مخدومي زاهد حسين سومرو الجميلي

'تعارف' فورم ۾ زاهد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏23 جون 2009۔

  1. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ڪافي دوستن جا تعارف متاثر ڪن لڳا سوچيم پنهنجي باري ۾ مان به ڪجهه سنگت کي ٻڌايان
    ادا آءٌ زاهد حسين ذات سومرو سنڌ جي سهڻي ڌرتي جي هڪ ننڍي پر تاريخي ۽ تعليمي ماڳ پاٽ شريف سان واسطو رکان ٿو..
    مخدومي جو لقب اسان کي پنهنجي مرشد ”حضرت الحاج مخدوم حافظ عبدالرحيم سومرو رحمت الله عليه“ جي طرفان مليل آهي
    جڏهن ته الجميلي اسان جي هڪ روحاني جماعت جو نالو آهي
    ميٽرڪ تائين پاٽ شريف جي انهن ئي ادارن ۾ پڙهيس جتان وڏا وڏا نالا علم جو فيض وٺي چڪا آهن جن ۾ علامه آئي آئي قاضي، رٽائرڊ جسٽس زيد اي چنه، حبيب الله صديقي، محترم ڪريم بخش چنه ۽ پروفيسر عبدالغني سومرو شامل آهن
    استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان انٽر پاس ڪيم ۽ هاڻي ڪراچي شهر ۾ گورنمينٽ جي نوڪرڙي ڪري رهيو آهيان
    منهنجي طبيعت ۾ فقيراڻو رنگ هر دوست پهرين نظر ۾ جاچي وٺندو آهي ان ڪري چرچا ڀوڳ ڪري تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر پنهنجي فقيراڻي طبيعت ڪري هر ڪنهن سان انهن جي رنگ ۾ شامل ٿيو وڃان
    ڪمپيوٽر تي ڪم ڪرڻ جو تجربو ڪافي آهي پر سنڌي ۾ گهٽ لکيو اٿم
    پنهنجي مٺڙي ٻولي جي هن ساٿ واري فورم تي اوهان جهڙن پيارن ۽ اديب دوستن ۽ اوهان جي لکڻين کي ڏسي ڪري پنهنجين لکڻين کي خوش قلم بنائڻ جو شوق پيدا ٿيو.....

    پنهنجي وس آهر فورم تي حصو اٽڪائيندو رهندس
    آخر ۾ مان توهان کان معذرت گهرندس جيڪڏهن سنڌي لکڻ ۾ ڪا غلطي ٿي هجي ته معاف ڪندا.
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  2. يوسف ڳنڀير

    يوسف ڳنڀير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 مئي 2009
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادي زاهد سومرو کي سلام
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    بڙي دير ڪردي مهربان آتي آتي. اهو ڪريڊٽ سمورو ادا وهاب قمبراڻي ڏي وڃي ٿو، جو توهان پُراڻا ساٿي دل جا حال اورڻ تي مجبور ٿي ويا آهيو. ويل ڊن ادا قمبراڻي، تُنهنجي محنت کي سلام. بهرحال رسم دنيا ڀي هي دستور ڀي هي. ڀلي ڪري آئين ادا زاهد سومرا. علي علي يقينن ڀائو گُلڻ گُل فروش کان گُلن جا گُلدستا ضرور وٺندو. ۽ توهان کي ارپيندو. مٺا زاهد علي علي جي گُلن جي خوشبو کان وڌيڪ سندس قرب جي خوشبو وڌيڪ هوندي آهي. جُڙيو هُجين ادا زاهد سومرا.
     
  4. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    HaqMojood
    ادا زاهد بقول ادي زاهد جي بهرحال رسم دنيا ڀي هي دستور ڀي
    سو ادا اسان غريبن طرفان به bhali kareaya قبول ڪندا
    ڀلي آيو جي آيو اد ا
    توهان جهڙي محنتي ممبر لاءِ ادا علي علي الاءِ ڇو دير ڪئي گل آڻڻ ۾ شايد گلڻ جو دڪان بند پيو آهي
    مان غريب ڪجھ گلن جا تحفه موڪليان ٿو قبول ڪندا


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]



     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    السلام عليڪم
    HaqMojood
    ادا زاهد سومرا المشهور الجميلي ڀاٽ شريف وارا اوهان پهنجو تعارف ڪرايو يار ادي وهاب جي چوڻ نيٺ اوهان به مڃي ورتو پر سائين نثار ته دير ئي نه ڪئي ادا اوهان جو تعارف پڙهي ڪري تمام خوشي ٿي شل جڙيا هجو ادا سوچيم ته اوهان کي تحفي ۾ ڇا ڏيان ڇاڏيان نيٺ ادي رشيد واري ڳاله ذهن تي تري آئي ته ان ٻڌايو ٿي ته زاهد جي ٽوپي ميري ٿي وئي آهي هڪ گرمي لڳي پئي آهي ٻيو ان کي ڌوئي به ڪونه ٿو ۽ وري اچي ڀر سان ٿو ويهي پوء ته اسان جا نڪ تي هٿ آهين :Dkhil sahi سو ان کي سمجهاء ته ٽوپي ڌوئي مون رڙ ڪري چيو مانس ته بس هاڻي بس زاهد خلاف مان هڪ لفظ به ناهيان ٻڌي سگهندو سو چپ ڪر مان بندو بست ڪيان ٿو سو ادا مان اوهان جي لاء ٽوپي وٺڻ ويس پر سوچ ۾ پئجي ويس ته ڪهڙو رنگ وٺان پرين کي الاء ڪهڙو رنگ پسند آهي سو دڪاندار کي چيم ته ڀري ٻڌي ڏي ته سڀ يار سامهون ٿو وڃي رکان جيڪي پسند آيس پاڻهي پسند ڪري کڻي سو هي حاضر آهين جيڪي پسند ڪرين دا
    [​IMG]

    پر يار مون کي هي ٽوپي تمام پسند آئي مون اوهان لاء هي پسند ڪئي اهي باقي تو راض جو راڻو آهين
    [​IMG]

    ادا مون کي تنهنجي هر پسند جو خيال آهي سوچيم دوست کي پان تمام پسند آهي مون کي به کارايو هئاين سو پان به اوهان لاء آندو اٿم يارڇا ڪيان منهنجو پيار و جو آهين
    ته هي وٺ پان
    [​IMG]

    باقي ادا گل ته اوهان کي ڏيندا رهندا آهيو سو اوهان لاء به هي وٺو
    [​IMG]

    پرين شل جڙيو هجين آباد هجين اميد ته جهوني جا تحفا قبول پيا هوندئي suhnan saan
     
  6. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ادا يوسف ڳنڀير وعليڪم السلام

    ادا اوهان جا لک ٿورا جو اوهان اسان کي ياد ڪريو، پر ڀائو جيڪڏهن اوهان پنهنجو تعارف، تعارف واري سيڪشن ۾ ڪرائيندو ته اوهان جا ٿورائتا رهنداسون....
     
  7. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    منهنجا پرين عظيم،
    جانيئڙا اوهان جا لک قرب جو اوهان مون کي ايترو مان ڏنو.... جاني اوهان شايد ادا رشيد سمون واري تحرير پڙهي هوندي جيڪا هڪ سست ۽ ڪاهل مريض جي متعلق آهي .. ڀاءُ مونکي به ائين سمجهه مان به انهن مان هڪ اهڙو ئي مريض آهيان... جاني باقي رهي ڳالهه محنت جي سا منهنجي خيال ته مان نه رڳو پر اسان جي هن سنڌ سلامت جا سڀئي دوست بخوبي سرانجام ڏئي رهيا آهن...... اوهان جو به انهي ۾ اهم ڪردار آهي... ادا الله اوهان کي عزت بخشي،

    جاني اوهان ڏنل تحفن کي اسان تهه دل سان قبول ڪيو...

    سدائين گڏpasand
    sindhsalamatsaathsal
     
  8. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    منهنجا سهڻا علي علي، هن سنڌ سلامت جا مور، جاني اهڙا قرب اوهان جا جو وڃي ٿيا ست خير.......
    مٺڙا اوهان جا سڀ تحفا اکين ته پر اوهان جي پسند واري سنڌي ٽوپي قبول پئي.....قبول به ڇو نه پوي اها به پنهنجي سنڌ جي ثقافت، اهڙا تحفا ته اصل ڀاڳن وارن کي ملندا آهن..... سائين منهنجي لاءِ ايترون ساريون سنڌيون ٽوپيون يار اصل منهنجي لاءِ ته مزا ٿي ويا........ باقي ايترو ٻڌائيندو هلان ته ادا رشيد کي منهنجي سنڌي ٽوپي اصل ڏاڍو وڻندي اٿئي انهي جي لاءِ اوهان کي ٻڌايو هوندين..... اڳين رات مان جڏهن سائين سان ملڻ ويس ته مونکي چيائين ته يار اها سنڌي ٽوپي تون ڪٿي رکندو آهين... جاني مون چيومانس ته انهي کي پنهنجي دل ۾ سانڍي رکندو آهيان... ڇوجو اها سنڌي ٽوپي منهنجي سنڌ جي سڃاڻپ آهي... مان اصل انهي کي پنهنجي مٿي تان لاهيندو ڪونه آهيان... جاني جڏهن منهنجي پان تي نظر پئي ته اصل مان ڪمپيوٽر جي آڏو ٽپا ڏيڻ شروع ٿي ويس ۽ کلي کلي اصل کيرو ٿي پيس،،، يار اهڙيون ڳالهيون اصل سڀني کي ٻڌائي ڇڏيئي مونکي ته هاڻي ڊپ پيو لڳي ته متان سائين نثار ناز صاحب مونکي الجميلي جي بدران هيئن چوي: ”او پان وارا الجميلي“ جاني پوءِ هاڻي سنگت کي منهن پاڻ ڏجانءِ...... يار يقين پچين ته هاڻي به پان کاوان ويٺو.
    جاني تنهنجا سڀ تحفا، تنهنجا پيار، تنهنجون محبتون، اصل وسارڻ جهڙيون آهن ئي ڪونه پر اصل تون پاڻ ئي سڄو ماکي آهين........
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا الجميلي توهان جا لک لائق جو توهان منهنجي چوڻ تي پنهنجي باري ۾ ٻڌايو. ادا هڪ دفعو ٻيهر ٿورا. پر مٺا توهان پنهنجو پورو نالو ٻڌائيندا ته اسان جي دوستن کي به خبر پئي ته ادو زاهد اڪيلو ناهي. اها به مونتي مهرباني ڪري ڇڏيو.

    ادا يوسف ڳنڀير ڀلي آئين، مٺا توهانجو به تعارف رهندو آهي. وڃو تعارف ڪرايو.

    سائين مونکي ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا گهرجي جو توهان جي چپن تي مرڪ آئي & خوشي مان منهنجي مٿي تي هٿ رکيو اٿئو.

    نه ادا علي علي جو دڪان بند ٿيڻو ئي ناهي، پر ادا عظيم توهان وري ڪڏهن کان دوڪان کوليو آهي.،

    واهه علي علي واهه اصل ادي الجميلي جا ته ٿڪ ئي لاهي ڇڏيئي. ٻيون شيون برابر پر ادو پان کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو هوندو.

    asul matt shabash hall chari hatt-pare sindhsalamatsaathsal
    shal judy hujeen
    HaqMojood
     
  10. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا زاهد سومرا صاحب توهان جو تعارف پڙهي ڏاڍي خوشي ٿئي اصل ۾ مون سميت ڪافي دوستن کي توهان جي باري ۾ تمام گهٽ معلومات هئي ادا زاهد سومرا فقير ادا علي علي ته توهان کي تمام بهترين سٺا تحفه ڏنا آهن پر يار مان آهيان مولائي ماڻهو سو ادا هي پيار ڀرا گل قبول ڪجا۽ .

    [​IMG]


    [​IMG]


    [​IMG]


    [​IMG]



    shal judy hujeen


    sindhsalamatsaathsal​
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ جي تاريخي شهر ، علم ۽ ادب جي مرڪز، پاٽ شريف جا مخدومي دوست
    حق موجود؛

    دوست تون ته اسانکي هونءَ ئي پيارو آهين ۽ ماشاء الله اوهانجي ديني بصيرت به فخر جوڳي آهي ... پر اڄ اوهانجي هن مختصر تعرف، گهٽ ۾ گهٽ اسانکي اها خبر ته ڏني ته اوهان ان سهڻي شهر پاٽ جا رهواسي آهيو ۽ سنڌ جي دلدار شهر دادو مان پڙهي نڪتا آهيو ...

    الله اوهانکي پنهنجي پناه ۾ رکي ۽ اوهانجي ايمان ۾ واڌارو ڪندو رهي ... الله جي شڪرگذاري واري فرض ادا ڪرڻ ۾ اڳي کان اڳرا هجو ... آمين

    ادي علي علي جون ٽوپيون ته اوهان قبول ڪيون هونديون جو اڄڪلهه اهي ٽوپيون به ايتريون ته مهانگيون ٿي ويون آهن جي وٺڻ لاءِ دبئيءَ ۾ ڪمائڻو پوندو، يا وري ڪا ڀوري مينهن وڪڻي مٿو سجائڻو پوندو ...

    سدائين خوش ۽ آباد هجو ...
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين ڇا به ٿي پئي علي علي اها ڀوري مينهن وڪڻندو ڪانه. ڇو جو رات جو پاڻ کي ڀوري مينهن سان ٻڌي ڪري پوءِ ننڊ ڪندو آهي. هاڻي ٻڌايو.
     
  13. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)

    مٺڙا نثار ابڙا
    سدا موجود ڀاءُ

    بس مون حقير کي به پنهنجي زير شفقت ۾ رکندا۔۔۔۔۔ مان اوهان جي ڏنل دعا کي اقتباس ۾ نمايان ڪيو اٿم۔۔۔۔ اوهان جي اهڙي شفقت جي گهرج هميشهه رهندي۔۔۔۔۔

    الله اوهان کي آباد رکي۔۔۔ آمينshal judy hujeen
     
  14. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ثم آمين، الله دُعائن کي قبولڻ وارو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو