روايت جي تخريج گهرجي

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ اعجاز احمد طرفان آندل موضوعَ ‏12 سيپٽمبر 2010۔

  1. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: روايت جي تخريج گهرجي

    ادا ابوزين وٺو
     
  2. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: روايت جي تخريج گهرجي

    ادا اهي صرف حوالا آهن جن جي مونکي اڳ ئي خبر آهي پر حوالو ڏيڻ ۽ تحقيق پيش ڪرڻ ٻه الڳ شيون آهن
    تحقيق اهائي آهي جيڪاپيش ڪئي وئي آهي
     
  3. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: روايت جي تخريج گهرجي


    وڌيڪ تخريج:
    انا مدينته العلم و علي بابها من اراد المدينته فاليات الباب
    اها حديث ابو الصلت عبدالسلام بن صالح ابو معاويه جي حوالي سان اعمش کان، اهو مجاهد کان، اهو ابن عباس کان نقل ڪري ٿو۔ هن حديث تي سخت جرحون آهن۔ امام قرطبي پنهنجي تفسير ص336 جلد 9 ۾ فرمائي ٿو ته ”هي حديث موضوع آهي۔“

    ترمذي حديث نمبر 3723 هيٺ فرمائي ٿو ته، ”هي حديث غريب ۽ منڪر آهي۔“

    ميزان الاعتدال ص145 ج 2 ۾ امام ذهبي فرمائي ٿو ته هي حديث موضوع آهي۔

    ابن عدي الکامل في الضعفا ۾ فرمائي ٿو ته، ”اها حديث منڪر ۽ موضوع آهي۔“

    مگر مشڪل اها آهي ته امام حاڪم مستدرڪ ۾ حديث نمبر 4637 ۾ فرمائي ٿو ته هي حديث بخاري ۽ مسلم جي شرط مطابق صحيح آهي۔ ان کان پو ان حديث جا مختلف طريقا ۽ سند بيان ڪري ٿو۔

    ان کان سوا حافظ ابن حجر لسان الميزان ص122 جلد 2 حديث 513 ۾ فرمائي ٿو ته، ”امام حاڪم اها حديث گهڻن طريقن سان مستدرڪ ۾ آندي آهي، جنهن جو گهٽ ۾ گهٽ خلاصو هي آهي ته ان حديث جو ڪو نه ڪو اصل ضرور آهي۔ تنهن ڪري ان کي موضوع چوڻ نه گهرجي۔“

    حافظ صاحب هتي پنهنجي را بيان ڪري ٿو، حديث جي صحيح هجڻ لا ڪو دليل پيش نه ڪري سگهيو آهي۔

    نوٽ: هن تخريج ۾ والد محترم کان مدد ورتي اٿم۔
     
  4. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: روايت جي تخريج گهرجي

    جزاڪ الله خيرا۔۔۔ يقينا دوستن لاڀائتو ڪتاب ثابت ٿيندو۔
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: روايت جي تخريج گهرجي

    جواب توهان پاڻ پيش ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔
     
  6. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: روايت جي تخريج گهرجي

    محترم دوستو موضوع تمام پياري پئي هلي ۽ دوستن جا جوابات به بغير ڪنهن تنقيد جي جاري آهن اسان جهڙن ڪم علم ماڻهن لا تمام پيارو ونڊ ثابت ٿيندو۔۔۔۔۔۔۔۔

    اڳتي جي رب سائين کي پارت آهي۔۔۔۔ الله سائين شرڪ ڪرڻ ۽ بدعت کان بچائي آمين۔۔۔
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: روايت جي تخريج گهرجي

    اسلام عليڪم سنڌ سلامت جا ساٿيو۔ ساٿيو مان ڪو عالم ته نه آهيان پر عالمن جي ويجهو ضرور رهيو آهيان ۽ انهن کان سکڻ لاء ڪجهه نه ڪجهه ضرور مليو آهي۔ سڀ کان پهرين مان سائين نثار ناز صاحب کي عرض ڪندس ته سائين صحيح ۽ غلط حقيقت ۽ عقيدت جو فرق معلوم ڪرڻ لاء نه صرف اسلام پر دنيا جو هر مذهب توڙي دنيا جو هر قانون سبق ڏئي ٿو، پوء چاهي دنيا جو ڪو به معاملو هجي۔ ادا مان ته اهيو چوندس ته جڏهن اسان دنيا جي هر معاملي ۾ صحيح ۽ غلط بري ۽ ڀلي جي ڳولا ۾ هوندا آهيون، ايتري تائين جو اسان کي پنهنجي لاء ڪپڙو ۽ جوتا به خريد ڪرڻا هوندا آهن ته ان لاء به اسان مختلف دڪان ۽ مارڪيٽون لتاڙيندا آهيون صرف ان لاء ته شيء بهتر هجي، پر افسوس سان ٿو چوڻو ٿو پوي ته اسان صرف ۽ صرف دين اسلام جي لاء ڪوشش ۽ حق سچ ڄاڻڻ لاء ڪوشش ناهيون ڪندا، افسوس ته ان تي ڪرڻ کپي ( سائين نثار ناز صاحب )۔باقي ان روايت لاء اهيو عرض ته ان روايت لاء منهنجي دوست حافظ خليل صاحب ( جيڪو هڪ عالم ۽ وڏي مطالعي وارو شخص آهي ) جو چوڻ آهي ته اهيا روايت ته ضعيف آهي ۽ اهيا حديث ته ڪانهي پر اهيا ڳالهه درست آهي ته( حضور سائين علم جوشهر ۽ حضرت علي رضه ان جو دروازو ) آهن باقي سائين بشير احمد صاحب جن تمام بهتر ڳالهه ڪئي آهي ته جيڪڏهن حديثن جو مطالعو ڪريون ته حضرت علي رضي الله عنه جي شان ۾ ايتريون ته صحيح روايتون موجود آهن جو اسانکي ڪمزور روايت کي مڃڻ جي ڪا ضرورت ئي ناهي جيئن صحيح مسلم جي روايت جو خلاصو هيءَ ته
    علي رضي الله عنه سان محبت ڪرڻ وارو مومن آهي ۽ علي رضي الله عنه سان نفرت ڪرڻ وارو منافق آهي
     
  8. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: روايت جي تخريج گهرجي

    مٺا اها امام صاحب جي پنهنجي را آهي، حديث جي صحيح هجڻ جو دليل يا ثبوت نه آهي۔

    بهرحال اهو ته مڃڻو ئي پوندو ته ذڪر ٿيل حديث موضوع ۽ ضعيف آهي۔ پو کڻي سائين نثارناز کي افسوس ٿئي يا وري اوهان يقين نه ڪريو۔ بقول سائين بشير احمد جي ته ڪمزور ۽ ضعيف روايتن جي مقابلي ۾ اسان کي صحيح ۽ حسن روايتن کي مڃڻ گهرجي۔
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: روايت جي تخريج گهرجي

    سائين توهان سچ ٿا چئو۔ ۽ اسان جو قرآن اسان جو رسول صلم جن به اسان کي اهيو ٿا سبق ڏين ته اسان حق ۽ سچ واري ڳالهه ڪريون۔ ۽ اسان جا عالم عارف صوفي بزرگ ۽ درويش به ان ئي ڳالهه جو درس ڏئي ويا آهن، بقول سچل سرمست
    سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي​
     
  10. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: روايت جي تخريج گهرجي

    مهرباني ڀا ممتاز! الله توهان کي جزا خير ڏي۔
     
  11. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: روايت جي تخريج گهرجي


    نسواري مطمئن ٿيو آهي يا نه، اها ته انهي کي خبر آهي۔ مطمئن ڪرڻ‌ لا تسلي جوڳو جواب ناهي ڏنو ويو، صرف روايتون بيان ڪيون ويون آهن۔ انهي ڳالهه جو ته نسواري پڻ اقراري آهي ته هي حديث تمام گهڻو مشهور آهي ۽ اڪثر بيان پڻ ڪئي ويندي آهي۔

    اصل سوال تحقيق تي هيو، جيڪا الله جي فضل سان سائين بشير احمد تمام سهڻي نموني پيش ڪئي آهي ۽ ادي ممتاز سائين جن جي تائيد ۾ لکيو آهي۔
     
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: روايت جي تخريج گهرجي

    ادا مست !!
    هاڻي اوهان جو ڇا خيال آهي؟
     
  13. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: روايت جي تخريج گهرجي

    مست ماٺ ڀلو آهي۔۔ موضوع احاديثن جي ڳالهه ڪڍڻ‌وارو پاڻ الائي جي ڪاڏي هليو ويو۔۔؟
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: روايت جي تخريج گهرجي

    تڏهن ته اسان حق تي رهي ڪري ٽڪرا ٽُڪرا، باطل ناحق تي پختو برجستو، اسان هڪ ٻئي کي ڪوڙو ڪرڻ ۾‌ پورا باطل هنڀوڇيون ڇا جهمرين جا ڌم لڳايو ويٺو آهي۔ ۽ اسان جهڙا خاص ڪري مون جهڙا صرف افسوس ڪرڻ‌ ۾ پورا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين
     
  15. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: روايت جي تخريج گهرجي


    سائين اسان جي پسپائي جو سبب هي ته جنهن دين کي اسين حق سمجهون ٿا انهي سان به اسان جو تعلق فقط رسمي ۽ نسلي آهي اسان نظرياتي طور ڪجھ پڙهيو ئي ناهي اهي ڪوڙيو روايتون به باطل جي هڪ سازش هئي جنهن جي ذريعي هن اسلام جي خالص تعليم ۾ ملاوٽ ڪرڻ چاهي ٿي پر محدثين ان فتني کي علمي طور تي دفن ڪري ڇڏيو باقي اڄڪلھ ڪو ابوجھ مسلمان جيڪڏهن قبرن مان مردا ڪڌندو ته ان جي اصلاح ڪرڻ نه ته ڦوٽ آهي نه وري اختلاف باقي توهان جهڙي طرح ادب جي دنيا ۾ پاڻ ملهايو آهي پنهنجي خدمتن جو رخ دين جي طرف موڙيو ته ڪافي قدر اصلاح جو ڪم به ٿي سگهي ٿو
     
  16. اعجاز احمد

    اعجاز احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 آگسٽ 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: روايت جي تخريج گهرجي

    نسواري مڙني دوستن جو ٿورائتو آهي، جن هن موضوع ۾ دلچسپي ورتي۔ خاص طور ادي مست، ادي ابو زين، ادي بشير احمد ۽ ادي ممتاز جو۔

    شروع کان آخر تائين پڙهڻ کان پو نتيجو اخذ ٿئي ٿو ته پاڻ وارو مولوي صاحب، جيڪو بيان ڪري رهيو هيو، پنهنجي جا تي بالڪل درست هيو۔ مون پڻ انهي بعد ٻين عالمن کان پڇا ڪئي، جن پڻ اهوئي ٻڌايو ته حديث ضعيف آهي، حديث جا اصل نٿي ملي۔

    رب العالمين جو شڪر ادا ڪريان ٿو، جنهن جي فضل و ڪرم سان حق ڳالهه ظاهر ٿي پئي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو