پيارا دوستو پيش آهي مُنهنجو هڪ غريباڻو غزل جنهن کي اميراڻي تصويري شڪل ڏني اٿم۔ توهان جي غريباڻي ۽ اميراڻي راين جو شدت سان منتظر رهندس۔
وهه آرهي هين قبر ميري په فاتحه پڙهني، ڪهون ڪس ڪو ڪه ، شمع تربت بجها دينا. واه سائين واه، ايڏو ظلم عاشقن تي ... معشوق جو حڪم ۽ عاشق جو سر تريءَ تي ... ڏسو عاشقن جا انصاف ڏين سر گهوري گهوري ... sindhsalamatsaathsal
اسلام عليڪم سائين نثار ناز صاحب سائين اسان ته هون ئي توهان جي شاعري جا قدردان رهيا آهيون پر هن ڀيري وري توهان غريباڻي غزل ۾ اميراڻي رنگ اهڙو ته گهوٽيو آهي جو asul matt سائين توهان جي اهڙي ٻئي تحرير جو انتظار رهندو shal judy hujeen lajwab-sharing khil sahi sindhsalamatsaathsal
بس ادا نثار۔ لطيف سائين به ته دلبرن ۽ محبوبن جو پاسو وٺي فرمائن ٿا ته جي هُو پائين ڪانُ ڪمان ۾ ته سينو سپر ڏيج مُنهن ۾ معشوقن جا جهالو ٿِي جهليج پاهان پڳ مَ ڏيج، عاشق ٿي ته اُبهين مطلب ته پرين تير ڪمان کڻي تُنهنجو نيشانو چِٽِين ته پنهنجي ڇاتي ، پنهنجوسينو اصل سامهون ڏجانءِ جي اڃان به محبوب مُنهن وارا وڄائي ڪڍن ته تڏهن به محبوبن جا پنهنجي مُنهن تي وسائج، متان پويان پير ڪري ڀڄين، عاشق ٿي ته ڪاميابي ماڻين۔ سهڻو لطيف سائين اتي به بس نٿو ڪري وري فرمائي ٿو ته جي هُو پائين ڪانَ ڪمان ۾ ته سينو سپر رک مُنهن ۾ معشوقن جا چاڪ چٽڪا چک سُوري ڀانءِ مَ شڪ عاشق ٿي ته اُبهين مطلب اي عاشقو پرين تير ڪمان کڻن ته اصل پنهنجا سينا انهن تيرن جي کائڻ لاءِ تيار رکو، دلبر ته توهان عاشقن جي مُنهنَ کي چاڪ ڏئي چيريندا اهو سور به اي عاشقو برداشت ڪريو، ان ڳالهه ۾ متان شڪ ڪريو دلبر ته توهان لاءِ اصل ٽياسَ ٽنگيو بيٺا آهن، بي شڪ سُوري تي ٽنگجڻ لاءِ تيار ٿيو۔ عاشقو تڏهن ئي توهان عاشقي جي امتحان ۾ سرخرو ٿيندا۔ ۽ عاشق سڏائڻ جي قابل ٿيندا۔ بس يار لطيف سائين جِي شاعريءَ جي فلسفي کي نثار بڻجي پنهنجي شاعري ۾ ”ناز“ ويچاري کي نثار ڪري ڇڏيندو آهيان۔ وڌيڪ تون به ته نثار آهين تون ڀي ته پانڌيئڙو آهين لطيف سائين جو۔ سمجهو آهين۔
مهرباني ادا وحيد ڦلپوٽا جو بقول تُنهنجي مُنهنجي شاعري تي توهان يا مون پاڻ مٽ ڀڃي ڇڏيا۔ يار وحيد تُنهنجي اها مٽ ڀڃڻ واري ادا ته اصل اسان کي موهيو وجهي۔ بس مٽ ڀڃڻ واري اها رسم شال جاري رهي۔ شال جُڙيو هُجين۔
ادا زاهد سومرا اسان جي شيئرنگ توهان کي صرف انهيءَ لاءِ پياري ٿي لڳي جو توهان خود پيارا آهيو۔ نه ته اسان ڇا ۽ اسان جي شاعري ڇا؟ مهرباني ادا سومرا۔
واهه سائين واهه ، تمام بهترين شاعري آهي سائين منهنجا توهان جي شاعري کي پڙهڻ سان دل کي ڏاڍو سڪون ملندو، آهي، محبت جي مٺاس سان ڀريل، ساهه جو سڪون سمايل، توهان جي شاعري کي تمام شوق سان پڙهندو آهيان، پر الائي مونکان ڇو وسري ويندي آهي ۔
جي ادا اڄ خبر پئي ته ڪير مُنهنجي شاعري پڙهي آنند وٺندو آهي۔ پڙهندو به شوق سان آهي پر ويچاري کي وسري ويندي آهي۔ ادا قمبراڻي آئون سمجهندو هئس ته سنڌ سلامت تي صرف مان ئي هڪڙو موڳو مٽر آهيان پر هتي ته کوڙ آهن چلو سپر ايڊيٽر سان گڏ هڪڙي ايڊيٽر جو نالو به موڳن واري لسٽ ۾ لکي ٿا ڇڏيون۔
سنڌ سلامت جا ساٿيو خاص ڪري اسان جي محبتي ساٿي سائين عبدالغني لوهار کي اهو ساڳوڻو گيت ترنم ۾ ٻُڌايان ته يقيني طور تي توهان سڀ محبتي ساٿي ۽ عبدالغني لوهار ضرور خوش ٿيندا. هن پراڻي غزل کي ارپيان ٿو سنڌ سلامت جي سمورن ساٿين کي غزل نثاراحمدناز تڙپڻ ۾ رڳو يارو سُڏڪن ۾ هتي آهيون محبوب ڌڪاريو آ ، ڳوليو ته ڪٿي آهيون اي مُرڪ جهروڪا جهروڪا ڇو ٽوڙين ٿو اسان ٻن کي هڪ ڏکڙو ۽ هڪڙو مان جنمن کان ڪٺي آهيون ٻُڌ رات سياري جي چٿرون ٿي ڪرين ڇالئه کوري ۾ پڪل آهيون توکان ته مٿي آهيون هن هيڏي جدائيءَ ۾ هت هاڻ بچڻ ڪهڙو دنيا ۾ اسان بلڪل ڪي ڏينهن ٻه ٽي آهيون اڄ ”ناز“ قبر تي هُو ڪنهن ڪاڻ ڀري سُڏڪا، هر حُڪم مڃي اُن جو ويا کيس ڇڏي آهيون https://www.facebook.com/video.php?v=10153496806738216
سائين مطلوبه وڊيو کي توهان پبلڪ تي رکوس ته جيئن سڀئي دوست (جيڪي فيسبوڪ استعمال نٿا ڪَن يا لاگ ان ناهن يا توهان جي دوستي ۾ شامل ناهن اُهي) ڏِسي سگهن
ادا عبدالغني توهان جي سماعتن جي نظر اهيو گيت ترنم جي صورت ۾ پيش آهي اميد ته پسند ايندو https://www.facebook.com/video.php?v=10153496806738216
ادا ٿهيم هاڻي آئون هاڻي سنڌ سلامت جي پبلڪ تي وڊيو رکڻ سکي ويو آهيان اميد ته توهان سڀئي سنڌ سلامت جا دوست منهنجي رکيل هن وڊيو تڙپڻ ۾ رڳو يارو سُڏڪن ۾ هتي آهيون مان آنند حاصل ڪندا. https://www.facebook.com/video.php?v=10153496806738216