون. انهيءَ خطرناڪ صورتحال سمورن مغربي ملڪن کي منجهائي وڌو. هٽلر سندن دلجوئي ڪرڻ خاطر بيان ڏنو ته سندس مقصد فقط اهو آهي ته سمورن جرمن ماڻهن کي متحد ڪري، قوم کي هڪ ملڪ ۾ ڪٺو ڪجي. تنهن لاءِ جيڪي جرمن ڪزيڪو سلوواڪيا ۾ آهن، انهن کي سندن علائقن سميت جرمنيءَ ۾ شامل ڪيو ويندو. باقي ٻين قومن کي جرمنيءَ مان خطرو محسوس ڪرڻ جي ضرورت ناهي. انگلينڊ ۽ فرانس ٻي مهاڀاري جنگ لڳڻ کان سخت ڊنل هئا ۽ ساڳئي وقت جرمنيءَ جي نئين طاقت کان پڻ مرغوب هئا. تنهنڪري جرمنيءَ طرفان ڪزيڪو سلوواڪيا کي پهرين ٽٽندي ۽ پوءِ ان تي قبضو ٿيندي ڏسي، خاموش ئي رهيا.

    جڏهن اٽلي ۽ جرمنيءَ وانگر جاپان ۾ پڻ ڊڪٽيٽر شپ قائم ٿي ته سن 1937ع ۾ هنن ٽنهي ملڪن پاڻ ۾ گڏيل دوستيءَ جو معاهدو ڪيو. جاپان کي پڻ پنهنجي معيشت کي سڌارڻ، بحال رکڻ ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ وڌيڪ زمين ۽ قدرتي وسيلن حاصل ڪرڻ جي تانگهه هئي. انهيءَ ضرورت ۽ مقصد جي حاصلات خاطر جاپان پنهنجي تمام گهڻي بري ۽ بحري فوج تيار ڪئي، جيئن ايشيا جي ڪمزور ۽ قدرتي وسيلن سان ڀرپور قومن ۽ علائقن تي قبضو ڪجي. انهيءَ سلسلي ۾ پهرئين قدم طور 1931ع ۾ جاپان اتر چين جو منچوريا وارو ڀاڱو چين کان کسي ورتو. جرمنيءَ، اٽليءَ ۽ جاپان جو عسڪري اتحاد هاڻ ايڪسز پاور يعني محوري قوتون سڏجڻ لڳو. هنن ملڪن جي پاڻ ۾ ٺاهه ٿيڻ واري سال يعني 1937ع ۾ ئي جاپان چين جي ڳچ ۽ اهم علائقن تي قبضو ڪري ورتو هو. اهڙين حالتن ۽ واقعن بابت باقي مغربي ملڪ مجموعي طور حيران ۽ پريشان توڙي جنگ کان لنوائيندڙ هئا. فرانس ۽ انگلينڊ هٽلر کان سخت خائف ۽ ڊنل هئا. انهيءَ صورتحال تي آمريڪا کي پڻ سخت ڳڻتي هئي، پر في الحال يورپ جي ڪشمڪش ۾ ملوث ٿيڻ کان پاسو ڪري رهيو هو ۽ جرمني ۽ جاپان توڙي اٽليءَ جي ارڏائين کي روڪڻ لاءِ اڃا حرڪت ۾ ڪو نه آيو هو. روس جيڪو هاڻي سوويت يونين سڏائڻ لڳو هو، سو ته جرمنيءَ کان وڌيڪ ڊنل هو. ڇو ته پهرين جنگ ۾ اهو جرمنيءَ کان شڪست کائي چڪو هو. سوويت يونين ۾ ڪميونسٽ حڪومت هئي. جرمنيءَ وارا نازي حڪمران ڪميونسٽن تي سخت چڙيل هئا، پر عالمي صورتحال جي پيش نظر روس ۽ جرمني سن 1939ع ۾ هڪٻئي تي حملو نه ڪرڻ جو ٺاهه ڪيو. هن ٺاهه کان ترت پوءِ جرمني پهرين سيپٽمبر 1939ع تي پولينڊ تي حملو ڪيو. ردعمل طور روس پولينڊ ۾ پنهنجون فوجون داخل ڪري، ڪجهه ايراضي جرمن قبضي کان بچائي، پر ڪافي علائقي تي جرمني قابض ٿي چڪو هو. انهيءَ قبضي خلاف فرانس ۽ انگلينڊ پولينڊ جي حمايت ۾ جرمنيءَ خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ ريت هيءَ جنگ ٻي عالمي جنگ جي صورت اختيار ڪري وئي.

    محوري قوتن جنگ لاءِ وڏيون تياريون ڪيون هيون. 1940ع جي شروعات ۾ جرمن فوجن ڊينمارڪ ۽ ناروي تي قبضو ڪري ورتو هو. تنهن کان ترت پوءِ فرينچن جي حمايت ۾ آيل انگريزي فوجن کي فرانس مان ڌڪي ڪڍي، جرمن فوجن ڳچ فرينچ ايراضيءَ تي قبضو قائم ڪيو. ٻئي طرف جرمن ۽ اٽليءَ جي فوجن اتر آفريڪا جي ڪافي علائقن تي قبضو ڄمايو. انهيءَ وچ ۾ اٽلي البانيا تي حملو ڪري ان کي فتح ڪيو. سن 1941ع ۾ جرمني ۽ اٽليءَ جي فوجن بلقان علائقي وارن ننڍن ملڪن کي پڻ فتح ڪري ورتو.

    جڏهن محوري قوتن کي يورپ توڙي آفريڪا ۾ مسلسل فتحون حاصل ٿينديون ويون، تڏهن هٽلر ڀانيو ته هاڻي ته سوويت يونين کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪا تڪليف ڪا نه ٿيندي. تنهنڪري روس سان ٿيل معاهدي کي يڪ طرفو رد ڪندي، جرمنيءَ جون سن 1941ع تي سوويت روس تي حملو ڪري ڏنو. جرمني ۽ اٽلي يورپي ملڪن کي فتح ڪندا رهيا. انهيءَ وقت سندن ساٿاري جاپان وري ايشيا جي ملڪن تي حملا ۽ قبضا ڪرڻ ۾ مشغول هو. جنهن دوران هن چين جي وڏي حصي، ايسٽ انڊيز ۽ سموري انڊو چائنا تي پنهنجو قبضو ڄمائي ورتو هو. تنهن کانپوءِ جاپان فلپائين ۾ آمريڪي فوجن جي موجودگيءَ کي پنهنجن قبضن خلاف خطرو محسوس ڪندي، آمريڪين کي نڪري وڃڻ لاءِ مجبور ڪرڻ بابت سوچڻ شروع ڪيو. انهيءَ ڏس ۾ جاپان بحري فوج پئسفڪ سمنڊ ۾ موجود هوائي ٻيٽ تي قائم آمريڪي بحري بندر پرل هاربر تي اوچتو حملو ڪري، ڪيترن ئي آمريڪي بحري جهازن کي غرق ڪري ڇڏيو ۽ آمريڪي بحريه کي ڪافي نقصان رسايو. جاپان جي انهيءَ حملي جي رد عمل ۾ آمريڪا طيش ۾ اچي، اتحادي ملڪن يعني انگلينڊ، فرانس ۽ سوويت روس جي حمايت ۾ محوري قوتن خلاف جنگ ۾ شامل ٿي ويو. اتحادين چين کي به محوري ملڪن خلاف پاڻ سان شامل ڪري ڇڏيو. انهيءَ وقت آمريڪا دنيا جو سڀ کان وڏو صنعتي ملڪ هو، جتي هزارن جي تعداد ۾ جنگي جهاز ۽ ٽينڪون ٺهڻ لڳيون هيون. انهيءَ سان گڏ بحري جنگي جهاز پڻ تمام گهڻي تعداد ۾ تيار ٿيڻ لڳا. آمريڪا ۾ تيار ٿيندڙ سموري جنگي ساز سامان کي ترت يورپ پهچايو ويو. ساڳئي وقت محوري قوتن لاءِ اها ڳالهه وڌيڪ ڏکي ٿيڻ لڳي ته اهي ضرورت مطابق جنگي ضرورت جو سامان سمورن محاذن تي وقت سر پهچائين. سوويت روس ۾ جرمن فوجن لاءِ سخت ڏکيائي پيدا ٿي چڪي هئي. کين سوويت روس جيڪو دنيا ۾ سڀ کان وڏي ايراضيءَ وارو ملڪ آهي، فتح ڪرڻ ناممڪن محسوس ٿيو.

    سن 1943ع ۾ هن عالمي جنگ جي صورتحال ۾ نمايان تبديلي آئي. آمريڪا جي شامل ٿيڻ سبب اتحادي ملڪن جي حالت عسڪري طور وري بحال ٿي وئي ۽ اهي بچاءَ واري جنگ مان گذري، هاڻ محوري قوتن مٿان سمورن محاذن تي حملا ڪرڻ لڳا. سن 1943ع ۾ روسي فوجن جرمن لشڪر مٿان سخت حملا شروع ڪري ڇڏيا. ساڳئي سال اتحادي فوجن اٽليءَ ۽ جرمنيءَ طرفان آفريڪا ۾ ڪيل قبضا خالي ڪرايا ۽ اٽليءَ جو ملڪ خود سندن يعني اتحادي قوتن جي قبضي هيٺ آيو. سن 1944ع ۾ جرمن قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ اتحادي فوجون فرانس ۾ داخل ٿيون. جنهنڪري جرمن قابض فوجون اتحادي فوجن جي گهيري ۾ اچي ڦاٿيون ۽ جرمن لشڪر جو وڏو حصو مري کپي ويو. باقي ٿوري تعداد ۾ جرمن لشڪر ڀڄي جان بچائي. سن 1945ع ۾ سوويت روس جي اڳواڻيءَ ۾ اتحادي فوجون جرمنيءَ ۾ ايلبي نديءَ وٽ اچي پهتيون. تڏهن جرمنيءَ کي پنهنجي شڪست جو احساس ٿيو ۽ جرمنيءَ جي آمر هٽلر خودڪشي ڪري ڇڏي. انهيءَ صورتحال يورپ ۾ ٻي عالمي جنگ جو انت آندو. جرمنيءَ کي چئن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو ۽ هڪ هڪ ڀاڱو انگلينڊ، آمريڪا، فرانس ۽ سوويت روس جي حوالي ڪيو ويو.

    ٻي عالمي جنگ يورپ سان گڏ ايشيا ۾ پڻ وڙهي پئي وئي. آمريڪي فوجن سن 1942ع ۾ پئسفڪ سمنڊ ۾ جاپان جي تسلط هيٺ جزيرن مٿان حملا شروع ڪيا. آمريڪا جي هوائي ۽ بحري ٻيڙي کي جاپان تي اڳي ئي فوقيت حاصل هئي. تنهنڪري جاپان آهستي آهستي هار کائيندو ۽ قبضا خالي ڪندو ويو. آمريڪين پنهنجي اتحادين سان گڏجي جاپانين کي پئسفڪ ۾ سندن سمورين بيٺڪن تان دستبردار ڪري، پنهنجي ملڪ تائين اچي محدود ڪيو، پر جاپان پنهنجي هوڏ تان اڃا ڪو نه هٽيو هو. تنهنڪري آمريڪا جاپان جي شهر هيروشيما ۽ ناگا ساڪيءَ تي 6 آگسٽ 1945ع تي ايٽم بم ڪيرائي، لکين جاپانين کي خاڪ بڻائي ڇڏيو. لڳاتار ڇهن سالن کان جاري اهڙي ٻي عالمي لڙائي 2 سيپٽمبر 1945ع تي ختم ٿي. هن عالمي جنگ ۾ پهرين عالمي جنگ جي ڀيٽ ۾ وڏو مالي توڙي جاني نقصان ٿيو.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    شهادتِ امام حسين عليه السلام



    اڱارو 30 جنوري 2007ع

    تاريخ لکي ٿي ته جڏهن يزيد پنهنجي خليفي ٿيڻ جو اعلان ڪيو ۽ امام حسين عليه السلام سميت ڪيترين ئي برگزيده شخصيتن کان بيعت جي گهر ڪئي، پر حضرت امام حسين عليه السلام ان کي قبول نه ڪيو. جڏهن ڪوفي جي رهواسين خطن ۽ قاصدن ذريعي کين گذارش ڪئي ته هو کين يزيد جي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ڏياري، تڏهن امام صاحب ڪوفين جي مدد لاءِ تيار ٿيڻ لڳا. اها ڳالهه امام حسين عليه السلام جي گهڻن عزيزن ۽ قريبن لاءِ نهايت حيراني ۽ پريشانيءَ جو باعث بڻي. اهي اهلِ ڪوفه جي بيوفائي ۽ مفادپرستيءَ وارين چالن کان اڳي ئي واقف ۽ متنفر هئا.

    پنهنجن دوستن ۽ عزيزن جي روڪڻ باوجود امام حسين عليه السلام پنهنجي عزم تي قائم رهندي، مڪي کان عراق ڏانهن روانا ٿي ويا. قادسيه نالي ڳوٺ کان ٿورو اڳيان وڌڻ شرط عراقي گورنر عبيدالله بن زياد جي جنگي صلاحڪار حصين تميمي طرفان موڪليل هڪ هزار فوج جو جٿو اهلبيت جي قافلي اڳيان نمودار ٿيو، جنهن جو اڳواڻ حر هو. کين حڪم هو ته امام صاحب جي قافلي سان تيستائين گڏ رهن، جيستائين اهو قافلو عبيدالله بن زياد اڳيان پيش نٿو ٿئي.

    رستي ۾ عذيب الهجانات نالي ماڳ وٽ ڪوفي کان چار سوار قافلي ڏانهن ايندي ڏسڻ ۾ آيا. سندن پهچڻ تي امام صاحب کانئن پڇيو ته ڪوفي ڪهڙي حال ۾ آهن؟ انهن جواب ڏنو ته ڪوفي جي سردارن کي حاڪمن رشوتون ڏئي پاڻ سان ملائي ۽ عام ماڻهن کي سخت ڊيڄاري ڇڏيو آهي. امام صاحب طرفان عبيدالله ڏانهن موڪليل قاصد قيس بن مسهر کي به عبيدالله مارائي ڇڏيو، جنهن جي خبر کين سوارن ڏني، جنهن تي امام صاحب جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا.

    ڪربلا جي ميدان ۾ پهچڻ کان اڳ ڪوفي کان آيل هڪ سوار خط آڻي حر کي ڏنو، جنهن ۾ چيل هو ته حسين عليه السلام جي قافلي کي ڪنهن موزون ۽ چڱي ماڳ تي ساهي پٽڻ نه ڏني وڃي. امام صاحب پنهنجو قافلو اچي هڪ ويران ميدان ۾ رهايو، جنهن جو نالو ڪربلا هو. درياءَ ۽ هن ميدان وچ ۾ هڪڙي ٽڪري هئي ۽ پاڻيءَ جو ٻيو ڪو به وسيلو موجود ڪو نه هو. امام صاحب جن جو ڪربلا ۾ قيام 2 محرم الحرام سن 61 هه ۾ ٿيو. 3 محرم 61 هجري يعني ٻئي ڏينهن عمر بن سعيد بن ابي وقاص چار هزار لشڪر جي سالار جي حيثيت ۾ اچي پهتو. هن اچڻ شرط امام حسين عه ڏانهن ماڻهو موڪليو ته پهرين سمورا ماڻهو يزيد جي هٿ تي بيعت ڪريو، بعد ۾ وڌيڪ سوچيو ويندو. حسيني قافلي جو پاڻي به مڪمل بند ڪيو ويو. انهيءَ ڏينهن کان پوءِ ايندڙ رات عمر بن سعد ۽ امام صاحب جي ملاقات ٿي، جنهن آڏو امام صاحب ٽي شرط پيش ڪيا: (1) مون کي واپس وڃڻ ڏنو وڃي.(2) مون کي پاڻ يزيد سان پنهنجو معاملو طئي ڪرڻ ڏنو وڃي. (3) مسلمان ملڪن مان ڪنهن جي به سرحد ڏانهن وڃڻ ڏنو وڃي.

    عمر بن سعد اهي شرط عبيد الله بن زياد ڏانهن موڪليا. ابن زياد شرط منظور ڪيا، پر شمر جي مخالفت سبب سندس هٿان جوابي خط ۾ حڪم موڪليائين ته جيڪڏهن امام صاحب پنهنجي ساٿين سميت پاڻ کي اسان حوالي ڪن ته جنگ نه ڪئي وڃي. ايندڙ رات جو حضرت امام حسين عه پنهنجي ساٿين کي گڏ ڪري خطاب ڪندي فرمايو ته ”ڀانئيان ٿو، آئون توهان سمورن ماڻهن کي رضا خوشيءَ سان وڃڻ جي اجازت ڏيان ٿو“. اها ڳالهه ٻڌي اهلبيت توڙي ٻيا ساٿي ڏاڍا غمگين ٿيا. حضرت عباس عه چيو ته ”ڇا اهو فقط انهيءَ لاءِ ته توهان کان پوءِ به اسين جيئرا رهون، الله پاڪ شل اسان کي اهڙو ڏينهن نه ڏيکاري.“ تنهن بعد پاڻ امام صاحب ۽ سندن سمورن ساٿين اها باقي رات نماز استغفار ۽ دعا۾ گذاري. انهيءَ دوران ڪوفي لشڪر جا سپاهي امام صاحب جي ڪيمپ جي چوڌاري چڪر هڻي رهيا هئا.

    امام حسين عه بلند آواز ۾ قرآن شريف جي تلاوت ڪري رهيو هو. 10 محرم الحرام جمعي جي ڏينهن صبح جو يزيدي لشڪر جنگ لاءِ تيار ٿي اچي ڪڙڪيو. حضرت حسين عه به پنهنجي ساٿين جون صفون سڌيون ڪيون. اهي پاڻ ۾ فقط 2 3 سوار ۽ چاليهه پيدل، ڪُل 72 مومن هئا. پنهنجي ساٿين جي ساڄي طرف جي اڳواڻ زهير ابن القين ۽ کاٻي طرف جي اڳواڻي حبيب بن مظاهر جي حوالي ۽ عَلم پاڪ حضرت عباس عه بن علي عه جي هٿ ۾ ڏنو ويو. پنهنجي خيمن جي پويان خندق کوٽي منجهس باهه ٻاري ڇڏيائون ته جيئن دشمن پويان ڦري حملو ڪري نه سگهي. دشمن جي فوج کي وڌندو ڏسي، امام حسين عليه السلام دعا لاءِ هٿ کنيا ۽ جڏهن دشمن جو لشڪر بلڪل ويجهو آيو، تڏهن حضرت امام حسين عه هڪ اٺڻ تي سوار ٿي، هٿ ۾ قرآن کڻي دشمن فوج کي خطاب ڪيو ته ”انسانو! منهنجي ڳالهه ٻڌو، تڪڙ نه ڪريو، جيڪڏهن منهنجو موقف معقول آهي ته قبول ڪريو ۽ مون سان انصاف ڪريو ته اهو توهان جي خوشصنيبيءَ جو باعث ٿيندو، پر جيڪڏهن منهنجو عذر نٿا مڃو ته پوءِ توهان ڀلي مون تي حملو ڪريو ۽ اسان کي سنڀالڻ جي مهلت به نه ڏيو، منهنجو اعتماد هر حال ۾ پروردگار عالم تي آهي، جيڪو نيڪوڪارن جو حامي آهي“.

    ابن جريد مطابق قيس بن الاشعت چيو ته ”ڇا اهو بهتر نه ٿيندو ته توهان پاڻ کي جنگ کانسواءِ ئي اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو، اسين توهان سان توهان جي خواهش موجب ورتاءُ ڪنداسين.“ اها ڳالهه ٻڌي امام صاحب سخت غصي ۾ آيا ۽ چيائون ته ”رب پاڪ جو قسم آهي ته آئون اهڙيءَ ذلت سان پاڻ کي دشمن جي حوالي هر گز نه ڪندس“.

    عدي بن حرمله کان روايت آهي ته ابن سعد جڏهن جنگ ڇيڙڻ بابت لشڪر ۾ چرپر آندي، تڏهن حر کيس چيو ته ”اي ابن سعد! الله پاڪ توهان کي ساڃاهه ڏئي! ڇا توهان امام صاحب سان واقعي جنگ ڪندا؟“ عمر بن سعد ورندي ڏني ته ”ها، سچ پچ جنگ، جنهن ۾ ڪنڌ ڪرندا ۽ بازو بدن کا ن ڌار ٿي ويندا.“ حر اهو جواب ٻڌي پنهنجيءَ جاءِ تي موٽي آيو ۽ گهوڙي کي پاڻي پيارڻ جي بهاني ڪوفي لشڪر مان نڪري، آهستي آهستي اهلبيت طرف وڌندو ويو. پنهنجي گهوڙي کي اِڙي هڻندو، ترت وڃي امام حسين عه جي لشڪر ۾ داخل ٿيو ۽ امام صاحب جي اڳيان پيش ٿي چيائين ته ”اي ابن رسول الله آئون ئي اهو بدبخت آهيان، جنهن توهان کي موٽي وڃڻ کان روڪيو هو. خدا جو قسم، منهنجي وهم و گمان ۾ به ڪو نه هو ته اهلِ ڪوفه توهان جا ڪي به شرط نه قبوليندا ۽ هيتري حد تي لهي ايندا“. انهيءَ کانپوءِ حر ڪوفي لشڪر جي سامهون ٿي هڪ جوشيلي تقرير ڪري، کين امام حسين عه سان جنگ نه ڪرڻ لاءِ آخري جتن ڪيائين، پر هنن اٽلو مٿس تير اڇلائڻ شروع ڪري ڇڏيا ته مجبورن پاڻ امام صاحب عه جن ڏانهن موٽي آيو.

    انهيءَ تي ڪوفي لشڪر جي سالار عمر بن سعد ڪمان کڻي حسيني لشڪر ڏانهن تير اڇليندي، پنهنجي لشڪر کي چيو ته اوهان شاهد آهيو ته جنگ ۾ سڀني کان پهريون تير مون اڇلايو آهي. اهڙيءَ جنگ جي شروعات ٿي. ٿورڙيءَ دير کان پوءِ قديم جنگ، جنهن کي مبازرت چوندا آهن، موجب ٻنهي ڌرين مان هڪ هڪ ماڻهو هڪ ٻئي سان مقابلي لاءِ نڪرندا ۽ واري واري سان وڙهڻ لڳا. تنهن کانپوءِ ڪوفي لشڪر جي سوارن ساڄي طرف کان حملو ڪيو، پر حسين عليه السلام جي جانبازن تيرن جي نوڪن سان سوار حملي آورن کي پسپا ڪري ڇڏيو. ڪوفي سالار عام حملي جو حڪم ڏنو ۽ گهمسان جي لڙائي لڳي، پر ڪجهه دير کان پوءِ ٿڏي تي حسيني فوج جو بهادر سپاهي مسلم بن عوسجه زمين تي آيو. اهو هن جنگ جو پهريون شهيد هو. تنهن کانپوءِ ڪوفي لشڪر کاٻي طرف کان سخت حملو ڪيو، پر حسيني لشڪر ڏاڍي بهادريءَ سان وڙهيو، جيڪو فقط ٽيهن سوارن تي مشتمل هو. ڪوفي سالار پهرين حسيني خيمن کي اکوڙڻ ۽ پوءِ ساڙڻ جو حڪم ڏنو. سموري يزيدي لشڪر حملو ڪيو، جنهن سبب حسيني لشڪر جا گهڻا ساٿي شهيد ٿي ويا. انهيءَ وقت امام حسين عه ڪوفي سالار کان نماز جي مهلت گهري، پر نه ملي ۽ جنگ جاري رهي. اهڙي طرح حسيني ساٿي هڪ هڪ ٿي وڙهندا ۽ شهيد ٿيندا رهيا. حضرت حسين عه وري پنهنجي اصل ڀيڻيءَ تي بيهي رهيو.

    ٻين سمورن جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ حضرت امام حسين عه پاڻ اڪيلو وڃي بچيو، جنهن تي دشمن هلان پئي ڪئي، پر وار ڪرڻ جي همٿ ڪنهن ۾ نه پئي ٿي. انهيءَ صورتحال کي محسوس ڪندي شمر بن ذي الجوش ماڻهن کي حملي ڪرڻ لاءِ اڪسائڻ شروع ڪيو، ته انهن امام صاحب کي چوڌاري گهيري ورتو. امام حسين عه تن تنها دشمن جي گهيري ۾ تلوار هلائڻ لڳو ۽ ڪيترن ئي يزيدين کي قتل ڪيائين. انهيءَ وقت کيس ڪڙتو پهريل ۽ عمامه ٻڌل هو. عمر بن سعيد اچي کيس تمام ويجهو ٿيو هو. ايتري ۾ هڪڙو تير اچي کين گلي ۾ لڳو، جيڪو ڇڪي ڪڍي زخم ڏانهن هٿ ڪيائون ته ٻڪ رت سان ڀرجي ويو. پاڻ رت آسمان ڏانهن اڇلي، الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيائون. حضرت حسين عه زخمن سان بلڪل چُور ٿي ويا هئا. زرعه بن شريڪ تميمي امام صاحب جو هٿ زخمي ڪيو ۽ تلوار ڪلهي تي پڻ هنئي ۽ سنان بن انس وڌي اچي کين نيزو هنيو ته امام صاحب زمين تي آيا. ان بعد سنان ۽ امام صاحب جو سر مبارڪ ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيو.

    جعفر بن علي بن محمد کان روايت آهي ته شهيد ڪرڻ کانپوءِ جاچي ڏٺائون ته حضرت امام حسين عه جي جسم مبارڪ تي نيزن ۽ تيرن جا 33 زخم ۽ تلوارن جا 34 گهاوَ موجود هئا. امام صاحب جي شهادت کانپوءِ جيڪو امام صاحب جي لاش ڏانهن آيو ٿي، تنهن تي حملو ٿي ڪيائين. قتل کان پوءِ ڪوفين خيمن ڏانهن جُلهه ڪئي، جتي علي معروف زين العابدين عه بستري تي بيمار پيل هيا. شمر چيو ته هن کي به قتل ڪيو وڃي، پر ٻين ماڻهن مخالفت ڪئي.

    انهيءَ جنگ ۾ حضرت حسين عه جا ڪُل 72 ماڻهو شهيد ٿيا ۽ ڪوفي فوج جا 88 ماڻهو مئا.
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    توپ ڪپي محل: عثماني سلطنت جو عظيم يادگار



    اربع 7 فيبروري 2007ع

    سير گلير ٽڪريءَ تي توپ ڪپي محل اڏڻ جو حڪم ترڪ سلطان محمد ثانيءَ ڏنو، جنهن کي سلطان فاتح پڻ سڏيندا هئا. هن ٽڪريءَ تان مرمرا ۽ باسفورس نالي آباد ماڳن کي چڱيءَ طرح ڏسي سگهبو هو، جيڪي جنگي لحاظ کان اهم هنڌ هئا. سير گلير پهاڙيءَ تي انهيءَ وقت زيتونن جو باغ پوکيل هو. هن هنڌ تعمير ٿيل پهريون محل 700 چورس ميٽر ايراضي والاريندڙ ۽ 1400 ميٽر طويل مورچابند ڪوٽ سان گهيريل هو. انهيءَ ڪوٽ ۾ ڪيترائي دروازا ٺهيل هئا جهڙوڪ باب اوتلڪ، باب ريمر ۽ باب همايون وغيره مکيه دروازا هئا. تنهن کانسواءِ ڪجهه تعداد ۾ ڪوٽ ۾ ننڍا دروازا پڻ ٺهيل هئا. سلطان محمد ثاني جي حڪومت ۾ وڏي پئماني تي توسيع سان گڏ ان جي چوڌاري ٻيا به محل ۽ محلات ڪافي تعداد ۾ تعمير ٿيا. نتيجي ۾ هي هنڌ هڪڙي شهر جو ڏيک ڏيڻ لڳو. توپ ڪپي محل به حقيقتن ان نئين تعميرات مان هڪڙو هو. اهو استنبول شهر واري اصل ڪوٽ، باب توپ واري هنڌ اڏجڻ ڪري ”توپ ڪپي محل“ سڏجڻ ۾ آيو. سن 1863ع ۾ خطرناڪ باهه لڳڻ سبب هي محل سڙي ويو. تنهن کانپوءِ هتي اڏايل سمورن محلن ماڙين ۽ ٻين عمارتن تي اهو ئي نالو پئجي ويو. باب همايون صوفيه مسجد جي ويجهو ٺهيل هو. ڪوٽ اندر چئن ايوانن ڏانهن ويندڙ رستو هن دروازي وارو هو. اهي چار ايوان ڪيترين ئي عمارتن سان گهيريل هئا. صوفيه مسجد اصل ۾ هگهيا صوفيه چرچ واري عمارت هئي. توپ ڪپي محل جي اڱڻ وٽان چوڌاري ٺهيل چينبرن، پويلين، ايوانن ۽ ٻي تعميرات جو نظارو مڪمل طرح ڪري سگهجي ٿو. استنبول شهر جي وجود جي تاريخ مسيح عليه السلام کان 633 سال اڳ ڄاڻايل آهي. انهيءَ سال ميگارا علائقي جي ڊورڪ نسل جي ماڻهن واپار سانگي هن ماڳ تي مڏي اڏي، جنهن کي بازنطين سڏڻ لڳا.

    قديم شهرن جي اڏاوت جي سلسلي ۾ ٻن ڳالهين جو خاص خيال رکيو ويندو هو: هڪ ته شهري زندگيءَ لاءِ گهربل شين جهڙوڪ مناسب ماحول ۽ آبهوا جي موجودگي آهي يا نه، ٻيو ته اهو هنڌ عسڪري لحاظ کان محفوظ ۽ مناسب آهي يا نه. هن شهر جي جاءِ وقوع ننڍڙو پهاڙ پننزولا يعني پاڻيءَ سان ڳنڍيل خشڪي ڀاڱو آهي، جتان ٽن اڳين رستن تي نظرداري ۽ ضابطو قائم ڪري سگهجي ٿو. اصلوڪي شهر وارو بچاءَ جو ڪوٽ پنج ڪلوميٽر ڊگهو هو ۽ انهيءَ تي 27 مورچا يا چوڪيون ٺهيل هيون. انهيءَ ڪوٽ اندر هڪڙي تراکڙي ٽڪري قبرستان لاءِ مخصوص هئي. شهر جي ستن ٽڪرين ۾ هڪڙي اها قبرستان واري ٽڪري پڻ شامل هئي. شهر جي لڳاتار واڌاري ۽ سڌاري شهر جي نقشي ۾ ڪئين تبديليون آڻي ڇڏيون. شهر جي عمارتن جي اڏاوت ۾ پهريون ڀيرو وڏي پئماني تي توسيع رومي شهنشاهه سيپٽيمس سيورس جي ايامڪاريءَ ۾ ٿي. هن بادشاهه ٻين عمارتن کانسواءِ شهر جي بچاءَ واري ديوار نئين سر وڌيڪ معقول نموني تعمير ڪرائي. تنهن کانپوءِ روم جي ٻئي شهنشاهه ڪانسٽينٽائين دي گريٽ شهر ۾ ڪيتريون ئي عاليشان عمارتون اڏائي، ان کي هڪ عظيم شهر بنائي ڇڏيو ۽ شهر تي سندس پنهنجو نالو ڪانسٽينٽيو پوليس يعني ڪانسٽينٽائين جو شهر رکيو ويو. شهر پنهنجي ترقي يافته حيثيت ڪري سن 412ع ۾ مشرقي رومي سلطنت جي حڪام ٿيوڊوئيس طرفان سندس حڪومت جو گاديءَ جو هنڌ مقرر ٿيو. هن شهنشاهه به شهر ۾ زبردست توسيع ڪئي ۽ شهر وڏو ٿيڻ سبب ضرورت موجب بچاءُ خاطر شهر جي چوڌاري نئون ڪوٽ اڏايو. اهڙيءَ ريت ڪيترين ئي صدين دوران هن شهر ۾ محل محلات لڳاتار ٺهندا، ڦٽندا، ڊهندا ۽ وري تعمير ٿيندا رهيا، جتان بحر مرمرا جو نظارو بلڪل عيان هو. سن 565 کان 578ع تائين حڪومت ڪندڙ رومي شهنشاهه جسٽينيئن پڻ هن شهر ۾ سمنڊ جي بلڪل ڪناري تي پنهنجي لاءِ هڪ الڳ محل جوڙايو، جنهن کي بليچرنا سڏيندا هئا.

    هن شهر جي وجود ۾ اچڻ کان 2 هزار هڪ سئو چاليهه سال پوءِ عثمانيه گهراڻي جي هڪ نوجوان ترڪ سلطان محمد ثاني 23 سالن جي عمر ۾ هي شهر فتح ڪيو ۽ پنهنجي تيزيءَ سان وڌندڙ ۽ ترقي ڪندڙ سلطنت جي راڄڌاني مقرر ڪئي. هن سلطان کي محمد فاتح جي خطاب سان پڻ پڪاريو ويندو هو. هن سلطان شهر ۾ پنهنجو مسڪن شهر جي اولين حدن اندر قائم ڪيو، جتي اصلوڪو بازنطين شهر اڏيل هو. ڇو ته کيس چڪاس مان معلوم ٿيو ته اهو هنڌ رهائش توڙي انتظامي لحاظ کان شهر ۾ سڀ کان وڌيڪ موزون ماڳ هو. تنهنڪري سلطان انتظامي دفتر پڻ هن ئي علائقي ۾ قائم ڪرايا. هي شهر فتح ڪرڻ وقت سلطان محمد ثانيءَ جو ڪنهن منظم فوج سان نه پر فقط چاليهارو هزار کن آباد ڇڙوڇر ماڻهن سان مقابلو هو، تنهنڪري هن آسانيءَ سان شهر فتح ڪيو. سلطان محمد ثاني شهر جي جنهن ٽڪريءَ تي پنهنجو محل اڏايو، اها زيتون جي وڻن سان ڍڪيل هئي ۽ انهيءَ تي ڪيترين خانقاهن، مذهبي اڳواڻن جي رهڻ جي جاين، ديوان ۽ حمامن جون ويران عمارتون موجود هيون. انهيءَ کان سواءِ سمنڊ سان ڳنڍيل شاهي سرائن جا آثار پڻ هئا. هن هنڌ تي ٿيندڙ سلطاني تعميرات انهيءَ نشاط ثانيه جي شروعات هئي، جيڪا صدين تائين ترڪ ملت عثمانيه 15 هين صديءَ جي آخر کان وٺي اڻويهين صديءَ جي اڌ تائين نهايت طاقتور ۽ ترقي يافته حيثيت سان قائم رهي. توپ ڪپي محل يورپي سياحن جي نظر ۾ ته هڪڙي بيڊولي، غير متوازن ۽ ڪنهن خصوصيت کان خالي عمارت آهي. ڇو ته اها عام يورپي محلن جي اڏاوت ۽ سندن خيالن سان ٺهڪندڙ طرز تي تعمير ٿيل ڪانهي، پر اها خالص مشرقي يا اسلامي عمارت سازيءَ مطابق پڻ اڏيل ڪانهي. بلڪ هڪڙي بلڪل نرالي انداز سان ٺهيل آهي. کيس جنت ارضي ۽ لطيف محل به سڏيندا آهن. اڄڪلهه هي توپ ڪپي محل هڪڙي عجائب گهر طور استعمال ۾ آهي ۽ سندس اصل عمارت جو ڪافي حصو محدود آهي. اوچتين باهين لڳڻ ۽ جديد عمارت سازيءَ لاءِ گهربل زمين خاطر هن محل جي ڪن حصن کي ڊاهيو ويو آهي.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    آگسٽس، روم ۽ جولئس سيزر



    خميس 15 فيبروري 2007ع

    روم شهر، پوري دنيا ۾ واحد شهر آهي، جيڪو ماضي جي يادگارن جي امين هئڻ سان گڏ جديد زندگي جي پڻ سمورن پهلوئن تي دسترس رکندڙ آهي. هي شهر اٽلي ملڪ جي مرڪزي ڀاڱي ۾ ٽبر نديءَ جي ڪناري تي آباد آهي، جيڪا سمنڊ جي ڪناري کان پندرنهن ميلن جي مفاصلي تي وهندي رهي ٿي. هيءُ شهر هزار سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين يورپ جي سمورين تهذيبن جي قسمت جو مالڪ رهڻ کان پوءِ تنزل ۽ تباهيءَ جو شڪار ٿي ويو. انهيءَ باوجود ضابطهءِ اخلاق يعني قانون ٺاهي ڏيندڙ، استاد ۽ معمار جي حيثيت ۾ روم جو اثر رسوخ سموري يورپ ۾ مسلسل پکڙندو رهيو. روم شهر واري ماڳ تي برانز ڌاتو واري تهذيبي دور يعني حضرت عيسيٰ عليه السلام کان پندرنهن صديون کن اڳ ۾ انساني آبادڪاري جا آثار ملن ٿا. مسيح کان اڳ واري هزار ساله دور جي شروعات تائين ماڻهن جي هتي مسلسل ۽ مستقل آبادڪاري ڪا نه ٿي هئي. هتي اٺين صدي ڌاري مختلف هنڌن تي يورپي قبيلن جا ڪجهه ڳوٺ نمودار ٿيا هئا. هي ماڻهو لوهه جا اوزار استعمال ڪندا هئا. سندن اوزارن ۽ خصوصن سندن تدفين وارين رسمن ۾ اختلاف هئڻ مان پتو پوي ٿو ته اهي جدا جدا قبيلا هئا. انهن ۾ لاطيني، سيبائين ۽ ٻين قبيلن جا ماڻهو شامل هئا، جن هن شهر جي بنياد وجهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اوائلي بادشاهي نظام دوران سماجي ۽ معاشي اختلافن سبب هتي واري سماج ۾ ٻه مختلف طبقا پيدا ٿيا. انهن مان هڪڙو Patricain يعني اصل رومي شهرين تي مشتمل طبقو ۽ ٻيو پليبئين يعني نئون رومي امير طبقو سڏجڻ لڳو. هنن متضاد طبقن جي سياسي اقتدار جي حاصلات لاءِ ڪشمڪش هن اوائلي رياست تي وڏو اثر وڌو. شروعات ۾ قبائلي تنظيم حڪومت قائم ڪئي، جنهن کي وري فوج تي مشتمل جماعت جي حڪومت ختم ڪيو. انهيءَ فوجي تنظيم ۾ شاهوڪار ۽ امير طبقو شامل هو. روم واري نئين حڪومت شروع ۾ ٻن ڪونسلرن جي هٿ هيٺ گڏيل عوامي حڪومت هئي. اُهي ڪونسلر اصل رومي باشندا هئا، جيڪي امين جي حيثيت سان حڪومت جو انتظام سنڀاليندا هئا. فرينچ حملي سبب پيدا ٿيل اقتصادي بحالي هڪ ڀيرو ٻيهر اصلوڪن ۽ ڌارين رومين ۾ تضاد ۽ اختلاف وڌايا، پر ڌارين پنهنجي ڏاهپ سان گهڻن ئي قانوني معاهدن تحت چوٿين صدي قبل مسيح جي خاتمي کان اڳ ۾ ئي اقتدار جي ايوانن ۽ دفترن ۾ اڪثريت حاصل ڪري ورتي ۽ سندن اسيمبلي طرفان پاس ڪيل قانونن جو اطلاق سمورن اصل توڙي ڌارين رومي باشندن سان لاڳو قرار ڏنو ويو. قرضن ۽ زمين جي ورهاست بابت معاشي قانون سازي هيٺين طبقي کي بدحالي مان نجات ڏيارڻ لاءِ سندن حق ۾ ڪئي ويئي. فتوحات مان حاصل ٿيل مال غنيمت شهر ۾ مندرن، رستن ۽ پاڻي جي رسد وارن منصوبن لاءِ مهيا ڪيو ويو. هڪڙي پوري صدي کان وڌيڪ عرصي دوران هنگامن، مقابلن ۽ ڪاميابين کان پوءِ روم هن سموري رومي سمنڊ سان وابسته سمورن ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور ملڪ ٿي اڀريو. مگر هيڏي وڏي سلطنت جي نگهداشت لاءِ رومي ماڻهن جي خواهش نه هئڻ سبب روم جي شهر واسين لاءِ ڪئين نوان سماجي ۽ معاشي مسئلا پيدا ٿيا. سن 218 کان 201 قبل مسيح تائين رومين سان ڪارٿيجي فوجين جي ٻي جنگ سبب اٽلي واري اپٻيٽ جي وڏي حصي ۾ قتل وغارت ۽ ڦرلٽ سان تباهي آئي. ڪافي زمينن تي قبضو ڪيو ويو ۽ اتي آباد رومين ڀڄي روم شهر ۾ اچي پناهه ورتي. ان وقت ڪار ٿيج فوجن جو سپهه سالار هنبال هو. رومي امير طبقي جنهن کي روم شهر ۾ صنعت توڙي تجارت ۾ سيڙپ جي قانون موجب منع ٿيل هئي، تنهن ڏکڻ ۽ وچ اٽلي واري ڏتڙيل آبادگار طبقي مان ناجائز فائدو وٺندي تمام سستي اگهه سان زمين جي وڏي ايراضي خريد ڪئي. رومي سمنڊ واري علائقي ۾ روم طرفان ٿيل لڙائين جي نتيجي ۾ روم ۾ غلامن جو تعداد تمام وڌي ويو. انهيءَ طبقي کيت مزدوري ۽ ڌراڙپي جو ڪم ڪيو، جنهن ڪري عام هاري طبقي جي وڏي تعداد ۾ بيدخلي ٿي، جيڪو سخت بدحالي جو شڪار ٿيو. مجموعي طور تي رومي حڪومت جي معيشت شهر توڙي سطلنت جي سياسي ترقيءَ کان پوئتي پئجي وئي. عوامي حڪومت جو پويون دور ٻي صدي قبل مسيح دوران شهري آبادي ۾ تڪڙي واڌ ۽ رومي شهريت ۾ اضافي سبب شهري آبادي جي ووٽرن جي اهميت واضح طور گهٽجي وئي.

    ماڻهو نهايت ناقص گهرن ۾ رهندا هئا، سندن گذارو هن غير صنعتي شهر ۾ تمام ڏکيو هو. اهي ڪڏهن ڪڏهن سرڪاري منصوبن ۾ مزوري ڪندا هئا، نه ته گهڻو ڪري مقامي شاهوڪار طبقي جي خيرات تي پيا پلبا هئا. ٻي صدي قبل مسيح جي خاتمي تائين رومي طبقي جي مجموعي طور اها سقيم حالت هئي. انهيءَ وقت تائين شهر ۾ پوليس توڙي باهه وسائڻ وارو عملو هو ئي ڪو نه. پهرئين صدي قبل مسيح جي پهرين اڌ جي تقريبن پوري عرصي دوران گهرو ڪشمڪش روم جي آدمشماري ۽ مسئلن ۾ زبردست اضافو ڪيو. روم جي امير طبقي سياسي مفادن جي حاصلات لاءِ خانگي لشڪر وجود ۾ آڻي غريب طبقي کي ان ۾ ڀرتي ڪري کيس روزگار ته مهيا ڪيو، پر انهيءَ خانگي فوج ڪشي عوامي حڪومت جي خاتمي جو سامان پڻ مهيا ڪيو. شهري غريب طبقي کي اناج سستي اگهه تي مهيا ڪري سندن استحصال لاءِ ميدان هموار ڪيو. هن صديءَ جي وچ ڌاري اٽڪل پنج لک مسڪين ماڻهن کي اناج تقريبن مفت ڏنو پئي ويو. مٿيون طبقو عيش عشرت ۾ دلچسپي وڌائڻ لڳو. شاهي عمارتن ۽ ناٽڪ گهرن کي ٺاهڻ ۽ سجائڻ تي ته ڏاڍو خرچ ڪيو ويو، پر شهر کي اهو خرچ وڌيڪ مضبوط ۽ پائيدار بنائي نه سگهيو. وڌيڪ اهو ته يونان جي اوڀر وارن حصن مان روم ڏانهن گهڻي تعداد ۾ ماڻهن جي آمد ڳتيل آبادي واري روم شهر کي مسئلن جي ڌٻڻ ۾ غرق ڪري ڇڏيو.

    جولئس سيزر روم جو پهريون بادشاهه هو، جنهن شهر توڙي ملڪي مسئلن ۽ ڪمن کي صحيح منصوبا بندي موجب سر انجام ڏيڻ جي سنجيده ڪوشش ڪئي. ڪيمپس مارشس وارو راندين جو ميدان ۽ ٽبر نهر جي سڌاري جو پروگرام هن بادشاهه جي منصوبن ۾ شامل هو، پر پنهنجي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ تائين زندهه نه رهيو. سندس هنج ۾ ورتل پٽ ۽ جاءِ نشين آگسٽس روم شهر کي نئين سلطنت جي عظيم راڄداني بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس انهيءَ دعويٰ ۾ وڌاءُ آهي ته هن کي روم سرن جو ٺهيل مليو، پر هن انهيءَ کي سنگ مرمر سان تعمير ڪيو. پر هن ۽ سندس ساٿين شهر ۾ ڪئين عمارتون، مندر، ٿيٽر، حمام، ڦوهارا ۽ راندين جا ميدان، بازاريون ۽ گودام وغيره اڏايا. تنهن کان سواءِ قديم اڏاوتن جي مرمت جو ڪم چالو ڪرڻ سان غريب طبقي کي روزگار حاصل ٿيو. پر شهر جي اڏاوت بابت گهربل شهر منصوبه بندي نه هئڻ سبب غير محفوظ ۽ صفائي کان وانجهيل جڳهين ۾ ڦاٿل رهيا. جيڪي قديم ڀاڱي جي سوڙهين ۽ ٻوساٽيل گهٽين ۾ گهيريل هئا. آگسٽس جي هڪ دوست ۽ مددگار ايگريپا پنهنجي تمام گهڻي دولت شهر کي وڌيڪ سهڻو بنائڻ ۽ شهر ۾ پاڻي جي رسد واري نظام کي سڌارڻ تي خرچ ڪئي. آگسٽس طرفان شهر جي انتظام جو الڳ نئين سر بندوبست ۽ سرڪاري نوڪرين ڏيڻ وارو ادارو ٺاهڻ ماضي جي سمورين حڪومتن کان هن کي ممتاز حيثيت ڏياري. سن 7 قبل مسيح ۾ هن بادشاهه روم شهر کي چوڏهن ريجنين يا وارڊن ۾ ورهايو ۽ انهن وارڊن کي وڌيڪ ننڍن ڀاڱن ۾ ورهائي، انهن ۾ جدا جدا ڪامورا مقرر ڪيا ويا، جيڪي انتظامي توڙي مذهبي ذميواريون بجا آڻيندا هئا.

    آگسٽس جي جاءِ نشين حاڪمن اڪثر سندس ئي پاليسين تي عمل ڪيو. البت انهيءَ ۾ محنت گهٽ ۽ ڏيکاءُ زياده هوندو هو. ڪلاڊيئس بادشاهه ٽبر ندي جي منهن وٽ اوشيا جي ويجهو هڪڙو زبردست بندر جوڙايو هو، جيئن روم شهر ۾ اناج سڌو ۽ جلد پهچائي سگهجي. انهيءَ وقت تجارت گهڻو ڪري خانگي شعبي جي حوالي هئي. سرڪاري عملدار لڳاتار رسد کي يقيني بنائڻ ۽ چور بازاري کي روڪڻ لاءِ گهربل اپاءَ وٺندا هئا ۽ نظر داري ڪندا هئا. شهري منصوبه بندي لاءِ نيرو بادشاهه پڻ شابس لهڻي. البته انهي منصوبه بندي تي خرچ گهڻو ٿيو. سن 64ع ۾ باهه لڳڻ سان شهر جو وڏو حصو چٽ ٿي ويو.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    دنيا ۾ ٻُڌمت جو وڏي ۾ وڏو مندر



    خميس 22 فيبروري 2007ع

    بورو بُدر، بورو پهاڙيءَ تي ٺهيل ٻُڌ مت جو هڪ اهڙو مندر آهي، جنهن کي ٻڌمت جي دنيا ۾ سڀ کان وڏي عبادتگاهه هجڻ جو شرف حاصل آهي. علم جو هيءُ آسٿان جاوا ٻيٽ جي وچ تي بورو ڳوٺ جي ويجهو هڪ پهاڙيءَ تي ٺهيل آهي. هن مندر ۾ مهاتما گوتم ٻڌ جا هزارين مجسما آويزان آهن. سن 1814ع ۾ جاوا ٻيٽ جي وچ واري ميداني علائقي ۾ موجود پهاڙيءَ جي ڳولا لاءِ ٻه سئو کن ماڻهو ڪاهي پيا ۽ نيٺ اچي اها جاءِ ڳولي لڌائون، جنهن جي دامن ۾ بورو نالي هڪڙو ننڍڙو ڳوٺ قائم آهي. هتي پهتل ماڻهن پهاڙيءَ تي موجود مخصوص آثارن تي بيٺل جهنگ وڍي، ڪاٺ ۽ ڪچرو ساڙي، مٿاڇري تي گڏ ٿيل رک ۽ ٻي فضول مٽي ۽ مَر هٽائي، نيٺ هي شاندار مندر ڳولي هٿ ڪيو. هن مندر دريافت ڪرڻ تائين هتي آيل ماڻهن کي صفائي ۽ ڇنڊڇاڻ ۾ 6 هفتا کن لڳا. مندر ۾ اٽڪل هزار کن مورتيون ڏسي، اهي ڏاڍا خوش ۽ ان سان گڏ حيران پڻ ٿيا. هن مندر جي ڳولا توڙي کوٽائيءَ جو ڪم جاوا ۾ مقرر ڪيل برطانوي گورنر سر ٿامس اسٽامفورڊ ريفلس جي حڪم تحت ڪيو ويو، جنهن کي اڳوڻن ڊچ حاڪمن جي ڀيٽ ۾ هتان جي ڏند ڪٿائن ۽ مقامي عمارت سازيءَ بابت معلومات حاصل ڪرڻ ۾ حقيقي دلچسپي هئي. مسٽر ريفلس هتي ٿيندڙ کوٽائيءَ جي ڪم جو جائزو وٺندي، گهنڊ جي شڪل جهڙو هڪڙو زبردست مخروطي منارو ڏٺو.

    معتبر تاريخي سند جي عدم موجود هجڻ سبب مورخ ۽ سرپرست بورو واري ٻُڌ مندر جي تعمير جي تاريخ ۽ وقت جو تعين ڪرڻ کان قاصر رهيا آهن. البت يقين سان فقط ان راءِ تي پهتا آهن ته بورو ٻڌ مندر ۾ فقط مهاتما گوتم ٻڌ جي پوڄا ٿيندي هئي ۽ سندس تعليمات جي تدريس جو اهتمام ڀلي ڀت ٿيل هو. ڇاڪاڻ ته پوري مندر ۾ ٿيل چترڪاري عين سندس تعليمات تي ئي مشتمل آهي. ٻين مندرن جي اڏاوت جي عين ابتڙ هن مندر ۾ ڪو به مکيه هال يا ايوان ٺهيل ڪونهي، پر مندرن جون سيڙهيون تصويري گئلرين وانگر موجود آهن، جن ۾ ڪم آيل پٿرن تي مهاتما ٻڌ جي تعليمات موافق اٽڪل ٽي هزار کن تصويرون نهايت قابليت سان اُڪريل آهن.

    جيئن ئي هن مندر جي لڀڻ واري خبر پکڙي ته ايشيا جي مذهبن جا ماهر هتي اچڻ لڳا. سندن گڏيل راءِ موجب ته هي مندر پوريءَ دنيا ۾ ٻڌ مت جو سڀ کان وڏو مندر آهي ۽ ان سان گڏ ساخت جي لحاظ کان سڀني مندرن کان نرالو آهي. ڏاڪڻين وارين گئلرين جي پينلن تي مهاتما ٻڌ جي تعليمات تي مشتمل هڪ هڪ مشهور ڪهاڻي هڪ هڪ ڏاڪي وارن پينلن تي نهايت جاذب انداز سان اُڪريل آهي. تعليمي اصولن کي پرائمري، ثانوي ۽ اعليٰ اصولن موافق ترتيب وار بنيادي تعليم بابت هيٺين ڏاڪن جي پينلن تي ۽ اعليٰ تعليمات بابت چترڪاري سڀ کان مٿين ڏاڪن وارين گئلرين ۾ ٿيل آهي. جيئن هتي ايندڙ ياتري سيڙهين تي چڙهندي اول بنيادي اصولن بابت چترڪاريءَ جي زيارت ڪن ۽ پوءِ ثانوي ۽ آخر ۾ سڀ کان مٿي اعليٰ تعليمات جي چترڪاري ڏسي، سکي، سمجهي ۽ اخلاقي اصولن کي اختيار ڪري سگهن.

    هي مندر نه فقط هڪ زيارت گاهه هو، پر مهاتما ٻڌ جي تعليمات کي سڀ کان وڌيڪ سولي ۽ نهايت دلچسپ انداز سان سيکارڻ ۽ پکيڙڻ لاءِ هڪڙو نرالو ادارو پڻ هو، جتي پوري ڏکڻ ۽ اوڀر ايشيا مان مهاتما ٻڌ جي تعليم سکڻ ۽ سمجهڻ لاءِ ٻوڌي شاگرد هزارن جي تعداد ۾ ايندا رهندا هئا. مسٽر ريفلس جي نيڪ خواهشن جي ابتڙ هن عظيم مندر کي کوٽائيءَ کان پوءِ فائدي بدران رهندو نقصان ٿيڻ لڳو آهي. اهو هي ته هن يادگار مندر جي عظمت جو احساس هتان جي مقامي ماڻهن ۾ بلڪل به موجود ناهي. هن مندر مان لڌل اڏاوتي سامان لڪ ڇپ ۾ پنهنجي تعميرات ۾ مسلسل ڪم آڻڻ لڳا آهن. هن قسم جون يادگار ۽ نادر شيون تڳائيندڙ ماڻهو به مهاتما ٻڌ جون ڪيتريون ئي مورتيون هتان چورائي، پوريءَ دنيا ۾ ڳري قيمت تي وڪڻڻ لڳا آهن، جيڪي مقامي ماڻهن جي گهرن ۽ ڪن عجائب گهرن ۾ پڻ آراسته آهن.

    سياحن جي سهولت لاءِ اسٽوپا جي چوٽيءَ تي هڪڙو ٽي هائوس ٺاهيو ويو آهي. ايشيائي فنون جي تاريخ جي ماهر جان فونٽين جي راءِ موجب ايشيا ۾ اچي مسلمان ٿيندڙ يورپي ماڻهن ۽ اڪثر ايشيائي مسلمان ماهرن جي خيال موجب غير مذهبن جا يادگار هئڻ سبب هنن نوادرات جي ڪاريگري ۽ فني جمال جو ڪو به قدر نه ڪيو ويو. سن 1885ع ۾ هن مندر جي بحاليءَ واري پراجيڪٽ ۾ شامل جي ڊبليو ارزمين نالي هڪڙي ڊچ معمار مندر جي چوڌاري ڦري ايندڙ رستي جو جائزو وٺندي ڏٺو ته انهي رستي جو ور فرش ۾ ٿيل هڪڙي چِير يا شگاف وسيلي زير زمين داخل ٿئي ٿو. تڏهن هن انهي هنڌ وٽ رستي وارا پٿر هٽائڻ جو حڪم ڏنو. انهي پٿرن جي سورنهن تهن کي هٽائڻ کان پوءِ زير زمين هڪڙي ٻي به تصويري پينلن جي گئلري دريافت ڪئي وئي، جيڪا ٻاهرين گئلرين کان بلڪل مختلف فنپارن تي مشتمل هئي. ٻاهرين گئلرين جي برعڪس زير زمين گئلريءَ جي تصويرن ۾ تشدد ۽ پيار جا گڏيل تاثر نقش ٿيل آهن. هن گئلريءَ ۾ ڪل هڪ سئو سٺ تصويري پينل آهن. سنسڪرت ٻوليءَ ۾ موجود لکت موجب ڪي تصويرون غير مڪمل ڇڏي ڏنيون ويون آهن. اکرن جي اُڪر واري نموني مان اندازو لڳايو ويو آهي ته هيءَ زير زمين گئلري نائين عيسوي صديءَ جي وچ ڌاري تعمير ٿيل آهي ۽ هي مندر جاوا جي ان وقت وارن سائلينڊرن بادشاهن طرفان اڏايل ڀانئجي ٿو. اڻويهين صديءَ دوران يورپي لوڪن طرفان هن مندر جي بحالي لاءِ ٿيل ڪوششن ۽ اپائن جي ڀيٽ ۾ مندر کي رهندو نقصان رسيو آهي. کوٽائيءَ کان اڳ هي مندر مٽيءَ جي تهن ۽ ان تي پيدا ٿيل وڻن ٻوٽن ۽ گاهه هيٺان ڍڪيل هئڻ سبب ماڻهن توڙي قدرتي آفتن کان بچيل هو، پر جيئن ئي موجود جهنگ وڍي، مٽيءَ جا تهه هٽائي، اسٽوپا واريون گئلريون ۽ سيڙهيون ظاهر ڪيون ويون ته مندر جي هن ڀُوري پٿر تي هتان جي شديد گرميءَ جو تمام خراب اثر ٿيڻ لڳو. تنهن سان گڏ هتان جي خطرناڪ ۽ گهڻي برسات به ڳريل پٿرن کي برساتي پاڻيءَ جي وهڪري ۾ لوڙهڻ لڳي. نتيجي ۾ کوٽائيءَ کان پوءِ مندر کي ايترو ته گهڻو نقصان ٿيو، جيترو ان کي کوٽائيءَ کان اڳ وارن هڪ هزار سالن جي عرصي ۾ به ڪو نه رسيو هو. مذڪوره صورتحال جي مدنظر انڊونيشيا جي حڪومت ۽ اقوام متحده پنهنجي ماتحت اداري يونيسڪو معرفت سن 1968ع ۾ Save Boro Budur نالي سان هن مندر جي بحالي ۽ نئين سر اڏاوت جو منصوبو عمل ۾ آندو. هن جامع منصوبي جي تڪميل لاءِ ويهه ملين ڊالرن جي رقم مخصوص ڪئي وئي. ستاويهن ملڪن مان هن نرالي اڏاوت جي بحالي لاءِ موزون ڪاريگر گهرايا ويا، جن انڊونيشي معمارن سان گڏجي لڳاتار اٺن سالن جي محنت سان هن عظيم منصوبي کي خوش اسلوبيءَ سان تڪميل تائين پهچايو. هن ڪم دوران مندر جي ڏهن لکن کان وڌيڪ پٿرن کي هڪ هڪ ڪري ڇنڊي ڦوڪي، نئين سر اصل پينل جي حقيقي جاءِ تي نصب ڪري، تيرهن سئو کان به وڌيڪ پينل بحال ڪيا ويا آهن ۽ انهن جو ڪيٽالاگ پڻ تيار ڪيو ويو آهي. پٿرن ۾ پيدا ٿيل ڪيميائي خرابيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ارضيات جي ڪيميادانن جون خدمتون حاصل ڪيون پيون وڃن. هن جامع منصوبي جي تڪميل تي منصوبن جي ڊائريڪٽر پروفيسر سوئڪمونو جيڪو انڊونيشي ماهر آثار قديمه آهي، تنهن جي بيان موجب بورو ٻُڌ مندر سندس علم، آدرشن، ارپنا ۽ سکيا واري قديم تاريخي حيثيت ٻيهر حاصل ڪري ورتي آهي. اسين اهو پڻ اخذ ڪري سگهون ٿا ته مندر جي اصل معمارن جي پڻ اها ئي اميد هوندي ته مندر جي تعمير جو مکيه مقصد مهاتما ٻڌ واري تعليمات جي تدريس وارو عمل پڻ ياترا ۽ ارپنا سان گڏ برقرار رهي، جنهن موجب هڪ ٻڌ ڪرمچاريءَ کي ياترا دوران ئي برهما نرواڻ يعني مڪمل نجات جي حاصلات لاءِ گهربل ٻُڌ مت حاصل ٿي سگهي. اهو علم واقعي پٿر تي عبادت جي انداز ۾ تراشيل آهي.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    پيزا: دنيا جو اڪيلو جهُڪيل ۽ حيران ڪندڙ ٽاور



    جمع 2 مارچ 2007ع

    پيزا شهر وارو جهڪيل ٽاور ڪنهن به نظر کان اوجهل ٿي نٿو سگهي. هي وچئين دور ۾ تعمير ٿيل شاهي گهنڊ وارو ٽاور دنيا جي عجوبن مان هڪ آهي، جنهن جي بناوت پڻ حيران ڪندڙ آهي. هي ٽاور هتان جي جڳ مشهور عمارتن ڊومو بيپٽسٽري جي ڀر واري سبز ميدان تي اڏيل آهي. انهيءَ سبز ميدان کي ڪيمپوڊي مائريڪولي Campo Dei Miracoli يعني ڪرشمن وارو ميدان سڏيندا آهن. هن علائقي ۾ اڪثر عمارتون پيزا شهر جي عروج واري دور، جنهن کي مقامي طور سنهري دور سڏيندا آهن، تنهن ۾ تعمير ٿيل آهن. پيزا جي تاريخ موجب اهو دور ٻارهين ۽ تيرهين عيسوي صدين تي مشتمل هو. انهيءَ دور ۾ پيزا شهر هڪ بندر جي حيثيت ۾ رومي سمنڊ جي وڏين طاقتن مان هڪڙو هو.

    مذڪوره جهڪيل ٽاور سان هي حادثو سن 1173ع ۾ پيش آيو. ٿيو هينئن ته ٽاور جي منصوبي موجب ڪل اٺن طبقن يا ماڙن مان جڏهن شروعاتي ٽي ماڙ اڏجي تيار ٿيا ته ٽاور جو ڪجهه حصو زمين اندر ويهي رهيو ۽ اهو هڪ طرف جهڪي پيو. تنهن کان پوءِ لڳاتار 180 سالن تائين انهيءَ جي جهڪاءَ کي درست ڪري، سڌو ڪرڻ لاءِ سڄيءَ دنيا جي ڪئين ڪاريگرن کي گهرايو ويو. نيٺ سن 1350ع ڌاري هڪ ماهر تعميرات نالي ٽوماسو ڊي اينڊرياڊا پونٽيڊيرا هي ڏکيو ڪم ڪرڻ قبول ڪيو ۽ ٽاور جوڙي راس ڪيائين. گذريل اٺن صدين کان وٺي اڄ تائين اهو پنهنجو جهڪاءُ برقرار رکيو اچي، جنهن سبب ماڻهو سدائين ايئن سمجهن ٿا ته ٽاور اجهو ڪرڻ وارو آهي. ڇو ته منجهس پنجن ميٽرن جو جهڪاءُ موجود آهي ۽ انهيءَ ۾ واڌ ٿيندي رهي ٿي، جنهن سبب گذريل ڪجهه سالن کان انهيءَ ۾ ماڻهن جي داخلا ۽ سير تي بندش آهي. هتان جي ڪليسا جي عظيم عمارت ڊُومو ٽاور کان هڪ صدي اڳ تعمير ٿي هئي. هن گرجا گهر جي ٽڪنڊي مهاڙيءَ ۾ اڇي ۽ ڪاري سنگ مرمر جو دلڪش تناسب ۽ محرابي پِلرن جون قطارون رومي طرز تعمير جو سهڻو نمونو پيش ڪن ٿيون. عمارت اندر اڇي ۽ ڪاري سنگ مرمر جو ڪم ۽ اندرين پِلرن جون محرابي قطارون وري مشرقي طرز تعمير جي جهلڪ ڏيکارين ٿيون. گرجا گهر ۾ چٽسالي ۽ سونهن ۽ سينگار جو گهڻو ڪم روشن خياليءَ جي دور ۽ ان کان پوءِ جو ٿيل آهي. فقط هڪڙو اسم داڻيدار چٽام Mosai جنهن ۾ ڪرائيسٽ اِن ميجسٽي، نئين سجاڳيءَ واري دور کان اڳ جو جڙيل آهي. اهو چرچ جي اوڀر طرف واري محراب ۾ آهي. اهو سيمابيو نالي فنڪار جو ٺهيل آهي. گرجا ۾ ٺهيل ممبر يا اسٽيج پڻ بي مثال آهي، جيڪو پنهنجي دور جي عظيم ترين معمار جو ٺهيل آهي، جنهن جو نالو گيو واني پسانو هو. انهيءَ معمار بابت اسٽيج تي هڪ جملو لکيل آهي، ته ”گيو واني کي سنگراشيءَ جي اهڙي ته ڏات حاصل هئي، جو سندس چاهڻ جي باوجود هن ڪڏهن به ڪا بدصورت مورتي ڪو نه تراشي“.

    فيلڊ آف مائريڪلس علائقي ۾ ٽيون نمبر مکيه عمارت چرچ جي بيٽپسٽري آهي. هيءَ گول عمارت جتي مختلف مذهبي رسمون ادا ڪيون وينديون آهن، رومي ۽ گوٿڪ فنِ تعمير جي امتزاج جو عجيب مثال پيش ڪري ٿي. هن عمارت کي مذڪوره عظيم سنگتراش گيو واني ۽ سندس پيءُ نڪولا جي گهڙيل مجسمن ۽ مورتين سان آراسته ڪيو ويو آهي. هن عمارت ۾ هڪڙو ممبر نڪولاسن 1260ع ۾ مجسمن سان تيار ڪيو هو، جيڪو سندس پهريون عظيم شاهڪار ڄاڻايو وڃي ٿو.

    هن علائقي جي اتر ۾ ڪيمپوسانٽو نالي قبرستان جيڪو چرچ سان وابسته آهي، تيرهين عيسوي صديءَ جي آخر ۾ تعمير ٿيو هو. هن قبرستان ۾ اڏيل ڇٽين جي ديوارن تي ٿيل فريسڪو پلاسٽر آرٽ گهڻي ڀاڱي ٻي عالمي جنگ دوران اتحادي ملڪن طرفان ڪيل بمباريءَ سبب تباهه ٿي ويو، پر ان جا ٻه شاهڪار ٿرمف آف ڊيٿ ۽ لاسٽ ججمينٽ جيڪي چوڏهين صديءَ ۾ ٺهيا هئا، ڪجهه بچي ويا آهن. مذڪوره نقش ڪيپيلا امانيٽي نالي هڪڙي گوشي ۾ اُڪريل آهن، جنهن کي خوف ۽ حراس وارو هنڌ سڏجي ٿو. هتي نڪولا پسانو جا ڳچ مجسما ۽ پٿر تراشيل آهن، جن مان سندس فني ڪمال جو حقيقي تاثر ملي ٿو. ڪرشمن واري ميدان جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي ڪيٿيڊرل ۽ بيپٽسٽري جي فنپارن کي ترتيب ۾ رکيو ويو آهي. انهن ۽ ٻين فني شاهڪارن جو زبردست ذخيرو ميوزيو ڊيل اوپيرا ڊيل ڊومو عجائب گهر ۾ نمائش لاءِ رکيل آهي. هتي موجود شاهڪارن جو وڏو تعداد پسانو خاندان جي فنڪارن جي ڪاوش ۽ ڪاريگري آهي، جنهن ۾ پٿر جا مجسما توڙي ڪاٺ جي اُڪريل چٽسالي شامل آهي. هن علائقي کان پري ٻئي طرف يونيورسٽي وارو علائقو وري اڳئين کان بلڪل مختلف تصوير پيش ڪري ٿو، جيڪو شاگردن ۽ ٻين عالم اديب قسم جي ماڻهن جو آماجگاهه آهي. هي علائقو پڻ ڪافي چهل پهل وارو آهي، جتي خصوصن رات جي وقت گهڻي پيهه هوندي آهي. هن علائقي ۾ رومي فن تعمير جا ڪيترائي چرچ ٺهيل آهن ۽ هتي جون گهٽيون اڪثر ونگن وارن پلرن مٿان ڇانيل آهن. اورنو نديءَ جي ڪناري تي ڪيترائي سهڻا محل محلات اڏيل آهن، جيڪي اٽلي جي روايتي فن تعمير جو نمونو آهن. پيازاڊي ڪيواليئري هن علائقي ۾ پهريون مشهور اسٽاپ آهي. اهو هڪڙو زبردست اسڪوائر آهي، جيڪو وچئين دور ۾ پيزا شهر جو مرڪز هو. انهيءَ کان پوءِ نئين تشڪيل سان سينيٽ اسٽيفن جي سپاهه لاءِ هيڊ ڪوارٽر مقرر ڪيو ويو. اسٽيفن جو محل سين اسٽيفانو چرچ جي سامهون آهي. انهيءَ ۾ ميڊيسي جا مجسما لڳل آهن. نديءَ جي لڳ اوڀر طرف ڪجهه مفاصلو اڳتي ميوزيو نيشنل ڊي سان ماٽيو نالي عجائب گهر قائم آهي. اهو ٻارهين عيسوي صديءَ ۾ تعمير ٿيل موناسٽري يعني راهبائن جي رهڻ واري جڳهه ۾ قائم ڪيل آهي. هتي ٻين نوادرات سان گڏ قديم وقت جي ڊرامن ۽ ناٽڪن ۾ ڪم ايندڙ هٿيارن جي پڻ نمائش ٿيندي آهي. اسان ڪافي وقت هن دنيا جي عجوبي ۾ گذاريو ۽ ڪيترائي فوٽو پڻ ڪڍياسين.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  14. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    پئرس جو ناٽرڊم ڪئٿيڊرل ۽ ڪوالالمپور جا ٽاور



    جمع 9 مارچ 2007ع

    پئرس جي سڃاڻپ

    اسان کي ٽوئر وارن طرفان شهر جو سير يا سٽي ٽوئر (City Tour) ڪرائڻو هو، جنهن ۾سڀ کان پهرين ناٽرڊيم ڪئٿيڊرل ڏسڻو هو، جيڪو مون ڪيترا ئي ڀيرا اڳ ۾ به ڏٺو آهي. اسان جي بس رستن روڊن تان ڦرندي سرندي اچي اتي پهتي. اسان سڀ هڪ هڪ ٿي بس مان لٿاسين ته اسان جي گائيڊ اسان کي کڻي هڪ مقامي فرينچ عورت گائيڊ جي حوالي ڪيو، جيڪا مختصر ليڪچر ڏئي، اسان کي ڪئٿيڊرل جي اندر وٺي وئي. اندر ٻيا سياح به ٿوري تعداد ۾ هئا. ناٽرڊيم گرجا گهر فرانس جي وچئين دور جي عمارت سازيءَ جو عظيم ڪارنامو آهي. هن عمارت جون ڀوري ناسي پٿر مان ٺهيل ڀتيون وچئين دور ۾ پئرس جي طاقت ۽ عظمت جي علامت طور موجود آهن. هي گرجا گهر جيڪو 3 6 1 1 ع ۾ قائم ٿيو هو، قومي اثاثو آهي. صبح ۽ شام جي وقت جڏهن هن جو عڪس سين نديءَ ۾ ڏسجي ٿو، ان وقت هي گرجا چمڪڻ لڳي ٿو. هي گرجا دنيا جي مشهور گرجا گهرن ۾ مکيه حيثيت رکي ٿو ۽ گذريل ڇهن صدين دوران گوٿڪ فن جي ڪمال جي علامت طور موجود آهي. اندر جي ڀيٽ ۾ عمارت جي ٻاهرين طرز تعمير وڌيڪ دلچسپيءَ جي حامل آهي. گهڙيل رنگين پٿر سان عمارت جي اڏاوت نديءَ جي ڪپ تان موسيقيءَ جي مڌرتا وانگر لطيف ۽ حسين لڳي ٿي. کاٻي طرف چورس دالان وٽان تيرهين صديءَ ۾ ٺهيل گيٽن تي مجسما تراشيل آهن. ڪنواري ماءُ واري گيٽ تي فلڪياتي جسمن يعني نکٽن ۽ ڪنواري ماءُ جي تاجپوشيءَ جي اُڪرَ ٿيل آهي. آخري فتويٰ واري گيٽ (Portal Of last Judgement) جي سنگتراشي ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪڙي حصي ۾ متفرق عقيدن جي نقاشي آهي. ٻئي حصي ۾ مسيح عليه السلام ۽ سندس مکيه پوئلڳ Apostles ڏيکاريل آهن. ٽئين حصي ۾ يسوع عليه السلام وري جيئرو ٿي، ڪافرن تي فتح حاصل ڪيل نظر اچي رهيو آهي. ساڄي طرف سينٽ ايني جو گيٽ آهي، جنهن تي ڪنواري ماءُ ٻار سميت تخت نشين ڏيکاريل آهي.

    وچئين گيٽ جي مٿان هڪ شاهي دري Rose Window ٺهيل آهي. انهيءَ ۾ هڪڙو شاهي شوڪيس فٽ ٿيل آهي. ان شيشي جي ڪٻٽ ۾ ڪنواري ماءُ ۽ ٻار جو مجسمو رکيل آهي. ڪلوئسٽر گيٽ تي ڪنواريءَ جي ڳنڀير ۽ اُداس شبيهه ٺهيل آهي. سندس هنج ۾ قتل ٿيل ٻار ڏيکاريل آهي. ٻار جي ڳچي ڪپيل آهي. ڪنواريءَ ماءُ جو مجسمو اصل ۾ تيرهين صديءَ جو گهڙيل آهي. سج لهڻ مهل گرجا اندران گهمڻ وٽان آهي. اُتر پاسي واري گئلري تيرهين صديءَ جو بهترين شاهڪار آهي. اندريون حصو گوٿڪ فن عمارت سازيءَ جي علامت ڪالمن يا پِيلرن تي مشتمل آهي. انهن تي مقدس بائبل جي واقعن جا نظارا پٿر تي تراشيل آهن. ممبر Altar جي ويجهو ڪنواري ماءُ ۽ ٻار ڏيکاريل آهن، جيڪي پر سڪون نظر اچن ٿا. گرجا جي مال خاني ۾ شاهي تاجن سميت سونَ جو ۽ ٻيو قيمتي سامان رکيل آهي.

    هن گرجا گهر کي اهو خاص اعزاز به حاصل آهي ته هتي اصلي صليب ۽ ڪنڊن وارو تاج به موجود آهي. وڪٽر هيُوگو جا لافاني بنايل ڦوهارا ڏسڻ لاءِ جاڙن ٽاورن تي چڙهڻو پوي ٿو، جيڪي 5 2 2 فٽ اوچا آهن. اُتان کان ڪيترن جنن ڀوتن، ڏائڻين ۽ شڪار ڪندڙ پکين جون تصويرون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. گرجا گهر جي پويان باغ ۾ انهن شهيدن جو يادگار ٺهيل آهي، جن کي ٻي عالمي لڙائيءَ دوران آڪوٽز Aschwitz ۽ بچين والڊ BuchenWald تشدد جي ڪئمپن ۾ ماريو ويو هو. ان يادگار تي رَت واري ڳاڙهي رنگ ۾ هيٺيان لفظ لکيل هئا: Forgive but do not forget يعني ”معاف ڪريو، مگر وساريو نه“.

    پيٽرونس ٽاور

    سن 8 9 9 1 ع ۾ ڪوالالمپور شهر ۾ پيٽرونس ٽاور جڙي راس ٿيا ته سندن چوٽيءَ جي اوچائي آمريڪا جي شڪاگو شهر ۾ اڏيل سيئرس ٽاور کان به 3 3 فوٽ وڌيڪ اوچي يعني 3 8 4 1 فوٽن جي بلنديءَ تي مشتمل هئي. سيئرس ٽاور جو سڀ کان مٿيون ماڙ جيڪو ماڻهن جي استعمال ۾ اچي ٿو، سو پيٽرونس ٽاورن جي آخري ماڙ کان 0 0 2 فوٽ وڌيڪ اوچائيءَ تي اڏيل آهي ۽ سندس اينٽينائون اڃا وڌيڪ مٿي آهن، پر ان جي مجموعي اوچائي پيٽرونس ٽاور کان 3 3 فوٽ گهٽ آهي.

    پيٽرونس ٽاور ملائيشيا ملڪ جي معاشي خوشحالي ۽ مذهبي استقلال جي علامت طور موجود آهن. هنن ٽاورن جي تعمير تي 6 .1 بليئن ڊالرن جي تمام وڏي رقم خرچ ٿي. هي ٽاور اڳوڻي ريس ٽريڪ يعني ڊوڙ جي شاهي ميدان تي تعمير ڪيا ويا آهن ۽ اٺ مليئن چورس فوٽن کان به وڌيڪ ايراضي والارين ٿا. هنن ٽاورن جي زبردست ڪامپليڪس ۾ شاپنگ سينٽر، راندين جا ڪلب، وندرگاهه، پيٽروليم ميوزيم، سمفني هال، ملٽي ميڊيا ڪانفرنس هال ۽ هڪڙي عظيم الشان مسجد شريف عمارت سازيءَ جي اعليٰ معيار موجب تعمير ٿيل آهي. ان کان سواءِ 0 0 5 4 موٽر ڪارن جي بيهارڻ لاءِ هڪڙو زير زمين گيريج پڻ هنن ٽاورن هيٺان موجود آهي. ٽاورن جي فلورن جو نقشو اٺن ڦاڪن واري تاري Eight Pointed Star جهڙو آهي، جيڪو ملائيشيا جي اسلامي عمارت سازيءَ جي علامت طور اختيار ڪيو ويو آهي. هي ٽاور 8 8 ماڙن تي مشتمل آهن ۽ ٻائيتاليهين ماڙ وٽ فولاد جي لچڪيدار پل وسيلي ڳنڍيل آهن. پئرس شهر ۾ ٺهيل ايفل ٽاور 5 8 9 فوٽ اوچو آهي. نيويارڪ شهر ۾ ٺهيل امپائير اسٽيٽ بلڊنگ 0 5 2 1 فوٽ اوچي آهي. شڪاگو شهر ۾ اڏيل سيئرس ٽاور 4 5 4 1 فوٽ اوچو آهي، پر پيٽرونس ٽاورن جي اوچائي هنن ٽنهي ٽاورن کان وڌيڪ يعني 3 8 4 1 فوٽ آهي. انٽرٽينمينٽ نالي فلم پيٽرونس ٽاورن ۾ فلمايل آهي. هن فلم ۾ مشهور اداڪارن سين ڪونري ۽ ڪيٿرين زيٽا جونز ڪردار ادا ڪيو. هنن ٽاورن جي تعمير ۾ 0 1 9 6 3 ٽن فولاد استعمال ٿيو. هنن ٻنهي ٽاورن ۾ ڪل ٻٽيهه هزار دريون ٺهيل آهن. سمورين درين کي فقط هڪ ڀيرو ڌوئي صاف ڪرڻ ۾ پورو مهينو لڳيو وڃي، پر زمين کان وٺي ٽاور جي آخري مٿئين ماڙ تائين لفٽ ذريعي پهچڻ ۾ نوي سيڪنڊ يعني صرف ڏيڍ منٽ لڳي ٿو. هنن ٽاورن جي تعمير سن 2 9 9 1 ع ۾ شروع ٿي ۽ اهي سن 8 9 9 1 ع ۾ جڙي راس ٿيا. هنن ٽاورن واري اڏاوتي منصوبي جو نالو ڪوالالمپور سٽي سينٽر هو.

    هي ٽاور 2 5 4 ميٽر يعني 3 8 4 1 فوٽ بلند آهن. ٽاورن ۾ زمين جي سطح کان مٿي 8 8 ماڙ ٺهيل آهن. منجهن پنج ماڙ زير زمين پڻ ٺهيل آهن. هر هڪ ماڙ جي ڊيگهه(اوچائي) 4 ميٽر يعني 3 1 فوٽ آهي. ٽاور ۾ 9 3 ايليويٽر لفٽون نصب آهن. زير زمين گيريج ۾ 0 0 5 4 موٽر ڪارون بيهاري سگهجن ٿيون. 2 4 هين ماڙ وٽ ٽاورن کي ڳنڍيندڙ پُل 2 9 1 فوٽ ڊگهي ۽ 0 5 7 ٽن وزني آهي.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  15. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    تاريخ جا ڪيئي لاها چاڙها ڏسندڙ هڪ يادگار محل



    آچر 18 مارچ 2007ع

    هي محل پئرس جي ڏکڻ اولهه ۾ 13 ميل پري ۽ چارٽرس محل کان اوڀر طرف 44 ميل پري واقع آهي. آڳاٽي وقت ۾ محل ڏسڻ ۽ گهمڻ لاءِ ماڻهوءَ کي هڪ تلوار، هڪ ٽوپلو ۽ دربان کي خرچي ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڏوڪڙ گهربل هوندا هئا. بس پوءِ هن کي ورسيلس محل ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ملي ويندي هئي، جتي هو هڪڙي سيلون مان ٻي چمڪندڙ سيلون گهمندو، سورج بادشاهه کي پنهنجي بنئڪيٽ ٽيبل وٽ ڏسندو وڌندو هو، جتي هو ڪنهن وقت ناچ ۾ شامل ته ڪنهن وقت ڪنهن حسينا سان ڳلي ملندو ۽ ڀوڳ چرچو ڪندو يا اڃا به وڌيڪ اڪيلائيءَ وارين سرگرمين ۾ مشغول هوندو هو. اهڙي قسم جا مڙئي نظارا ڏسندڙ کي بيحد لطف ڏيندا هئا. بادشاهه لوئس چوڏهون هن محل ۾ سموري جهان کان جدا بيحد نويڪلائيءَ ۾ گذاريندو هو. محل وارو شاهي هال جيڪو شيشي سان جرڪي پيو، تنهنکي ڏسي توهان کي ضرور حيراني ٿئي ها، پر حقيقت ۾ اڄڪلهه هي محل اصل عروج وڃائي چڪو آهي ۽ کيس بادشاهه لوئس چوڏهين ۽ انهيءَ جي بي حساب دولت جي سخت ضرورت آهي ته جيئن اهو اڳوڻي شان شوڪت جو ٻيهر مالڪ ٿي سگهي.

    هاڻ محل ۾ اصل نوادرات جو اڌ تعداد به مشڪل سان ڏسي سگهبو. انهن نوادرات جي نمائش ممنوع آهي. محل ۾ قائم فرانس ميوزم پڻ نمائش لاءِ بند آهي، جنهن ۾ اٽڪل 6 هزار تصويرون ۽ ٻه هزار کن مجسما سجايل آهن. لي فِگارو ۽ ٻيون اخبارون سرڪار کان گهر ڪنديون رهيون آهن ته فرانس جي انهن فني شاهڪارن جي نمائش لاءِ فرينچ سرڪار کي گهربل ڏوڪڙ خرچ ڪرڻ گهرجن. هڪ سال ۾ اٽڪل 3.2 ملين سيلاني هتي اچن ٿا ۽ سراسري طور ٻه ڪلاڪ کن هتي رهن ٿا. باغن جي وچ ۾ ٺهيل هي محل شروعات ۾ بادشاهه جي شڪار گاهه وچ ۾ ٺهيل ٺڪاڻو هو، جنهن کي پنجاهه سالن دوران اضافي تعمير سان شاهي محل ۾ تبديل ڪيو ويو. هاڻوڪي نمائش ماضيءَ واري فنا ٿيل زندگيءَ جو شاندار ڏيک آهي. هن محل جي تعمير سن 1661ع ۾ شروع ٿي. انهيءَ وقت ٻٽيهن هزارن کان پنجيتاليهه هزار مزدور ڪم ۾ لڳل هئا. ڪيترا ئي مزدور جهنگ وڍيندا هئا ته ڪي وري ڌٻڻين جي صفائي تي معمور هئا، جتي ڪئين مري به ويا. بادشاهه لوئس چوڏهين کي پنهنجي وزير خزانه نڪولس فوڪُئيٽ کي ان ڳالهه تان سخت ڪاوڙ آئي ته وزير جو محل منهنجي فائونٽين بلو محل کان به بهتر جوڙيو ويو آهي، جنهن لاءِ پيسو سمورو سرڪاري خزاني مان خرچ ڪيو ويو آهي. بادشاهه وزير کي گرفتار ڪرايو، پوءِ حڪم ڪيائين ته هڪ اهڙو محل تعمير ڪيو وڃي، جيڪو پوري يورپ ۾سڀ کان وڌيڪ شاندار هجي. وزير واري محل ۾ ڪم ڪندڙ ڪاريگرن کي هن ڪم تي لڳايو ويو. اهڙيءَ ريت هن بادشاهه هي محل جوڙائي دولت ۽ شوڪت جو هڪ يادگار قائم ڪيو، جيڪو پوري يورپ توڙي آمريڪا ۾ لاثاني آهي. اميرن تي نظر رکڻ خاطر بادشاهه کين محل ۾ پنهنجن سمورن ڪٽنبن سميت رهايو، جتي ڪئين شاندار ضيافتن ۽ رنگين تفريحن جو دائمي بندوبست ڪيل هو. ڪن اميرن کي بادشاهه جي شاهي چادر جا پويان پلاند کڻي هلڻ تي معمور ڪيو ويو هو. انهيءَ عرصي دوران امير طبقو سازشن ۾ مشغول رهيو. اهڙيءَ صورت ۾ پورهيت ۽ هاري طبقو ٻهراڙيءَ ۾ ظلمن کان تنگ ٿي، انقلاب جا ٻج پوکي رهيو هو.

    سن 5 1 7 1 ع ۾ جڏهن بادشاهه لوئس وفات ڪئي ته سندس پڙ پوٽو لوئس پندرهين جي حيثيت ۾ تخت نشين ٿيو، جنهن پڻ عيش عشرت جاري رکي. هو چوندو هو ته مون کان پوءِ ملڪ ۾ وڏي ٻوڏ يعني تباهي ٿيندي. کانئس پوءِ لوئس سورهون تخت تي ويٺو. بادشاهه ۽ راڻي اينٽوئينٽ 6 آڪٽوبر 9 8 7 1 ع تي محل ۾ ئي موجود هئا ته کين ٻڌايو ويو ته ماڻهن جا وڏا ميڙ محل تي قبضي ڪرڻ لاءِ اشتعال ۾ پيا اچن. پيشن گوئيءَ موجب ماڻهن جي ٻوڏ محل اندر اچي ويئي. نيپولين بونا پارٽ به هن محل ۾ رهيو، پر هن محل ۾ سندس دلچسپي بلڪل ڪا نه هئي. لوئس فلپ محل جي شان کي بچائڻ لاءِ ان کي هڪ عجائب گهر ۾ تبديل ڪرايو. ڪافي سال پوءِ مشهور سرمائيدار جان راڪفيلر محل جي عظمت بحال ڪرڻ لاءِ گهڻو ناڻو ڏنو ۽ انهيءَ بحاليءَ لاءِ ڪم اڃا تائين هلندو اچي. محل ۾ 6 شاهي محلاتون لوئس چوڏهين جي زماني واريون پنهنجي هشمت ۽ جمال سان موجود آهن، جن جي ڇتين تي دلڪش اليگريڪل پينٽنگ ٿيل آهي. انهن ۾ سڀ کان وڏي ۽ بهترين محلات هرڪيولس سيلون سڏجي ٿي. انهيءَ جي ڇت تي وقت جي مشهور مصور فرانڪوئس ليموئن 3 3 7 1 ع کان 6 3 7 1 ع تائين يوناني جوڌي هرڪيولس جي ڪهاڻي مڪمل طور پينٽ ڪئي آهي. ٻي محلات نالي مرڪري سيلون ۾ بادشاهه لوئس چوڏهين جي ممي جي نمائش سن 5 1 7 1 ع ۾ ڪئي وئي، جنهن فرانس جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ عرصو يعني 2 7 سال حڪومت ڪئي. وارسيلون نالي محلات ۾ سورج بادشاهه گهوڙي تي سوار دشمنن کي سُنبن سان چيڀاٽيندي ڏيکاريو ويو آهي.

    ورسيلس محل جو سڀ کان وڌيڪ مشهور مڪان شيش محل Hall of Mirrors آهي، جيڪو 6 3 2 فوٽ ڊگهو هال آهي. اهو 8 7 6 1 ع ۾ لوئس چوڏهين جي اسٽائيل ۾ شروع ڪيو ويو. هن هال ۾ سينگار ۽ آرائش جو ڪم لي برن ڪيو. هن ۾ 7 1 گولائي واريون دريون عجيب فريمن ۾ فٽ ٿيل شاهي آرسين جي آمهون سامهون جوڙيل آهن. پهرين عالمي جنگ جي خاتمي لاءِ ٿيل جڳ مشهور ”ورسيلس ٽريٽي“ 8 2 جون 9 1 9 1 ع تي هن ئي هال ۾ صحيح ڪيو ويو. ياد رهي ته سن 1 7 8 1 ع ۾ جرمن بادشاهه طرفان جرمن ايمپائر (شهنشاهيت) جو اعلان پڻ هتي ئي ڪيو ويو هو. ورسيلس محل وارا باغ ماهر باغبان اينڊرلي ناٽر لڳايا هئا. اهي باغ 0 5 2 ايڪڙ زمين تي پکڙيل آهن. اينڊ ناٽر فرانسيسي جزيري ۾ هڪڙو باغ عدن به جوڙايو هو، جنهن ۾ خوبصورت نهرون ۽ تلاءَ ٺهرايا ويا هئا. انهن نهرن جي وچ ۾ سهڻن خوشبودار گلن جون بهترين ٻاريون پوکايون ويون، جيڪي جاميٽري موجب ٺهيل هيون ۽ انهن کي مختلف مجسمن سان آراسته ڪيو ويو هو. انهن نهرن ۾ سڀ کان وڏي نهر هڪ ميل ڊگهي هئي. بادشاهه انهيءَ نهر ۾ ٻيڙيءَ تي گهمندي پاڻ کي اٽليءَ جي شهر وينس ۾ موجود محسوس ڪندو هو.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  16. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    ديوار چين: انساني عظمتن جو شاندار نمونو



    اربع 28 مارچ 2007ع

    عظيم ديوار چين پنهنجي بناوت جي طرز توڙي ڊيگهه سبب پوريءَ دنيا ۾ نهايت نرالي حيثيت جي حامل آهي. انهيءَ انوکي معروضي صورتحال سبب اها عظيم ديوار دنيا جي ستن اڏاوتي عجائبن مان هڪ شمار ڪئي وئي آهي. هن عجيب ديوار جي تعمير ستين اٺين صدي قبل مسيح ۾ شروع ٿي. انهيءَ دور ۾ هن خطي جي مختلف حاڪمن پنهنجي پنهنجي خودمختيار رياستن خلاف اتر طرف کان ايندڙ حملي آورن کان بچڻ خاطر پنهنجي اترئين سرحد جي اهم ماڳن ۽ مڪانن تي حملي کي روڪڻ لاءِ بچاءَ واريون ديوارون اڏائڻ شروع ڪيون. جڏهن مشهور قِن Qin گهراڻي جي دور ۾ انهن سمورين ننڍين رياستن کي گڏي هڪ عظيم شهنشاهت قائم ڪئي وئي، تڏهن شهنشاهه قن شي هئانگ جي حڪومت دوران انهن مختلف رياستن طرفان اڏايل اٽڪل سمورين ديوارن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيو ويو ته ديوار جي مجموعي ڊيگهه پنج هزار ڪلوميٽرن کي وڃي پهتي. ان سبب چيني شهنشاهت تاتار ۽ منگول قومن جي حملن کان هميشه لاءِ محفوظ ٿي وئي. قن گهراڻي کان پوءِ وارن حڪمران گهراڻن جي دور ۾ به هن ديوار ۾ ضرورت آهر واڌارو ۽ سڌارو ٿيندو رهيو. جڏهن ناميد يعني منگول ۽ تاتار قبيلا بيحد طاقتور ٿي وري چين تي حملا ڪرڻ لڳا ته ان وقت جي حڪمران مِنگ گهراڻي هن ديوار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ اٽڪل ارڙهن ڀيرا انهيءَ جي مناسب مرمت ڪرائي. نتيجي ۾ نه فقط قن گهراڻي واري تعمير ڪيل شاهي ديوار بحال رهي، پر انهيءَ ۾ ڪن اهم جڳهين تي مجموعي طور تي هڪ هزار ڪلوميٽر ديوار جا وڌيڪ حصا به تعمير ڪرايا ويا. اهڙي طرح ديوار جي ڊيگهه 6 هزار 7 سئو ڪلوميٽر وڃي بيٺي. دنيا جي اڏاوتي تاريخ ۾ ديوار چين جي طرز تعمير پڻ حيران ڪندڙ حد تائين نرالي آهي. انهيءَ زماني ۾ هٿيار نهايت سادا جهڙوڪ نيزا، ڀالا، تبرون، تلوارون، تير ۽ ڪمان وغيره هوندا هئا ته بچاءَ لاءِ ديوارون ۽ ڪوٽ نهايت سٺا وسيلا هئا. انهن ديوارن ۾ مناسب ۽ اهم هنڌن تي مختلف قسمن جا لنگهه وچٽاور يعني چوڪيءَ وارا برج ۽ سگنل ٽاور ٺهيل هوندا هئا. ڪن ڪن هنڌن وٽ ديوارن جي ڀرسان کاهيون کوٽي، انهن کي پاڻيءَ سان ڀري ڇڏيندا هئا. انهن آبي کاهين کي موٽس سڏيندا هئا. هر حڪمران ۽ خاص طور تي چوڏهين کان سترهين صديءَ جي وچ ڌاري تائين مِنگ گهراڻي وارن حڪمرانن هن ديوار کي بيحد مضبوط بڻائڻ لاءِ هن جي اڏاوت ۾ تمام گهڻا سڌارا ۽ واڌارا ڪيا. هن گهراڻي جي دور ۾ ديوار ۾ هنڌين ماڳين زبردست ۽ نهايت شاندار پاس يا لانگها، چوڪي ۽ سگنل ڏيڻ وارا برج محدود ڇانوڻيون ۽ فوجي پوسٽون اڏايون ويون. ديوار ۾ هن خاطر خواهه اڏاوتي توسيع واري نظام تحت شاهي درٻار جو سرحدن ۽ انهن جي محافظن سان گهرو رابطو بحال ٿيو ۽ نتيجي ۾ حفاظتي لشڪر جي پڻ چڱيءَ طرح خبر چار ۽ سار سنڀال ٿيڻ لڳي.

    هن عظيم ديوار جي موجوده شڪل صورت گهڻو ڪري مِنگ گهراڻي جي تعميرات جي نشاني آهي. هن وقت ديوار جي سراسري اوچائي ڏهه ميٽر يعني ٽيهه فوٽ ۽ ويڪر سراسري طور تي پنج ميٽر يعني پندرنهن فوٽ آهي. هيءَ ديوار سرحد جي ٽڪرين موجب ڪٿي هيٺ ته ڪٿي مٿي ٺهيل آهي ۽ اها اوڀر کان اولهه طرف تعمير ٿيل آهي. هيءَ عظيم ديوار چين جي تاريخ، ثقافت ۽ ترقيءَ جي علامت ۽ دنيا جي ستن عجائبن مان هڪ آهي. مزيدار ۽ تعجب جي ڳالهه اها پڻ آهي ته خلا ۾ جنهن ماڳ ۽ مڪان تي خلابازن کي ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي دوربينيءَ وسيلي ڪا به شئي نظر نٿي اچي، اتي به ديوار چين ڏسي سگهجي ٿي. تنهن کان سواءِ هالينڊ ۽ بيلجم ملڪن جي شاهراهن تي لڳل بجليءَ جي روشني پڻ نظر اچي ٿي. لائولانگ ٽو يعني اجگر نانگ جو مٿو نالي هڪ چوڪي fortification شانهائي لڪ جي اوڀر طرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي پٿر ۽ سرن سان اڏائي وئي آهي. اها چوڪي ديوار جي اڀرندي دنگ وٽ ٺهيل آهي. هن جي اوچائي ٽيهه فوٽ آهي. هتي جنگلُور نالي پليٽ فارم ۽ چينگهائي محل پڻ اڏيل آهي. شانهائي لڪ وٽ سن 1 8 3 1 ع ۾ هڪڙي چوڪي اڏي وئي. اها ديوار جي اڀرندي ڇيڙي وٽ تمام اهم فوجي چوڪي آهي. اها بدگونيا واري مستطيل جي شڪل ۾ اڏيل آهي. منجهس چار ڦاٽڪ آهن. هن جي سراسري اوچائي 37 فوٽ ۽ ويڪر 32 فوٽن کان به وڌيڪ اٿس. هي لڪ هيئي بيئي صوبي جي ڪنهئانگڊائو شهر جي اوڀر طرف واقع آهي.

    هئانگيا لڪ وٽ ديوار جو ڀاڱو منگ گهراڻي جي يونگل بادشاهه جي حڪومت دوران سن 1424ع ۾ تعمير ٿيو. هي هنڌ جگزئين ڪائونٽي جي اتر طرف جبلن ۾ واقع آهي. هتي اڏيل عمارتن ۾ پٿر ۽ سرون ٻئي استعمال ڪيل آهن. هتي عاليشان قلعو، فوئنڪس ٽاور ۽ نارٿ پلو پويليئن اڏيل آهن. هي سمورو لڪ آبي کاهي سان پڻ گهيريل آهي. جنشان رج نالي ديوار جو ڀاڱو مِيُون ۽ بيجنگ ڪائونٽين جي وچ واري علائقي ۾ تعمير آهي. اهو علائقو هيئي بيئي صوبي جو حصو آهي. هيءَ رج ڪيئن سئو ڪلوميٽر ڊگهي آهي. انهيءَ پهاڙي پٽي تي ٺهيل ديوار ۾ ڏيڍ سئو کان به وڌيڪ چوڪيءَ وارا ٽاور، چبوترا، ڇٽيون ۽ برج مختلف سائيز ۽ نقشن موجب ٺهيل آهن. ديوار جو هي ڀاڱو تعمير جي مختلف نمونن جي مجموعي سبب نهايت نرالو ۽ شاندار آهي. متيانيو Mutianyu هنڌ وٽ ديوار جو ڀاڱو سن 1404 ۾ تعمير ٿيو. اهو حصو هئائرو ڪائونٽيءَ ۾ آهي. هي هڪ تمام اهم فوجي ماڳ آهي. هن ڀاڱي جي اولهه طرف تي ديوار کي جيانگ لڪ ۽ اوڀر طرف گوبيڪو لڪ موجود آهن. هي ڀاڱو رياستي گاديءَ جو هميشه کان وٺي اهم حفاظتي ماڳ رهيو آهي. هن علائقي جو اٽڪل نوي سيڪڙو پائين ۽ سائپريس وڻن سان ڇانيل آهي. هي نهايت سرسبز ۽ حسين وادي آهي. سماٽائي simatai نالي ديوار جو ڀاڱو سن 1368ع ۾ تعمير ٿيو. هي ڀاڱو گوبيڪو شهر ميون ۽ لئانپنگ ڪائونٽين جي وچ ۾ آهي. ديوار جو هي ڀاڱو خاص طرز تعمير آهي. گاديءَ واري شهر جي نظرداريءَ لاءِ اهوحصو سمنڊ جي سطح کان 986ميٽر اوچائيءَ تي اڏيل آهي. منجهس چوڪيءَ لاءِ 5 3 واچ ٽاور ٺهيل آهن. ديوار جو هي ڀاڱو 19ڪلوميٽر ڊگهو آهي. گوبيڪو لڪ ميون ڪائونٽي جي اتر اوڀر ۾ ديوار ۾ شامل آهي. گوبيڪو شهر 1378 ۾ تعمير ٿيو. ان جي چوڌاري ٻه ڪلوميٽر طويل بچاءُ وارو ڪوٽ اڏيل آهي. ڪوٽ ۾ ٽن طرفن اوڀر، اتر ۽ ڏکڻ ۾ ڦاٽڪ يا شاهي دروازا اڏيل آهن. ديوار جو ٻاهران ڪائوهي نالي ندي به وهندڙ آهي. انهيءَ ۾ پڻ ٽي آبي ڦاٽڪ آهن. هن هنڌ وٽ ديوار توڙي شهر جو نهايت موهيندڙ منظر موجود آهي، جنهن ۾ سندن عظمت عيان آهي. بيجنگ صوبي جي يانڪنگ ڪائونٽي ۾ باڊلنگ هنڌ وٽ ديوار جي تعمير منگ گهراڻي جي دور ۾ ٿي هئي. هتي ديوار جي اوچائي 7.8 ميٽر ٿيندي ۽ اها سراسري طور 5.8 کان 6.5 ميٽر ويڪري آهي. ديوار جو هي حصو پڻ شاندار آهي. ديوار جو جيانگ لڪ بيجنگ صوبي جي چانگ پنگ ڪائونٽي جي اتر اولهه طرف واقع آهي. هن لڪ وٽ ٺهيل عمارتن جي گيٽن ۽ ديوارن جي کليل ڀاڱن تي ٻڌ ڌرم جا نقش نگار اُڪريل آهن. انهن ۾ مورتيون ۽ ٻڌ جي تعليمات جون لکڻيون به اُڪريل آهن. اهي نگارشات يئان Yuan گهراڻي جي دور ۾ اُڪريل آهن. هي لڪ بيجنگ جو سهڻو علائقو تصور ڪيو وڃي ٿو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته هن علائقي ۾ آس پاس ٻاهتر کن تاريخي ماڳ ۽ سائنسي جڳهيون موجود آهن.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  17. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    وائيٽ هائوس



    اڱارو 10 اپريل 2007ع

    وائيٽ هائوس عمارت آمريڪي صدر جي آفيس ۽ رهائشگاهه آهي. اها عمارت آمريڪا جي گاديءَ واري شهر واشنگٽن ۾ پينسلوانيا اوينير يعني شاهراهه تي واقع آهي. وائيٽ هائوس عمارت سرڪاري طور وي آئي پي گائيڊيڊ موٽر وسيلي يا خانگي طور پنهنجي مرضيءَ سان گهمي سگهجي ٿي. وائيٽ هائوس گهمڻ لاءِ سرڪاري پاس يا گهربل ٽڪيٽ ٻن طريقن سان حاصل ڪجي ٿي. اول ته توهان ڪنهن ڪانگريس جي ميمبر يا سينيٽر کي ٻه ٽي مهينا اڳ وي آءِ پي ٽڪيٽ لاءِ گذارش ڪري حاصل ڪري سگهو ٿا. ٻيو طريقو اهو آهي ته توهان وائيٽ هائوس وزيٽر سينٽر واقع پينسلوانيا اوينير يا ففٽينٿ اسٽريٽ تي واقع ڊپارٽمينٽ آف ڪامرس بلڊنگ مان فري ٽڪيٽ حاصل ڪريو. مٿين ڄاڻايل ٽڪيٽ ملڻ وارين آفيسن ۾ روزانو ساڳئي ڏينهن گهمڻ جي ٽڪيٽ ملندي آهي. ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ صبح ساڍي 7 بجي کان اڳ ۾ اچي قطار ۾ بيهڻو پوندو آهي. اڳ پهچندڙ کي اڳ ٽڪيٽ ملڻ وارو اصول ڪارفرما آهي. ٽڪيٽ جو حصول يقيني بڻائڻ لاءِ ماڻهو ستين بجي کان به اڳ ۾ اچي قطار ۾ بيهن ٿا. هڪ ماڻهو وڌ ۾ وڌ چار ٽڪيٽون وٺي سگهي ٿو. ٽڪيٽ وٺندڙ جي هٿ تي هڪ اڻ لکي مُهر يا ٺپو پڻ هڻندا آهن، جيڪو خاص مشين وسيلي ڏسي سگهبو آهي. ٻن ٽن يا چئن ڄڻن جي ٽولي ۾ ڪنهن به هڪ شخص جي هٿ تي اهو ڳجهو ٺپو هڻڻ ضروري آهي جيئن توهان کي وائيٽ هائوس عمارت ۾ داخلا جي اجازت ملي. ٽڪيٽن جي مقرر تعداد جي ورهاست کانپوءِ ٽڪيٽ ڪائونٽر بند ٿي ويندو آهي.

    ٽڪيٽ فقط هڪ ۽ انهيءَ ساڳئي ڏينهن ۽ وقت لاءِ ڪارگر هوندي آهي. انهيءَ ڪري ٽڪيٽ وٺڻ شرط وائيٽ هائوس وڃي سير ڪرڻ گهرجي جيئن وقت ضايع نه ٿئي. وائيٽ هائوس عمارت جي مختصر تاريخ آمريڪا جي پهرئين صدر جاج واشنگٽن قصر صدر يعني صدارتي محل جي تعمير لاءِ ساري دنيا جي مهان معمارن کان نقشا گهرايا هئا. کيس ڪل 52 نقشن مان فقط هڪڙو نقشو سڀني کان وڌيڪ وڻيو. اهو آئرلينڊ جي مشهور معمار جيمس هوبين جو ٺاهيل هو. انهيءَ موجب محل جي تعمير سن 1792ع ۾ شروع ٿي، پر محل اڏائيندڙ صدر واشنگٽن ان جي تڪميل کان اڳي ئي وفات ڪري ويو. هيءَ عمارت اٺن سالن ۾ جڙي راس ٿي. سن 1841ع ۾ آمريڪا -برطانيه جنگ دوران برطانيه طرفان لڳايل باهه ۾ هن عمارت جو گهڻو اندريون حصو سڙي ويو، جيڪو ڪجهه باهه کان بچيو سو قدرتي طور طوفان ۽ برسات پوڻ سان باهه وسامڻ سبب بچي ويو.

    عمارت جو موجوده نقشو مسٽر هوبين وارو برقرار رکيو ويو آهي. مسٽر هوبين اهو نقشو ڊبلن شهر ۾ لينسٽر جي ڊيوڪ جي محل واري ڊزائين موجب جوڙيو هو. ڏکڻ طرف واري پورٽيڪو ۾ سن 1824ع ۾ تبديلي آندي وئي ۽ اترئين پورٽيڪو ۾ سن 1829ع ۾ تعميراتي ترميم آندي وئي. انهيءَ تعميراتي ترميم ۽ ترويج تي اٽڪل پنج لک ڊالر خرچ ٿيو. گهڻو گهڻو پوءِ آمريڪي صدر هيري ٽرومين ڏاکڻي پورٽيڪو ۾ هڪڙي بالڪوني ٺهرائي، ڪجهه اضافو آندو. سن 1948ع ۾ ڊائيننگ روم جي ڇت ڪرڻ سبب ٻئي ڪافي نقصان کانسواءِ ليڊي مارگريٽ جي پيانو جي ٽنگ پڻ ڀڄي پئي. تڏهن عمارت جي نئين سر تعمير لاءِ 6 ملين ڊالر منظور ڪيا ويا. وائيٽ هائوس جي انهيءَ تعميري عرصي دوران صدر ٽرومين رستي جي ٻئي پاسي ئي موجود عمارت بليئر هائوس ۾ عيال سميت رهندو هو. انهيءَ وقت ان جي تڪميل ۾ چار سال لڳا. هاڻ هيءَ عمارت هڪ مفروضي موافق جبل الطارق وانگر پختي ۽ مضبوط ٿي وئي آهي.

    (1) گولڊ اينڊ وائيٽ ايسٽ روم: هن زبردست هال نما ڪمري کي صدارتي استقباليه، شادي مرادي ۽ ٻين ڪيترين ئي عاليشان تقريبن جي اهتمام جو شرف حاصل آهي. مثلن صدر جانسن جي ڌيءُ لينڊا برڊ جي شادي جي تقريب هن ڪمري ۾ منعقد ٿي هئي. هن ڪمري ۾ آمريڪي صدر غير ملڪي حڪمرانن سان ڪچهري ڪندو آهي ۽ هن ئي ڪمري ۾ آمريڪا جا ست صدر، صدارتي عرصي دوران وفات ڪري چڪا آهن. صدر نڪسن پنهنجي استعيفا ڏيڻ واري تقرير پڻ هن ئي ڪمري ۾ ڪئي هئي.

    (2) دي گرين روم: هي ڪمرو اصل ۾ صدر ٿامس جيفرسن ڊائننگ روم طور استعمال ڪندو هو. جيفرسن هن ڪمري ۾ هڪڙو ڦرندڙ دروازو لڳرايو هو، جنهن جي هڪڙي پاسي تي ٽري فٽ ٿيل هئا. انهن تي کاڌو رکيو ويندو هو ۽ جڏهن دروازو ڦرڻ سان ٽري ڪمري جي اندرئين طرف ٿيندا هئا ته اندر ويٺل ماڻهو، جن ۾ ميزبان توڙي مهمان شامل هوندا هئا، پنهنجي مدد پاڻ جي اصول موجب کاڌو کڻي کائيندا هئا. اهڙيءَ طرح خدمتگارن جي اندر اچڻ جي ضرورت نه هوندي هئي ۽ ويٺل ماڻهن جي پرائيويسي برقرار رهندي هئي. هن ڪمري جون ڀتيون سبز رنگ جي ريشم پردن سان ڍڪيل آهن.(3) دي اوول بلو روم: هن ڪمري ۾ فرينچ ايمپائير اسٽائيل جي ڊيڪوريشن ٿيل آهي. اها اسٽائيل صدر جيمس منرو 1817ع ۾ پسند ۽ اختيار ڪئي هئي. هن ڪمري ۾ جيفرسن جي دور کان وٺي صدر ۽ سندن بيگمون سرڪاري مهمانن جي آجيان ڪنديون آهن. هڪ فنڪار وان بورين پنهنجي ايجاد ڪيل طرز موجب هي ڪمرو آراسته ڪيو، جنهن موجب هن بلو رنگ اختيار ڪيو. گروور ڪليولينڊ واحد آمريڪي صدر جي شاديءَ جي تقريب هن بلو روم ۾ منعقد ٿي هئي. صدر ريگن ۽ سندس زال نينسس انهن 3 5 آمريڪين کي هن ڪمري ۾ آزاد ٿي اچڻ جي مبارڪ ڏني، جيڪي 444ڏينهن ايراني حڪومت وٽ يرغمال ٿيڻ کان پوءِ آزاد ٿي آمريڪا پهتا هئا.

    (4) ريڊ روم: هن ڪمري ۾ سمورو فرنيچر توڙي ڀتين تي ڳاڙهي سٽين استعمال ٿيل آهي. هن ڪمري ۾ به ڪيترن ئي سابق صدرن جون تصويرون ڀتين تي سجايل آهن. انهيءَ کانسواءِ هتي ڊولي ميڊيسن جو پورٽريٽ ۽ البرٽ بيئرسٽاڊٽ جو ٺهيل لينڊ اسڪيپ پڻ آويزان آهي. انهيءَ لينڊ اسڪيپ جو نالو ويو آف دي راڪي مائونٽينس آهي.

    (5 ) دي اسٽيٽ ڊائننگ روم: هي ڪمرو ارڙهين صديءَ جي آخري حصي واري انگريزي طرز تعمير موجب تيار ڪيو ويو هو. هن ڪمري ۾ شاهي ضيافتون منعقد ٿينديون آهن، جن ۾ ظهرانه توڙي عشائيه شامل آهن. صدر ٿيوڊور روز ويلٽ وڏو شڪاري هو. هن هڪڙي هرڻ (جنهن کي آمريڪي موز سڏيندا آهن) جي سسي هن ڪمري جي بخاري جي مٿان شوپيس طور سجائي هئي. انهيءَ کانسواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي اهڙيون شيون هتي رکيل آهن.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  18. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    مسيح جو صليب تي چڙهڻ



    اڱارو 17 اپريل 2007ع

    سن ٽيهه عيسويءَ ۾ جڏهن ٽبريئس Teberius روم جو شهنشاهه ۽ اسرائيل واري صوبي جو حڪمران پونٽيئس پائليٽ هو، تڏهن يهودين جي مصر کان آزاديءَ واري جشن کان ڪجهه ڏينهن اڳ يسوع مسيح عليه السلام يروشلم ۾ آيو. انهيءَ وقت تائين سندس تبليغ جو دائرو گيليلي جي علائقي ۽ ڪيپر نائم شهر جي پسگردائيءَ تائين محدود هو. هو ڪيپر نائم شهر جي ديني مدرسن ۾ تبليغ ڪندو رهيو. يروشلم شهر ۾ سندس آمد هڪڙي ننڍڙي سوڀ جي مترادف هئي. گيليلي جي علائقي ۾ سندس پوئلڳن جو تعداد ڳچ ٿي ويو هو. گيليلي ڍنڍ جي ڪناري تي سندس واعظ ٻڌڻ لاءِ جڏهن تمام گهڻا ماڻهو گڏ ٿيندا هئا ته پاڻ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي، ٻيڙي هلائيندي سموري ڪناري تي گڏ ٿيل ماڻهن کي خطاب ڪندو هو. اهڙيءَ صورتحال ۾ عوام جي هن ڏانهن والهانه رغبت جو احوال سندس پهچڻ کان اڳ ۾ ئي يروشلم جي حاڪمن کي تفصيل سان وڃي مليو. هو پاڻ جڏهن يروشلم شهر ۾ داخل ٿيو ته ماڻهن جي تمام وڏن ۽ گهڻن ميڙن دل جي گهرائين سان سندس آجيان ڪئي. يروشلم جي ماڻهن کي عيسيٰ عليه السلام جي تعليمات جو پورو پتو ۽ پرو خير ڪو هو، پر ملڪ ۾ رائج نظام کي رد ۽ ختم ڪرڻ ۽ هڪ انصاف تي مبني نئون نظام برپا ڪرڻ واري حقيقي اڳواڻ طور عوام مسيح عليه السلام ڏانهن راغب ٿي رهيو هو. سندس مکيه پوئلڳن طرفان ورتل گڏهه تي چڙهي، پاڻ عه سڄي شهر جو چڪر لڳايائين ۽ ماڻهن کي پرجوش خطاب ڪيائين. ماڻهن خوشيءَ ۽ اميد تي مبني نهايت جوش ۽ جذبي سان نعرا هنيا.

    حضرت عيسيٰ عليه السلام پوءِ حضرت سليمان عليه السلام واري عبادت گاهه ۾ ويو، جتي ويٺل تعويذ فروشن، ڪبوتر وڪرو ڪندڙن ۽ ٻين بدمعاشن جي ٽولن کي ڀڄائي ڇڏيائين. سموري سماجي عمل ۾ سندس فقط ايترو ئي محدود دخل هو. پوءِ هڪ هفتي تائين شهر ۾ تبليغي عمل جاري رکيائين، جنهن دوران عوام جي تمام وڏي ميڙ جي موجودگيءَ سبب سرڪاري ڪارندن لاءِ يسوع مسيح عه جي گرفتاري مشڪل ٿي پئي. تڏهن سرڪاري اعليٰ اهلڪارن هن حيران ڪندڙ شخصيت خلاف سنجيده گڏجاڻي منعقد ڪئي. شهر تي هن غير موثر طريقي سان ٿيندڙ قبضي واري صورتحال کان يهود Judas نالي هڪڙي مکيه پوئلڳ عيسيٰ عليه السلام کي ڊيڄارڻ ۽ مايوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چند ڏوڪڙن جي رشوت عيوض غداريءَ جو مرتڪب ٿيو ۽ سندس گرفتاريءَ لاءِ يهودي مُلن سان صلاح مصلحت ۽ مدد ڪئي.

    يهودين ۽ سندن وڏي پادريءَ کي هن اوچتي فساد جي برپا ٿيڻ ڪري سخت تشويش لاحق ٿي پئي. ڇو ته ان کان اڳ ۾ سندن خلاف ماڻهن جا هيڏا وڏا ميڙ شهر جي گلين ۾ ڪڏهن به ظاهر ڪو نه ٿيا هئا. انهيءَ صورتحال جي پيش نظر سائفس Caiaphas نالي مُک پادريءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ شهر جي يهودي مُلن جو سمورو لڏو مسيح عليه السلام جي خلاف اسرائيل جي صوبي جي حڪمران پونٽيئس وٽ دانهين ٿي ويو.

    پونٽيئس پائليٽ ازخود حيران ۽ پريشان هئڻ سبب يهودين جي چوڻ تي حضرت عيسيٰ عليه السلام کي صليب تي چاڙهڻ جي فتويٰ جاري ڪئي. ٿيو هيئن ته ٻارهن حوارين(مک پوئلڳن) مان يهودا نالي هڪ حواريءَ جي غداريءَ سبب يسوع مسيح عه کي باغ مان گرفتار ڪري، پونٽيئس جي درٻار ۾ اچي حاضر ڪيائون. جتي مٿس اڳي ئي داخل ڪيس هلائي، صليب تي چاڙهي قتل ڪرڻ جي سزا ٻڌائي وئي. اهڙيءَ طرح خواهش ۽ توقع جي خلاف عوام جي ڇوٽڪاري وارو خواب اڌورو رهجي ويو. سرڪار سان هڪڙي غداريءَ واري ٺاهه موجب سندس سمورا حواري کيس ڇڏي ڀڄي ويا.

    صيلب تي ڪوڪا هڻي ٽنگڻ لاءِ جڏهن مسيح عليه السلام کي جلجوٿا(Golgotha) نالي ٽڪريءَ ڏانهن وٺي وڃڻ لڳا ته رستي ۾ هلڻ دوران رومي سپاهي کين چهبڪن ۽ ڦٽڪن سان گهايل ڪندا هليا ۽ مٿانئس چٿرون به ڪندا رهيا. مسيح عليه السلام کي ٽڪريءَ ڏانهن جلوس جي صورت ۾ نيو ويو هو. انهيءَ جلوس ۾ پيٽر نالي هڪڙو حواري به موجود هو. عملدارن جي پُڇا ڪرڻ تي هن حضرت عيسيٰ عليه السلام کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جڏهن مسيح عليه السلام کي صليب تي چاڙهيو ويو ته ماڻهن جي ميڙ جو وڏو حصو ويندو رهيو، جنهن ۾ پيٽر به شامل هو. انهيءَ هنڌ تي باقي چند عورتون ۽ مرد وڃي بچيا، جن عيسيٰ عليه السلام کي اُڃ، بک ۽ سور سهندي ٽنگيل ڏٺو. عيسائي روايتن ۾ اچي ٿو ته اکين ڏٺن شاهدن ٻڌايو ته يسوع مسيح عه الله تعاليٰ کي وڏي واڪي پڪاريندي چيو ته”منهنجا مولا! مون کي ڇا لاءِ تياڳ ڏنو اٿئي؟“ انهن لفظن چوڻ کان پوءِ ترت پنهنجو دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيائين. سندس اهي لفظ سندس پوئلڳن لاءِ باقي زماني ۾ پراسرار صدائن جي صورت ۾ موجود آهن.

    حضرت عيسيٰ عليه السلام جي مصلوب ٿيڻ جي هن ظالمانه واقعي اٻوجهه عوام ۾ اهڙو ته خوف ۽ حراس پيدا ڪيو، جو سندن وايون بتال ٿي ويون ۽ ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍي نه سگهيا. چون ٿا ته جڏهن مسيح عليه السلام کي صليب تي چاڙهيو ويو ته چوطرف گهگهه اوندهه ڇانئجي وئي ۽ حضرت سليمان عليه السلام واري عبادت گاهه جو غلاف شهيد ٿي ويو، پر سرڪار طرفان زهريلي پروپيگنڊا سبب عام ماڻهو خاموش ئي رهيا. هزارين سالن کان پوءِ به هاڻوڪي دنيا جي عوام لاءِ مسيح عليه السلام کي صليب تي چاڙهڻ واري نما شام تمثيلي طور تي اڄ به موجود آهي. جتان جاءِ واردات تي حاضر چند عورتن ۽ مردن جو ننڍڙو جٿو انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ گهرن ڏانهن موٽي ٿو ته، آيا مسيح عليه السلام اڃا تائين جيئرو آهي يا دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيائين.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  19. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    صليبي جنگيون



    اربع 25 اپريل 2007ع

    ڪئين صدين کان وٺي اولهه توڙي اوڀر توڙي اوڀر يورپ جا عيسائي پنهنجي ڪليسائن ۽ مقدس مڪانن جي زيارت لاءِ فلسطين جي قديم شهر يروشلم ايندا رهندا هئا، پر جڏهن سلجوقي تُرڪن سن 1070ع ۾ فلسطين فتح ڪري ورتو ته انهن ڪرستانن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ کين فلسطين اچڻ کان روڪي ڇڏيائون. يروشلم ۽ فلسطين ۾ عيسائين سان ٿيندڙ اهڙي سلوڪ واريون خبرون جڏهن يورپ ۾ پهتيون ته اتي غم ۽ غصي جي لهر پکڙجي ويئي. نتيجن انهي رويي خلاف ۽ فلسطين کي ٻيهر فتح ڪرڻ خاطر يورپي ڪرستانن طرفان ڪيترين ئي جنگين جو سلسلو چالو ٿي ويو. انهن جنگين کي صليبي جنگيون سڏجي ٿو. هنن جنگين جو سلسلو تقريبن ٻه سئو سالن تائين برقرار رهيو، جيڪو نيٺ سلطان صلاح الدين ۽ انگلينڊ جي بادشاهه رچرڊ جي وچ ۾ هڪ معاهدي موجب ختم ٿيو.

    سلجوقي ترڪن فلسطين جي قبضي تي اڪتفا نه ڪيو، پر پوءِ به بازنطيني شهنشاهه سان مهاڏو اٽڪايو ۽ کيس ڌمڪائيندا رهيا. انهيءَ صورتحال جي پيش نظر بازنطيني شهنشاهه روم واري پوپ گريگري ستين کان فوجي مدد طلب ڪئي. انهيءَ وقت ۾ پوپ خود پنهنجي ڪليسا جي اصلاحات جي مسئلن ۾ ڦاٿل هجڻ سبب گهربل مدد ڏيڻ کان لاچار هو. گريگري هفتم جي وفات بعد پوپ جي مسند تي فائز ٿيندڙ پوپ اربن ٽو Pope Urban بازنطيني سلطنت جي مدد لاءِ اقرار ڪيو. پوپ اربن ثانيءَ کي اها پڻ اميد هئي ته اهڙيءَ صورتحال جي ڪري سندس رومي ڪيٿولڪ ڪليسا ۽ ان جي مخالف آرٿو ڊاڪس يعني يوناني ڪليسا پاڻ ۾ هڪ ٿي ويندا ۽ کيس پنهنجي گڏيل رهنما طور قبول ڪندا. اهو فائدو حاصل ڪرڻ خاطر سن 1095ع ۾ پوپ اربن ثاني اوڀر فرانس جي هڪڙي شهر ڪليو مونٽ چرچ ڪائونسل ۾ شريڪ ٿيڻ کان پوءِ ماڻهن جي هڪڙي وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته يورپ جي عيسائي شهزادن کي پاڻ ۾ انفرادي ۽ باهمي فساد ختم ڪرڻ گهرجن. انهيءَ جي برعڪس مقدس مڪان فلسطين جي آزاديءَ لاءِ ترڪن خلاف گڏجي ڪروسيڊ يعني مقدس جنگ ڪرڻ کپي. هن کين لالچ ڏياريندي چيو ته يورپ ۾ پنهنجي کاڌي جي پورت جيترو به اناج پيدا ڪونه ٿو ٿئي. ٻئي طرف فلسطين جي زرخيز زمين تي آباد ٿيندي هر ڪو مجاهد عيسائي خوشحال زندگي گذاري سگهندو . پوپ ساڻن واعدو ڪيو ته جيڪو به ماڻهو محصول ڀريندڙ آهي، انهيءَ کان نه فقط محصول ڪونه ورتو ويندو، پر سندس سمورا قرض معاف ڪيا ويندا. هن کين اها ترغيب پڻ ڏني ته هن جنگ ۾ جيڪي ماڻهو شهيد ٿيندا، ڌڻي سندن سمورا گناهه معاف ڪري ڇڏيندو. صليبي جنگ برپا ڪرڻ جي سلسلي ۾ پوپ اربن ثاني پوري يورپ ۾ ساندهه نوَ مهينا سفر ڪندو ۽ جنگ منظم ڪرڻ جي تبليغ ڪندو رهيو. نتيجي ۾ ماڻهن سندس اپيل جي ڀرپور موٽ ڏني ۽ هڪڙو نعرو Deus vult يعني ”صليبي جنگ ڪرڻ خدا جي مرضي آهي“ مشهور ٿيو. ماڻهن محسوس ڪيو ته ڪرستانن جي حيثيت ۾ يروشلم ۽ اتي موجود سندن مقدس جايون مسلمانن کان واپس وٺڻ مٿن قدرتي فرض آهي.

    اهڙيءَ ريت سن 1096ع جي بهار جي مند ۾ اٽڪل 12000 فرينچ هارين مقدس لشڪر جي حيثيت ۾ فلسطين ڏانهن پنهنجو طويل سفر شروع ڪيو. هارين تي مشتمل هن لشڪر جي اڳواڻي ٻن شخصن پيٽر دي هرمٽ ۽ والٽر پيني ليس جي هٿن ۾ هئي. پيٽر ۽ والٽر پنهنجي سموري سفر دوران خچر ۽ گڏهه تي سواري ڪندي، هن جنگ بابت تبليغ ڪندا رهيا. هارين جو لشڪر سندن پويان پيدل هلندو رهيو. هن مفلس لشڪر جو ساز و سامان ڍڳي گاڏين تي لڏيل هو.

    هن لشڪر جي سفر دوران جرمني ۽ رهائيلينڊ مان به هارين جا لشڪر فلسطين ڏانهن سفر ڪرڻ لڳا هئا. يورپ جي مختلف ملڪن مان لنگهڻ ۽ اتي وقت سر ترسڻ دوران هنن هاري لشڪرن ماڻهن سان ڦڏا ۽ فساد ڪيا. هنن کين ساٿ نه ڏيندڙ هارين تي حملا ڪري کين ڦريو لٽيو ۽ سندن فصلن کي ساڙي ڇڏيو. رستي ۾ ملندڙ تقريبن هر يهوديءَ کي ماري ٿي ڇڏيائون. انهيءَ ڳنڀير صورتحال جي پيش نظر يورپي ڳوٺاڻن هارين جي لشڪر جي خوف ۾ پهرين سجاڳ رهڻ لڳا ۽ تنگ ٿي ڪڏهن ڪڏهن هنن لشڪري ٽولين تي حملا پڻ ڪرڻ لڳا. اهڙين عقوبتن کانپوءِ جڏهن اهي هاري لشڪر قسطنطنيه شهر ۾ پهتا ته سندن اصل تعداد جو ٽيون ڀاڱو رستي ۾ ئي مارجي چڪو هو. سندن لباس ليڙون ليڙون ٿي ويل هو ۽ وٽن پئسو ته بلڪل به ڪونه هو. تنهنڪري اهي راهگيرن، شهر جي دڪانن، مارڪيٽن ۽ گهرن مان ڦرون ۽ چوريون ڪرڻ ۾ جنبي ويا.

    انهيءَ کانپوءِ سن 1097ع ۾ يورپ جي وڏن نوابن ۽ اميرن ترڪن تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ پنهنجا پنهنجا لشڪر منظم ڪيا. هنن يورپي اميرن پنهنجي لشڪرن سان گڏ پنهنجي غلامن، زالن، ٻارن، منشين، نوڪرن چاڪرن، بورچين ۽ لوهارن کي پڻ آندو هو. هن صليبي جنگي مهم تي تمام گهڻو خرچ ٿي رهيو هو. تنهنڪري هنن مهم جُو سردارن پنهنجي جائداد، زر توڙي زمين ۽ هيرا جواهر وڪيا ۽ منجهائن ڪيترن ئي لکن جا قرض کنيا. فلسطين ڏانهن ويندي هنن يورپي صليبي سردارن به پهرين لنگر اچي قسطنطنيه شهر ۾ ڪيو، پر اڳوڻن هاري لشڪرن کان ڪا بهتري نه ڏسي، بازنطيني ماڻهو هنن کان به خائف ٿي پيا. هو فلسطين تي ڪاهڻ بدران مورڳو قسطنطنيه تي قبضو ڪرڻ لاءِ سوچڻ لڳا. انهيءَ صورتحال بازنطيني حڪمران کي پريشان ڪري وڌو، جنهن لاچار ٿي هنن کي گهوڙا، ٻيڙا ۽ ٻيو گهربل سامان ڏيئي ترڪن تي حملي ڪرڻ لاءِ ايشيا مائينر روانو ڪيو. يورپي اميرن جي هن گڏيل صليبي لشڪر جا اٽڪل 30 هزار ماڻهو ايشيا مائينر ۾ پهتا ۽ ترڪن کي شڪست ڏنائون. تنهن کانپوءِ اهي ڏکڻ طرف وارو رڻ پٽ جهاڳي وڃي شام ملڪ ۾ پهتا. باقي بچيل يورپي لشڪر رستي ۾ حائل شامي رياست جي شهر تي قبضا ڪندا، فلسطين ڏانهن وڌندا رهيا ۽ سن 1099ع ۾ جيڪي صليبي يورپي فوجي يروشلم ۾ پهتا، انهن جو تعداد فقط ٻارهن هزار هو، جيڪو قسطنطنيه ۾ ٽيهه هزار هو. هنن شهر تي قبضي ڪرڻ دوران هتي رهندڙ سمورن مذهبن جي ماڻهن جهڙوڪ ترڪن، يهودين توڙي ڪرستانن کي قتل ڪيو. هنن شهر ۾ ڦرلٽ ڪئي ۽ سون، چاندي، گهوڙن ۽ خچرن کانسواءِ ڀريل تريل گهرن تي پڻ قبضو ڪيو. يروشلم شهر تي قبضي کانپوءِ هنن صليبي يورپي جنگي سردارن پنهنجو مذهبي جوش توڙي تقدس وساري ڇڏيو. پنهنجي فتح ڪيل علائقن کي چئن ڀاڱن ۾ ورهائي پنهنجون چار الڳ رياستون قائم ڪيائون. انهن رياستن کي آئو ٽريم يا ”دي ڪنگڊم بيانڊ دي سِي“ يعني سمنڊ کان مٿي قائم بادشاهت سڏڻ لڳا.

    palijo_hai@hotmail.com
     
  20. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب عبدالحئي پليجو جي لکين ڪالمن جو مجموعو ‏

    فلسطين جي فتح لاءِ ٻارن جا تيار ڪيل جٿا



    آچر 29 اپريل 2007ع

    گذريل ڀيري ڄاڻايو ويو هو ته يورپي صليبي جنگي سردارن ترڪن ۽ عربن جي نهايت زرخيز ۽ خوشحال ايراضين تي قبضا ڄمايا هئا. ان ڪري عرب هاري هنن سردارن جون زمينون ڪاهيندا ۽ سندن باغات جي سنڀال ڪندا هئا. ڪي عرب ماڻهو وٽن گماشتا ۽ ڪمدار ٿي ڪم ڪرڻ لڳا. مسلمانن يورپي ماڻهن جي بهادريءَ جي نيڪي ٿي ڪئي. يورپي ماڻهن ڏٺو ته عرب علماءَ طب، رياضي توڙي ٻين سائنسي ۽ سماجي علمن ۾ يورپي ڏاهن کان وڌيڪ ڄاڻو هئا. جنگ کان آجي وقت ۾ صليبي جنگي سردار شڪار جو شوق آزمائيندا هئا ۽ مقامي عرب سردارن جي درٻار ۾ به شريڪ ٿيندا رهندا هئا. سندن عورتون به هتي جو زنانو لباس پهرڻ لڳيون، جنهن ۾ سون ۽ چانديءَ جي بادليءَ وارو زربفت ۽ هيرن مڙهيل ريشم شامل هو. يورپي عورتن هتي رهندي نقاب جو استعمال به اختيار ڪيو هو. ميڪ اپ سينگار ۽ خوشبو لڳائڻ پڻ يورپي عورتن هتان جي ماڻهن کان سکيو. مطلب ته يورپي آبادڪارن کي سندن وطن جي ڀيٽ ۾ هتي فلسطين جي سر زمين تي زندگيءَ جا بهتر ۽ ڪيئي لوازمات ميسر هئا. تنهن هوندي به کين هتي جي ماحول سان مڪمل ميلاپ لاءِ اڃا ڪافي معاملا ۽ مسئلا درپيش هئا. اول ته سندن وڏو تعداد ترڪن سان جنگين ۽ مال غنيمت جي ورهاست بابت پاڻ ۾ وڙهندي مارجي چڪو هو ۽ منجهائن ڪي وري هتي جي گرم آبهوا برداشت نه ڪندي مري کپي ويا. سن 1174ع ۾ هڪڙو مسلم سالار غازي صلاح الدين ايوبي مصر جو سلطان ٿيو. هن پنهنجي چوڌاري مسلمان رياستن جا اڏا قائم ڪري، بيت المقدس ۽ يروشلم جو شهر آزاد ڪرائڻ خاطر فلسطين تي قابض يورپي لوڪن خلاف جهاد شروع ڪيو. سندس لشڪر نهايت منظم ۽ اسلامي جهاد جي جذبي سان سرشار هو. مسلم جنگي سردارن اميرن جي حيثيت سان جهادي منظم گروهه تشڪيل ڏنا. سلطان صلاح الدين جو لشڪر تير ڪمانن ۽ نيزن سان ليس تيز گهوڙن تي تمام گهڻي ڦڙتي ۽ اسلامي جهاد جي جذبي سان مڪمل طور هٿياربند ٿي جنگ ۾ شامل ٿيو، جنهن يورپي لشڪر جون وايون بتال ڪري وڌيون. ڪيترن ئي سالن جي چڪرين کان پوءِ نيٺ سن 1187ع ۾ غازي صلاح الدين جي فوج يروشلم فتح ڪيو.

    سلطان غازي صلاح الدين طرفان يروشلم جي فتح سبب يورپ ۾ انهيءَ خلاف غم ۽ غصي جي وڏي لهر اڀري. رومي پوپ مسلمانن جي قبضي خلاف هڪ وڌيڪ مقدس جنگ ڪرڻ لاءِ سخت تلقين ڪئي. نتيجي ۾ مذڪوره صليبي جنگ جي پوري يورپ ۾ ڀرپور تائيد ٿي. هن جنگ جي اڳواڻي انهيءَ وقت سموري يورپ جا سڀ کان وڌيڪ طاقتور انگلينڊ جو بادشاهه رچرڊ دي لاين هارٽ، جرمنيءَ جو شهنشاهه فريڊرڪ بار باروسا ۽ فرانس جو بادشاهه فلپ آگسٽس ڪري رهيا هئا. هن صليبي جنگ جو سالار اعليٰ انگلينڊ جو بادشاهه رچرڊ هو. تنهنڪري هن جنگ کي بادشاهن واري صليبي جنگ سڏيو ٿي ويو. اها جنگ مجموعي طور صليبي لشڪرن هارائي. جرمن شهنشاهه ايشيا مائينر ۾ مري ويو. سندس لشڪر جنگ ڪرڻ کان اڳ ئي واپس وطن موٽي آيو. انگلينڊ جو بادشاهه رچرڊ ۽ فرينچ بادشاهه پنهنجي اصل دشمنيءَ سبب پاڻ ۾ ئي وڙهندا رهيا. هنن فلسطين ۾ چند ڳوٺن ۽ شهرن تي اڃا مس قبضو ڪيو هو ته فرينچ بادشاهه فلپ واپس وطن وري آيو، جنهن ڪري انگريز بادشاهه رچرڊ کي اڪيلي سر هن صليبي جنگ کي برقرار رکڻو پيو. هو هڪڙو بهادر جنگي جوڌو هجڻ جي باوجود اڪيلي سر غازي صلاح الدين جي اسلامي لشڪر سان پڄي ڪين سگهيو. عناد جي باوجود ٻنهي مخالف حاڪمن وٽ هڪ ٻئي لاءِ ڪافي احترام نمايان هو. جڏهن جنگ دوران بادشاهه رچرڊ جو گهوڙو مري ويو ته سلطان صلاح الدين کيس سواريءَ لاءِ ٻه عمدا گهوڙا ڏياري موڪليا. ٽن سالن جي لاڳيتي جنگ کان پوءِ نيٺ بادشاهه رچرڊ جنگ ڪرڻ بند ڪئي ۽ سلطان صلاح الدين سان هڪ معاهدو ڪيو، جنهن تحت فلسطين جا ڪافي علائقا يورپي عيسائين جي ڪنٽرول ۾ رهڻا هئا، پر يروشلم مسلمانن جي حوالي ئي رهيو. تنهن بعد رچرڊ واپس انگلينڊ موٽي ويو.

    سن 1204ع ۾ جڏهن پوپ انوسينٽ تلاثه هڪ وڌيڪ مقدس جنگ ڪرڻ جو سڏ ڏنو ته سڄي يورپ مان کيس سٺي موٽ ملي. صليبي لشڪر هن ڀيري خشڪيءَ بدران غورابن وسيلي وينس شهر جي بندر کان روانو ٿيو. هتان جي واپارين جي خواهش هئي ته قسطنطنيه بدران پوري رومي سمنڊ جي حدن اندر سندن وينس شهر ئي واپاري مرڪز جي حيثيت سان وڌي ۽ ويجهي. صليبي جنگي سردارن وينس جي شاهوڪارن سان واعدو ڪيو ته مال غنيمت مان پورو اڌ کين ڏيندا. انهيءَ جي عيوض وينس جي تاجرن کين عسڪري سامان ۽ غوراب (ٻيڙا) مهيا ڪيا. جنگي سردارن محسوس ڪيو ته تاجرن سان ڪيل واعدا شايد پورا ڪري نه سگهجن، تنهنڪري کين زارا ٻيٽ عيوض طور حوالي ڪجي، پر وينس وارن کين قسطنطنيه فتح ڪري سندن حوالي ڪرڻ لاءِ زور وڌو. نيٺ قسطنطنيه جي شهر تي حملو ڪري صليبي لشڪر سان گڏ وينس جي تاجرن طرفان موڪليل ڦورن ساندهه ٽي ڏينهن ڦرلٽ سان گڏ قتل عام ڪيو. ان کان سواءِ اهم هنڌن تي باهيون پڻ ڏنيون. هنن محلاتن، ماڙين، ديولن ۽ چرچن توڙي ڪتب خانن، بازارين ۽ گهرن مان پڻ وڏي ڦرلٽ ڪئي. هنن ڪيتريون ئي املهه وٿون چورائي وينس آنديون ۽ ڪي هتي ئي تباهه ڪري ڇڏيون. هن صليبي لشڪر فلسطين وڃڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو ۽ شهر کي حصن ۾ ورهائي هڪ حصي تي پاڻ قابض ٿي ويٺا. جڏهن ته ٻيو حصو وينس وارن جي حوالي ڪيائون. مٿين صليبي جنگين کان سواءِ يورپي عيسائين تيرهين صديءَ ۾ پڻ فلسطين تي ڪاهون ڪيون، پر ڪا به جنگ ڪامياب ڪا نه ٿي. انهن مان سڀ کان وڌيڪ المناڪ عيسائي ٻارن طرفان برپا ڪيا صليبي جنگ هئي. سن 1212ع ۾ پرجوش ٻارن جو هڪڙو جٿو اسٽيفن آف ڪلائيس نالي هڪڙي ڇوڪري جي اڳواڻيءَ هيٺ فرانس جي شهر مارسيلس کان غورابن وسيلي مقدس جنگ لاءِ روانو ٿيو. انهن مان تمام گهڻا ٻار ته فلسطين ئي نه پهتا ۽ ڪيترا ئي ٻار رستي ۾ غورابن جي مالڪن مختلف شهرن ۾ وڪڻي ڇڏيا. انهيءَ عرصي دوران ئي مجاهد ٻارن جو هڪ ٻيو جٿو جرمنيءَ مان اٽليءَ روانو ٿيو. اهي به گهڻو ڪري سمورا ٻار بکن ۽ بيمارين سبب رستي ۾ ئي مري ويا. آخرڪار مسلم حڪمرانن سن 1291ع۾ صليبي يورپي آباد ڪارن جي هٿ هيٺ رهندڙ واحد اڪره Acre شهر به فتح ڪري ورتو ۽ سموريون صليبي جنگيون ناڪاميءَ جي صورت ۾ ختم ٿيون ۽ اهو سلسلو هميشه لاءِ ختم ٿي ويو.

    palijo_hai@hotmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو