ڪورل ڊرا ٽيڪسٽ تي ڪم ۔ (سبق ٽيون)

'ڪورل ڊرا' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏16 مارچ 2011۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [JUSTIFY]
    السلام عليڪم دوستو!
    معذرت سان گڏ معافيءَ جو طلبگار آهيان جو ڪيتري ئي عرصي تائين ڪلاس مان غير حاضر رهيس۔۔ ڪيترن ئي دوستن جي بار بار اصرار باوجود ڪلاس نه پئي ورتو۔۔ پر ڪوشش آهي ته ايترو وقت جيڪي ڪلاس اوهان جا نه ورتا آهن انهن کي جلدي جلدي اُڪلائيندو وڃان ته جيئن اسان جا نوان دوست ڪورل ڊرا جي باري ۾ اڃان به ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ۽ ان ۾ موجود سهولتن کان فائدو حاصل ڪري سگهن۔۔۔۔
    جيڪڏهن توهان کي ڪورل ڊرا جي باري ۾ خبر ناهي ته هن ئي سيڪشن (ڪورل ڊرا) جي اندر منهنجا گذريل سبق موجود آهن جن کي پڙهي توهان هن سبق مان فائدو حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔ هن مختصر سبق ۾ هڪ پيراگراف تي ڪم ڪنداسين۔۔۔
    پيراگراف ٽيڪسٽ کي ٽوڙڻ۔۔۔۔
    توهان پيراگراف ٽيڪسٽ جي باري ۾ گذريل سبق نمبر 2 ۾ پڙهي چڪا آهيو، جنهن ۾ مون سمجهايو هو ته پيراگراف ٽيڪسٽ کي ڪيئن لکڻ‌ کپي۔۔؟
    هاڻي هن سبق ۾ پاڻ‌ پيراگراف ٽيڪسٽ کي ٽوڙڻ سکنداسين۔۔
    سڀ کان پهرين ڪو پيراگراف ٽائپ ڪريو، ان لاءِ ٽيڪسٽ ٽول کي سليڪٽ ڪري پيج تي مائوس سان ڊريگ اينڊ‌ڪلڪ ڪري وڏو چورس خانو ٺاهيو ۽ ان جي اندر پنهنجو پيراگراف لکو۔۔ يا وري ڪٿان ڪاپي پيسٽ به ڪري سگهو ٿا۔۔
    هاڻ ان پيراگراف ٽيڪسٽ کي ٽوڙڻ لاءِ‌ ان کي سليڪٽ ڪري اوهان ڪيبورڊ مان (ڪنٽرول بٽڻ + K) کي پريس ڪريو، جنهن سان پيراگراف الڳ لائنن ۾ ٽُٽي ويندو۔۔۔

    [​IMG]
    ان عمل جو فائدو اهو آهي جو اوهان هر لائن کي سليڪٽ ڪري ان جو رنگ پنهنجي مرضيءَ‌سان رکي سگهو ٿا۔۔۔ ۽ فونٽ‌ڪلر ۽ سائز به پنهنجي مرضيءَ سان رکي سگهو ٿا۔۔
    جيئن هن تصوير ۾ ڏسو۔۔۔

    [​IMG]
    اميد ته اوهان دوست هن مختصر سبق مان لاڀ پرائيندا۔۔۔۔
    ۔​
    [/JUSTIFY]
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڪورل ڊرا ٽيڪسٽ تي ڪم ۔ (سبق ٽيون)

    ادا مست پيارا توهان جي مهرباني جو دير آيد درست آيد جي مصداق وانگر وري به اوهان يادگيري ته ڪئي اميد ته آئنده ان ڪم کي مسلسل جاري رکندا توهان تمام بهترين نموني ٽيڪسٽ کي سيٽ ڪرڻ سيکاريو آهي اميد آهي ته دوستن کي آساني سان سمجهه ۾ اچي ويو هوندو هڪ عرض ته ڪي دوست بالڪل مون وانگر نوان به هوندا ان ڪري انهن لاء ٿوري مزيد وضاحت ته اهو ٽيڪسٽ ٽول ڪٿان سليڪٽ ڪبو اها به رهنمائي هجڻ گهرجي سو منهنجي خيال ۾ کاٻي پاسي واري ٽول بار ۾ انگريزي حرف(a A)کي سليڪٽ ڪرڻ يا (ايف 8 ) F8 پريس ڪرڻ سان ٽيڪسٽ ٽول سليڪٽ ٿي ويندو. يعني شارٽ ڪٽ به اسان کي ٻڌائيندا هلندا ته مينيوئلي به سمجهائيندا ته توهان جي مهرباني ٿيندي.
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪورل ڊرا ٽيڪسٽ تي ڪم ۔ (سبق ٽيون)

    سائين رحيم بخش ! اوهان جي رهنمائي جي مهرباني۔۔
    مان دوستن کي هن ساڳئي سبق ۾ پهرين گذارش ڪئي آهي ته منهنجي گذريل سبقن جو مطالعو ڪن۔۔۔ ٽيڪسٽ تي ڪم ڪرڻ جي سلسلي جي پهرئين سبق ۾ ئي مون اهو طريقو دوستن کي ٻڌايو آهي۔۔۔
    توهان کي گذارش آهي ته اهڙي طرح رهنمائي ڪندا هلو۔۔۔۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪورل ڊرا ٽيڪسٽ تي ڪم ۔ (سبق ٽيون)

    مهرباني ادا مست ۽ سائين رحيم بخش

    اوهان دوستن منهنجي عرض کي مان ڏنو ۽ ٻيهر ڪورل جا سبق شروع ڪري ڀلو ڪم ڪيو آهي۔ اميد ته ادا ابوزين ۽ ادا ابو واصف به اوهان سان گڏ هن ڪم ۾ مدد ڪندا۔ مونکي ڪورل شروع کان سکڻي آهي ، تنهنڪري ڪجه ڏينهن پراڻن سبقن کي ڏبا ۽ پوء هن سبق تي ڪو رايو ڏيڻ جي پوزيشن ۾ هونداسون
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪورل ڊرا ٽيڪسٽ تي ڪم ۔ (سبق ٽيون)

    ادا بلڪل۔۔ ڪورل ڊرا جي شروعات ڪرڻ لاءِ‌اوهان کي گذشته سبقن جو مطالعو ڪرڻو پوندو۔۔۔
    ان کان علاوه هنن سبقن کي اسان اڃان ڪورل ڊرا جي سمجهاڻي چئي سگهون ٿا۔۔ اصلي مشقون ته اڳتي آهن۔۔۔​
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڪورل ڊرا ٽيڪسٽ تي ڪم ۔ (سبق ٽيون)

    ادا اسد اوهان جي مهرباني جو اوهان هن عاجز جي راء کي پڙهيو ان متعلق جواب پڻ تحرير ڪيو هي عاجز اوهان جي رهنمائي نه بلڪ فقط پنهنجي معلومات لاء ڪجهه عرض ڪندو اگر اجازت هجي ته اڳتي به ڪا ڳالهه پنهنجي سمجهڻ لاء عرض ڪيو ويندو ورنه اوهان جي لکيل تي ئي اڪتفا ڪبو ليڪن اوهان فقط ٻئي ٽئي ڏينهن پنهنجي ڪم کي جاري رکندا اچجو ڇو ته اصل ڪم کي جاري رکڻ ئي وڏو مرحلو ۽ ڏکيو مسئلو آهي باقي ڪمينٽس يا رايا بالڪل آسان ڪم آهي .
     
  7. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪورل ڊرا ٽيڪسٽ تي ڪم ۔ (سبق ٽيون)

    سائين منھنجا !
    مان نئون، نڪورو ۽ ڏُڏُ شاگرد آھيان ،منھنجي لاِءِ ته اھو ڪورل وارو سبق ڏاڍو ڪارائتو آھي،مھرباني ڪري اھو ٻڌائيندا ته پھرين سبق کان مان ڪھڙي طرح شروعات ڪريان ۽ وقت به وقت ان سلسلي کي ڪينئن جاري رکي سگھان؟ اميد ته اھڙي سگھاري معلومات جي ونڊ جاري رھندي۔
     
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڪورل ڊرا ٽيڪسٽ تي ڪم ۔ (سبق ٽيون)

    ادا عبدالڪريم پيارا سنڌ سلامت سنڌي ڀائرن لاء هر طرح سکيا ڏيڻ لاء ڪوشان آهي پنهنجي هن پياري فورم تي هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪري توهان ڪورل ڊرا متعلق ڪافي ساري معلومات حاصل ڪري سگهو ٿا انکان علاوه ڪورل ڊرا جا مختلف ورجن پڻ ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا وڌيڪ ڪا ڳالهه موجهاري جو سبب هجي ته پڇڻا نه مجهڻا سيڪشن ۾ سوال به ڪري سگهو ٿا ادا اسد عرف مست ۽ ٻيا ڪافي دوست ڪورل ڊرا يا ٻين گرافڪس جي پروگرامن ۾ ماهر آهن انشآء الله توهان جي مدد ٿيندي.

    http://www.sindhsalamat.com/forumdisplay.php?f=76
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو