حُسن ڇا آهي ؟

'سنڌي ادب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]حُسن، حَسين لاءِ خطري کان خالي نه آهي. دنيا چمن ۾ ڪئين خبيث، گل جي خوشبوءِ وٺڻ بعد انهيءَ کي پيرن هيٺان لتاڙڻ لاءِ تيار ويٺا آهن. حَسينن کي نه فقط انهن ڊاڪن کان حذر ڪرڻ گهرجي، پر هر پليدگيءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي؛ ڇاڪاڻ جو صاف سٿريءَ شي تي ٿورو چٽو به بدنما داغ ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

    حُسن هڪ قسم جو نشو آهي، جو ڏسندڙ ۽ صاحب حُسن ٻنهي کي مست ڪيو ڇڏي. شراب فقط پيئندڙ کي خمار ۾ آڻي ٿو، پر حُسن حَسين کي مغرور ۽ پسندڙ کي مسرور ڪيو ڇڏي. حُسن هڪ ٺڳ جي حيثيت رکي ٿو، جو خاموشيءَ سان دل ڌتاريو وڃي. حُسن دلپذير تازي ميوه مثل آهي، جو سولائيءَ سان اسانکي پاڻ تي موهت ڪيو ڇڏي، پر فاني هئڻ سبب گهڻو وقت جٽاءُ نٿو ڪري. حُسن قدرت جو اعليٰ ڪرشمو آهي، جو سڀ ڪنهن کي فريفته ڪيو ڇڏي. َحُسن جي داد ڏيڻ ۾ ڪوتاهي نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته حُسن جي تعريف ڪارساز جي ڪاريگريءَ جي ساراهه آهي. سهڻي صورت دل کي ڇڪيو وٺي، پر اسانکي فقط سپ جي سونهه تي مفتون ٿيڻ نه گهرجي پر ان ۾ اندر پيل موتيءَ جو خيال رکڻ گهرجي. انسان جي صورت جي سپ ۾ جيڪو روح جو موتي آهي، سوئي حقيقي حُسن آهي.

    دل حقيقي حُسن جو سرچشمه آهي. پاڪدامني حقيقي حُسن جو ٻيو نالو آهي، جيڪڏهن حُسن سان پاڪدامني همرڪاب آهي، ته اهو دل جو خلد برين تصور ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهين ناپاڪ خيال حُسن جي مجسمه ۾ وسي رهيا آهن، ته اهو ئي دوزخ آهي. حُسن عاقل لاءِ خوشبودار گل آهي، پر بيوقوف لاءِ جان جو دجال ۽ عاقبت جو وبال آهي. جڏهين ڪنهن حَسين جسم ۾ پاڪ دل ڏسجي ٿي، ته خدا ۽ سندس وڏائي جي تعريف بي اختيار زبان مان نڪريو وڃي ٿي. سڀني هنرن ۾ حُسن پاڪ ۽ صاف آهي جنهنڪري حُسن جو معائنو خيالن جي تصفيه ڪري ٿو، جيئن بقول ارسطو آلميه (Tragedy) جذبات احساسات جو تصفيه ڪري ٿي. پاڪدامنيءَ کان سواءِ حُسن اهڙو آهي جهڙو خوشبوءِ کان سواءِ گل. جيڪڏهن ڪو حَسين انسان نيڪ ڪم ڪري ٿو ته اهو نهايت دلپسند لڳي ٿو ۽ اسانجي خيال ۾ وڌيڪ عمده لڳي ٿو جيڪو اکين کي سهڻو لڳي ٿو سو عموما پاڪ نه آهي پر جيڪو پاڪ آهي سو هميشہ عمده ۽ حَسين آهي. حقيقت ۾ حَسين اهو آهي، جنهن جي دل ۾ نيڪ خيال اڀرن ٿا ۽ پاڪ جذبات موجزن ٿين ٿا.[/JUSTIFY]

    حوالو : گلدسته اقوال
    ليکڪ : غلام محمد شاهواڻي
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: حُسن ڇا آهي ؟

    بهترين شيئرنگ آهي ادا

    توهان جي

    سدائين گڏ
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: حُسن ڇا آهي ؟

    ادا تمام بهترين ونڊ ڪيو اٿو
    حسن ته ڏسڻ واري جي نظر ۾ هوندو آهي۔

    واقئي ئي (حُسن هڪ قسم جو نشو آهي، جو ڏسندڙ ۽ صاحب حُسن ٻنهي کي مست ڪيو ڇڏي.)
    حقيقت ۾ حَسين اهو آهي، جنهن جي دل ۾ نيڪ خيال اڀرن ٿا

    حسن پرست استاد بخاري

    توهان جا اهڙا ونڊ هميشهه پاڻ وٽ محفوظ ڪرڻ جهڙا آهن۔۔

    لاجواب۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حُسن ڇا آهي ؟

    ادا عرس مهرباني

    حسن جي ڇا تعريف ڪجي ۔ سهڻو ليک هيو مونکي وڻيو ، هتي ونڊ ڪري ڇڏيم
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حُسن ڇا آهي ؟

    فقير سائين مهرباني

    هي اوهان جهڙن حَسينن لاء لکيل آهي ، اوهان کي سلام
     
  6. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: حُسن ڇا آهي ؟

    زبردست ادا تمام بهترين ونڊ آهي
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حُسن ڇا آهي ؟

    ادا منڌرا اوهان جا قرب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو