سنڌي ٻولي ۾ هفتي جا ست ڏينهن

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏16 سيپٽمبر 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ڪو آهي سنڌي ڏاهو، جيڪو وضاحت سان ۽ تفصيل سان اهو اسان اڻ ڄاڻن کي ٻُڌائي ته
    هفتي جي ستن ڏينهنَ جا سنڌي نالا
    آچر ، سومر ، اڱارو ۽ ڇنڇر وارن ڏينهن جِي لغات جي حساب سان معنى ۽ تشريح ٻُڌائي ان کان علاوه اربع، خميس، جمعون جيڪي خالص عربي نالا آهن کي ڇو ضروري سمجهيو ويو ته اهي سنڌي ٻوليءَ ۾ هفتي جي ڏينهن طور ڪتب ۾ آندا وڃن۔
    اردو ۾ اتوار، پير، منگل، بُدهه ، ۾ وري خميس جي ڏينهن کي ڇو جمعرات لکيو وڃي ٿو باقي جمعة المُبارڪ ۽ هفته کي وري به ڏينهن طور سڏيو وڃي ٿو۔ خير اردو وارا پاڻ ۾ ڄاڻن اسان کي رڳو ڏينهن جي سنڌي نالن جي معنى ۽ تشريح ٻُڌائي وڃي۔ هروڀرون اربع، خميس ، ۽ جمعون وارا عربي نالا سنڌي ٻوليءَ ۾ گُچڙ ڪري ڇو ڏنا ويا۔اعتراض ڪونه ٿو ڪريان پر صرف پنهنجي ڄاڻ سميت ڪافي سارن سنڌي دوستن جي ڄاڻ ۾ به اظافو ڪرائڻ ٿو چاهيان۔ پليز ڪو سنڌي ڏاهو اڳيان اچي ۔
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌي ٻولي ۾ هفتي جا ست ڏينهن


    هڪ جلدي سنڌيڪا لغت تحقيق & ترتيب عبد الستار بلوچ، تقديم: پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا جي حساب سان:

    آچر: ذ (سن: آدتيه وار (هفتي جي ستن ڏيهن مان هڪ ڏينهن، اتوار
    سومر، سومار: ذ (سن: سوم وار( چنڊ جو ڏينهن ، هڪ ڏينهن جو نالو، ماڻهوءَ جو نالو.
    اڱارو: ذ. منگل (ڏينهن) هفتي جو ٽيون ڏينهن.
    ڇنڇر: ذ. هڪ ڏينهن جو نالو، زحل گرهه، جيڪو نحس سمجهيو وڃي ٿو.
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ٻولي ۾ هفتي جا ست ڏينهن

    مهرباني ادا طاهر سنڌي ڪجهه نه ڪجهه منهنجي سوال وارو جواب مليو
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌي ٻولي ۾ هفتي جا ست ڏينهن

    سائين ناز صاحب۔ ان معاملي ۾ پاڻ صفا نِل آهيون۔۔۔۔ مطلب ته ڊل آهيون۔۔ مطلب ته ڪجهه نه ٿا ڄاڻيون ۔۔۔ اوئان اوئان۔۔
     
  5. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: سنڌي ٻولي ۾ هفتي جا ست ڏينهن

    استاد سائين اهي ڏينهن جا نالا ڪيئن پيا ڪا خبر ڪونهي باقي هندن جي ڏينهن مطابق انهن جي تفصيل هن ريت آهي۔۔۔۔

    آچر (روي وار+ روي=سج+ وار= ڏينهن)۔ اهو ڏينهن هندو ڪئلينڊر مطابق سورج ديوتا جو آهي۔ جيڪو سڀني گرهن جو راجا ڪري ليکيو ويندو آهي۔۔۔۔ان ڏينهن تي سورج(سج) ديوتا جي پوجا ڪئي ويندي آهي...
    منگل وار = اهو ڏينهن هندو ڪئنلينڊر مطابق.. منگل مورتي ڀڳوان (ديوتا) شري گڻيش جو آهي جنهن کي هڪ دعا حاصل آهي ته هن جي نالي سان شروع ڪيل هر ڪم سولائي سان پورو ٿيندو.. هن ديوتا کي وگهن هرتا (ڏکن کي ڪٽڻ وارو به چوندا آهن )
    ٻڌر وار ( اهو ڏينهن هندن جي ديوتا ٻڌر جو آهي)
    گرو وار يا وسپت ( ان ڏينهن تي هندن جي هڪ ديوتا وسپت ديو جي ڪٿا ڏيندي آهي
    شڪر وار (اهو ڏينهن هندن جي هڪ ماتا ديوي ماتا جي هڪ روپ سنتوشي ماتا جو آهي)
    شني وار ( اهو ڏينهن هندن جي سڀ کان وڌيڪ طاقتور ديوتا شني ديوَ جو آهي... چوندا آهن ته ڪنهن ماڻهوءَ جي مٿان هن ديوتا جي بُري نظر پئجي وڃي ته ان تي 6 سال برو وقت هلندو آهي.... ان ديوتا جي نالي سان هندستان ۾ هڪ ڳوٺ آهي جتي ڪنهن به گهر ۾ ڪو به در يا دري ڪونهي، بس خالي انهن جا فريم آهن... هنن جي ايمان مطابق ان شهر جي سڀني ماڻهن جي سامان جي سنڀال شني ديو ڪندو آهي.. هتان جا ماڻهو ڪڏهن به پنهنجو قيمتي سامان لاڪ ڪري ڪونه رکندا آهن.... وڌيڪ معلومات لاءِ ڏسندا
    http://en.wikipedia.org/wiki/Shani_Shingnapur

    سائين بس هندو ڏينهن جي باري ۾ جيڪا خبر هيم، سا ڪڍي توهان جي آڏو رکيم...
    هاڻي موڪلاڻي ڪونهي گڏيا پيا آهيون...
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ٻولي ۾ هفتي جا ست ڏينهن

    توهان علم فهم جي وڏي گهر يونيورسٽي آف سنڌ جي هنج ۾ ويٺا آهيو وڏا وڏا پروفيسر صاحبان، سنڌي تاريخ جا محقق دان جن جو گُذر ، پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر صاحبان جو گُذر ، سنڌي ٻولي  جا ڏاها، سڀني جو گُذر اتان ئي ٿيندو آهي، تڏهن به نِل آهين ۽ ڇو مون وانگر ڊل آهين، تون انهن مان ڪنهن به هڪڙي جي ڇڙو ڪڍ لڳين ها ته سنڌي ڏينهنَ جي مڪمل اتهاس جو احوال هتي ونڊ ڪري وڃين ها پر يار مستن تي ڪهڙيون ميارون، مست اکيون پوري حق الله هُو الله هُو ڪري رهيا آهن اکيون کولي آس پاس جو نظارو ڪن ته ڪجهه اسان جهڙن انڌن اڻ پڙهيلن کي خبر پوي۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ٻولي ۾ هفتي جا ست ڏينهن

    يار اڱڻ تي آيو منهنجو چيلو اڱڻ تي آيو، شڪر شڪر فقير ڦلپوٽا تون جلدي سنڌ سلامت جي مست کي آگاهه ڪر، رنجيت رام رکيو اڃان ڪي آهن جيئر ا هن جهان ۾ ، مست ته ماڳهون رام رکئي رنجيت جي جُدائي ۾ ڪارا ڪپڙا ڪريو، دل ڪوهيارل ڪوهيارل پئي ڪري وارا گيت پي ڳاتا۔ ان کان پو جس هُجي رنجيت رام رکئي کي جنهن منهنجي هن خالص معلومات حاصل ڪرڻ واري سوال جو هندو مذهب مطابق يا تاريخ مطابق ان جو سڌو ، برجستو، ۽ سمجهه ۾ ايندڙ جواب ڏنو، سنڌي ڏينهن جي تاريخ ۽ حساب سان منهنجي سوال جو جواب اڃا تشنه آهي، ته آچر ، سومر، اڱارو، ۽ ڇنڇر لفظن جي سنڌي لغوي معنى تاريخي حقيقت تشريح مڪمل نموني ڪنهن به ڪونه ڏني آهي، البته ادا طاهر سنڌي انهيءَ ٽاپڪ جي حساب سان ڪجهه نه ڪجهه احوال ڪنهن حوالي سان ضرور ونڊ ڪيو آهي، باقي رهيا اربع ، خميس، جمعون وارا عربي نالا اهي آخر ڇو ضروري ڄاتا ويا ته اسان جي سنڌي ٻوليِءَ ۾ گُچڙ ڪيا وڃن، جڏهن ته چار ڏينهن جا نالا آچر، سومر، اڱارو۽ ڇنڇر گهڻي حد تائين پنهنجي اُچارن جي حساب سان، هندي ڏينهن جي نالن سان مشابهت رکن ٿا۔ تاريخون بڻجنديون به آهن بگڙجنديون به آهن، ابوالحسن جنهن کي سنڌي صورتخطي جو ابو سڏيو وڃي ٿو۔ ظاهر آهي اهي ستئي ڏينهن جا سنڌي نالا انهي دور ۾ ئي رکيا ويا هوندا۔ يا ٿي سگهي ٿو ڏينهن جا نالا جڏهن کان سنڌ ڌرتيءَ جو وجود پيو تڏهن کان ئي مروجه هُجن، چلو هندي ۽ سنڌي پاڻ ۾ ڀائر يا ڀيڻون هُجن، پر وري به ڳالهه اربع ، خميس، جمعون تي اٽڪيو پوي ته اهي عربي نالا، آخر ڇو سنڌي ٻولي جي ڏينهن ۾ مُر وجه ڪيا ويا۔ ٿي سگهي ٿو منهنجي اها سوچ ٻاراڻي ۽ چرين واري هُجي پر ڪنهن به ٻار يا چرئي جِي سوچ تي پهرو ته لڳائي نٿو سگهجي۔ هڪ دفعو وري به سنڌ جي هر انهي ڏاهي کي وينتي آهي ته ان سلسلي ۾ جيڪا به کين وٽ تاريخي معلوماتي ڄاڻ آهي ته سنڌيت جي حوالي سان سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ تي ونڊ ڪن ته سندن ٿورا ساراهائڻ جوڳا هوندا، ڳائڻ جوڳا هوندا۔
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌي ٻولي ۾ هفتي جا ست ڏينهن


    پيارا سائين مهرباني اوهان جي
    مون وٽ اوهان جي سوال جا اڃان به ڪي جواب آهن ان شاءَ الله جلد حاضر ڪندس بس ٿوري فرصت ملي.
    سدائين گڏ
     
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌي ٻولي ۾ هفتي جا ست ڏينهن


    مانَ وارا
    السلام عليڪم
    مون وٽ جيڪو ذخيرو آهي انهن مان حاضر ڪيان ٿو:


    سنڌي ادبي بورڊ جي جامع سنڌي لغات جلد ٽيون (ڇ _ ز( 1984 ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ _ نظر ثاني مولانا غلام مصطفي قاسمي


    ڇنڇر: ذ( س. شنهه) هفتي جي ستن ڏينهن مان هڪ ڏينهن جو نالو _ هڪ گروهه جو نالو، زحلۡ (جو عام طرح نحس سڏيو ويندو آهي) نحوست، نڀاڳ، ڪمبختي.
    ڇنڇر پيرن ۾ هئڻ: هڪ هنڌ ٽڪاءُ نه هئڻ.
    ڇنڇري: ث. ڇنڇر گرهه جي نحوست، نڀاڳ، بدبختي (اسم خاص) ٻانڀڻن جو هڪ گروهه (جي ڇنڇر گرهه جي نحوست لاهين).
    ڇنڇري لاهڻۡ: نحوست لاهڻ، نڀاڳ ڪڍڻ، سخت سزا ڏيڻ، (اهو خيال آهي ته ڇنڇر گرهه جو اثر پيل ماڻهو بد مزاج ٿيندو آهي) ڏاڍي مار ڏيڻ، سڌو ڪرڻ، مغرور جي دماغ مان غرور ڪڍڻ.



    جامع سنڌي لغات (ادبي توڙي مروج سنڌي ٻوليءَ جو جلد پهريون) ا_ ٻ نگران ۽ مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1960

    آچر: ذ. (سن: آدتيه وار = سج جو ڏينهن) هفتي جي ستن ڏينهن مان هڪ ڏينهن جو نالو، آرتوار. ماڻهوءَ جو نالو.
    آچر ليپو ڏيڻ: آچر ڏينهن جو رسمي ليپو ڏيڻ، سخت تڪليف ڏيڻ (پيٽ آڍڻ ۾).



    جامع سنڌي لغات (ادبي توڙي مروج سنڌي ٻوليءَ جو جلد ) سعي واهتمام ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نظر ثاني علامه غلام مصطفي قاسمي 1985

    سومار: ج سومار: ذ. (سن. سوم + وار = ڏينهن) هڪ ڏينهن جو نالو _ چنڊ جو ڏينهن _ سومر _ سوم وار (اسم خاص) هڪ ماڻهوءَ جو نالو.
    سومر ج سومرۡ: ذ. هفتي جو هڪڙو ڏينهن _ سومار _ سوموار _ هڪ ماڻهوءَ جو نالو.
    سوم وار ج: چنڊ جو ڏينهن.



    اڱارو ج اڱارو: ذ. (سن: انگارڪ وار) سومر کان پوءِ ايندڙ ڏينهن_ منگلوار.

    اربع: صفت. (ع. اربع، اربعه = چار)
    اربع خطا: ث. چار گناه (شرع موجب ٽي گناهه معاف ڪيا ويندا آهن).
    ڳري خطا، نه معاف ٿيڻ جوڳو ڏوهه.
    اربع خطا ٿيڻ: چوٿون ڀيرو گناهه ٿيڻ، نا قابل معافي ڏوهه ڪرڻ.
    اربع خطا ڪرڻ: چار خطائون ڪرڻ، وڏو غير قابل معافي ڏوهه ڪرڻ.
    اربعا: ذ. (ع) هفتي جو چوٿون ڏينهن _ ٻڌر



    جلد ٽيون
    خمس: صفت _ پنج _ پنجن جي نسبت ڏيکاريندڙ.
    حواس خمسه: پنج حواس (ڏسڻ، سنگهڻ، چکڻ، ٻڌڻ ۽ ڇهڻ جا حواس).
    خميس: ج خميسون: ث (ع) هفتي جي ستن ڏينهن مان هڪ ڏينهن _ هفتي جو پنجون ڏينهن، وسپت، قميص مان بگڙيل شڪل _ چولو_ پهراڻ.


    جلد ٻيو (ڀ_چ) 1981

    جمعه: ذ. (ع) هفتي جي ستن ڏينهن مان هڪ ڏينهن جو نالو، شڪر وار، ٿارون (جمعي جو ڏينهن مسلمانن وٽ غير معمولي اهميت ٿو رکي، هن ڏينهن کي مسلمان پاڪ ڏينهن ڪري ليکيندا آهن، ۽ جمعي نماز به ٿيندي آهي، هن ڏينهن تي ڌنڌي وارا مسلمان موڪل ڪندا آهن، مسلمان حڪومتون جمع جو ڏينهن عام موڪل جو ڏينهن ٿيون ليکين).
    جمعگي: ثۡ: اها خرچي جا جمع ڏينهن شاگردن کان استاد کي ملي.
    جمعي راتي سيد: ذ. هٿرادو سيد، نقلي سيد.


    باقي ان حوالي سان ته اربع خميس & جمعو عربي لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيئن شامل ٿيا اهو وري ٻي قسط ۾ ان شاءَ الله.
    اميد آهي ته اوهان کي ڪجهه اوهان جو مطلوب ملي ويو هوندو هن تحرير ۾.
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ٻولي ۾ هفتي جا ست ڏينهن

    ماشا الله الله تبارڪ تعالى توهان کي سدائين سوڀون عطا ڪري ، جو تفصيل سان سنڌي ڏينهنَ جي نالن جي تاريخ ، سنڌ جي تاريخي ڪتاب مان حوالي طور ۽ ساري دنيا جي سنڌين لاءِ معلومات طور ڏنا، ادا طاهر ڪڏهن اهڙيون اهم ڳالهيون ڪو غير زبان وارو اسان کان پڇي سگهي ٿو ته توهان جي سنڌي سماج ۾ سنڌي اڀياس ۾ ڏينهَنِ جا نالا ڪيئن پيا، سو اهڙا ڪئين سوال ڪڏهن ڪڏهن ذهن ۾ گردش ڪندا آهن ته دين اسلام کان پوءِ اسان سنڌي مسلمانن جي حيثيت سان عربي ٻولي وارا پاڪ نالا رکڻ شروع ڪيا، پر اسان جي سماج ۾ ڪانڊيرو، کٻڙ، نم، ٻٻر، ڪرڙ، کمون، کُجي، مٽر، گيدوڙو، مکڻ، انب، صوف، اهڙا انيڪ نالا اڃان تائين رکيا ويندا آهن، خير جيئن ته دين اسلام جو پيغام عرب کان شروع ٿيو ساري دنيا ۾ محبت پيار امن سان ڦهليو، سو عرب ۾ حضور اڪرم جن جي دور ۾ يا ان کان اڳ ۾ ماڻهن جا لقب پوءِ چاهي اهي پيار مان هُجن چاهي مذاق مان پڻ رکيا ويندا هُئا، جيئن ابو بڪر ، ابوتراب، ابو هريره، اهڙيءَ طرح جيڪڏهن عربي ٻولي واري تاريخ تي نظر ڊوڙائبي ته انيڪ لقب يا نالا ملي پوندا، ۽ وري جي انهن عربي لقبن تي غور ڪبو ته باقائده انهن لقبن يا نالا پوڻ جون تشريحون ملي پونديون ته ڪهڙي موقع تي ۽ ڇاجي ڪري انهن هستين جا نالا يا لقب پيا۔ بعض اوقات ته ائين به ٿيو ته انهن هستين جا صحيح نالا گُم ٿِي ويا پر لقبن سان اڃان تائين ڄاتا ۽ سُڃاتا وڃن ٿا۔ ان مان اهو به ثابت تو ٿئي ته جڏهن به ڪا شيءَ تخليق ٿئي ٿِي چاهي ڏينهن جا نالا هُجن، چاهي هفتن جا نالا هُجن، چاهي، مهيني جا نالا هُجن ، چاهي انسانن جا نالا هُجن، اهي پنهنجي پاڻ ۾ هلندڙ حالات، ماحول جي پس منظر، جيڪا شيءَ سڀ کان وڻندڙ هُجي چاهي ذائقي جي لحاظ کان چاهي، رغبت جي لحاظ کان، چاهي پسنديدگي جي لحاظ کان بيڪ گرائونڊ اثر رکن ٿا۔ دوست طاهر اڄ مان ڏاڍو خوش آهيان، مونکي ڏينهن جي نالن جي تشريح ان جي بيڪ گرائونڊ واقعات ۽ پس منظر جي خبر پئجي وئي نه صرف مونکي پر ساري دنيا جي سنڌين کي پڻ ۔
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌي ٻولي ۾ هفتي جا ست ڏينهن

    لک لائق مانَ وارا جو معمولي ڪاوش اوهان جي ڪم آئي۔
    سائين محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن مونکي ڪجهه وقت اڳ هڪ ڪتاب عنايت ڪيو هو تاڪِ منهنجا والد صاحب ان جو عربي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪن ڪتاب جو نالو آهي: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ پاڪستان اسٽڊي سينٽر سنڌ يونيورسٽي طرفان ڊاڪٽر بلوچ صاحب تصنيف ڪيو هو تاڪِ عرب سڳورا سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ کان واقف ٿين، والد صاحب جن ان تي ڪم به ڪرن پيا۔
    اهو ڪتاب پڻ منهنجي سامهون آهي، گڏ مقالات قاسمي سائين غلام مصطفي قاسمي رحمت الله عليه جن جو پڻ۔
    انهن ٻنهي ڪتابن ۾ ايڏو ته مواد اهي، سائين نثار صاحب يقين ڪريو ته اوهان کي سنڌي ٻولي جي شروعاتي دور کان وٺي معلومات ملندي:
    مثال طور:
    قديم دور، سنڌ جي ٻولي يا ٻوليون 600 ورهيهه قبل مسيح کان 500 وريهه بعد مسيح۔
    سنڌي ٻوليءَ جي سٽاءَ وارو بنيادي دور، 500 _ 950 ع۔
    سنڌي زبان جي انفراديت ۽ بين الاقوامي حيثيت جو تسليم ٿيڻ 950 _ 1050 ع۔
    سنڌي ٻولي جي تعمير ۽ توسيع، ۽ زباني ۽ ادبي روايت جي اوسر وارو دور سومرن جي حڪومت 1050 _ 1350ع
    معياري سنڌي ٻولي جي توسيع ۽ ان ۾ اعلي معياري شاعريءَ جي ابتدائي وارو دور: سمن جي حڪومت وارو دور 1350 _ 1520 ع
    سنڌي ۽ فارسي جي وڌندڙ تعلق، سنڌي اصطلاحن ۽ نثري جملن جي وضاحت، سنڌ جي ادبي ثقافتي دائري جي وسعت، روايتي ادب ۾ اضافي ۽ سنڌي شعر جي تحريري ذخيري ۾ واڌاري وارو دور: ارغون، ترخان، مغليه دور 1520 _ 1690 ع۔
    مادري زبان سنڌيءَ ذريعي تعليم ڏيڻ ۽ سنڌيءَ ۾ درسي ۽ علمي مواد جي منظوم ٿيڻ وارو شروعاتي دور مغليه دور 1590 _ 1680 ع۔
    سنڌي ذريعي تعليمي تحريڪ جي ڪاميابي، سنڌيءَ ۾ معياري درسي ۽ علمي ڪتابن جي تصنيف، سنڌي صرف نحو ۽ لغات جي مطالعي سنڌي نثر جي شروعات ۽ اعلي سنڌي شاعري جي عروج وارو دور: آخري مغلن، عباسي ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جو دور: 1680 _ 1860ع۔
    سنڌي درسي نصاب جو بنياد مضبوط ٿيڻ۔
    مختلف موضوعن تي وڏي تعداد ۾ سنڌي ڪتابن جو تاليف ٿيڻ۔
    ڪتابن جي ترجمن جو سلسلو شروع ٿيڻ۔
    تجرباتي ۽ تحقيقي نتيجن کي سنڌي ۾ شايع ڪرڻ۔
    سنڌي نثر ۾ عبارتن ۽ ڪتابن لکڻ جي شروعات۔
    سنڌي لفظن ۽ صرف نحو گرامر جو مطالعو۔
    سنڌي الف بي جو ساڳي هڪ ئي صورت ۾ لکجڻ ۽ سنڌي صورتخطي جو وڌيڪ صحيح صورت ۾ رائج ٿيڻ۔
    سنڌي لغات بابت تحقيقي مواد جو شايع ٿيڻ۔
    سنڌ جي روايتي ادبي ذخيري ۾ تفصيلي ۽ تخليقي واڌارو۔
    سنڌي اساسي شاعري جي عمارت جو اڏجڻ وغيره اچن ٿا۔
    مختلف دورن ۾ سنڌي ٻولي تي ڌارين ٻولين جو ڪجهه نه ڪجهه اثر سنڌي ٻولي به قبول ڪيو آهي، جهڙوڪ عربي ٻولي، سنسڪرت، فارسي وغيره۔

    نياز مند
    طاهر سنڌي
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ٻولي ۾ هفتي جا ست ڏينهن

    ادي نثار ناز جو سوال به پنهنجي جا تي تمام سهڻو ۽ ادي طاهر جو جواب به پنهنجي جا تي معلوماتي آهي انهن سنڌي ڏهاڙن جي نالن جي وڍڪٽ ته ڪيترن ئي ڪتابن ۾ ٿيل آهي ۽ انهن لفظن جي معني ملي ٿي جيڪا ادي طاهر به پيش ڪئي آهي ۔۔۔ پر وري به نثار ناز جو سوال پنهنجي جا تي قائم آهي ته سنڌي ڏهاڙن جا ڪجهه نالا ته سنسڪرتي پراڪرتي سنڌي جا آهن ۽ ڪجهه نالا عربي آهن جيئن اربعا خميس، جمعو ۔۔۔ عربي ڏينهن جا نالا اصل ۾ ڏينهن جي ڳڻت تان ورتا آهن
    جيئن آچر کي احد معني هڪ، سومر کي اثنين معني ٻه، اڱارو کي ثلاثاء معني ٽي، اربعا معني چار، خميس معني پنج، جمعو منهنجي خيال ۾ جمع مان نڪتل آهي، جنهن ڏينهن تي جمع (گڏ) ٿي عبادت ڪئي ويندي آهي، ڇنڇر کي سبت چيو ويندو آهي معني ست ۔۔۔۔
    سنڌين وٽ ائين ڇو ڪيو ويو جو هڪڙن ڏهاڙن کي ته پراڪرتي رهڻ ڏنو ويو ۽ ٻين کي عربي نالن مان چونڊ ڪئي وئي ۔۔۔ اهو جواب ته اسانجا پراڻا اديب يا ان دور جا سنڌي ڏاها جن انکي قبول ڪري سنڌي ۾ رائج ڪيو ۔۔۔۔
    منهنجي خيال مطابق ته سنڌ ۾ ٻن مذهبن جي پوئلڳن سبب انهن نالن کي جيئن 14 سئو سالن کان سڏيو ٿي ويو، تيئن جو تيئن رهڻ ڏنو ويو ته جيئن گهڻن اختلافن کان بچي وڃجي ۔۔۔ سنڌي مسلمان به خوش ته سنڌي هندو به راضي ۔۔۔۔
    اصل ۾ ترقي يافته قومن وٽ انهن جا تعليمي ادارا اهڙي قسم جي تحقيق جا ذميوار هوندا آهن، اهڙي قسم جي تحقيق ڪري قوم کي آگاهي ڏيڻ سندن ذميوارين ۾ هوندو آهي پر افسوس سنڌ جا تعليمي ادارا به ٻين سڀني ادارن جيئان پوئتي پيل ۽ ڍڳو پير پيران واري اصول تي عمل ڪري رهيا آهن ۔۔۔

    دوستن کي عرض آهي ته اهڙن معلوماتي مضمونن ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ قوم جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪن، اميد ته دوست ان موضوع تي به ڀرپور جواب ڏيندا ۔۔۔

    دعائن ۾ هميشه ياد
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ٻولي ۾ هفتي جا ست ڏينهن

    مٺا ماڻهو، نثار ابڙا لک لائق جو تو اسان جي هن تمام اهم ترين ونڊ ۾ پنهنجو حصو ملايو، ادا طاهر سنڌي پنهنجي ڏينهن واري موضع ۾ ڪليئر لکيو آهي ته ايندڙ قسط ۾ انهي ڳالهه ته هروڀرون عربي نالن وارن ڏينهن جا نالا ڇو رکيا ويا،آهن جي باري ۾ ڄاڻ ونڊ ڪندو. سائين نثار عرب سڳورا وڏا استاد آهن، انهن هڪ ٻه ٽي چار پنج جمع(ڇهه جي جا تي جمع ٿيڻ ) ۽ ست رکي جان ڇڏائي آهي، دين اسلام کان اڳ ۾ به شايد عرب معاشري ۽ ماحول ۾ اهي ئي نالا مروج هُئا، پر توهان واري ڳالهه ته عربي ٻولي کي دين السلام جي ٻولي سمجهي سنڌي ماحول ۾ اهي عربي نالا اربع (چار) خميس (پنج) جمعون(ڇهه جي جا تي جمع ٿيڻ) ڪري مسلمان سنڌين کي خوش ڪيو ويو ، سائين نثار جيڪڏهن اها ڳالهه هُجي ها ته اسان وٽ سنڌي مسلمان تمام گهڻائي ۾ آهن ان ڪري عربي نالا 1۔ اربع 2 ۔خميس ۔3 جمعون ٽوٽل ٽي ڏينهن آهن ان عربي نالن جي تعداد کي اڪثريت جي حساب سان وڌايو وڃي ها، پر هتي ته باقي ڏينهن 1۔ آچر 2۔ سومر، 3۔ اڱارو 4۔ ڇنڇر اهي نالا 4 آهن عددي لحاظ کان هندي، سنسڪرتي، پراڪرتي ۾ وڌي ٿا وڃن جيڪڏهن هندو ۽ مسلمان کي خوش ڪرڻو هُجي ها ته ظاهر آهي مسلمان سنڌين جي گهڻائي هُئي ان ڪري عربي سهي پر گهڻائي ان ڏينهَنِ جِي هُئڻ کپي ها۔ ان ڪري اها ڳالهه ته ٿي سگهي ٿو هندو مسلم سنڌين کي خوش ڪرڻ لا ائين ٿيو هُجي وارو خيال به ذهن ۾ کُٽڪا وجهي رهيو آهي۔ مٺا اهڙن بحثن سان يقين ڪر ته مونکي ايترو ته گهڻو لاڀ ملي رهيو آهي جو سوچ ۽ لوچ جون نت نيون راهون پنڌ ۽‌ پيچرا جن جا سرا سري کان ڪونه پئي مليا لڀي رهيا آهن، ان کان علاوه سنڌي ٻولي جي تاريخ کي ڪتابن وسيلي تحقيقي سوچ وسيلي وري به نوان دڳ ملي رهيا آهن۔
     
  14. مظهرعلي

    مظهرعلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 مارچ 2010
    تحريرون:
    206
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    Dadu
    جواب: سنڌي ٻولي ۾ هفتي جا ست ڏينهن

    سائين توهان جو ونڊ ڪيل موضع تمام سٺو ۽ دلچسپ آهي، جنهن تي اڃان به تحقيق ٿيڻ جي ضرورت آهي، ۽ اوهان دوستن جي محنت کي آفرين آهي جو اوهان اهڙن اهم ترين موضعن تي ڪم ڪري رهيا آهيو۔
     
  15. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سنڌي ٻولي ۾ هفتي جا ست ڏينهن

    تمام سٺو مضمون بڻجي ويل پوسٽ آهي مهرباني سب دوستن جي جنهن ان ۾ ڀرپور حصو ورتو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو